سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي

باب: 1

صفحو :1_1

 

ڇپائيندڙ پاران

 

دنيا جون سُجاڳ ۽ ساڃاهه وند قومون فقط اَٽي ۽ اَجهي جي فڪر ۾ حيران پريشان نه هونديون آهن، پر اُهي ته زندگيءَ جي مختلف رخن تي به مسلسل غور ويچار ڪنديون رهنديون آهن، ڇاڪاڻ  جو روزاني زندگيءَ جي بيشمار عام رواجي مسئلن جو ڳانڍاپو ۽ حل اصل ۾ ڪيترن ئي پيچيده ۽ اُلجهيل معاملن سان به جُڙيل هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو عظيم مُفڪرن، سائنسدانن ۽ مُدبرن جي حاصلات نه رڳو ڪائناتي رازن تان پردو کڻي ڇڏيندي آهي، پر گڏوگڏ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي سولو ۽ سڦل بنائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. هڪ عظيم کوجي ۽ انسان دوست ڏاهي کي خبر هوندي آهي ته هُو جڏهن ستارن جي چُرپر جي طور طريقن کي جانچي وٺي ٿو، تڏهن هو فقط هڪ شخص جي حيثيت ۾ ادبي مسرت نٿو ماڻي، پر ڪروڙين ٻين انسانن لاءِ دڳن، پيچرن، واٽن ۽ اثرن جا سوين چارا ڳولي وجهي ٿو. هڪ مثالي مصلح پنهنجي گهري رياضت ۽ ادراڪ سان رڳو اندر جي روشنيءَ کان آگاهه نٿو ٿئي، پر عوامي ڀلائيءَ ۽ سماجي سُڌاري جا به نوان عنوان تحرير ڪري ٿو.

اِنهن ساڳين سلسلن جي پوئواري ڪندڙ ماضيءَ جي سنڌو سڀيتا گُذريل ڪجهه صدين کان پنهنجين اهڙين شاندار روايتون ۽ علمي بلندين کي پوئتي ڇڏي، فوري نوعيت جي دلچسپين ۽ تڪڙي حاصلات جي ڊوڙ ۾ شامل ڏسجي ٿي، خاص ڪري گذريل اڌ صديءَ کان سنڌ جو سمورو سماج جنهن سطحي نوعيت جي معاملن کي ترجيح ڏيو بيٺو آهي، تنهن عوام دوست رهبرن ۽ عالمن کي پريشانيءَ ۽ بي چينيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. انهيءَ اضطراب کي سنڌ ۾ جن اهل دل انسانن شدت سان محسوس ڪيو، تن منجهان علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب جن جي ذات به هڪ آهي. (شايد تنهنڪري ئي قاضي صاحب پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو سنڌ ۽ سنڌي عوام جي فڪري تربيت ۽ اخلاقي اصلاح جي حوالي ڪري ڇڏيو.) سنڌو سڀيتا جي هن سچي شيدائيءَ پنهنجي آسپاس ڦهليل ڪردار جي پستيءَ ۽ جِهل جي پيشقدميءَ کي روڪڻ لاءِ تحريرن ۽ تدبيرن سان گڏ تقريرن ۽ ليڪچرن جو هڪ بيمثال سلسلو شروع ڪيو، جنهن پنجاهه ۽ سٺ جي ڏهاڪن ۾ سنڌ ته ڇا پوري پاڪستان ۾ وڏو ڌاڪو ويهاريو.

هن ڪتاب ۾ علامه صاحب جي جڳ مشهور خطبن (Sermons)  ۽ مقالن جي چونڊ ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ ماضيءَ جي نظرين، مفڪرن ۽ تحريڪن جو جائزو وٺندي جديد عالمي فڪري صورتحال کي بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ گروهي ۽ انفرادي معاملن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. انهيءَ ڏس ۾ بورڊ طرفان شايع ڪيل “Casual Peeps at Sophia” ”صوفي لا ڪوفي“ جي سهڻي ۽ وڻندڙ سري سان ترجمو ڪيل هن ڪتاب ۾ به علامه صاحب جا اُهي تبرڪات شامل آهن، جن کي بعد ۾ هن ڪتاب ۾ علامه صاحب جي ”ڪُل“ ۽ ”جُز“ واري فلسفي کي نهايت گهري تدبر پر آسان اسلوب ۾ پيش ڪندي، سنڌ جي ساڃاهه وند حلقن کي هڪ شاندار ۽ قيمتي تحفو آڇيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب پڙهندي، پڙهندڙ پاڻ کي غير محسوساتي طريقي سان تصور ۽ حقيقت جي شاندار گڏپ سان آشنا ٿي سگهي ٿو ۽ منجهس غور ويچار ڪرڻ سان گڏ عمل جي ميدان ۾ ڪُڏي پوڻ جو اُتساهه پيدا ٿئي ٿو.

جيتوڻيڪ هيءَ حاصلات بظاهر تمام آسان ۽ سادي لڳي ٿي پر گهرو ويچار ڪندي محسوس ٿيندو ته انهيءَ پورهئي پٺيان وقت، توانائي، جذبي، ڪمٽمينٽ، پئسي ۽ ذهني هم آهنگيءَ جي وسيع ترين سيڙپ ٿيل نظر ايندي. هن ڪتاب جي لائق مترجم ڊاڪٽر عبدالغفار سومري روايتي ترجمن جيان يڪساهيءَ ”هڻي هنڌ“ ڪرڻ بجاءِ علامه صاحب جي فڪري گهراين، احساساتي ڪيفيتن ۽ مادي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن کي تصور جي ست رنگي  سيربين ۾ پسندي، عمل جي اوجل آڳڙ ۾ پيش ڪرڻ جي جستجو ڪئي آهي. ڪو به مترجم اهڙو ڪارنامو فقط تڏهن ئي انجام ڏيئي سگهي ٿو، جڏهن ترجمي جي فن ڏانهن سندس رويو لفظن ۽ جملن کي سُڪو ۽ ٺوٺ بدل ڏيڻ بجاءِ عقيدت، محبت ۽ پورهيي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل حُسن جا چِٽَ چِٽڻ وارو هوندو. ڊاڪٽر سومري صاحب جنهن عرق ريزيءَ ۽ دل جي حضور سان علامه صاحب جي انگريزي تحريرن ۽ تقريرن کي سنڌيءَ جو روپ ڏنو آهي، تنهن منجهان لڳي ٿو ته هيءُ ڪم ڪندي هُن عبادت، رياضت ۽ قرابت جا سڀ حق ادا ڪري ڇڏيا آهن، پرائي خيال کي پرائيءَ ٻوليءَ منجهان پنهنجي ۽ پڙهندڙ جي روح ۾ رچائڻ ۽ ڌاري ٻوليءَ جي دقتن کي مادري ٻوليءَ جي لطافتن ۾ حل ڪرڻ واري هن سنڌيڪار کي سندس محنت سموري سنڌ ۾ عزت ۽ احترام ڏيارڻ لاءِ ڪافي آهي. دراصل ائين ممڪن تڏهن ٿيو آهي، جڏهن لائق مترجم فقط نصابي حوالي سان ئي فيلسوفيءَ جي ساراهه جوڳي سنَدَ حاصل نه ڪئي آهي، پر عظيم خيالن کي پنهنجي علمي زندگيءَ سان سلهاڙي پاڻ کي هڪ روشن ضمير انسان بنائڻ ۾ به سڦلتا ماڻي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ”صوفي لا ڪوفي“ جو ٻيو ڇاپو پڌرو ڪندي نه رڳو مان پاڻ کي ڀاڳوند محسوس ڪريان ٿو، پر مون کي پڪ آهي ته سنڌي ادبي بورڊ، اُن جا ڪارڪن ۽ مانوارا پڙهندڙ پڻ هن اشاعت تي فخر محسوس ڪندا، ڇاڪاڻ جو علم جڏهن انسان ۽ وطن دوستيءَ جي مٽيءَ ۾ معطر ٿي تخليق جو روپ اختيار ڪري ٿو ته اُن جي وڻندڙ سرهاڻ هر روح کي واسڻ لڳي ٿي.

 

 

ڄام شورو، سنڌ

28- جنوري 2004ع

مطابق 5- ذوالحج 1424 هه.

 

انعام الله شيخ

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com