سيڪشن؛  ٻاراڻوادب

ڪتاب: وڏن جو ادب

 

صفحو : 2

هيءُ صبح جو ننڊ مان اُٿي سڌو اُن هنڌ تي ويو ۽ ٿورو کوٽيائين ته کيس هڪ رپيو مليو ۽ هو ڏاڍو خوش ٿيو.

اهو رپيو کڻي جيئن گهر اچي رهيو هو، ته واٽ تي هڪ مهاڻو ڏٺائين، جو مڇيون وڪڻي رهيو هو. سندس دل سَٽ ڏني ته اڄ مڇي وٺي کائجي. مهاڻي کان هڪ رپئي ۾ هڪ مڇي ورتائين.

گهر اچي جيئن مڇي کي صاف ڪري، ٻيرا ڪري رهيو هو ته اُن مڇيءَ جي پيٽ مان ٻه موتي نڪتا. هيءُ نوجوان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اُهي موتي کڻي بازار ۾ وڪڻڻ ويو. موتي تمام قيمتي هئا، تنهنڪري اُتي کيس ڪو به اهڙو گراهڪ ڪونه مليو، جيڪو موتين جو پورو مُلهه ڏئي سگهي. بازار ۾ سڀني صلاح ڏنيس ته ”اهي موتي بادشاهه وٽ کڻي وڃ، هو توکان اهي موتي وٺي، توکي ججهو ڌَن ڏيندو.“ هيءُ اُهي موتي کڻي بادشاهه وٽ ويو.

بادشاهه موتي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. هن کان موتي وٺي، کيس ان جي عوض تمام گهڻا پئسا ڏنائين. هيءُ نوجوان خوش ٿي پنهنجي گهر پهتو. رات جو خواب ڏٺائين، ته اهو ساڳيو شخص، جنهن کي خواب ۾ ڏٺو هئائين، سو کيس چئي رهيو هو ته ”تو پنهنجي پيءُ جي خدمت ڪئي آهي، تنهنڪري توکي هن دنيا ۾ ان جو ٿورو عوض مليو آهي، پر ان جو وڏو انعام توکي آخرت ۾ ملندو.“

سندس وڏا ڀائر، جيڪي پيءُ جي سموري مَڏي ورهائي کڻي ويا هئا، سي بُري صحبت ۾ اچي ويا ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ پنهنجا پئسا کپائي سُڃا دانگ ٿي ويهي رهيا؛ پر جنهن  پيءُ جي خدمت ڪئي ۽ لالچ ۾ اچي ڪو جهيڙو نه ڪيو، سو فائدي ۾ رهيو.

بيشڪ جيڪو پنهنجي ماءُ- پيءُ جي خدمت ڪري ٿو، سو سدائين فائدي ۾ رهي ٿو. اهڙو ماڻهو هرهنڌ مانُ لهي ٿو ۽ سدائين سُک ۽ سلامتيءَ سان رهي ٿو.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com