سيڪشن؛   تصوف

ڪتاب:صوفي لا ڪوفي

باب: 2

صفحو : 2

 اڄ جي فلسفي ۾ ڪهڙيون خاميون آهن؟

 [هيءَ تقرير علامه صاحب جو اهو افتتاحي خطبو آهي، جيڪو هن 15مارچ 1958ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر جي حيثيت ۾ آل پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگريس جي پنجين اجلاس جي موقعي تي ڏنو. اهو اجلاس سنڌ يونيورسٽيءَ جي سهڪار سان حيدرآباد ۾ 15 کان 18 مارچ تائين جاري رهيو.]

شروع ۾ منهنجي حوالي صرف اهو خوشگوار فرض هو ته هن ابهم يونيورسٽيءَ ۾ آءٌ توهان سڀني ڏاهپ، ۽ حڪمت جي گهڻگهرن جي مرحبا ۽ آجيان ڪريان، ليڪن بلڪل آخري مرحلي تي مون کي ٻڌايو ويو ته هن اجلاس جو افتتاح به مون کي ئي ڪرڻو آهي، حالانڪ اهو ڪو پُرمسرت انتخاب نه هو، ڇاڪاڻ ته جيستائين ان فال جو تعلق آهي ته آءٌ ذاتي طور تي قديم توڙي جديد فلسفي جي باري ۾ مقلدانه ۽ خوشامدانه رويو ڪونه ٿو رکان، اها رڳو هڪ صدي اڳ جي ڳالهه آهي ته پيشه ور فيلسوف حضرات انگلينڊ جي هڪ وڏي استدلالي ذهن جي صرف ان ڪري مخالفت ڪئي هئي! ڇاڪاڻ ته هن فلسفي جي درسي تعليم هڪ مبتديءَ جي حيثيت ۾ حاصل نه هئي! توهان مان گهڻا سمجهي ويا هوندا ته منهنجو اشارو ڪنهن ڏانهن آهي. اها مايه ناز شخصيت هربرٽ اسپينسر (1) آهي.

بهرحال وقت اچي ويو آهي ته هر انسان پنهنجو پنهنجو فرض ادا ڪري، يعني پنهنجي وس آهر انسانن جي تڪراري مسئلن کي سلجهائڻ ۾ هو جيڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، سو ڪري. انهيءَ خيال سان آءٌ به هتي ڪي تکيون ڳالهيون چوڻ چاهيان ٿو؛ پوءِ توهان انهن کي فلسفيانه سمجهو يا غير فلسفيانه!

ڪو دؤر هو جڏهن مذهب تي فقط چند پادرين جي هڪ هٽي هئي، سياست کي فقط بادشاهن ۽ امير امرائن لاءِ مخصوص سمجهيو ٿي ويو، جڏهن برهمڻن ۽ خانداني اميرن کي ئي مندر ۾ داخل ٿيڻ ۽ ديوتائن جي درشن ڪرڻ جي اجازت هئي. ادنى درجي جي ماڻهن ۽ شودر ويچاري کي مجال نه هئي جو هو انهن مقدس شين جي ويجهو وڃي سگهي. هينئر البت دنيا جي گهڻن حصن ۾ انهيءَ پاپائيت ۽ مذهبي اجاره داريءَ جو وڏيءَ حد تائين خاتمو ٿي چڪو آهي ۽ ساڳيو حشر آپيشاهيءَ جوٿيو آهي. ليڪن فلسفي جي ميدان ۾ اوائلي مبلغ ۽ عظيم هستيون اڄ به ساڳيءَ ريت قابض آهن، بلڪ ايستائين ڪو به ماڻهو فلسفي جي باري ۾ ڪجهه ڳالهائڻ جي جرات ڪري نٿو سگهي، جيستائين هو انهن عظيم هستين کي خراج عقيدت پيش نٿو ڪري. پوءِ اهي افلاطون (2) ۽ ڪانٽ (3) هجن يا ارسطو (4) ۽ هيگل (5) يا کڻي شوپنهار (6) ۽ نٽشي (7) ڇو نه هجن؛ لاڪ (8) هيوم (9) ۽ برڪلي (10) وغيره ته پري رهيا. ڇا اهڙيءَ صورت ۾ ڪو ماڻهو چئي سگهي ٿو ته فلسفي جي دنيا ۾ هو پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهي؟ ڇا فلسفي جي بنيادي مسئلن ۾ انقلابي تبديلي ممڪن آهي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ ڪارلائل (11) جي انهيءَ سنئين سبتي ڳالهه کي تسليم ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي. جڏهن هو فلسفي جا بنيادي مسئلا هي ڄاڻائي ٿو. مثلاً : هو پڇي ٿو ، آءٌ ڇا آهيان؟ هيءُ اجهاڳ وستو جنهن کي ماڻهو ڪائنات جو نالو ڏين ٿا، اها ڇا آهي؟ زندگي ڇا آهي؟ موت ڇا آهي؟ مون کي ڇا ۾ ويساهه رکڻو آهي؟ يا مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟

هاڻي ان کان اڳ جو اسين ڪارلائل جي پچر ڇڏيون، هتي مناسب ٿو لڳي ته انهن ذريعن جو ذڪر ڪجي، جيڪي سندس نظر ۾ مذڪوره مسئلن جي گره ڪشائي ڪري سگهن ٿا. هو ان راءِ جو آهي ته: انهن پيچيده مسئلن جو حل نه اوچن آسمانن ۾ آهي ۽ نه ان جي نيرن ستارن ۾، نه يونان جي نزاعي فرقن جي ڪج بحثي ۽ لفظي دليل بازيءَ ۾؛ نه يهودين جي مبهم روايتن ۾، ۽ نه وري، اوائلي عرب جي فضول رسمي اصنام پرستيءَ ۾! اچو ته ٿوري دير لاءِ اهو ڏسون ته ڪارلائل جنهن کي يوناني فرقن جي لفظي دليل بازي سڏي ٿو، اها ڇا آهي؟ ڇو ته رابرٽ بريفالٽ  (12) (Robert Britfault) انهيءَ لفاظيءَ لاءِ البت چڱا اکر استعمال ڪيا آهن ۽ هو ان کي عقليت پرستيءَ جي جذبي سان تعبير ڪري ٿو.

بهرحال چڱو ٿيندو ته اسين هت بريفالٽ جي اصلي لفظن تي ويچار ڪريون، هو چوي ٿو؛ ”يونانين کي قياس آرائين، استدلال ۽ مناظري بازيءَ سان بيحد خوشي حاصل ٿيندي هئي وٽن سياست ۽ حڪمرانيءَ جو اصل مقصد قانون سازي نه، بلڪ فقط تنقيد ۽ اختلاف راءِ جو اظهار هو. حد ته اها آهي جو اهو رجحان سندن زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي حاوي هوندو هو. فصاحت جو مطلب هو دليل بازي سمجهندا هئا ۽ هو وڌ ۾ وڌ فصاحت جا پرستار هئا، يوناني وڌ ۾ وڌ استدلال ۽ قياس جا قائل هئا ۽ ان ۾ انتهائي دلچسپيءَ جو مظاهرو ڪندا هئا. عوام جي لاءِ پڻ مناظري ۽ دليل بازيءَ جي مظاهري کان وڌيڪ ٻيو ڪو مقبول شغل نه هو، مناظري بازيءَ کي ئي هو پنهنجي لاءِ وندر ڪري سمجهندا هئا. مقرر حضرات جو دلپسند مشغلو اهو هوندو هو، ته هڪڙي ڏينهن هڪڙي ڳالهه کي صحيح ثابت ڪندا هئا، ته ٻئي ڏينهن وري ان جا ڇوڏا لاهي ڇڏيندا هئا.

هو ان حد تائين منطقي دليل بازيءَ جو شڪار ٿي چڪا هئا، جو خود عقليت جي مسلم بنيادن کي به ڊاهي وجهندا هئا، هن سلسلي ۾ تحقيق ۽ تجربي لاءِ جنهن آزمائش ۽ تصحيح واري عملي طريقي جي ضرورت هئي، تنهن کي هنن بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو هو، اڳتي هلي ان جو لازمي نتيجو اهو نڪتو، جو هو سائنس جي علم کان وانجهيل رهجي ويا. هتي اها ڳالهه ذڪر جي قابل آهي ته يونانين سچائيءَ جي ڳولها ۾ ڪنهن اعلى جذبي جو مظاهرو نه ڪيو آهي، نه منجهن حقائق جي اصليت ڄاڻڻ لاءِ ڪو جنون هو، ۽ نه وري هنن صداقت جي عظيم تقدس جو ڪو معيار قائم ڪيو آهي.“

هتي لڳي ٿو ته رابرٽ بريفالٽ يوناني جي ڏورانهن سوٽن، خاص ڪري هند- آريائي ماڻهن جي اظهار، بيان جي طريقن کان چڱيءَ ريت  واقف نه هو. نه ته هو ضرور يونانين جي ”عقليت پرستيءَ“ جي جذبي کي ڪنهن ٻئي نموني ۾ يا ان جي برعڪس ڏسي ها. هڪ عام پڙهندڙ جنهن اپنشدن (13) جو مطالعو ڪيو آهي ان کي معلوم آهي ته اها عقليت پرستي دراصل فنِ استدلال هو، جنهن جا نه صرف سوفسطاني (14) فيلسوف شائق هئا؛ پر سقراط خود شيدائي هو. هن ڳالهه مان ان حقيقت جو مزيد ثبوت ملي ٿو ته بني نوع انسان هر هنڌ فڪري توڙي حياتياتي ارتقا جون ساڳيون منزلون طئي ڪيون آهن، ان جو مثال ائين آهي جيئن هڪ ننڍڙو ٻار هلڻ سکندو آهي ته فقط هلڻ خاطر ئي هلندو آهي، ۽ ائين ڪرڻ ۾ ئي کيس مزو پيو ايندو آهي، جيتوڻيڪ هو وکِ وکِ تي ٿاٻڙجي ڪري به پوندو آهي. تيئن ان زماني ۾ انسان جي بانبڙا پائيندڙ ذهن کي به جڏهن پنهنجي استدلالي قوت جو اندازو ٿيو ته هو به  بحث خاطر ئي بحث ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. اهو نه سوچيائين ته انهيءَ بحث مان کيس نفعو يا نقصان ڪهڙو ٿيندو؟ بريفالٽ هن سلسلي ۾ بلڪل صحيح نتيجي تي پهتو آهي ته: ”دراصل زندگيءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جون اهي سنجيده ڪوششون نه هيون ۽ نه وري هو ڪنهن صحيح نتيجي تي پهچي سگهيا. پر جيڪڏهن ڪي نتيجا پراپت ٿيا يا ڪي مقصد حاصل ٿيا، ته اهي به وجداني طور تي ٿيا. جئن افلاطون سان ٿيو. باقي دليل و دلائل جي وٺ-پڪڙ مان افلاطون جيڪڏهن ڪي معنى خيز ڳالهيون چيون آهن ته اهي فقط شاعر جي حيثيت ۾، حالانڪ ساڳئي وقت هو شاعرن تي ڇوهه به ڇنڊيندو رهيو. پر اهو ساڳيو افلاطون جڏهن رڳو فيلسوف ۽ دليل باز ٿي بيهي رهيو، ته وٽس رڳو الفاظ ئي الفاظ هئا باقي ڪنهن مسئلي جو حل پيش ڪري نه سگهيو.

اهڙيءَ طرح سمورو قديم فلسفو عملي طور تي ساڳئي قسم جو آهي يعني اهو وجداني ۽ فرضي آهي، بلڪ ظني ۽ وهمي به آهي. اها ڳالهه سندن منطق سان به لاڳو ٿئي ٿي، پوءِ ڀلي کڻي هو ان کي استقرائي منطق جو نئون نالو ڏين.

بهرحال اصل انقلاب تڏهن آيو، جڏهن قرآن پاڪ اچي هي الفاظ چيا: ”اهي ماڻهو ذات - حقيقي بابت بنيادي حقائق ڄاڻڻ کان سواءِ گمان ۽ ويچار ڪن ٿا، جيڪا جاهليت جي دؤر جي نشاني آهي. ها پر ڳالهه اتي ختم ڪونه ٿي. بلڪ ايمان وارن تي زور ڏنو ويو ته، بنيادي حقائق کي معلوم ڪرڻ لاءِ اوهين هن مادي ڪائنات، انساني نفس ۽ انساني تاريخ جو مطالعو ۽ تحقيق ڪريو. هن سلسلي ۾ بار بار مشاهدا ۽ تجربا ڪري پوءِ نتيجا اخذ ڪريو. اهڙيءَ طرح زمين جي وسعتن ۾ سفر ڪيو ”اَبداع خلق“ يعني ڪائنات جي تخليق بابت علم حاصل ڪريو. وڌيڪ صريح حڪم اهو ڏنو ويو، ته خدا جي ذات متعلق اهڙي اجائي قياس آرائي بند ڪريو، جيڪا حقائق تي مبني نه آهي.

انهيءَ ڳالهه جو اهو اثر ٿيو جو ان کانپوءِ انسان حقائق جي تلاش ۾ جُنبي ويو، البت جتي گذريل ٽن صدين جي عرصي ۾ حقائق جي جستجو کي زور شور سان جاري رکيو ويو، اتي سائنس جي بنيادي حقيقتن تي مبني فلسفيانه نقطئه نگاهه وجود ۾ نه آيو. انهيءَ ڪري اڄ تائين مابعد الطبعيات جا اهي ساڳيا پراڻا طريقا رائج آهن ۽ انهيءَ جو اهو نتيجو آهي، جو فلسفو ڪالعدم يا ٻين لفظن ۾ پنڊ پاهڻ ٿيڻ لڳو آهي.

لهــٰذا سائنسي حقائق تي منبي فلسفو اڃا تائين وجود ۾ نه اچي سگهيو آهي! هتي البت اسان اهو سوال ڪري سگهون ٿا؛ ته ڀلا آگسٽ ڪومٽي (15) جي اثباتيت جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ ڪومٽي بيشڪ تڏهن وڏو ڪم ڪيو، جڏهن هن ياد ڏياريو بلڪ ان ڳالهه کي ذهن نشين ڪرايو ته مذهب جو پراڻو تصور ختم ٿي چڪو آهي ۽ هينئر سائنس ان جي جڳهه والاري آهي، جيتوڻيڪ انهيءَ چوڻ ۾ هو صحيح هو، پر هن کان هڪ سنگين غلطي ٿي وئي، هن ان ڳالهه تي ڪو زور نه ڏنو، ته سائنسي علوم جي ذريعي صرف حقائق تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي، البت فلسفو انهن کي بنياد بڻائي اهڙا نتيجا اخذ ڪري سگهي ٿو، جو اسان انهن قدرن جي اهميت محسوس ڪري سگهون ٿا؛ جيڪي مذهبي عقيدي اسان کي عطا ڪيا آهن. اهو ئي سبب هو جو دنيا جي آخرين شارخ، دين (يعني پيغمبر اسلام) جي نظر ۾ فلسفي جو مقصد مذهبي عقيدن جي عقل ۽ سمجهه ذريعي تصديق ڪرڻ هو. ٻين لفظن ۾ جيئن دين خود فڪر ۽ فلسفو بنجي پوي، پر اهو سڀ ڪجهه اڃا نه ٿي سگهيو آهي. ان جو سبب بريفالٽ جي لفظن ۾ هي آهي ته فلسفو ”روايت“ ۽ ”طاقت“ ذريعي ڇانيل فڪر کان آجو ٿي نه سگهيو آهي، دراصل انهن ٻنهي ڳالهين جي ڪري فلسفي وڏو ڌڪ کاڌو آهي. هڪ طرف روايتيءَ طرز فڪر ته ٻئي طرف قوم پرستيءَ ۽ علاقائيت جهڙن ورهائيندڙ لاڙن صحيح فلسفي جي نشو نما ۾ هڪ لوهي ديوار کڙي ڪري ڇڏي آهي. اڃا تائين فلسفو عام ماڻهوءَ جي پهچ کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ ته ان جا پيشوا فلسفي جي دنيا ۾ به ذات پات جي تعريف روا رکي ويٺا آهن، ويتر سندن رسمي ۽ روايتي اصطلاح، لفاظي، پيچ در پيچ جملا جيڪي ڳالهه کي ڳالهوڙو بنائڻ جي مصداق آهن، سي هو پنهنجي گمراهيءَ کي لڪائڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا، جيتوڻيڪ زندگيءَ جا مسئلا اڳي ئي مشڪل آهن ۽ هنن کي ته انتهائي سادگيءَ ۽ سلاست کان ڪم وٺڻ گهربو هو!

هاڻي جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا ته جمهوري فلسفو رواج پذير ٿئي يعني عام ماڻهو پڻ پنهنجن عقيدن کي عقلي ۽ علمي صورت ڏيئي سگهن ۽ اهڙي طرح جيڪڏهن اسان جو مقصد آهي ته تعليم عام ٿئي ۽ علم جي روشني هر هنڌ پکڙجي، ته هيءُ وقت آهي جو اسين فلسفي جي بنيادي مسئلن جي تشڪيل ۾ انقلاب آڻيون. ان لاءِ اسان کي کپي ته آسان ۽ نهايت سليس انداز بيان اختيار ڪريون ۽ سائنسي حقائق کي بنياد بڻائي فلسفيانه نتائج اخذ ڪريون، پوءِ ڀلي انهن جو تعلق الاهيات سان هجي يا فلڪي ۽ طبعي دنيا سان هجي، يا کڻي حياتيات ۽ زمان ۽ مڪان سان هجي، يا اڃان به زمان کان ماورا حقائق سان هجي يا انهن سڀني جي تاريخ سان هجي!

آخر ۾ آءٌ پنهنجي هيءُ اڻ رٿيل تقرير اها ڳالهه چوڻ کان سواءِ ختم ڪري نٿو سگهان، ته موجوده اختلاف جا ٻه ڪارڻ آهن: پهريون ۽ مکيه ڪارڻ هي آهي ته اسين اهو فلسفو پيدا ڪري نه سگهيا آهيون جيڪو وافر سائنس حقائق تي مبني ۽ انهن سان مطابقت رکندڙ هجي، ٻيو ته اسان جيڪو علم حاصل ڪيو آهي، تنهن سان پڻ پنهنجي زندگيءَ ۽ شعور کي هم رڪاب بڻائي نه سگهيا آهيون، حالانڪ اِهو علم خود انهن قدرن کي جيڪي اسان فقط بطور عقيدي قبول ڪيا آهن، بخوبي ثابت ڪري سگهي ٿو. فلسفي جي نئين سر تشريح ۽ تجديد ئي انسانذات لاءِ هي ڪارنامو سرانجام ڏيئي سگهي ٿي، هاڻي جيڪي توهان چاهيو ٿا ته ائين ٿئي، ته پوءِ حق ۽ سچ جي حاصلات لاءِ باهمي تنگ نظري ۽ جزوي قومي مفادات کي خيرباد چوڻو پوندو. ٿورن لفظن ۾ اسان کي سخت ايمانداري جي ضرورت آهي، اها سالميت ۽ ديانتداري نه فقط اسان جي شخصيت کي سالميت بخشيندي، بلڪ ساري انسان ذات ۽ ڪائنات کي هڪ ڪري يعني ان کي ”ڪُل“ بنائي ڇڏيندي اها ڳالهه واقعي تعجب جو باعث آهي ته سالميت ۽ ديانتداريءَ (Integrity) جو هُن وحدت ۽ ڪليت (Integration)ڇا وڃي، جيڪا فلسفي جو مول مقصد آهي. اها ڳالهه به گهٽ حيرت انگيز ناهي ته اسان جي وڏڙن جي ٻوليءَ ۾ انهيءَ سالميت يا ڪليت (Wholenes) کي صحت يا تندرسي (Healthiness) ۽ پاڪائي يا تقدس (Holiness) جي مترادف سمجهيو ويو آهي، تنهنڪري فلسفي جو وڏي ۾ وڏو مقصد اهو آهي ته فرد، انسانذات ۽ ڪائنات کي هڪ متوازن ”ڪل“ ۾ مربوط ڪري. منهنجي نظر ۾ اها ئي جوابداري اوهان فيلسوف حضرات تي عائد ٿئي ٿي.

شل خدا اوهان جو ساڻي ٿئي!

 

حوالا

(1)        هربرٽ اسپينسر (Herbert Spencer 1820-1903)

اڻويهين صديءَ جي اتهاس ۽ ارتقائي نقطئه نظر رکندڙ انگريز فيلسوف اسپينسر تمام اهم جڳهه والاري ٿو. سندس ڪتاب ”ابتدائي اصول“ (First- Principles) جنهن ۾ ارتقا جي نظريي کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. سنه 1862ع ۾ يعني ڊارون جي معروف تصنيف ”اصل الانواع“ (Origin of Species)  کان فقط ٽي سال پوءِ شايع ٿيو هو. اسپينسر جي نظرين جو ڊارون جي سوچ سان ڪو واسطو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته اسپينسر جو نظريئه ارتقا پوري ڪائنات تي محيط آهي. بلڪه هن جو نظريو فڪري لحاظ کان وڌيڪ پختو ۽ جامع آهي، ڇو ته هن ڊارون وانگر محض ٻوٽن ۽ جانورن جي بڻ بڻياد کي ويهي ڪونه جانچيو آهي. اسپينسر جو نظريو جامعيت جي لحاظ کان ايران جي عظيم شاعر مولانا روميءَ سان ملي ٿو. هو ٻئي پوري ڪائنات ۾ همھ گير ارتقائي عمل کي ڏسن ٿا. اسپينسر جي نظر ۾ اهو عمل ٽن جزن تي مشتمل آهي: مادو (Matter)، حرڪت (Motion) ۽ قوت (Force)، جيڪي پاڻ بذات خود ڪا حقيقت ناهن، البت اسان جي ڄاڻ جي آخري حد کي ظاهر ڪن ٿا. هو انهن کي اڄاتل شيءِ سمجهي ڄاڻڻ جو هڪ پيچرو يا راهه (Mode) تسليم ڪري ٿو. پوري ڪائنات انهن ٽنهي جزن  مان جڙي راس ٿئي ٿي. اسپينسر جي خيال ۾ فلسفي جو اهو ڪم آهي ته انهيءَ طريقي جي وضاحت ڪري، جنهن سان هيءَ ڪائنات انهن ٽنهي جزن مان تيار ٿئي ٿي.

اڻويهين صديءَ ۾ اسپينسر جو هيءُ نظريو ڪافي مقبول ۽ اثر انداز ٿيو ۽ ان ۾ سندس پنهنجي شخصيت جو گهڻو دخل هو. اهو هيئن ته:

اسپينسر پنهنجو اهو نظريو علم  جي ٻين شاخن ۾ به کڻي ويو. خاص ڪري هن مذهب، اخلاقيات، نفسيات ۽ تعليم ۾ پڻ ان نظريي کي پوريءَ ريت استعمال ڪيو. اسپينسر فلسفي جي وصف هن ريت ڪئي آهي:

فلسفو نهايت جامع ۽ مربوط علم آهي. فلسفي جي ذريعي ئي اهڙا عمومي نظريا ۽ خيال پيدا ڪري سگهجن ٿا؛ جيڪي سائنس جي وسيع تر نظرين کي يڪجا ۽ هم آهنگ ڪري سگهجن ٿا. اهو ئي سبب هو جو هن پاڻ سائنسي علوم مان حاصل  ڪيل نتيجن ۾ مفاهمت پيدا ڪرڻ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي. مطلب ته سندس نظر ۾ فلسفو دراصل ٻين علمن مان اخذ ڪيل نتيجن جي ترتيب ۽ امتزاج جو نالو آهي.

هتي هيءَ ڳالهه دلچسپيءَ کان خالي ناهي ته فلسفي جي درسي ڪتابن ۾ هربرٽ اسپينسر جو ذڪر خير ڪونه ملي ٿو. ايتري قدر جو برٽرانڊرسل جي مشهور تصنيف ”مغربي فلسفي جي تاريخ“ ۾ ان جو نالو به ڪونه ٿو ملي. البت ول ڊيورانٽ جي ڪتاب ”فلسفي جي ڪهاڻي“ ۾ پورا ٻٽيهه صفحا اسپينسر لاءِ مخصوص آهن.

(2) افلاطون (Plato 428-377 BC)

فلسفي جي دنيا ۾ افلاطون انتهائي همھ گير شخصيت جو مالڪ آهي. هو يونان جو عظيم استاد ۽ انسان سقراط جو شاگرد هو. فلسفي جي تاريخ ۾ افلاطون پنهنجي نظريه اعيان (Theory of ldeas) جي ڪري مشهور آهي. ان کان سواءِ روح جي لافاني هجڻ، تخليق ڪائنات جي مخصوص نظريي، علم يا ڄاڻ بحيثيت يادگيري وغيره. سندس اهڙا نظريا آهن جيڪي کيس هميشھ لاءِ فلسفي ۾ زندهه رکندا اچن ٿا.

البت جيستائين افلاطون جي پنهنجي فڪر جو تعلق آهي ته ان تي سندس پيش رو فلسفين جهڙوڪ: پيٿاگورس، پارمينانڊس، هيراقليطس ۽ سقراط جا واضح اثرات نظر اچن ٿا. پيٿاگورس وٽان هن مذهبي رجحان خاص ڪري لاقانونيت ۽ ٻي دنيا جا تصور ورتا. اهڙيءَ طرح حقيقت کي ابدي ۽ وقت کان مٿي ڄاڻڻ جو نظريو هن پارمينائڊس کان پرايو. هيرا قليطس جي وري ان نظريي جو مٿس وڏو اثر ٿيو، جنهن مطابق حسياتي دنيا ۾ ڪا به شيءِ مستقل ۽ دائمي نه هئي. سقراط کان هن اخلاقيات جو اعلى درس پرايو ۽ ان کي ئي پيش ڪيائين.

افلاطون جي ”نظريه اعيان“ موجب هيءَ دنيا ٻي اصلي دنيا جو نقل يا نظير آهي. هي شيءِ جو عين مطلق عالمِ بالا يا عالم مثال ۾ موجود آهي جيڪو غير متبدل ۽ غير فاني آهي. هن دنيا ۾ انهن شين جا صرف عڪس يا اولڙا آهن. ان جو مثال ڏيندي چوي ٿو ته اسان جيڪا ڪاٺ جي ميز ڏسون ٿا، ان ۾ هڪڙي ته اها ڪاٺ واري ٺهيل ميز آهي. پر ان جي پٺيان ميز جو هڪ اهڙو آفاقي تصور (Universal idea) آهي جنهن سان اها ڪاٺيءَ واري ميز مطابقت رکي ٿي. هن جو چوڻ آهي ته اهو تصور ئي لافاني آهي. باقي ڪاٺ واري ميز ته فاني آهي.

اهڙيءَ ريت افلاطون جو نظام فلسفي جي دنيا ۾ پهريون جامع عينيت پسند ۽ تصوراتي يا آدرشي فڪر (Idealism) آهي. هن جي خيال ۾ هن دنيا جون طبعي شيون غير حقيقي يا نقل آهن ۽ ان جي مقابلي ۾ اعيان دائمي ۽ آدرشي آهن. انهيءَ لحاظ سان ميز جو عمومي تصور دائمي آهي. بلڪ شين جو وجود انهن بنيادي عمومي تصورات جي ڪارڻ آهي. خدا ۽ خير جو تصور ٻين سڀني تصورات جو ڄڻ ته نطقئه ڪمال آهي.

بهرحال افلاطون فلسفي جي دنيا ۾ ماديت پسند (Materialism) فلسفي جي مقابلي ۾ آدرشيت يا عينيت (Idealism) جو وڏي ۾ وڏو نمائندو آهي. افلاطون جي مستقل تصنيف سندس مڪالمات (Dialogues) آهن جيڪي ڪيترن عنوانن تي مشتمل آهن.

(3)           ڪانٽ Kant (1724-1804)

جرمنيءَ جو هيءُ عظيم فيلسوف ڪانسبرگ يونيورسٽي ۾ استاد هو. هن سڄي عمر پڙهڻ پڙهائڻ ۾ صرف ڪئي، ايتريقدر جو شادي به نه ڪيائين. آخرڪار ستونجاهه سالن جي عمر  ۾ پندرهن سالن جي سخت محنت کان پوءِ  1781ع ۾ ”خالص عقل جي ڇنڊ-ڇاڻ“ (Critique of pure reason) لکي وڏي شهرت حاصل ڪيائين. هن ڪتاب ۾ هن چڱي ريت عقل جي اصليت اهميت ۽ ڪردار کي کولي بيان ڪيو. هن انهيءَ بنيادي سوال کي کنيو، ته انسان جو عقل ڇا ڄاڻي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح اسان کي جيڪو علم حاصل ٿئي ٿو، ان جي نوعيت ڇا آهي، هن جو چوڻ آهي ته اسان جو ذهن محض خالي ڦرهي (Tabula rasa) ناهي ۽ نه وري احساسات پنهنجو پاڻ علم جي صورت اختيار ڪن ٿا؛ بلڪ انهن کي علم ۾ بدلائڻ جو ڪم انسان جو ذهن سرانجام ڏئي ٿو. البت اسان جو ذهن ڪن حدبندين تحت ڪم ڪري ٿو، جنهنڪري اسان جي ڄاڻ به هڪ خاص قسم جي آهي، هن واضح ڪيو ته اسان جي ڄاڻ شيءِ جي ظاهري پهلو يعني مظهر تائين محدود آهي ۽ ان جي اصليت تائين رسائي ناممڪن آهي، هڪ لحاظ کان اهو ئي سبب آهي جو ڪانٽ جي فلسفي کي مظهريت ڪوٺيو وڃي ٿو.

ڪانٽ جو اصل ڪارنامو هيءُ آهي ته هن پاڻ کان اڳ وارن فيلسوفن، خاص ڪري انگريز فيلسوفن لاڪ ۽ هيوم، جن حواسن يا تجربي کي علم جو واحد ماخذ ۽ ذريعو قرار ڏيئي، هڪ تمام وڏو مونجهارو پيدا ڪري ڇڏيو هو، تنهن کي اچي حل ڪيو ۽ وچ تي هڪ ترڪيبي نظريو ڏنو، ڇو ته پهرئين نظريي مطابق حقيقت محض حسيات يعني حواسن ذريعي معلوم ڪري سگهجي ٿي. هوڏانهن عقليت جي روءِ سان حواس لازمي طور صحيح ڄاڻ نه ٿا ڏين. ظاهر آهي ته اهي ٻئي نظريا انتها پسند لڳن ٿا. ڪانٽ انهن ٻنهي کي ملائي وچون رستو اختيار ڪيو، جنهن مطابق ذهن، حواسن ذريعي مليل مواد کي علم جي صورت ڏئي ٿو.

انهيءَ هوندي به علم ظاهري دنيا (Phenomenal world) تائين محدود ٿئي ٿو ۽ شين جي حقيقي دنيا (Naumenal World) تائين جي رسائي ناممڪن آهي.

اخلاقيات جي مفڪر جي حيثيت ۾ ڪانٽ فرض جو تصور ڏنو، هو چوي ٿو ته اسان جو هر عمل اهڙو هجڻ کپي، جنهن ۾ آفاقيت هجي يعني توهان اُهو چاهيو جيڪو ٻيا به ڪن، اخلاقي عمل جو جواز هر سماج جي بهتريءَ کي قرار ڏئي ٿو ”عملي عقل تي تنقيد“ (Critique of practical reason) ۾ هن آزادي، اخلاقي چڱائي ۽ ذات جي فاني هجڻ جي باري ۾ نهايت پراثر دليل ڏنا آهن.

بهرحال فلسفي جي دنيا ۾ ڪانٽ کي افلاطون کان پوءِ آدرشيت جو ٻيو عظيم نمائندو قرار ڏنو ويو آهي. ان هوندي به سندس فلسفو انتها پسند آدرشيت کان ان ڪري بهتر آهي جو هو محض ذهن کي حقيقي قرار نٿو ڏئي بلڪ هو ان کان اڳتي پڻ وڌي ٿو.

(4)              ارسطو (قبل مسيح 322-384 (Aristotle

ارسطو مقدونيه جي شهر سٽاگرا ۾ پيدا ٿيو. هن جو پيءُ طبيب هو، ارڙهن سالن جي عمر ۾ هو اٿينس آيو. ويهن سالن تائين افلاطون جي صبحت ۾ رهيو ۽ کانئس گهڻو ڪجهه پرايائين.

ارسطو جي جامع شخصيت ادب، فنونِ لطيفه، سائنس، منطق ۽ فلسفي تي نهايت دور رس اثرات مرتب ڪيا آهن. هو فلسفي جي عظيم استاد افلاطون جو بيشڪ عظيم شاگرد هو، اهڙي طرح کيس وري فاتحِ عالمِ سڪندر اعظم جي استاد هئڻ جو شرف پڻ حاصل آهي.

هو پنهنجي فلسفي جو آغاز افلاطون جي نظرين تي تنقيد سان ڪري ٿو. ارسطو هن ڪائنات کي ازلي ۽ ابدي تسليم ڪري ٿو، کيس هن ڪائنات ۾ عظيم مقصد ڪارفرما نظر اچي ٿو. ساڳئي وقت هو ڪائنات جي ازلي محرڪ جو آخري حقيقت خير يعني نيڪي آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ ضروري آهي. هو روح کي پڻ حقيقت قرار ڏئي ٿو. ليڪن هو ان کي جسم لاءِ هيئت (Form) جو درجو ڏئي ٿو ۽ ان کي جسم لاءِ مقصد ۽ تڪميل جو ڪارڻ سمجهي ٿو، جسم سان روح جو تعلق اهڙو آهي، جيئن نظر جو اک سان! هتي اهو ٻڌائڻ مناسب آهي ته ارسطو سڀني فاني شين جا ٻه اجزا ڄاڻائي ٿو. اول مادو ۽ ٻيو صورت يا قبول ڪرڻ جي صلاحيت آهي ۽ صورت جي ڪري ئي اسين ان شيءِ کي ڪنهن قسم يا نوع (Genus)  سان منسوب ڪندا آهيون، ارسطوءَ جي ان تعريف مطابق اسان کي مادو ڪڏهن به ملي نه سگهندو، ڇو ته صورت کانسواءِ اهو لا شيءِ ٿي پوندو. ان لحاظ کان هو خدا کي محض صورت (Form) ڪوٺي ٿو ۽ مادي کان پاڪ سمجهي ٿو.

اهو ارسطو ئي هو، جنهن فلسفي جي دنيا ۾ مابعدالطبعيات (Metaphycis) جو اصطلاح وضع ڪيو ۽ جنهن مان هن جو مطلب هو ته اهي مضمون يا ڳالهيون طبعيات جي دائري کان ٻاهر آهن، جهڙوڪ: ذهن، نفس، روح، خدا وغيره، اسان کانسواءِ اهڙا سوال ته مادي ۽ ذهن ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟ ڇا انسان آزاد ۽ خودمختيار آهي؟ ڇا خدا جو وجود آهي وغيره. انهن کي ارسطو ئي پهريون دفعو مابعد الطبعيات جي عنوان هيٺ بحث هيٺ آندو.

ارسطوءَ عليت (Casualty) جي تصور تي به نهايت تفصيلي غور فڪر ڪيو ۽ هن علت جا چار قسم ڄاڻايا:

(1) علت مادي Material Cause

(2) علت فاعلي Efficient Cause

(3)  علت صوري Formal Cause

(4) علت غائي Final Cause

خدا کي هو علت غائي سمجهي ٿو.

ڏٺو وڃي تو چين دؤر (Middle age) ۾ ارسطوءَ جي منطق ۽ فڪر مسلمان مفڪرن جهڙوڪ: ابن سينا ۽ ابن رشد وغيره کي ڪافي متاثر ڪيو. پر هنن ارسطوءَ جي فڪر ۾ گهڻا سڌارا ۽ واڌارا پڻ ڪيا.

ارسطوءَ کي مستقل تصنيفات ۾ شعريات (Poetics) سياست (Politics) ۽ اخلاقيات (Ethics) خاص ڪري ذڪر قابل آهن. ان کانسواءِ طبعيات، حياتيات، مابعدالطبعيات، منطق تقرير تي سندس مختصر رسالا موجود آهن.

(5) هيل  (1831-1770ع Hege)

جرمن فيلسوف هيگل ان لحاظ کان نهايت معتبر هستي آهي ته هن پوري فلسفي جي سڄي تاريخ ۾ ڪائنات جي هڪ نئين تعبير ڪئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته ڪائنات جي هر شيءِ جو وجود تناقض يا ضد تي منحصر آهي. هستي خود متناقض آهي. اهو هيئن ته ڪائنات ۾ هر دعوى يا اثبات (Thesis) جي مقابلي ۾ جواب دعوى يا نفي (Abtithesies) آهي ۽ انهن جي باهمي ترڪيب يا ميلاپ (Synthesis) سان نئون وجود جنم وٺي ٿو. هيگل جي فلسفي کي مطلق آدرشيت (Adsolute ldealism) جو نالو ڏنو ويو آهي، ڇو ته هو حقيقت کي معقول ۽ معقول کي حقيقي قرار ڏئي ٿو. هو حقيقت کي هڪ روحاني ڪل جي حيثيت ۾ تسليم ڪري ٿو، جنهن ۾ نفسي خواه غير نفسي ٻئي پهلو شامل آهن. هو اثبات ۽ نفيءَ جي هڪ هنڌ هجڻ جو قائل آهي، جنهن مان آخري ڪُل (Syntheis) وجود ۾ اچي ٿو. هن جي نظر ۾ سموري ڪائنات جي ترڪيب ۽ ترتيب اهڙي آهي.

هيگل جي فلسفي جا نهايت دور رس اثرات مرتب ٿيا. هڪ طرف عينيت جا پوئلڳ مطلق آدرشيت ۾ ويساهه رکن ٿا، ٻئي طرف مارڪس جهڙا ڪٽر ماديت پرست سندس فڪر مان استفادو ڪن ٿا. مارڪس پنهنجي جدلياتي ماديت (Dialectical Materialism) جي عمارت هيگل جي انهيءَ تضاد واري فڪر تي کڙي ڪئي آهي.

(6) شوپنهار جي زندگيءَ ۽ فڪر بابت مختصر وضاحت اسان پهرين تقرير جي فوٽ نوٽ نمبر (4) ۾ ڪري چڪا آهيون.

(7) نٽشي بابت مختصر وضاحت پڻ پهرين تقرير جي فوٽ نوٽ نمبر (2) تحت ڏنل آهي.

(8) جان لاڪ (1704-1632ع John Locke)

انگريز فلسفي لاڪ پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر هو. کيس تجربيت پسند (Empiricims) جي نظريي جو باني ڪوٺيو وڃي ٿو. هن عقليت پسند فلسفي تي تنقيد جو آغاز انهيءَ ڳالهه سان ڪيو ته اسان جي علم جو بنياد ذهن ۽ عقل نه؛ پر اسان جو تجربو يعني حواس آهن. اسان جو ذهن هڪ اهڙي سفيد ڪاغذ وانگر آهي، جنهن تي ڪنهن به قسم جي ليڪ موجود نه آهي. انهيءَ ڪري جيستائين ٻاهرين دنيا بابت ڄاڻ جو تعلق آهي ته حواسن کي بنيادي اهميت حاصل آهي. تنهن کان پوءِ سوچ يا فڪر (Reflection) اچي ٿو جيڪو پڻ انهن حسي تجربن جي نتيجي ۾ اسان جي ذهن اندر پيدا ٿئي ٿو. لاڪ مادي جي خاصيتن کي ٻن قسمن ۾ ورهايو آهي؛ هڪڙيون بنيادي ٻيون ثانوي، بنيادي خاصيتون اهي آهن جيڪي شيءِ سان سڌو سنئون واسطو رکن ٿيون جهڙوڪ: سيءَ جو مقدار، حرڪت ۽ صورت وغيره. اهڙيءَ طرح رنگ، بوءِ، ذائقو وغيره ثانوي خاصيتون آهن ڇو ته انهن جو دارومدار ٻين حالتن جهڙوڪ: روشني وغيره کان علاوه انسان جي پنهنجي ذهن تي منحصر آهي.

لاڪ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته بنيادي خاصيتون خارجي يا معروضي آهن ۽ اهي غير متنوع ۽ شيءِ جو لازمي حصو آهن. جڏهن ته ثانوي خاصيتون رنگ ۽ آواز وغيره متنوع آهن ۽ انهن کي شيءِ کان عليحده ڪري سگهجي ٿو ۽ ان ڪري اهي موضوعي يا داخلي آهن. آخر ۾ لاڪ اهو نتيجو قائم ڪري ٿو، ته علم جو ذريعو صرف اسان جا حواس آهن.

لاڪ فلسفي کان علاوه سياسيات ۽ ان جي نظرين ۽ تعليم تي واهه جو لکيو ۽ انهن علمن ۾ پڻ بنيادي اهميت وارا نظريا پيش ڪيا.

هڪ لحاظ کان ڏٺو وڃي، ته سترهين صديءَ ۾ تجربيت جو آغاز سائنس جي اثرات جو پڙاڏو آهي. اهو ئي دؤر هو جڏهن انگلينڊ ۾ فرانسس بيڪن جهڙو شخص ان جي ابتدا ڪري چڪو هو. ان کانسواءِ ان وقت انگلينڊ تجارتي ۽ صنعتي لحاظ کان تمام گهڻي ترقي ڪري رهيو هو. هتي هيءَ ڳالهه به ذڪر قابل آهي ته اهو نظريو مڪمل طور تي انگلينڊ جي پيداوار آهي.

(9) هيوم  (1776-1711ع Hume)

هيوم جو شمار پڻ تجربيت پسند فيلسوفن ۾ ٿئي ٿو، ليڪن هولاڪ واري استدلال کي اڳتي وڌائيندي نظريئه علت  (Causalty)س جو انڪار ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته بيشڪ ڪجهه واقعا هڪٻئي کان پوءِ واقع ٿين ٿا؛ پر انهن جي درميان علت ۽ معلول جو رشتو هجڻ لازمي ڪونهي. اها عام مشاهدي کانپوءِ اسان جي ذحن جي هڪ قسم جي عادت آهي. اهڙيءَ طرح هيوم عليت (Causation) جي تصور جا، جيڪو فلسفي ۽ سائنس جو بنيادي پٿر ليکيو ويندو، لاهه ڪڍي ڇڏيا.

هيوم کانپوءِ ڪانٽ عليت جي تصور کي انساني ذهن جي مقولات يا سانچي سان تعبير ڪيو. ٻين لفظن ۾ علت جو تصور تجربي جي پيداوار نه هو، بلڪ اهو اسان جي ذهن جو آفاقي اصول آهي.

(10) برڪلي (Berkly1685-1753)

بشپ برڪلي آئرلينڊ جو رهاڪو هو. هن پنهنجي فلسفي جو آغاز لاڪ جي نظرين تي تنقيد سان ڪيو. هن جو چوڻ و ته جيڪڏهن تجربو اسان جي علم جو بنياد آهي ته پوءِ ان جو مطلب ٿيندو “Tobeis to be perceived” يعني ڪنهن شيءِ جي وجود جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته اسان کي ان جو ادراڪ ٿي رهيو آهي يا نه. ٻين لفظن ۾ هن اهو چوڻ ٿي چاهيو ته مادي جو مدا ڪو وجود ڪونهي ۽ مادو اسان جي شعور يا ذهن جو مرهون مِنت آهي.

تاهم برڪلي شين جي الڳ وجود جو انڪار ڪونه ڪيو آهي، هڪ لحاظ کان هو شين جي وجود جو قائل آهي، ليڪن انهن جي مادي وجود کي نٿو مڃي، هو صاف صاف چوي ٿو ته انهن جي وجود جو دارومدار اسان جي ذهن يا شعور تي آهي. يعني جيستائين ڪو ذهن شيءِ جو ادراڪ ڪري رهيو آهي تيستائين اهي شيون موجود آهن، ليڪن پوءِ سوال پيدا ٿو ٿئي ته جيڪڏهن ڪنهن ڪمري ۾ ماڻهو موجود نه آهي ته ڇا ان ڪمري ۾ رکيل سڀ شيون غائب ٿي وينديون. ان جي جواب ۾ برڪلي جو چوڻ آهي ته خدا جي ذهن ۽ مادي جو وجود قائم رهي ٿو، تنهنڪري اهي مادي شيون اتي موجود آهن، مطلب ته اهڙيءَ طرح برڪلي ماديت جي پنهنجي ليکي وجود واري تصور کي رد ڪري موضوعي تصوريت يا داخلي آدرشيت (Subjective idealism) جو بنياد رکي ٿو.

(11) ڪارلائل (1881-1795ع Carlyle)

ٿامس ڪارلائل اسڪاٽلينڊ جو رهاڪو هو. هن ايڊنبرا يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي. هو بنيادي طور تي فيلسوف کان وڌيڪ اديب ۽ دانشور هو. جرمن ادب ۽ فلسفي سان کيس خاص شغف هو ۽ گوئٽي جي ڪلام جو مٿس وڏو اثر هو. ازانسواءِ گوئٽيءَ سان سندس خط و ڪتابت پڻ هئي، زندگيءَ جي شروعاتي دؤر ۾ هو شديد بي اطميناني ۽ روحاني ڪرب مان گذريو هو. ايتريقدر جو چيو وڃي ٿو ته آخر ازغيبي روشنيءَ اچي سندس واهر ڪئي هئي. سندس پهرين مشهور تصنفيف (Sartor Resartus) آهي جنهن ۾ هن مشهور جرمن فلسفي وهلم مائٽر جي سوانح ۽ خيالات پيش ڪيا آهن. 1834ع ۾ هو لنڊن آيو ۽ زندگيءَ جا باقي ڏهاڙا اتي گذاريائين. 1837ع ۾ سندس ٻيو ڪتاب ”فرينچ انقلاب“ منظر عام تي آيو، جنهن سندس نالي جي هر هنڌ هاڪ ڪڍرائي ڇڏي. 1841ع ۾ هن (On Heroes and Hero Worshship) جي موضوع تي ليڪچر ڏنا، جن سندس علمي شهرت کي وڌيڪ اضافو ڪيو، انهيءَ ڪتاب ۾ هن پنهنجو فلسفئه تاريخ ۽ زندگيءَ بابت نظريو دنيا جي عظيم رهبرن ۽ مصلحن جي حوالي سان واضح ڪيو آهي. هڪ ليڪچر ۾ هن پيغمبر اسلام کي پڻ شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.

ڪارلائل جي آخري اهم تصنيف Past and Present آهي جنهن ۾ هو تاريخ جي فلسفي کي جديد اقتصادي حالتن تي منطبق ڪرڻ گهري ٿو ۽ اسان کي هڪ قسم جي روحاني اشتراڪيت جو تصور ڏئي ٿو. هو هڪ اهڙي نظام جي وڪالت ڪندي نظر اچي ٿو، جيڪو فرد جي روحاني حقن کي مڃي ۽ انهن جو تحفظ پڻ ڪري.

(12) رابرٽ بريفالٽ (1948-1876ع Robert Briffault)

انگريز ماهر علم الانسان (Anthropologist) فيلسوف، مؤرخ ۽ ناول نگار پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر هو. هن پنهنجي پريڪٽس جو آغاز نيوزيلينڊ ۾ 1894ع ۾ ڪيو. پهرين عالمگير جنگ ۾ مختلف محاذن تي رهڻ کانپوءِ واپس انگلينڊ آيو، جتي ڊاڪٽريءَ کي ڇڏي عمرانيات ۽ سماجيات جي موضوع تي لکڻ لڳو.

1919ع ۾ هن انسانيت جي اوسر The Making of Humanity)  نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن نهايت کلي دل سان يورپ ۾ سائنس جي نشو و نما تي اسلامي تهذيب جي اثرات کي واضح ڪيو. هن جي نظر ۾ يورپ ۾ جديد سائنس جو وجود اندلس جي عربن جو مرهون منت آهي.

(13) اپنشد (Upanished):

هندن جي مذهبي ڪتابن ويدن جي آخري ڀاڱن کي اهو نالو ڏنو ويو آهي ۽ انهن جو تعداد ڏيڍ سؤ کن آهي. ستين صدي عيسوي جي مشهور هندو مفڪر شنڪر آچاريه ۽ يارهين صديءَ جي رامانج ۽ رامانند اپنشدن تي نهايت اعلى پائي جون شرحون لکيو. اپنشدن جو فلسفو گهڻي ڀاڱي داخلي ۽ باطني نوعيت جو آهي. ان کانسواءِ قديم ويدن جي گهڻين هستين جي برخلاف، اپنشدن ۾ هڪ هستي برهما (Brahma) ۽ آتما جو ذڪر ملي ٿو. هڪ اندازي موجب اپنشد ڇهه سؤ کان ست سؤ سال قبل مسيح ڌاري تصنيف ڪيا ويا. ويدن جي آخر يا انت ۾ اچڻ جي ڪري انهن جي تعليمات کي ”ويدانت“ جو نالو به ڏنو ويو آهي. ويدن موجب انسان جو عمل يا ڪرم وڏي اهميت رکي ٿو. پر اپنشدن جو سارو زور فڪر ۽ سوچ تي آهي.

سترهين صديءَ ۾ داراشڪوه پنجاهه اپنشدن جو ترجمو فارسيءَ ۾ ڪرايو، ارڙهين صديءَ جي آخري ۾ انهن جو لاطيني ۾ ترجمو ٿيو، جيڪو 1801ع ۾ ڇپيو، مشهور فلسفي شوپنهار جڏهن اهو ترجمو پڙهيو، ته هو اپنشدن جي تعليمات کان ازحد متاثر ٿيو.

(14) سوفطائي (Sophists):

لغوي معنى ڏاهو، قديم يونان جا اهي عالم جيڪي هڪ هنڌ ويهي تعليم ڏيڻ جي بجاءِ شهر شهر گهمندا هلندا وتندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح تعليم ڏيڻ جا ڏوڪڙ  وصول ڪندا هئا، بنيادي طور هو فيلسوف نه، بلڪ استدلال جا ماهر هئا.

(15) آگسٽ ڪومٽي (1857-1798ع August Comte)

فرانس جي سرزمين گهڻي عرصي کانپوءِ هن جهڙو فلسفي پيدا ڪيو. 1830 کان 1842ع جي عرصي ۾ اثباتي فلسفي (Positive Philosophy) پنج جلد لکي پورا ڪيا ۽ اهڙيءَ طرح وري 1851ع کان پوءِ ٽن سالن جي اندر هن ”اثباتي سياست“ (Positive Polity) جا ٽي جلد تيار ڪري ورتا.

ڪومٽي جو اهو ڪمال آهي جو هن پنهنجي انگريز همعصر هربرٽ اسپينسر وانگر ”عمرانيات“ جو بنياد وڌو. هن جي اها ڪوشش هئي ته هو ان جا سائنسي بنياد تلاش ڪري وٺي ته جيئن ان کي هڪ مڪمل سائنس ۾ شمار ڪري سگهجي. هن جي نظر ۾ موجوده سائنسي علوم جي ترتيب ڪجهه هن ريت ٿيڻ کپي؛ راضي، فلڪيات، طبعيات، ڪيميا، حياتيات ۽ عمرانيات. هن ترتيب مان کيس اهو ڏيکارڻ مقصود هو ته هر پوئين سائنس جو مدار پاڻ کان اڳ واري سائنس تي آهي.

تاريخي لحاظ کان ڏسجي ته سائنس جي اوسر گهڻو ڪري ان نموني ۾ ٿي آهي. يعني سڀ کان پهريائين رياضي، پوءِ فلڪيات، پوءِ طبعيات وغيره، تان جو اڄ اسان سماج جي سائنس (Sociology) کي سمجهڻ جهڙا ٿيا آهيون.

ان لحاظ کان عمرانيات يا سماجيات سڀني سائنسي علمن جو سر موڙ آهي ۽ عمرانيات جو مواد انهن سائنسي علمن مان ملي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح ڪومٽي جو خيال آهي ته فلسفو سائنس کان ڪا الڳ ۽ ڌار شيءِ ڪونهي، بلڪ اهو انهن ئي سائنسي علمن جي اتحاد ۽ سهڪار منجهان پيدا ٿئي ٿو ۽ ٿيڻ کپي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com