سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب:صوفي لا ڪوفي

باب: 10

صفحو : 10

 

تعليم

 [30 ڊسمبر 1958ع تي علامه صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جيB.T ڪلاس جي شاگردن کي خطاب ڪيو. سندس اها تقرير ‘Education’ جي عنوان سان پهريون دفعو ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان شايع ٿيندڙ جرنلن ۾ ڏني وئي  هئي.[

اڄ آءٌ پاڻ کي توهان جي وچ ۾ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان؛ ان لاءِ به ته آءٌ انهن سند يافته نوجوانن کي خطاب ڪري رهيو آهيان جيڪي اسان جي تعليمي ادارن مان تازو فارغ التحصيل ٿي نڪتا آهن.

هن موقعي تي آءٌ اوهان سڀني کي مبارڪن جي قابل سمجهان ٿو جو اوهان قومي زندگيءَ ۾ اهو امتيازي مقام حاصل ڪيو آهي ۽ تعليمي لحاظ کان اهڙي سطح تي پهتا آهيو جتي اوهان هن ملڪ جا ڪارائتا شهري بنجي سگهو ٿا. هاڻي توهان جي اصلي زندگيءَ جي شروعات ٿئي ٿي جيڪو ان جو عملي پهلو آهي. توهان يونيورسٽيءَ جي اختياري وارن طرفان، پنهنجي والدين طرفان، پنهنجي دوستن احبابن طرفان ۽ پاڪستان جي رهواسين طرفان، جن جي خدمت ڪرڻ لاءِ اوهان مامور آهيو، مبارڪن جا مستحق آهيو.

پر ان کان اڳ جو آءٌ ڪجهه وڌيڪ چوان، آءٌ توهان تي اهو واضح ڪرڻ گهران ٿو ته توهين نهايت وڏي غلطي ٿا ڪريو، جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته توهان واقعي تعليم مڪمل ڪري ورتي آهي. اهاوڏي ۾ وڏي ڀل آهي جيڪا ڪنهن فرد يا ڪنهن قوم کان ٿي سگهي ٿي. ان ڳالهه جي تاريخ شاهد آهي ۽ توهان کي تواريخ مان سبق حاصل ڪرڻ جو ڪو موقعو ضايع ڪرڻ نه گهرجي. تعليم زندگيءَ سان گڏ هڪ لاڳيتو عمل آهي. تعليم، وقت وانگر وسيع ۽ اڻ کٽ سلسلو آهي. جيئن وقت کي اسين صرف سهوليت خاطر سالن، مهينن، هفتن ۽ ڏينهن ۾ ورهايون ٿا، تيئن تعليم کي پڻ جدا جدا ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي؛ جهڙوڪ: ٻاراڻي ابتدائي، ثانوي، يونيورسٽي وغيره.

حقيقت اها آهي ته زندگي تمام مختصر آهي، پر علم، آرٽ ۽ فن تمام وسيع آهن ۽ بهتر زندگي اها آهي جيڪا علم جي حصول لاءِ وقف ڪئي وڃي. علم جي سلسلي ۾ ذات پات، رنگ ۽ عمر جي ڪا تفريق ڪونهي. قرآن پاڪ تعليم کي نور يعني روشني سڏيو آهي ۽ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ”تعليم کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ وٺي اچي ٿي.“

يُخرِجُهُم مِّنَ الظُّلمَاتِ اِلَي النُّورِ

اهو ساڳيو خيال نبي اڪرم محمد جي انهن لفظن ۾ به سمايل آهي، جيڪي توهان بجا طور اسان جي يونيورسٽيءَ جي مونو گرام تي اڪريل ڏسو ٿا:

”اطلبو العلم من المهد الي اللحد“

(علم جي طلب پينگهي کان وٺي قبر تائين جاري رکو.)

اهو ئي سبب آهي جو مسلمان علم پرائڻ کي هميشه زندگيءَ جو هڪ اهم مقصد ڪري سمجهيو. وري جيترو وڌيڪ هو پڙهيل ۽ عالم هئا، اوترائي هو تواضع ۽ ٻين انساني قدرن سان ڀرپور هئا. هو پورهئي کي مانُ ڏيندا هئا ۽ ڪڏهن به هٿن سان محنت ڪرڻ کي عار نه سمجهندا هئا؛ بلڪ هو هٿ جي پورهئي سان پيار ڪندا هئا. حضور اڪرم. پنهنجي تعليمات ۾ نهايت واضح طور چيو هو:

”الکاسب حبيب الله“ (پورهيت الله جو دوست آهي.)

۽ ”طلب الحلال فريضة“ (رزق جائز يعني حلال طريقي سان حاصل ڪريو.)

مسلمان انهيءَ قسم جي تعليمات جي پوئواريءَ ۾ ان حد تائين ويا جو وقت جا بادشاهه خود پنهنجي هٿن سان قرآن شريف لکندا هئا، ۽ هٿ جي پورهئي خاطر ٽوپيون ٺاهي پنهنجي گذر سفر جو بندوبست ڪندا هئا.

مگر اسان جو موجوده معاشرو انهيءَ اعلى آدرش کان ايترو ته هيٺ لهي آيو آهي جو تعليم حاصل ڪرڻ کي روزگار ۽ پئسن ڪمائڻ جو ذريعو سمجهيو وڃي ٿو. آءٌ توهان کي ٻڌايان ٿو ته اهو ايڏو ڦيرو ڪيئن آيو. اها هڪ ڄاتل سڃاتل حقيقت آهي ته يورپ ۽ آمريڪا وارن قرآن حڪيم مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي ۽ اسان جون گهڻيون سٺيون شيون پاڻ وٽ کڻي ويا آهن. جيتوڻيڪ هنن گهڻين ڳالهين کي پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته به قرآن پاڪ جي ڪن اهم هدايتن جي اصل مفهوم کي سمجهڻ کان قاصر رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجي روايتي ۽ پراڻن نظرين تان اڄ سوڌو هٿ کڻي نه سگهيا آهن. انهن ڳالهين جي جهلڪ اڄ به سندن اميراڻي طبقي ۾ نظر اچي سگهي ٿي.

اهڙا وڏ گهراڻي جا ماڻهو اڃا تائين هٿ جي پورهئي کي هيچ ڄاڻي ان کان نفرت ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو انهن خاندانن جي ڇوڪرن صرف هيٺين قسم جي پيشن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تعليم پئي حاصل ڪئي آهي:

(1)  فوج (2) ڪليسا ۽ (3) قانون.

عجب ته اهو آهي جو هو ڊاڪٽريءَ جي پيشي لاءِ به تيار نه هئا، ٻيا هنر يا ڌنڌا جن ۾ محنت ۽ جفاڪشي درڪار هئي، تن جو ته ذڪر ڪرڻ ئي اجايو آهي.

بدقسمتيءَ سان مغرب جي اها روايت اسان جي نوجوانن ۾ پڻ گهر ڪري وئي آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هو علم کي علم سمجهي حاصل نٿا ڪن ۽ نه وري ان کي خودمختيار زندگيءَ جو ذريعو سمجهن ٿا. بلڪ هو ان کي فقط وڏين وڏين سرڪاري نوڪرين جي حصول جو ذريعو سمجهن ٿا ته جيئن هو پنهنجي پيٽ گذران جو ڪو بهتر وسيلو هٿ ڪري سگهن. علم جي باري ۾ ان غلط سوچ سبب اسان جي  قوم هڪ عظيم حادثي جو شڪار نظر اچي ٿي. سرڪار لاءِ پڻ هيءَ ڳالهه سخت مشڪل جو باعث آهي، بلڪ ان لاءِ ناممڪن آهي ته اها پهرين سڀني لاءِ تعليم جو بندوبست ڪري ۽ پوءِ سڀني کي نوڪري به مهيا ڪري. ان ڪري هيءُ وقت آهي ته اسين پنهنجين غلطين کي محسوس ڪندي پاڻ سنڀاليون ۽ صحيح رستي تي هلڻ شروع ڪريون. هن سلسلي ۾ اسلام جي ان سونهري اصول جي پيروي ڪريون جنهن مطابق علم کي سمجهي حاصل ڪرڻو آهي، باقي زندگيءَ جي جدوجهد سان ان نموني ۾ منهن ڏيو ته شڪست ڪڏهن به تسليم ڪرڻي ناهي. ان صورت ۾ ئي توهان اها عظيم خدمت سرانجام ڏيئي سگهو ٿا؛ جيڪا اوهان، اوهان جي ملڪ ۽ اوهان جي ايندڙ نسلن لاءِ مفيد هوندي. بلڪ جنهن مان خدا به راضي ٿيندو، توهان آئيندي جي اميد ۽ مستقبل جا اڳواڻ آهيو. پاڪستان جي مستقبل جا شهري توهان جي رهنمائي جي انتظار ۾ آهن ۽ اهو تڏهن مڪن آهي جڏهن توهان اهڙا شاندار ڪارناما سرانجام ڏيئي وڃو، ۽ پنهنجي پويان اهڙي سونهري تاريخ ڇڏي وڃو جا سندن لاءِ مشعل راهه بڻجي.

انهيءَ صورتحال کي مدِنظر رکندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي اختياريءَ وارن مئٽرڪ جي نصاب کي نئين سر مرتب ڪيو آهي، جنهن ۾ مختلف ڪارآمد مضمون جهڙوڪ: واڍڪو، ڪنڀارڪو، ڪورڪو، درزڪو ڪم شامل آهي.

اهڙيءَ طرح تعليم جي عام دائري کي وسيع ڪرڻ واسطي ۽ هر قسم جي ڄاڻ کي ڦهلائڻ خاطر 1951ع کان، سنڌ يونيورسٽيءَ جي علمي زندگي کي صحيح خطوط تي استوار ڪيو ويو آهي ۽ ان سان گڏ يونيورسٽيءَ اندر عالمي ۽ آفاقي اڀياس تي پڻ زور ڏنو ويو آهي. هن ڏس ۾ هڪ جامع منصوبي تحت موجوده انساني علمن جي تقريباً هر شاخ کي شامل ڪيو ويو آهي. انهيءَ مقصد جي تڪميل خاطر گذريل ٻن سالن کان ماهر پروفيسرن جي توسيعي تقريرن جو هڪ سلسليوار پروگرام پڻ جاري  آهي.

هتي اهو ٻڌائڻ پڻ ضروري آهي ته پڙهيل طبقي تي سماج ۽ قوم طرفان گهڻي ئي ذميواري عائد ٿين ٿيون. انهن کي نه رڳو رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ  جو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، پر کين انهن ماڻهن جي سار سنڀال به لهڻي آهي جيڪي هن سلسلي ۾ کانئن گهٽ خوش نصيب آهن، پر عجيب ڳالهه اها آهي ته اهي تعليم يافته ماڻهو، بجاءِ ان جي ته هو ٻين کي زندهه رهڻ جو ڍنگ سيکارين، پاڻ قوم تي چٽي آهن. اچو ته پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي پوري صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺون ۽ وقت جي نزاڪت کي سمجهون. هاڻي اهو اوهان جي وس ۾ آهي ته سڀئي گڏجي پنهنجي ذهني توڙي جسماني صلاحيتن جي اهڙي پرورش ڪريو جيئن پاڪستان جي صحيح معنى ۾ فلاح ۽ بهبود ٿي سگهي.

جيستائين فنون لطيفه ۽ هنري سکيا جو تعلق آهي يا ٽيڪنيڪل مضمونن ۾ مهارت جو سوال آهي، ته ان سلسلي ۾ هتي اهو ٻڌائڻ بيجا نه ٿيندو ته اسان وٽ آرٽس ۾ سنديافته جوانن جي گهٽتائي ڪونهي، ليڪن ان جي مقابلي ۾ فني يا ٽيڪنيڪي ماهر جيڪي قومي دولت ۾ اضافو ڪري سگهن ۽ معاشري جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جو سامان مهيا ڪن، اهي تمام ٿورڙا آهن. ان ڪري اميد ڪجي ٿي، ته علم جي مختلف ميدان جا ماهر هنن ضرورتن کي پوري ڪرڻ طرف مائل ٿيندا. اڄ توهان تي اهو فرض عائد ڪيو ويو آهي ته توهان صحيح نموني ۾ زندگي گذاري پاڻ کي ان سَنَد جو اهل ثابت ڪريو. توهان کي کپي ته پنهنجي علم کي پاڪستان جي بهترين شهري ٿيڻ لاءِ استعمال ڪريو، ان لاءِ توهان کي هر قسم جو ڪم جيڪو به توهان جي حوالي ڪيو وڃي، ان کي نهايت ديانتداري ۽ سچن لگن سان بجا آڻيو. ائين ڪرڻ سان واقعي توهان قوم ۽ خداتعالى جو حق ادا ڪري سگهندا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com