سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب:

صفحو :4

ايترو چئي ڄامڙو سپاهي کان موڪلائي ڪنهن طرف ويندي ويندي غائب ٿي ويو. جڏهن ٻئي سپاهي جي جاڳڻ جو وارو آيو ته پهريون سپاهي پنهنجي دوست کي جاڳائي پهري تي ويهاري، پاڻ  کٿو مٿان وجهي سمهي رهيو. ٻئي نمبر سپاهي اڃا باهه مچائي بس ڪئي ته ان جي روشني ۾ هن ڏٺو ته هڪ ڄامڙو سئيٽر پايو روشنيءَ طرف وڌي رهيو آهي، ته هن به ٻه قدم اڳتي وڌي وڏي آبروءَ سان کيس سلام ڪيو ۽ باهه جي مچ تي ويهي جسم سيڪڻ جي صلاح ڪئي.

ڄامڙي باهه تي ويهڻ بعد سپاهيءَ کان اهي ئي سوال ڪيا، جيڪي هن پهرئين سپاهي کي ڪيا هئا. هن دفعي واري سپاهي به محبت وچان سڀني سوالن جا جواب ڏاڍا سٺا وڻندڙ ڏنا. سپاهيءَ جو ايترو اخلاق ڏسي، وڃڻ وقت کيس هڪ چمڙي جي ٿيلهي ڪڍي ڏني ۽ چيائينس ته ”هيءَ ٿيلهي هميشه سونين اشرفين سان ڀريل رهندي آهي، توهان هن مان جيتريون به سونيون اشرفيون خرچ ڪندو، ٿيلهي سدائين ڀريل ئي ڀريل رهندي.“ ائين چئي هيءُ به آخر هٿ سيڪي ويندو رهيو.

جڏهن ٽئين ۽ آخري سپاهي جي پهر ي جو وارو آيو  ته ٻئي نمبر سپاهي پنهنجي دوست کي جاڳائي پهري تي ويهاريو ۽ پاڻ ٿيلهي بغل ۾ ڪري کَٿو وجهي سمهي رهيو.

ٽيون سپاهي به پاڻ کي ذهني طور تيار رکڻ لاءِ جئين ئي مچ ۾ پيل ڪاٺين کي سوري اڳتي ڪيو ۽ باهه جو مچ ڪجهه مٿي ٿيو ته ان جي روشني ۾ ڏٺائين ته ڪو ڳاڙهو سئيٽر پايو هن طرف اچي رهيو آهي، آخري سپاهي به ايندڙ جو باقاعده عزت ڀريو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ وڏي خوشي سان مچ تي ويهڻ جي صلاح ڪئي، ڄامڙو مچ تي ويهندي ئي هن کان وري به اهي ساڳيا سوال ڪري ورتا، جيڪي هن کان اڳ ۾ سندس ٻن دوستن کان ڪيا ويا هئا. جڏهن هن به کيس اطمينان جوڳا جواب ڏنا ته خوش ٿيندي هڪ بانسري ڪڍي ۽ کيس ڏيندي چيائين  ”بانسري وڄائڻ سان جيڪو ماڻهو هن جو آواز ٻڌندو اهو تنهنجي پويان لڳي پوندو، جيستائين تون بانسري وڄائيندو رهندين، تيستائين ماڻهن جا تووٽ ميڙا لڳا پيا هوندا، بانسري وڄندي رهندي ماڻهو نچندا رهندا“

اها ڳالهه ڪري ڄامڙو ويندو رهيو ٿوري دير کان پوءِ صبح ٿي ويو، هيءَ ٽيئي دوست مڙي اچي باهه جي مچ تي ويٺا. هر هڪ رات جو جاڳڻ وقت ڄامڙي سان ملاقات جو دوستن سان ذڪر ڪيو.

ٽيئي ڄڻا هڪ ٻئي جون ڳالهيون ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيا، گهڻي ويچار کان پوءِ فيصلو ڪيائون ته اول اول ته  ٿيلهي کي آزمائي ڏسون، جو ٿيلهي جي وسيلي وڏي دولت ملندي رهندي ۽ پوري دنيا جي  سير سفر ڪري ڏکين ڏينهن جو ڪسرون ته ڪڍون جون غربت واري دور ۾ بکون ڪڍي ڪڍي مرڻ جهڙا ٿي ويا هئاسون، هنن ٽنهي دوستن ۾ بي انتها محبت هئي، ويتر ئي جنگ دوران گڏ جيئڻ مرڻ جا واعدا به ڪيا هئائون، ان ڪري ٽيئي ڄڻا گڏ گهمندا رهيا ۽ ٿيلهي کين سونيون اشرفيون پيدا ڪندي ڏيندي رهي.

 جڏهن خوب گهمي ڦري ٿڪا ته پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته هاڻي ساري عمر گهمندا ڦرندا ته ڪونه وتنداسون، ڪوئي گهر به هجي جتي آرام به ڪرڻ گهرجي ۽ باقي زندگي سڪون سان گذاريون. اهڙو ٺاهه ٺاهي، پهريئن سپاهي کي چيائون ته ”بابا هاڻي تون پنهنجي واچ کان ڪم وَٺ ته باقي ڏينهن مزي جا گذرن.“

پهرئين سپاهي واچ ڪلهي تي رکي، بهترين گهر جي خواهش ڪئي، ته اک ڇنڀ ۾ هڪ عاليشان محلات سندن بيٺي بيٺي ٺهي ويو، جنهن ۾ چوطرف بهترين باغ ۽ ڦوهارا به لڳي ويا.

محلات جي ٻاهران ٻڪرين جا ڌڻ ڌار به رڍن جا ڌڻ ڌار جمع ٿي ويا، ان کان علاوه عمده قسم جي ڳئن جو کير موجود ٿي ويو، نه صرف ايترو، پر محلات واري طنبيلي ۾ عمده قسم جا ٽي عربي گهوڙا به سندن سوراي لاءِ ميسر ٿي ويا. هي ٽيئي دوست اهو سڀ ڪجهه ڏسي خوش ٿيا ۽ خادمن کي چيائون ته اڄ اسان گهوڙن تي چڙهي گهمنداسون ان ڪري گهوڙا جلد ئي تيار ٿي ويا؟ گهوڙن پنهنجو رخ سامهون واري بادشاهه جي شهر طرف ڪري ڇڏيو، گهوڙا ڏاڍا ڀلا هئا ، ان ڪري بادشاهه جي شهر تائين پهچڻ ۾ کين دير ئي ڪانه لڳي. هنن جا گهوڙا هلي رهيا هئا ته شهر جو بادشاهه به ڪنهن ڪم سانگي، ٻاهر نڪتل هو جڏهن ٽنهي دوستن جا گهوڙا شاهي گهوڙن جي سامهون آيا ته بادشاهه هنن ٽنهي گهوڙن ۽ سوارن جي سونهن، سجاوٽ ۽ ٺاٺ باٺ ڏسي عبرت ۾ پئجي ويو ۽ چوڻ لڳو ته ههڙا مالدار ماڻهو به هن دنيا ۾ پيا آهن. جيڪڏهن واقعي هيءُ ايڏا امير آهن ، ته پنهنجي وڏ ور ڌيءَ انهن مان هڪ کي ڇو نه پرڻائي ڏيان، اهو سوچي ڪر ي بادشاهه هنن ٽنهين دوستن جي پاڻ وٽ دعوت ڪئي ۽ کين تمام گهڻو مان ۽ مرتبو ڏنو. ايستائين جو پنهنجي نياڻيءَ کي به اجازت ڏئي ڇڏيائين، ته هنن ٽنهين اميرن مان جنهن کي تنهنجي دل پسند ڪري ته ان سان بي حجاب ٿي ڳالهاءِ ٻولهاءِ ۽ گُهم ڦر.

بادشاهه جي ڌيءَ کي ٻيو نمبر سپاهي وڻي ويو، دعوت دوران گهمندي ڦرندي شهزاديءَ ڄاڻي ورتو  هو ته هن وٽ ڪا شيءَ آهي، جنهن کي ساهه کان به وڌيڪ سانڍيو ٿو وتي.

شهزادي به وڏي چالاڪ هئي، تنهن وجهه وٺي اهو پڇي ورتس ته آخر انهي ٿيلهي ۾ ڪهڙي خاص صفت آهي جو ان جي سنڀال کان هڪ پل به واندو ڪونه ٿو رهين. سپاهي جيڪو اڻ پڙهيو ۽ عقل جوماريو هو، تنهن شهزاديءَ سان پيرائتي ڳالهه ڪري وڃي ٿيلهي جي حفاظت تي بيٺو، سپاهي جي سموري ڳالهه ٻڌي، شهزادي دل ۾ پڪو ارادو ڪيو ته ان  بيوقوف ماڻهوءَ کان اها ٿيلهي ڦٻائڻي آهي. ان ڪري ڇا ڪيائين جو سپاهي جي ٿيلهيءَ جهڙي خوبصورت نقلي ٿيلهي ٺهرائي ورتي ۽ قاصد هٿان سپاهيءَ ڏانهن چوائي موڪليو ته آءُ توسان ملڻ لاءِ بيتاب آهيان رات واري مانيءَ جي ٽائيم تي توهان مون وٽ اچو ته گڏجي کائون پيئون ۽ ڪچهريون به ڪريون.

شهزاديءَ کي پڪ هئي ته جڏهن کائي پي سپاهي شراب ۾ مست ٿي ننڍ ڪندو ته آءٌ اِها ٿيلهي مٽائي وٺنديس.

هواڏنهن سپاهي کي جڏهن شهزادي جو نياپو مليو ته هن کاڌي جي ٽائيم جو به انتظار نه ڪيو ۽ اڳ ۾ اچي شهزادي وٽ پهتو، شهزادي جڏهن ڏسي وائسي پڪ ڪئي ته بيوقوف سان اصلي ٿيلهي ساڻ آهي، تڏهن هن کي خوب کارايائين پياريائين ۽ اڃا به پاگل بڻائڻ لاءِ حد کان وڌيڪ پيار ڪيائين.

کائيندي پيئندي، ڳالهائيندي ٻولهائيندي جڏهن شهزادي ڏٺو ته سپاهي شراب جي نشي ۾ الوٽ ٿي ويو آهي، ته اٽڪل سان سندس ڪوٽ واري کيسي مان اصلي ٿيلهي ڪڍي نقلي ٿيلهي سندس کيسي ۾ وجهي ڇڏي.

رات گذري جڏهن ڏينهن ٿيو ته هنن دوستن کي ڪجهه رقم جي ضرورت محسوس ٿي ته هنن گڏجي ٿيلهي کي کوليو، مگر ٿيلهي ته نقلي هئي اُن ۾ ته ڪجهه به نه هو، ٽيئي دوست ڏاڍا پريشان ٿيا ته هاڻي ڇا ٿيندو؟ ڪجهه ويچار کان پوءِ ٿيلهي واري سپاهي اها ڳجهارت ڀڃي ورتي ته رات شهزادي مون کي ماني جي دعوت ڏني هئي، جنهن ۾ هن مون کي حد کان وڌيڪ شراب پياريو هو، شراب جي مدهوشيءَ ۾ هن ڌوڪو ڪري منهنجي اصلي ٿيلهي ڪڍي ورتي آهي ۽ نقلي ٿيلهي منهنجي مٿي ۾ هنئي آهي، ائين چئي وٺي زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو، جنهن تي پهريئن نمبر سپاهي چيس ”رڙِيون نه ڪر، صرف اهو سچي ڇڏ ته آئنده اهڙي غلطي هرگز نه ڪندس باقي ٿيلهي سان آءٌ تو کي آڻي ٿو ڏيان“ اهو چئي هن پنهنجي واچ ڪلهي تي رکي خواهش ڪئي ته شهزادي جي ڪمري ۾ پهچي وڃان، هن خواهش مس ڪئي ته پاڻ کي شهزادي جي ڪمري ۾ ڏٺائين ۽ اتي ڏٺائين ته واقعي اصلي ٿيلهي شهزاديءَ جي بستري تي پئي آهي ۽ چوڌاري سونين اشرفين جا ڍير لڳا پيا آهن، اڃا هيءُ سوچي ئي رهيو هو ته ٿيلهي ڪئين کڻان ته شهزادي جي نظر مٿس پئجي وئي ۽ ٿيلهي کڻي بغل ۾ ڪري زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي ته  چور، چور پڪڙيو چور.

شهزادي جي دانهن تي چئني طرفن کان چوڪيدار ڦري آيا، سپاهيءَ کي تڙتڪڙ ۾ اها ڳالهه وسري وئي ته ڪوئي پنهنجي واچ کي چوان ته مون کي هتان ٻار ڪڍ. بس هن نه ڪئي هم نه ڪئي تم وٺي ٿو دريءَ مان ٽپو ڏئي، سو پاڻ ته دريءَ مان ٽپي نڪري ويو پر سندس واچ ٽپو ڏيڻ مهل دريءَ وٽ ڪري پئي، شهزاديءَ جو ڏٺو ته هيءَ واچ به ٿيلهيءَ کان گهٽ اهميت واري ڪانه هوندي، تنهن واچ کي سنڀاليندي خادمن ۽ چوڪيدارن کي چيو ته خير آهي، خير آهي، مون کي گمان ٿيو ته ڪوئي منهنجي ڪمري ۾ موجود آهي. پر پوءِ مون محسوس ڪيو ته ڪوبه غير ماڻهو ڪو به هو. صرف منهنجو وهم هو جنهن مون کان رڙيون ڪڍرايون، هوڏانهن پهرين نمبر سپاهي به جان بچائي اچي گهر پهتو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو ته  ڀائرو آءٌ به لٽجي ويس، برباد ٿي ويس، منهنجي ڪرامت واري واچ بادشاهه جي ڌيءَ واري ڪمري ۾ رهجي وئي آءٌ ٺلهو جان بچائي توهان وٽ پهتو آهيان، جنهن تي ٽئين نمبر سپاهي هنن کي دلجاءِ ڏيندي چيوته توهان پرواهه نه ڪيو توهان جو کسيل سامان آءٌ توهان کي واپس ڪرائي ٿو ڏيان پر اول توهان پاڻ واعدو ڪيو ته آئينده اهڙي غلطي هر گز نه ڪندا.

پوءِ ٽئين نمبر سپاهي پنهنجي بانسري کنئين پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪري، هڪ وڏي دردناڪ ڌُن وڄائڻ لڳو پوءِ جتي جتي بانسري جو آواز پهتو اتان جا ماڻهو پيادا توڙي سوار وٽس پهچي ويا.

هن اُها ڌُن وڄائي بس ڪئي ته ماڻهن ڪنهن ٻي ڌن وڄائڻ جو مطالبو ڪيو، موقعي کي غنيمت ڄاڻيندي هن ماڻهن کي ٻڌايو ته آءٌ توهان کي هڪ نه بلڪ ڪيئي ڌنون ٻڌائي سگهان ٿو، پر منهنجي به ٿوري داد رسي ڪيو جو بادشاهه جي وڏ ور نينگريءَ منهنجي دوستن کان ٿيلهي ۽ واچ کسي ورتي آهي،اها مون کي موٽارائي ڏيو. سپاهي جي ڳالهه کي جائز سمجهي، ماڻهن بادشاهي محل جو گهيراءُ ڪري نعري بازي ڪرڻ شروع ڪئي ته بانسري واري جا مطالبا مڃيا وڃن. پنهنجي رعيت کي بگڙيل ڏسي بادشاهه پنهنجي ڌي وٽ ويو، بادشاهه جي ڌيءَ ٿيلهي ۽ واچ جي اهميت پيءُ کي سمجهائيندي چيو اهي ٻئي شيون ڪڏهن به واپس ڪرڻيون ناهن، باقي هيترو ڪيو ته عوام کي ڪجهه گهڙين جي مهلت وٺي ڏيو آءٌ سڀ ۽ مطالبا توهان کي پورا ڪري ٿي ڏيکاريان.

پوءِ هن ڇا ڪيو جو هڪ چالاڪ نوڪرياڻي کي پنهنجي سموري منصوبي جي رٿا سمجهائي، بنجارڻ جو ويس پهري قيمتي کان قيمتي سوکڙيون سستي اگهه ۾ کپائڻ جو بهانو ڪري لوٽو هٿ ۾ کڻي اُن کي وڄائيندي ڳائيندي ماڻهن جي اُن ميڙ ۾ پهتي، جيڪي ماڻهو بادشاهه کان مطالبو ڪري رهيا هئا ته بانسري واري سپاهي جي ٿيلهي ۽ واچ شهزاديءَ وٽان واپس ڪرائي وڃي.

ماڻهن جو ڏٺو ته هيڏي خوبصورت بنجارڻ ايترو سٺو ٿي ڳائي جو ماڻهوءَ تي جادو جهڙو اثر ٿي ٿو وڃي، ويتر بهترين قيمتي شيون سستي اگهه ۾ کپائي ٿي تن کان سپاهي وارومطالبو ته وسري ويو ۽ ڪجهه ٻڌڻ ۽ ڪجهه خريدڻ لاءِ ڏانهن ڀڳا، بانسريءَ واري سپاهي جڏهن اهو ڏٺو ته سڀ ماڻهو لوٽي واريءَ ڏانهن ڀڳا ٿا وڃن، شايد اسان جو چوريل مال اها کڻي آئي آهي سو به بانسري پنهجي ڪمري ۾ لڳل ڪلي ۾ ٽنگي اوڏانهن ڀڄڻ لڳو، شهزادي جي چالاڪ نوڪرياڻي جنهن کي اهو ڊرامون اڳ واٽ ٻڌايو ويو هو تهن جو ڏٺو ته بانسري وارو بانسري ڪِلي ۾ ٽنگيو شهزادي ڏانهن ڀڳو ٿو وڃي تنهن موقعي جو فائدو وٺي بانسري چورائي ڪپڙن هيٺيان لڪائي موٽي اچي شهزاديءَ کي اشارو ڪيو ته ڪم ٿي ويو صرف چالاڪي ڪري هجوم مان ٻاهر نڪري اچو، جنهن کي سمجهي ڪري شهزادي نڪري آئي ۽ پوءَ ٻئي ڄڻيون آرام سان پنهنجي محلات ۾ پهچي ويون، ان کان پوءِ ماڻهن  وري اچي نئين ڌن وجھائڻ جو مطالبو ڪيو، پر سپاهي کي به خبر پئجي وئي ته هي به هڪ چالاڪي هئي، جنهن سان مون کان بانسري کسجي وئي سو ويچارو بيوس بڻيو بيٺو رهيو، ماڻهن جو ڏٺو ته هن وٽ بانسري نه آهي نه وري ڳالهائي ٿو، سي مايوس ٿي پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن موٽي ويا، ماڻهن جي موٽڻ ۽ سڀ ڪجهه کسجڻ کان بعد سپاهي وري اهڙائي سڃا سکڻا ٺلها ٺڪر بڻجي ويا جهڙا ان ڳاڙهي سئيٽر واري ڄامڙي ملڻ کان اڳ هئا، تنهن ڪري پاڻ ويهي ويچاريائون، هاڻي اسان کي هڪ ٻئي کان ڌار ٿي رهڻ گهرجي، جنهن جي قسمت ۾ جيترو داڻو پاڻي لکيل آهي جيترا ڏينهن زندگي آهي ته چڳندو رهي، اها صلاح ڪري ٻيو نمبر سپاهي ساڄي طرف هليو ويو باقي ٻن ڄڻن جي هن کان اول جدا نه ٿيڻ جا وچن واعدا ڪيا هئا، هڪ ٻئي جو ساٿ نباهڻ خاطر جدا نه ٿيا ۽ هيءُ ٻئي ڄڻا به هڪ پاسي منهن ڪري هلندا رهيا.

ٻيو نمبر سپاهي پنهنجي دوستن کان جدا ٿيڻ بعد ان طرف رخ ڪيو جنهن طرف جهنگ ۾ رات جو کين ڳاڙهي سئيٽر وارو ڄامڙو مليو هو، هن طرف وڃڻ مان سندس اها به مراد هئي ته من ڪي ساڳيو ڄامڙو ملي وڃي ۽ قسمت جي ڀلائي لاءِ ڪوئي ڏس ڏئي وجهي، جهنگ ۾ هلندي هلندي ،هن کي رات پئجي وئي بک ۽ اڃ کان پريشان، رات جو جهنگلي جانورن کان بچاءَ لاءِ هڪ وڻ تي پاراڻو ٺاهي سمهي پيو ۽ کيس گهري ننڊ اچي وئي. صبح ٿيڻ تي جڏهن سندس اک کلي ته کيس حيرت جي حد ئي نه رهي جو ڏٺائين ته سڄو وڻ خوبصورت پڪل صوفن سان ٽنڊريو پيو آهي. سپاهي به ڪالهه کان بکيو هو سو هن هڪدم زور پڪل صوف پٽي کڻي وات ۾ وڌو اڃا صوف چٻاڙيائين ڪونه ته سندس نڪ ايڏو ڊگهو ٿي ويو جو نڪ جي چوٽي دُن کي پئي ڇُهي.

نڪ جو ايترو وڌڻ سان سپاهي پريشان ٿي ويو، الله کي ٻاڏائڻ لڳو ”خدايا خير ڪجانءِ هيءَ وري ڪهڙي مصيبت ۾ ڦاسي ويس، پر نڪ  جي وڌڻ وارو سلسلو بند ڪونه ٿيو اهو ايترو ته ڊگهو ٿي ويو جو جيترو به منهن کي مٿي پيو ڪري، اوترو نڪ وڌندو پئ ويس تان جو سندس منهن وارو نڪ زمين تي ريڙهيون پائڻ لڳو ۽ هاٿي جي سونڊ کان به ڊگهو ٿي ويو ۽ وڌندو ئي رهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com