سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾

 

صفحو :7

ڏٺو. هوءَ انهيءَ ڇوڪريءَ کي کسي وٺڻ لاءِ ڊوڙي اڳتي ويئي، پر پوڄاريءَ هن کي پڪڙي ورتو ۽ رڙ ڪري چيو، ”اي پاڳل عورت! خدا جي راهه ۾ ٿيندڙ قربانيءَ کي تون پليد ڪرڻ جي همت ڪيئن ٿي ڪرين؟“

اڙي، پر هوءَ ته اڃا تمام ننڍڙي آهي ۽ مرڻ لائق ڪانهي“. ڀوري ڇوڪريءَ منٿ ڪئي.

”ته پوءِ ڇا، هن ڇوڪريءَ کي بک ۽ سيءَ ۾ مرڻ لاءِ شهر کان ٻاهر اڇلائڻ بهتر ٿيندو، جيئن سوين ٻين کي آباديءَ کي حد اندر رکڻ لاءِ اڇلائڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو، يا هن کي ديوتائن جي نالي ۾ قربان ڪرڻ ئي بهتر ٿيندو؟“ پوڄاريءَ سختي سان چيو.

جڏهن ڀوري ڇوڪريءَ ٻڌو ته هن ملڪ ۾ والدين طرفان سندن ٻارن کي قربان ڪرڻ ذريعي مارڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي ۽ انهيءَ ڪم جي ملڪ جي عالمن مان سڀني کان وڏي عالم جي طرفان سفارش ڪئي وڃي ٿي، تڏهن هن پنهنجي دل م زبردست خوف محسوس ڪيو.

بهرحال، هن کي خود پنهنجن خيالن ۽ احساسن تي حيرت لڳي ۽ هن پاڻ کان پڇيو، ”مون کي انهيءَ ڳالهه تي ايڏو خوف ڇو ٿو محسوس ٿئي؟ ڇا، مون کي هن کان اڳي انساني قربانين جي نظاري ڏسڻ جي يادگيري نه ٿي پوي؟“

هڪ گهڙيءَ ۾ هن جي دل ۾ راهنما ۽ ڪينئين وارو واقعو تري آيو ۽ هن ٿڌو ساهه ڀري چيو، ”آءُ انهيءَ وقت کانپوءِ ڪيڏي بدلجي ويئي آهيان؟“

اوچتو هڪ سپاهيءَ اچي هن کي ٻانهن کان پڪڙيو.

”تون ڪير آهين؟“ سپاهيءَ رڙ ڪري پڇيو.”تنهنجو سرپرست ڪير آهي؟ هتي اچي ديوتا جي راهه ۾ ٿيندڙ قربانيءَ کي ناپاڪ ڪرڻ جي توکي همت ڪيئن ٿي آهي؟“

هو کيس گهلي مندر کان ٻاهر ڪڍي ويو ۽ هڪ ٽربيونل ۾ آڻي پيش ڪيو. ”تنهنجي موزون سزا ته اها آهي ته توکي ڦٽڪا هڻي صليب تي چاڙهيو وڃي“، عدالت چيو، ”پر جيئن ته تون هن شهر ۾ بلڪل نئين ۽ هتان جي قاعدن کان بي خبر آهين، ان ڪري جيوريءَ جي سفارش آهي ته توتي رحم ڪيو وڃي، ان ڪري تنهنجي لاءِ فيصلو هي آهي ته توکي ڏنڀ ڏيئي، ٻانهيءَ طور فروخت ڪيو وڃي.“

انهيءَ فيصلي مطابق، هن جي ڏائي ڪلهي تي ڏنڀ جو نشان هنيو ويو ۽ پوءِ هن کي ٻانهن جي منڊيءَ ۾ نيلام ڪيو ويو. هڪ رومي سردار، جيڪو اتفاق سان اتي موجود هو، کيس خريد ڪيو.

”اي ڇوڪري، توکي روم جو شهر اهڙو خوبصورت نه لڳندو، جهڙو هي شهر آهي“، هن کيس چيو، ”اسان وٽ اهڙا خوبصورت ديوتائون ڪينهن، اتي ڪوبه اهڙا سهڻا بت ٺاهي نه ٿو سگهي، پر اسين اڄڪلهه هنن ديوتائن جي نالي ۾ هڪ مندر تعمير ڪري رهيا آهيون ۽ انهن کي اتان جي ماڻهن وٽ متعارف ڪنداسون.“

اهڙي خيال به هن کي ڪنبائي وڌو، ڇاڪاڻ ته هوءَ هنن خوبصورت نظر ايندڙ ديوتائن کي انساني قربانين کان ڪڏهن جدا ڪري نه سگهي هئي.

هن جي خريداري جي رويي ۾ هڪدم تبديلي آئي ۽ هن چيو، ”پر توکي اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته تون مون کي ڪهڙو به ماٺيڻو ۽ غريب ڏسين ٿي، پر جيڪڏهن منهنجي پيءُ جي موجودگيءَ ۾ اهڙي بي خياليءَ سان بيٺل نظر ايندينءَ ته هو توکي هڪدم قتل ڪري ڇڏيندو.“

ڀوري ڇوڪريءَ کي هن جي انهن لفظن جو پورو پورو احساس روم ۾ پهچندي ئي ٿي ويو، جيتوڻيڪ هن جو فرضي ڪم انهيءَ ماڻهوءَ جي زال جي خدمت ڪرڻ هو، جيڪو هن کي خريد ڪري وٺي آيو هو، پر سندس سانئڻ خود ئي پنهنجي سهري جي ڄڻ ته ٻانهي هئي، جيڪو سڄي خاندان جو وڏو، حڪمران ۽ مها- پوڄاري هو. هو انهن مان ڪنهن کي به بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي قتل به ڪري پئي سگهيو.

گهر جي اڱڻ ۾ بيٺل هڪ انجير جو وڻ ۽ هڪ شاهه بلوط گهرڀاتين جي پوڄا ڪرڻ جون شيون هيون. گهر جي دروازي جي پوڄا گهر جا مرد ماڻهو  ڏاڍي سنجيدگيءَ ۾ وڏن ساٺن سؤڻن سان ڪندا هئا ۽ ساڳيءَ طرح عورتون گهر واري چُلهه جي پوڄا ڪنديون هيون.

اها ڳالهه ڀوري ڇوڪريءَ جي دل ۾ ڏورانهين ماضيءَ جون يادگيريون تازيون ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. ساڳئي وقت انهن ساٺن سؤڻن جي سختي، جيڪا انهن ماڻهن جي روزمره جي هر هڪ ڪم ڪرڻ سان ادا ٿيندي هئي، ڀوري ڇوڪريءَ جي دل ۾ انهن ٿڪائيندڙ ڏينهن جي ياد تازي ڪئي، جڏهن کيس برهمڻن جا پير ڌوئڻا پوندا هئا. هوءَ پنهنجي دل کي هن ڳالهه لاءِ ڪنهن به طرح آماده نه ڪري سگهي ته اهڙا ماڻهو، جيڪي گهڻين ڳالهين ۾ آسودا ۽ عقلمند معلوم ٿي رهيا هئا. اڃا تائين نه فقط وڻن ۽ چُلهه جي بلڪه گهر جي دروازي جي ٻن شڪلين واري ديوتا جي پڻ پوڄا ڪندا رهن. هن جڏهن انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪيو، تڏهن کل ۾ اچي ڇٽڪي ۽ ايڏو کلي، جو سندس پاسا سور ڪرڻ لڳا. هن خيال ڪيو ته ماڻهوءَ کي سيپٽڪ* بڻائڻ لاءِ هڪ يونان ڪافي هو، پر روم ۾ رهندي ماڻهو قنوطي بنجڻ کانسواءِ رهي نه پئي سگهيو.

هن کي سرڪاري مندر ڏسڻ جو موقعو گهڻي زماني کانپوءِ مليو. کيس سندس سانئڻ وٽان معلوم ٿيو ته اهو مندر ديوتائن جي پيءُ، آسمان جي ديوتا جي نالي ۾، جنهن جو نشان نيزو هو ۽ سرحدي پٿر جي ديوتا، ’ٽرمينس‘ جي نالي ۾، جيڪو پٿر جي صورت ۾ اتي رکيل هو، ارپڻ ڪيو ويو هو.

”ڇا، آءٌ به توهان سان گڏجي مندر ڏانهن هلي ۽ ديوتائون ڏسي سگهان ٿي؟“ هن ڏاڍي مشڪل سان پنهنجي کل دٻائيندي پنهنجي سانئڻ کان پڇيو.

”اي احمق ڇوڪري،“ سندس مالڪياڻيءَ ڊڄندي چيو، ”بزرگ پوچارين کان علاوه ٻيو ڪوبه ديوتائن جي قريب وڃڻ جي همت به نٿو ڪري سگهي، تون ته هڪ ٻانهي آهين، پر آزاد شهرين مان به ڪو انهن جي ويجهو وڃڻ جي جسارت نه ڪندو آهي. سڀني معاملن ۾ ديوتائن جي رضامندي ضروري حاصل ڪرڻي هوندي آهي، پر فقط بزرگ پوڄاري ئي انهن سان مشورو ڪري سگهندا آهن.“

”ته پوءِ ڇا، هتي عوام طرفان عام قربانيون نه ڪيون وينديون آهن؟“

”هائو، هائو“، هن جي سانئڻ جواب ڏنو، ”تازو سبيلائين ڪتاب جي حڪم موجب، فورم ۾ يوناني ديوتائن کي هڪ انساني قرباني ڏني ويئي هئي.“

ڀوري ڇوڪري  کي نااُميدي وڪوڙي ويئي ۽ هن وڌيڪ ڪجهه نه پڇيو. هاڻي ته ”خدا“ جي نالي مان ئي سندس نڪ جي ناسن کي بدبوءِ اچڻ لڳي. هن ائين محسوس ڪيو ته جيتوڻيڪ انهيءَ وقت کي هڪ صدي گذري ويئي هئي، جڏهن هن ڏٺو ته قيصر اعظم جي اعزاز ۾ هڪ وڏي مندر جي تعمير ٿي رهي هئي، جنهن کي ديوتا جو درجو عطا ڪيو ويو هو ۽ ان کانپوءِ خود روسي شهنشاهن جي پوڄا ٿيڻي هئي.

”اڃا به وڌيڪ ديوتائون“، ڀوري ڇوڪريءَ دل ئي دل ۾ چيو، ”پر هن ديوتا بنجڻ ۾ گهڻي دير نه ورتي، اڃا ته ڪلهه ئي کيس هڪ ظالم هئڻ لاءِ کليل گاريون ملي رهيون هيون. معلوم ائين پيو ٿئي ته اڄڪلهه ديوتا بنجڻ جو وڌيڪ تڪڙو ۽ تيز رفتار سلسلو عمل ۾ آيو آهي.“

اهڙي ماحول ۾ هن کي زندگي ناقابلِ برداشت ۽ لعنت ڀري معلوم ٿي ۽ هن جي هڪ ئي دلي آرزو اتان ڪنهن نه ڪنهن طرح ڀڄي وڃڻ هئي، اهڙو موقعو کيس جلد ئي ملي ويو.

بهار جي موسم وارن ڏڻِن مان هڪ تي، جڏهن گهر جو ذري گهٽ هر هڪ ڀاتي عملي طور شراب جي نشي ۾ مدهوش هو، هن جي سانئڻ فراخدليءَ جي حالت ۾ پنهنجو چوغو لاهي هن ڏانهن اڇلايو ۽ پنهنجن زيورن منجهان پڻ ڪجهه زيور ڀوري ڇوڪريءَ کي عطا ڪيا. ڀوري ڇوڪريءَ انهيءَ موقعي کي وڏي غنيمت سمجهيو. هڪڙي ڪلاڪ اندر هوءَ ڪپڙا لٽا پائي تيار ٿي ويئي ۽ تيز رفتاريءَ سان رومي سردار جو گهر گهڻو پٺتي ڇڏي هلي ويئي.

*           *           *

هن جي اڳوڻين آواره گردين جي يادگيرين کيس هن دشوار ۽ ڏکئي سفر جي دوران کيس سهارو ڏنو، تان جو هوءَ هڪ ننڍي ٽڪريءَ تي اچي پهتي، جتي هن ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙاڪي کي گول دائري جي صورت ۾  ويٺل ڏٺو. هڪ ڇوڪرو هڪ طباق کڻي بيٺو هو، جنهن جي مٿان ڪجهه نان ۽ مڇيون رکيل هيون. هڪ ماڻهوءَ، جيڪو پاسي ۾ بيٺو هو ۽ جنهن کي اهي ماڻهو ”نزريني“(1)چئي رهيا هئا، ڇوڪري جي هٿن تي رکيل طباق جي مٿان پنهنجي ٻانهن جو ڊگهيڙي ته ان ۾ رکيل چنڊ نان ۽ مڇين جو تعداد ايڏو ته وڌي ويو، جو اتي موجود سڄيءَ جماعت جي ماڻهن پيٽ ڀري ماني کاڌي ۽ ان کانپوءِ به ڪيئي ڀريل ٽوڪرا بچي پيا.

ماڻهن جڏهن ماني ۽ مڇيءَ سان پيٽ ڀري پورو ڪيو، تڏهن هجوم منجهان ڪجهه ماڻهن هڪ انڌي معذور کي ”نزريني“ جي اڳيان پيش ڪيو، جنهن هن جي اکين کي هٿ لاتو ته هو هڪدم سڄو ٿي ڏسڻ لڳو. پوءِ هڪ عورت آئي ۽ هن کي هڪ قبر تي وٺي ويئي، جتي اها قبر کولي ويئي. هن انهيءَ مئل ماڻهوءَ جو نالو وٺي کيس پڪاريو ته هو هڪدم قبر مان ٻاهر نڪري آيو ۽ ڪفن واري چادر ۾ ويڙهيل سيڙهيل حالت ۾ گهمڻ لڳو.

ڀوري ڇوڪري اهڙن غير معمولي واقعن کي ڏسي حيرت جو مسجمو بڻجي ويئي. هن دل ۾ سمجهيو ته اهو  ماڻهو کيس يقيناََ، انهن ڳالهين بابت ٻڌائيندو، جن انهيءَ وقت تائين هن کي حيران ڪري ڇڏيو هو. چنانچه، هوءَ ڏاڍي عزت ۽ احترام سان هن جي قريب پهتي ۽ چيائين ته ”آقا، توهان حيرت جهڙا ڪم ڪيا آهن.“

”ڇا، واقعي؟“ هو ائين چئي کليو. ”انهن گمراهه ۽ ٻاراڻي فطرت رکندڙ ماڻهن کي غير معمولي واقعات، نيون ۽ اڻ ڏٺل ڳالهيون پاڻ ڏانهن ڪشش ڪنديون آهن ۽ ان کانسواءِ انهن کي مانيءَ ۽ مڇيءَ جي هٻڇ رهي ٿي ۽ اهي طبعي زندگي  ۽ ”ماس“ ( 1 )جي زندگيءَ کي پسند ڪن ٿا. هاڻي تون ڏسندينءَ ته جيتوڻيڪ آءٌ هنن کان گوهي ڏيئي ترڪي نڪري آيو آهيان، ته به اهي منهنجي پٺيان ڊوڙندا ايندا. نه ڪنهن ٻيءَ ڳالهه لاءِ، پر محض وڌيڪ مانين ۽ مڇين لاءِ.“ هن افسوس ناڪ لهجي ۾ وري چيو، ”افسوس، مون هنن کي سوين ڀيرا چيو آهي ته توهان جي ابن ڏاڏن اهائي ماني کاڌي ۽ اهي سڀ مري ويا آهن، ته ”ماس“ جي زندگيءَ جي معنيٰ آهي، دائمي موت، ته آءٌ کين زندگيءَ جي

ماني ۽ ابدي زندگي ڏيڻ چاهيان ٿو، پر انهن مان ڪنهن کي به ان جي لوڙ ڪانهي.“

 ”ڇا، ماڻهوءَ کي زندگي گذارڻ لاءِ خوراڪ، ڪپڙو ۽ ڪم ڳولڻ نه گهرجي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.

”انهيءَ ڳالهه جو ڪو فڪر نه ڪر ته تون ڇا کائيندينءَ ۽ ڇا پيئندينءَ“. هن جواب ڏنو، ”هوا ۾ پرواز ڪندڙ پکين کي ڏس، اهي نه اَن پوکين ٿا، نه فصل لڻن ٿا، ۽ نه اناج گڏ ڪري، ديرن ۽ گدامن ۾ محفوظ ڪن ٿا، ان جي باوجود کين کارايو وڃي ٿو ۽ توکي پوشاڪ جو فڪر ڇو ٿيڻ گهرجي؟ ٻنين ۽ ميدانن ۾ ڄمندڙ گلن کي ڏسو، ذرا غور ڪريو ته اهي ڪيئي ٿا وڌن ويجهن. نه اهي پورهيو ڪن ٿا ۽ نه سُٽ اُڻن ٿا، پر ان جي باوجود، انهن مان ڪنهن به هڪ کي جهڙو شاندار لباس پهريل آهي، تهڙو خود حضرت سليمان کي به سندس پوري شان و شوڪ واري زماني ۾ نصيب ڪونه هو. تون سڀ کان اول خدا جي بادشاهيءَ جي ڳولا ڪر.“

”پر آقا، خدا جي بادشاهي آهي ڪهڙي هنڌ؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.

”خدا جي بادشاهي تنهنجي اندر ۾ آهي“، هن جواب ڏنو، ”ان جو در بلڪل سڌو آهي ۽ ان جي اندر ويندڙ رستو سوڙهو آهي ۽ ڪي ٿورائي آهن، جيڪي اهو رستو ڳولي سگهندا.“

هن کي گذاري لاءِ ڪم نه ڪرڻ، ۽ ڏکئي رستي ۽ دل جي زندگيءَ جي اهميت ۽ خارجي شين ۽ دنيا کان بي نيازيءَ جي خيالن، انهيءَ ماڻهوءَ جي نرم سڀاءَ سان گڏجي، راهنما جي ياد تازي ڪرائي.

انهيءَ موقعي تي هڪ ماڻهو وٽن اچي پهتو ۽ هن نزريني جي پٺيان هلڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، پر هن کانئس پڇيو ته هو اڳ ۾ وڃي پنهنجي مئل پيءُ کي دفن ڪري اچي يا ڪيئن؟

”ڀلي ته مئل پنجنهن مئلن کي دفن ڪن“، نزريني چيو. ”جيڪڏهن ڪوئي مون وٽ اچي ٿو، جڏهن ته هن کي پنهنجو پيءُ، پنهنجي ماءُ، پنهنجي زال ۽ پنهنجا ٻار ۽ سندس ڀائر ۽ سندس ڀينرون ۽ خود سندس پنهنجي زندگي به پنهنجي ڪانهي، ته پوءِ هو منهنجو پوئلڳ ٿي نٿو سگهي. ڏسين نه ٿو ميان، ته لومڙن کي به سندن رهڻ لاءِ ٻر آهن، پر مون وٽ ڪو گهر گهاٽ ڪونهي؟“

ڀوري ڇوڪري انهن لفظن تي ڏاڍي سخت حيران ٿي، جيتوڻيڪ هن کي اهي ذرا سخت لڳا. راهنما هن کي اڳيئي ٻڌائي چڪو هو ته گهر گرهستي جي زندگي ”نروان“ حاصل ڪرڻ لاءِ ٺيڪ ناهي ۽ ماڻهوءَ کي فقط انهيءَ خيرات تي گذارو ڪرڻ گهرجي، جيڪا هن جي ڪشڪول ۾ وڌي وڃي ۽ هن کي پنهنجو ڪڙم قبيلو، سندس مائٽ مٽ، سندس گهر گهاٽ ۽ سندس سموري ملڪيت ۽ جائداد ترڪ ڪرڻ گهرجي. ڇا، راهنما شهزادي خود اها ڳالهه نه ڪئي هئي؟ دراصل، نزريني جي لفظن انهيءَ حليم الطبع انسان ۽ ديوتائن جهڙي خصلت واري ماڻهوءَ جي وڌيڪ عزت ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ هن سندس قولن جي سچ ڳولڻ سنجيدگيءَ سان ڪوشش شروع ڪئي، حالانڪه هن لاءِ اهو سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو هو ته هن جو اصل مقصد ڇا هو.

پر انهن ماڻهن جي زندگي ۽ قِسم ۾، جن کي هوءَ تازو ئي پٺتي ڇڏي آئي هئي ۽ هِنن ۾ ڪهڙو نه فرق ۽ اختلاف هو!

هوءَ سچ پڇ فرحت محسوس ڪري رهي هئي. هڪ دفعو وري ٻيهر هن جو ايمان بحال ٿيڻ لڳو ته شايد ڪو سچو خدا ڪٿي نه ڪٿي هيو  ضرور ۽ هن کي ڳولڻ گهرجي. هن جي نزرينيءَ ۾ دلچسپي بيحد وڌي ويئي ۽ هن کانئس وڌيڪ معلوم ڪرڻ جو طئه ڪيو. چنانچه، هوءَ ساڻس گڏجي هڪ مسافرخاني ۾ آئي، جتي هو ٻين گهڻن ئي ماڻهن سان گڏ ماني کائڻ لاءِ ويهي رهيو.

هڪ اسرائيلي اتي آيو ۽ هنن کي هيئن چئي تڙيون ڏنائين ته (حضرت) موسيٰ عليھ السلام جي قانون مطابق، اڻ ڌوتل هٿن سان ماني کائڻ گناهه آهي.

”اڻ ڌوتل هٿ ماڻهوءَ کي پليد نٿا ڪن، اها ته اڻ ڌوتل دل آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي پليد ڪري ٿي.“

اها ڳالهه ٻڌي اسرائيلي کي ڏاڍي چڙ لڳي ۽ پڇيائينس ته ڇا، هو بادشاهه هو، جو نئون قانون ڏيئي رهيو هو.

”منهنجي بادشاهي، هن دنيا جي بادشاهي ناهي“، هن جواب ڏنو. ”ساڳيءَ طرح توکي به جنت جي جستجو ڪرڻ گهرجي ۽ هن دنيا سان ڪو واسطو نه رکڻ گهرجي.“

پوءِ هن ٻارهن ماڻهن کي سڏ ڪيو ۽ کين چيو ته اهي اسرائيل جي خاندان جي گم ٿيل رڍن ( 1 ) ۾ خدائي بادشاهيءَ جي متعلق وڃي تبليغ ڪن.

ڀوري ڇوڪريءَ کي اسرائيل جا ماڻهو ۽ اهي ڏينهن، جڏهن اتي عبادتگاهه تعمير ٿي رهيو هو ۽ جنهن احتياط ۽ خبرداريءَ سان اهو تعمير ڪيو پئي ويو، سي سڀ ڳالهيون هن کي چڱيءَ طرح ياد هيون. انهيءَ سخت رسم جي يادگيريءَ ڀوري ڇوڪريءَ کي ماضي بعيد جي انهن ڏينهن جي ياد تازي ڪرائي، جڏهن کيس برهمڻن جا پير ڌوئڻا پوندا هئا. هوءَ دل ئي دل ۾ هن نزريني ڏانهن مائل ٿي رهي هئي، جيئن هن کان اڳ راهنما ڏانهن مائل ٿي هئي، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ظاهرداري ۽ خارجي رسم و رواج ۽ تڪليف جي ضرورت کي ٺڪرائي رهيا هئا.

هڪ دفعو ٻيهر هوءَ نزريني جي قريب ويئي ۽ هن کان پڇيائين ته ”نيڪ آقا، دائمي زندگيءَ جو ورثو حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“

نزريني هڪدم هن ڏانهن ڦري ڏٺو ۽ چيو، ”مهرباني ڪري مون کي نيڪ يا چڱو نه چئو. خدا کان سواءِ ٻيو ڪو به چڱو ناهي.“ پوءِ هن وري چيو، ”آسماني بادشاهيءَ جو ورثو حاصل ڪرڻ لاءِ توکي سڀ ڪجهه پٺتي ڇڏڻ گهرجي ۽ پاڻ سان ڪوبه سامان سڙو ساڻ نه آڻڻ گهرجي. توکي برائي ۽ بڇڙائي کي روڪڻ ۽ ان جو مقابلو نه ڪرڻ گهرجي ۽ توکي پاڻ کي هر ڪنهن جي اڳيان هيٺ ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن جي متعلق به فتويٰ ڏيڻ نه گهرجي.“

”پر، آقا“، ڀوري ڇوڪريءَ حيران ٿي پڇيو، ”حڪمرانن کي ڇا ڪرڻ کپي؟“

”منهنجو هن دنيا جي حڪمرانيءَ ۽ ان جي حڪمرانن سان ڪو واسطو ڪونهي“، هن جواب ڏنو.

”ڀلا، اسان کي بادشاهه جو حڪم مڃڻ گهرجي؟“ هن پڇيو.

”هائو، بادشاهه کي اهو ڪجهه ڏيو، جيڪو هن جو حصو ۽ ملڪيت آهي“، هن جواب ڏنو.

”توهان مون کي ڪيترين ئي ڳالهين نه ڪرڻ لاءِ چيو آهي.“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”پر جنت ڳولڻ لاءِ مون کي درحقيقت ڇا ڪرڻ کپي؟“

”خدا سان محبت ڪر، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان ائين محبت ڪر، جيئن پاڻ سان ڪرين ٿي،“ نزريني چيو.

”آءٌ اهڙي شيءِ سان محبت ڪيئن ٿي ڪري سگهان، جنهن کي مون ڪڏهن ڏٺوئي ڪونهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو، ”آءٌ خدا کي انهيءَ ڪري ئي ڳولي رهي آهيان ته ڏسان ته آءٌ هن سان محبت ڪري سگهان ٿي يا نه.“

”جاچيندي ۽ عبادت ڪندي رهه“، هن نرميءَ سان چيو، ”انهن محتاط ڪنوارين وانگر ٿيءُ، جن پنهنجون بتيون ٻاري رکيون هيون ۽ جنهن مهل گهوٽ آيو ته انهن سمورين کي پنهنجون ونيون بنائي اندر وٺي ويو ۽ جيڪي ننڊ ۾ سمهي رهيون هيون، سي ٻاهر ئي رهجي ويون.“

”آءٌ ڪهڙيءَ طرح عبادت ڪريان؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.

 


 

*  Sceptic منڪر-

(1)  حضرت عيسيٰ

( 1 )  ماس جي زندگي يعني کاڌي جي هٻڇ ۽ عيش جي زندگي.

( 1 )  اڻ ڄاڻ ۽ ناواقف لوڪ =اٻوجهه.

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com