سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾

 

صفحو :5

برهمڻ به گوڏا جهڪائيندا هئا. هن کي اهو ڏسي ڪو اچرج نه لڳو ته هن هنڌ پڻ، هڪ بادشاهه پنهنجن ماڻهن جي خدا ڏانهن قيادت ڪري رهيو هو.

”مون کي ياد آهي ته مون انهيءَ خوبصورت ديوتا کي پاڻيءَ جو نذر پيش ڪيو هو. پر ڇا، اتي ”ورونا“ نالي آسمان جو منور ديوتا به ڪونه هو، جيڪو ستارن جو چمڪندڙ لباس پهريندو آهي؟ ڇا، اهو هن ديوتا جو پيءُ ناهي؟“

”مون پاڻ ڪجهه وقت کان وٺي اهو محسوس پئي ڪيو آهي ته آتون ديوتا کان به ڪا ٻي بلند و بالا هستي آهي“. فرعون چيو، ”پرمنهنجي لاءِ شاندار ديوتا ڪافي آهي. هن مون کي پنهنجو اعليٰ ترين پوڄاريءَ ۽ پٽ طور چونڊڻ جو اعزاز بخشيو آهي.“

فرعون جي تسلين جي باوجود، مردي کي دفنائڻ وارو منظر ڀوري ڇوڪريءَ جي دل مان محو ڪونه ٿي سگهيو. هوءَ جيئري جلڻ کان ڀڳي هئي ۽ هاڻي وري هن کي جيئري دفن ٿيڻ جو خطرو درپيش هو. هوءَ لڳاتار فرار ٿيڻ بابت سوچيندي رهي ۽ جڏهن فرعون پنهنجي لاءِ هڪ نئون شهر تعمير ڪرائي رهيو هو، تڏهن ڀوري ڇوڪريءَ جي خواهش پوري ٿي ۽ کيس اتان ڀڄڻ جو موقعو ملي ويو.

*           *           *

شهر جي دروازي مان جيئن تيئن ڪري ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ، هن ڏورانهين، ڌنڌ ۾ ڍڪيل ٽڪرين ڏانهن وڃڻ وارو رستو ورتو، تان جو هوءَ ماڻهن جي هڪ وڏي جماعت سان وڃي ملي، جنهن جي اڳواڻي هڪ قداور ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ ۽ سڌن ڪلهن وارو معزز شخصيت وارو انسان ڪري رهيو هو،  جنهن جي هٿ ۾ هڪ ڊگهي لٺ کنيل هئي.

”ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جو اسين مصر ۾ ئي هجون ها، جتي اسين گوشت سان ڀريل ديڳڙين اڳيان ويهي پيٽ ڀري کائي سگهون ها!“ مجمعي مان ڪجهه ماڻهن چيو.

”بزدل ۽ احسان فراموش انسانو!“ انهن جي اڳواڻ ڪاوڙ ۾ ڀرجي چيو، ”ڇا، اهو طريقو آهي، جنهن سان توهان اسرائيل جي خدا جو شڪر ادا ڪري رهيا آهيو، جنهن توهان کي فرعونن جي غلاميءَ کان نجات ڏياري آهي، جتي توهان جي هر هڪ نر ٻار کي قتل ڪيو وڃي ها؟ ته پوءِ ڇا، توهان پيٽن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهيو؟ ماڻهو عزت ڀري ۽ ڪارگر زندگي گذارڻ لاءِ غذا کائيندو آهي. پر جيڪڏهن کيس گند ۽ ٻوهر ۾ نوسيدڙ هڪ سوئر جهڙي زندگي جي به ڪا ضرورت آهي؟ ۽ جڏهن خود ”زندگي“ ئي ذلت بڻجي پوي، ته پوءِ کائڻ يا نه کائڻ، ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو؟ ڇا، توهان ڀريل ديڳڙي خاطر پنهنجو پيدائشي حق وڪڻي ڇڏيندا؟ شرم ڪريو! هوڏانهن ڏسو! توهان جو خدا ڪڪر ۾ نظر اچي رهيو آهي، اهو ئي سڀني ديوتائن کان بهترين ديوتا آهي.“

ڀوري ڇوڪريءَ ڏاڍي غور سان ڪڪر ۾ نهاريو. هن کي ڪڪر ديوتا ته ياد هو پر ڪڪر ۾  خدا جو خيال سندس سمجهه ۾ نه اچي سگهيو.

جيئن ئي اعتراض ڪندڙن کي ماني ۽ دال ملڻ جو وعدو مليو ۽ اهي جبل جي دامن ۾ وڃي ويٺا، تيئن ئي ڀوري ڇوڪريءَ همت ڪري اڳواڻ سان ڳالهايو:

”توهان ڪڪر ۾ خدا جي موجودگيءَ جو ذڪر پئي ڪيو“، هن چيو، ”آءٌ هن کي ڏسي نه سگهيس، ڇا، توهان اهو مون کي ڏيکاري سگهندا؟“

”هوڏانهن نهار!“ اڳواڻ جبل جي چوٽيءَ طرف اشارو ڪندي چيو. هو باهه ۽ دونهين ۾ سينائي جي جبل تي وڃي لٿو آهي! ڇا، تون جبل کي ڪنبندو ۽ ڏڪندو محسوس نه ٿي ڪرين؟“

هڪ دفعو وري ٻيهر ڀوري ڇوڪريءَ ڏاڍي غور سان جبل جي چوٽيءَ تي نظر ڪئي. باهه جي ديوتا جو خيال هن جي دل ۾ بلڪل صفائيءَ سان موجود هو، پر هوءَ وري به باهه ۾ موجود خدا جي ڳالهه نه سمجهي سگهي ۽ منجهي پيئي.

”اڃان به آءٌ کيس نه ٿي ڏسي سگهان. اَلا، هن کي ڏسي سگهڻ جو مون کي ڪهڙو نه شوق آهي!“ ڇوڪريءَ چيو.

”اي عورت!“ اڳواڻ ڪاوڙ ۾ ڀرجي رڙ ڪري چيو، ”تون چري آهين. ڇا، تون اهو صاف آواز نه ٿي ٻڌي سگهين ته ”تون هنکي نه ٿي ڏسي سگهين، ۽ ٻي صورت ۾ نيست و نابود ٿي ويندينءَ؟“ ڇا، تون اهو آواز به نه ٿي ٻڌي سگهين، جيڪو اعلان ڪري رهيو آهي ته مون کان ۽ منهنجي ڀاءُ هارون کان سواءِ، ٻئي ڪنهن، پادري کي به، انهيءَ جبل جي چوٽيءَ جي قريب وڃڻ جي اجازت ڪانهي؟“

ٿوري ئي دير ۾ هن حڪم ڏنو ته هڪ قربان گاهه تعمير ڪيو وڃي ۽ ان تي هڪ گهيٽو خدا جي راهه ۾ قربانيءَ طور ذبح ڪيو وڃي. گهيٽي جو رت قربان گاهه تي اڇلائڻو هو ۽ ماڻهن جي مٿان ڇٽڪائڻو هو ۽ سندس ڀاءُ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ کي اهو رت هڻي ڳاڙهو ڪرڻو هو. گوشت جو ڪجهه حصو ساڙيو پئي ويو ته جيئن ان مان نڪرندڙ دونهون خدا وٽ پهچي وڃي.

ڀوري ڇوڪريءَ کي ساڳين ئي قربانين، ويندي انسانن جي قربانين ۽ بعد ۾ گهوڙن ۽ ٻين جانورن جي قربانين جو جهڪو خيال تري آيو. تنهن ڪري هن ڳالهه کيس ڪو عجب ڪونه ڏنو.

ڪجهه دير کانپوءِ هن ٻڌو ته ”تبرنڪل“*جي تعمير ڪرڻ لاءِ لڳاتار هدايتون ملي رهيون آهن. سون مان ٺهيل قربان گاهه لاءِ نيرن، گلابي ۽ قرمزي ڪپڙي جي پردن، انهن جي ماپن، پتل ۽ سون جي ڇَلن، چاندي جي شمعن ٻارڻ جي لٺين، رک جي دٻن جي ڏنڊين، خوشبودار تيلن ۽ سُرهن مصالحن، جن سان تبرنڪل کي سڻڀو ڪرڻو هو، اڳواڻ جي ڀاءُ جي ڪپڙن، ڪمر پٽي ۽ سيني جي بچاءَلاءِ فولادي تختيءَ، ڀرت ڀريل چوغن ۽ ڏنڊن بابت ۽ انهن رسمن ۽ ساٺن سؤڻن متعلق جيڪي قربانن گاهه تي ادا ٿيڻا هئا، جهڙوڪ رت جي صورت ۾ ڏيڻ وارين قربانين يا باهه ۾ ساڙڻ ذريعي پيش ٿيندڙ بانين سڀني جي باري ۾ نهايت تفصيل سان ذري پرزي جون هدايتون ڏنيون پئي ويون.

انهن رسمن۽ سؤڻن هن جي لاشعور ۾ انهن رسمن ۽ رواجن جا تصورات اُڀاريا، جيڪي هوءَ پاڻ ادا ڪندي هئي. هن کي ان مهل ڏاڍي خوشي محسوس ٿي، جڏهن جماعت  جي اڳواڻ پنهنجن ماڻهن کي پٿر يا ڪنهن ڌاتوءَ مان بتن ٺاهڻ کان سختيءَ سان منع ڪئي، ڇاڪاڻ ته جڏهن کان وٺي هن پنهنجو زنده خدا ڏٺو هو، تڏهن کان اهي سڀ هن لاءِ بلڪل مرده بيجان شيون هيون. هن کي اهو سڏي به فرحت محسوس ٿي ته هن ابن ڏاڏن جي روحن ۽ انهن جي کارائڻ متعلق به ڪو ذڪر ڪونه ڪيو. هن کي اهي حيرت انگيز ڏهه فرمان ۽ سياڻپ وارا قاعدا ڏاڍا پسند آيا، جيڪي هن پنهنجن پوئلڳن کي ڏنا. مجموعي طور هوءَ انهيءَ معزز اڳواڻ جي شخصيت ۽ جوش و خروش کان بيحد متاثر ۽ مسرور ٿي.

هڪ شادي شده ماڻهوءَ هن کي انهيءَ وقت ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ چيو، جڏهن اهو اڳواڻ جبل تي ويل هو، ڇو ته، هن چيو ته ڪنهن به عورت کي سندس سرپرست ۽ محافظ کان سواءِ، اڪيلو نه رهڻ گهرجي.

”آءٌ اڳي.ئي شادي شده آهيان، ۽ مون کي ٻيهر شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو ڪونهي“، ڀوري ڇوڪريءَ وراڻيو.

”ڇا، تو کي ٻار آهن؟“ انهيءَ ماڻهوءَ هن کان پڇيو.

”نه“، ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو.

”تنهن جي معنيٰ ته تون سنڍ آهين.“ هن چيو، ”جيڪڏهن آءٌ ماڻهن کي اها ڳالهه ٻڌائيندس، ته توکي جلاوطن ڪيو ويندو.“

انهيءَ دم هڪ پاسي کان گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو. تڪڙن ۽ صحتمند ماڻهن کي اردن ندي کي پار ڪرڻ لاءِ سڏيو پئي ويو، جيئن سندن اڳواڻ جي مرضي هئي. انهيءَ ماڻهوءَ کي مجبور ٿي انهيءَ سڏ جو جواب ڏيڻ لاءِ وڃڻو پيو ۽ ڀوري ڇوڪريءَ کي خدا جي طرفان ڀڄي وڃڻ جي موقعي ملڻ تي ڏاڍي خوشي حاصل ٿي.

*           *           *

هڪ دفعو وري ٻيهر هن جي اکين مان لُڙڪ ڪرڻ لڳا ۽ اها عجب جهڙي ڳالهه هئي ته هن کي سندس ڳوڙهن جي چانديءَ جي رنگ جهڙي ميرانجهڙي ڌنڌ وچان، دور ڪٿي هڪ محلات نظر اچي رهيو هو ۽ هن پنهنجي طرفان ڪنهن ارادي سان ڪوشش ڪرڻ بغير ئي پاڻ کي بلڪل بيخوديءَ جهڙي حالت ۾ پنهنجو پاڻ اوڏانهن وڌندي ڏٺو. تان جو هوءَ محلات جي پاسي واري انگور جي مَنهن واري باغ ۾ داخل ٿي. اوچتو سندس نگاهه هڪ خوبصورت شهزادي تي پيئي، جيڪو باغ ۾ ٽهلي رهيو هو. هن جي چهري سندس ذهن ۾ بنسريءَ واري شهزادي جي ياد تازي ڪئي ۽ ڪجهه دير تائين ته هن کيس بلڪل اهو ئي شهزادو سمجهيو، ڇاڪاڻ ته هن جي هٿ ۾ پڻ موسيقيءَجو هڪ ساز هو، جنهن کي هو وڄائي رهيو هو ۽ ساڻ ئي هيٺان گيت ڳائي رهيو هو:

”ڀلي ته هو مون کي پنهنجي وات جي چمين سان پيار ڪري، ڇاڪاڻ ته تنهنجو پيار شراب کان بهتر آهي.“

”اي يروشلم جون ڇوڪريون، آءٌ ڪارو پر وڻندڙ مهانڊن وارو آهيان! مون تي نظر نه وجهو ڇاڪاڻ ته آءٌ ڪارو آهيان، ڇاڪاڻ ته مون تي سج نظر ڪئي آهي.“

ائين پئي لڳو ته ڄڻ هو جانورن ۽ پکين کي سمجهائي رهيو هو ۽ هو پنهنجي چوڌاري موجود سڄي قدرت ۾ خوشي محسوس ڪري رهيو هو.

هوءَ ڄڻ ته بيهوشيءَ جي حالت ۾ هن سان سندس محل اندر داخل ٿي،جيڪو ٽُڪيل پٿر ۽ صنوبر جي ڪاٺيءَ جو ٺهيل هو ۽ ان ۾ پتل جا ٿنڀ لڳل هئا. هن کي ان جي اندر حقيقي معنيٰ ۾ هڪ شاندار شهر نظر آيو، جنهن ۾ کيس هن جون سوين خوبصورت راڻيون ۽ ٻانهيون ڏسڻ ۾ آيون. هن اتي اهو مندر به ڏٺو جيڪو هن اڳي به ڏٺو هو ۽ ان جي ٻئي طرف کيس عجيب و غريب گهوڙن، رٿن ۽ جنگي جوڌن جا لشڪر ڏسڻ ۾ آيا.

هن کي اهو معلوم نه هو ته اها سموري شيءِ حقيقي هئي يا اهو فقط سندس خيال ۽ وهم هو، ڇاڪاڻ ته هي شهزادو، ڌنار ڇوڪري جو هو بهو نقل هو. شايد هي اُهو ساڳيو- سندس ئي شهزادو،- سندس ئي صنم، سندس ديوتا- هو، جيڪو هاڻي هن محل ۾، پنهنجين راڻين، گهوڙن ۽ جنگي جوڌن جي وچ ۾ موجود هو، جيئن کيس ٻيلي جي پيرسن باشندي بيان ڪري ٻڌايو هو.

هوءَ انتهائي خوشي ۽ بيخوديءَ مان هن کان اهو پڇڻ لاءِ ته ڇا، هو پنهنجي گوپيءَ کي سڃاڻي ٿو، ڊوڙي وٽس پهتي پر انهيءَ گهڙيءَ وچ ۾ سندس اک ۾ جيڪو لڙڪ اٽڪي بيٺو هو سو سندس ڳل تان تِرڪي وڃي هيٺ ڪريو ۽ سڄو منظر هڪ رڃ وانگر غائب ٿي ويو.

”ڇا، آءٌ پاڳل ٿي پيئي آهيان؟“ هن پنهنجو پاڻ کان پڇيو. ”جڏهن کان وٺي مون پنهنجي بنسريءَ واري شهزادي کي ڇڏيو آهي، تڏهن کان مون کي هر هنڌ هن جون ئي شڪليون نظر اچن ٿيون. پوڄارين ۽ سندن سموري قبيلي کي مون پٺتي ڇڏيو آهي ۽ جتي به آءٌ وڃان ٿي يا خيالن ئي خيالن ۾ رلندي ۽ ڀٽڪندي وتان ٿي، اُتي ئي هڪ خوبصورت ۽ عقلمند شهزادو پنهنجن ماڻهن جي قيادت ڪري ٿو ۽ هو خود پوڄارين ۽ پادرين لاءِ به پرستش ۽ تعظيم جو مرڪز آهي. منهنجا قدم هيمشھ ”بندرابن“ ٻيلي ڏانهن وڃڻ چاهين ٿا، جتي مون پهريون ڀيرو هن جي بنسري ٻڌي هئي.“

*           *           *

ائين چئي هن وري پنهنجو سفر شروع ڪيو. هڪ ڄاتل سڃاتل خوشبوءَِ ، جيڪا هوا جي هڪ جهوٽي سان وٽس پهتي، تنهن هن کي ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي منزل مقصود کان گهڻي دور ناهي. جيئن ئي هوءَ ٻيلي اندر داخل ٿي، تيئن هڪ نهايت ڏکوئيندڙ نظاري سندس نگاهن جي آجيان ڪئي، ڪيئي ماڻهو پاڻ کي ڏاڍو عذاب پهچائي ڪفارو ادا ڪري رهيا هئا ۽ ائين ڪندي کين آسپاس جي ڪا ڪَل ڪانه هئي ته سندن چوڌاري سڄيءَ دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو هو، نه ان جي خبر هئي.

هوءَ ڊوڙي، هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي مدد ڪرڻ لاءِ وٽس پهتي، جيڪو اونڌو لٽڪيل هو ۽ سندس پير وڻ جي هڪ ٽاريءَ سان مضبوطيءَ سان ٻڌل هئا. هن جي ويجهو پهچڻ تي، انهيءَ ماڻهوءَ ڪاوڙجي کيس تڙي ڪڍي ته وڃي پنهنجو ڪم ڪري ۽ ٻين ماڻهن جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪري.

انهيءَ ڳالهه هن کي تڪڙا تڪڙا قدم کڻي جلد از جلد ٻيلي کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ آماده ڪيو. گهڻي دير نه گذري هئي ته هوءَ هڪ ننڍي ڳوٺ جي ٻاهرئين حصي ۾ اچي نڪتي، جتي فقيراڻن ڪپڙن ۾ملبوس هڪ نهايت ئي اثر انگيز شخصيت جو مالڪ، هڪ وڏي پپر جي وڻ هيٺان پلٿي ماري ويٺو هو. ٿڪل هئڻ ۽ وڻ جي ڇانَوَ کي وڻندڙ محسوس ڪري، هوءَ انهيءَ شخص کان ٿورو پري ويهڻ لاءِ اڳتي وڌي.

”مهرباني ڪري جيت کي بچاءِ“، انهيءَ شخص فڪرمنديءَ، پر نرميءَ سان هن کي چيو.

هوءَ سندس حڪم جي تعميل ۾ پاسي ٿي ويئي ۽ پنهنجن پيرن وٽ هڪ جيت کي ڏٺائين.

”ڇا، تون جيتن جنترن کي پسند ڪرين ٿو؟“ ڇوڪريءَ هن کان پڇيو. هن جواب ڏنو ته ”اهي اسان کان به وڌيڪ خراب آهن ۽ نه وڌيڪ چڱا آهن.“ ۽ انهيءَ ڳالهه تي ڀوري ڇوڪريءَ جواب ۾ چيو.

”مون پکين، وڻن ۽ گلن ڦلن کي پيار ڪرڻ سکيو آهي، پر مون کي جيتن جي ڪا پرواهه ڪانهي.“

انهيءَ تي هو آهستگيءَ سان مرڪيو ۽ چيائين: ”آءٌ ڏسان ٿو ته تون انهيءَ راهه تي اڳيئي، پهچي چڪي آهين، هاڻي فقط تنهنجي پيار کي ٿوروئي اڳڀرو ڇڪي هلڻو آهي، جنهن کانپوءِ جيت جنتر به تنهنجي پيار جي دائري اندر اچي ويندا؟“

”مون کي يقين آهي ته هن کان اڳي مون توهان جهڙو ڪو ٻيو ماڻهو نه ڏٺو آهي“، ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”آءٌ هن جهنگ ۾ هڪ ڏاڍي سهڻي ديوتا روپ شهزادي جي ڳولا ۾ هيس، جنهن سان منهنجي ملاقات هتي ئي ٿي هئي. هن مون کي ڪنهن شيءِ سان محبت ڪرڻ جو سبق ڪونه ڏنو. هو ته فقط ”محبت“ ڪندو هو، ۽ مون کي پڻ جواب ۾ محبت ڪرڻي هئي. پر مون کي ياد پوي ٿو ته ڪجهه زمانو اڳي ماڻهو ديوتائن جي قربان گاهن تي پنهنجن ٻارن ۽ ڪيترن ئي جانورن کي به قربان ڪندا هئا. ڇا، تون ديوتائن کي اهڙيون قربانيون ڏيڻ کان منع ڪرين ٿو؟“

”ديوتائن کي قربانين جي ڪا ضرورت ڪانه هوندي آهي“، هن جواب ڏنو، ”تنهن کانسواءِ، ديوتائون پاڻ لاچار آهن، ۽ انهن کي به ماڻهوءَ وانگر زندگيءَ جي هن چڪر مان لازمي طور گذرڻو آهي. ڇا، توکي زندگيءَ  ۾ خوشي ملي ويئي آهي؟“

”آءٌ پنهنجي لاءِ ته ڪجهه چئي نٿي سگهان، باقي مون ڪي شهزادا اهڙا ڏٺا آهن، جيڪي ڏاڍا خوش نظر اچي رهيا هئا“، ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو.

هو وري نرميءَ سان مرڪيو.

”آءٌ پاڻ ڪنهن زماني ۾ شهزادو ٿي رهيو آهيان“، هن چيو. ”مون وٽ رهڻ لاءِ جنت جهڙو هڪ محل ۽ محبت ڪرڻ لاءِ هڪ خوبصورت شهزادي هئي. ان جي باوجود مون اهو ئي ڏٺو ته جنم کان وٺي مرڻ تائين ڏک سور انسان جو دائمي ساٿي آهي. ماڻهو جيئن وڌيڪ زور سان هن زندگيءَ، ۽ انهن شين کي جيڪي ان جي نتيجي ۾ ملن ٿيون، چنبڙي ٿو، تيئن وڌيڪ هو دکي ٿئي ٿو. مون دنيا جي ڏک ۽ سور ان ۾ هر طرف ڦهليل مصيبتن جي علاج معلوم ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ترڪ ڪيو. مون کي اها ڳالهه ٻڌائڻ ۾ خوشي ٿئي ٿي ته منهنجي انهيءَ تياڳ جو مون کي ڦل مليو آهي ۽ آءُ هاڻي پاڻ کي بلڪل بجا طور راهنما چئي سگهان ٿو.“

”ڇا توکي به انهيءَ راهه ڳولي لهڻ لاءِ اهي سڀ ڪفارا ادا ڪرڻا پيا؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.

”اڙي نه، نه“ هن جواب ڏنو، ”مون سمورا ڪفارا ادا ڪيا، پر مون کي اهي سڀ بي فائدي نظر آيا.“

”جيڪڏهن توهان خدا ڏانهن وٺي ويندڙ راهه ڳولي لڌي آهي“، ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”ته پوءِ مهرباني ڪري مون کي اها ڏيکاريو.“

”مون کي ’نروان‘ جو رستو ملي ويو آهي“، هن چيو، ”جيڪا هڪ اهڙي نعمت آهي، جنهن جو ڪو سايو ئي ڪونهي. ماڻهوءَ کي پنهنجي دل کي اهڙي نموني ۾ تيار ڪرڻ گهرجي، جو اها ڪنهن به چيز جي خواهش ڪرڻ ڇڏي ڏي. انهيءَ راهه تي هلڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اهو ڪم هڪ سڌي لَسي ۽ اوچي جبل تي چڙهڻ وانگر آهي، منهنجو سچو پوئلڳ اهو آهي، جنهن جو ڪو گهر گهاٽ ڪونهي، جنهن کي زال ڪانهي، جيڪو پنهنجو کاڌو ڪڏهن به پاڻ نه ٿو رڌي، ۽ جيڪو انهيءَ تي زندگي گذاري ٿو، ”جيڪي ڪجهه هن جي ڪشڪول ۾ وڌو وڃي ٿو“ ۽ جيڪو انهيءَ چيز کي ترڪ ڪري ڇڏي ٿو، جنهن کي ماڻهو هن دنيا جي زندگي سڏين ٿا. جيسين هڪ به خواهش ماڻهوءَ جي دل ۾ کٽڪندي، تيسين اها وري ٻي زندگي پيدا ڪندي ۽ اها ئي ڏک ۽ غم جو سرچشمو آهي. هيءَ دنيا خواهش ۽ آرزوءَ، جسماني لذت، زندگيءَ جي هوس ۽ هن دنيا سان محبت ڪرڻ جي اڻ-آريائي رستي تي گهمڻ جي عادي بنجي ويئي آهي، پر مان هنن کي اٺوڻي آريائي راهه جي آڇ ڪريان ٿو.“

هن جي آخري لفظن ڀوري ڇوڪريءَ جو ڇرڪ ڪڍائي وڌو. ”آقا“، هن چيو، ”مون کي آريائي رستو خوب ياد آهي. اهو هڪ هنڌ آباد ٿي ويهڻ ۽ ڪڏهن به آواراه گردي نه ڪرڻ، زمين جو مالڪ بنجڻ ۽ ان کي کيڙڻ پنهنجي گهر جي چلهه کي ڪڏهن به نه ڇڏڻ ۽ ان ۾ ٻرندڙ باهين کي هميشھ لاءِ ٻريل رکڻ،د يوتائن ۽ ابن ڏاڏن جي روحن کي قربانيون پيش ڪرڻ جو رستو هو، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته پٽن جو مالڪ هئڻ گهرجي، جن کانسواءِ ڪوبه ماڻهو جنت ۾  داخل ٿي نٿو سگهي. اهو رستو ته قبضي ڪرڻ جو هو، ۽ نه ترڪ ڪرڻ جو. پر تنهنجي تعليم ته مون کي ان جي بلڪل ابتڙ معلوم ٿي رهي آهي، ان جي باوجود تون ان کي آريائي رستو سڏي رهيو آهين؟“

”انهيءَ ٻئي رستي کي آريائين رستو سڏڻ هڪ فريب هو،“ هن چيو، ”ماڻهوءَ کي انهن ملڪيتن، تعلقات، رسمن رواجن ۽ خارجي ادائگين جي ذريعي ئي جيڪي انسان تخليق ڪيون آهن، کيس سئوڻا ڏک ۽ غم نصيب ٿين ٿا. هن کي اهي سڀ رستا ۽ واسطا منقطع ڪرڻا پوندا، جيڪي کيس


 

*  * درٻار يا مندر Tabernacle-

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com