سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب:

صفحو :13

ڄامڙي چيس اها واردات توسان ماڻهن ڪئي آهي يا ڪا قدرتي آفت تنهنجي مٿان نازل ٿي  آهي. واپاري پنهنجي سموري سامان، ٻيڙن ۽ طوفان واري وارتا بيان ڪندي ٻڌايس ته خدا جي ڪئي جو نه ڊڀ نه دارون. سڀ ڪجهه وڃڻ کان پوءِ هينئر صرف هڪ زمين جو ٽڪر وڃي بچيو آهي. جنهن تي غم غلطان ڪرڻ لاءِ ويهي ٿورو ڪم ڪار ڪري موٽي اچي هتي سمنڊ ڪناري سمنڊ سان ويٺو سور سليندو آهيان.

ڄامڙي چيس دولت اچڻي وڃڻي شيءِ  آهي، اڄ وئي ته سڀاڻي موٽي ايندي، پر شرط اهو آهي ته تو وٽ ان جي حاصل ڪرڻ جو طريقو ۽ ڏانءُ هجڻ ضروري آهي. واپاريءَ چيس اهڙو ڪهڙو ڏانءُ آهي. جنهن سان منهنجي ويل دولت واپس مون کي ملي  ويندي؟ ڄامڙي چيس ته مون سان هڪ پڪو سودو ڪر. اهو سودو هيءُ آهي ته، تنهنجي گهر ۾ جيڪو ٻارهن سالن جو ساهدار آهي. اهو منهنجي حوالي ڪر ته آءٌ وري ان جي عيوض توکي لکن ڪروڙن جو سون ڏئي ڇڏجان.

واپاري دل ۾ سوچيو ته ٻارهن سالن جو ساهدار مون وٽ هڪ گهوڙو، هڪ ڳئون ۽ ڪتو آهي. اهو سودو مون لاءِ ڪوئي مهانگو ڪونه آهي. هن انهيءَ سودي تي پڪ پڪاڻي ڪري معاهدي تي صحيح ڪري ڇڏي. سودي طئي ڪرڻ کان پوءِ  ڄامڙي کڏ کوٽي ان ۾ لوهه جو وڏو اسٽاڪ وجهي پوري ڇڏيو ۽ واپاري کي چيائين ته هڪ مهيني کان پوءِ هن ذخيره کي کولجان ته تنهنجي من جي مراد پوري ٿي ويندي ۽ پوءِ آءٌ تو وٽ ايندس ۽ توکان ٻارهن سالن جو ساهدار وٺي هليو ويندس. واپاري سودو پڪو ڪري جڏهن گهر آيو ته سندس اهو پٽ جيڪو جسماني طرح ڪمزور ۽ بيمار هو ڊوڙندو اچي، پيءُ کي  پيرين پيو. واپاري پنهنجي پٽ جو پاڻ سان ايڏو پيار ڏسي چوڻ لڳو ته جيتوڻيڪ منهنجي پٽ جي صحت خراب ۽ جسماني سگهه گهٽ آهي ۽ هيءُ به ٻارهن سالن جو ٿيڻ وارو آهي. جيڪڏهن، ڄامڙو مهيني کان پوءِ پنهنجي سون جي بدلي ۾ مون کان هن بيوس ۽ نٻل پٽ جي گهر ڪندو  ته آءٌ ڪئين  ڪندس؟ ڪاڏي ويندس؟ اهڙين ڳڻتين سبب واپاري کي پورو مهينو ننڊ ڪانه آئي. مهينو ڳڻتين ۾ ڳرڻ کان پوءِ واپاري دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته جيڪڏهن ڄامڙو مون کان پنهنجي سون جي بدلي منهنجو پٽ گهريو ته آءٌ ان سودي تان ڦري ويندس. اهي پهه پچائي جڏهن پوري مهيني کانپوءِ وڃي اهو هنڌ کوٽيو ته بيشمار دولت ۽ سون جا ڍير نڪري پيا. جڏهن واپاري سون ۽ دولت جي لالچ ۾ اچي سڀ سون کپائي ڪروڙين رپيا جمع ڪري وري نئين  سر واپار ڪرڻ  لڳو. دولت جي نشي ۾ واپاري کان ڄامڙي وارو معاهدو ئي وسري ويو. ايتري ۾ واپاري جي هيڻي پٽ هينيئل جي عمر به ٻارهن سال پوري ٿيڻ لڳي. هينئيل جا ٻارهن سال پورا ٿيندي ڏسي. واپاري کي وري گمان اٿڻ لڳا ته اڄ ڪلهه منهنجي پٽ کي به ٻارهن سال پورا ٿيڻ وارا آهن. معاهدي مطابق اهو به هن گهر جو ساهه وندو آهي. جيڪڏهن ڄامڙو منهنجي پٽ جا ٻارهن سال پورا ٿيندي ڏسي گهوڙي، ڳئون ۽ ڪتي جي بجاءِ منهنجي پٽ جي گهر ڪري ته آءٌ ڇا ڪندس؟ اهي  پريشانيون واپاري کي وڪوڙي ويون ۽ هن کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو. پيءُ کي هيترو هيڻو پريشان ڏسي هينئيل چيو اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جو هوندي سوندي توهان ايترا هيڻا ٿيندا وڃو ٿا؟ توهان کائو پيئو ڇو نٿا؟

پهريان ته واپاري گهڻو ئي ٽاريو، پر پٽ  جي زور ڀرڻ تي واپاري اها سموري ڳالهه ڪري ورتي ته ان بدصورت ڄامڙي مون کي ڌوڪو ڏئي، سون ۽ دولت جي بدلي ۾ منهنجي  ٻارهن سالن جي شيءِ عيوض طور وٺڻ جو واعدو ورتو هو. ان مهل تائين توکي ٻارهن سال پورا نه ٿيا هئا. هي  مون وٽ ڪڏهن ڪونه آيو. هاڻي جڏهن تنهنجي عمر ٻارهن سالن جي پوري ٿيڻ جي انتظار ۾ هو. هيءُ ضرور اچي مون کان تنهنجي سر جي گهر ڪندو. آءٌ دولت جي عيوض توکي ان ڄامڙي جي حوالي هرگز ڪونه ڪندس. پر واعدي جي وفا به ضروري آهي. هڪ پاسي باهه ٻئي پاسي پاڻي ان ڳڻتي منهنجا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن. هاڻي ڪهڙي پاسي وڃان؟

هينئل پيءُ کي چيو، بابا! ايترين ننڍڙين ڳالهين کي ايترو گهرو وٺي هروڀرو پنهنجو ذهن خراب ڪونه ڪبو آهي. تون مهرباني ڪري مون کي پاڻ سان وٺي هل، پوءِ ڏس ته آءٌ ڪيئن ٿو ڄامڙي سان پڄي اچان.

واپاري واعدي جي پڪ ڪرڻ لاءِ پٽ سان گڏجي ان ميدان تي آيو. جتي ڄامڙي سان معاهدو ڪيو هو هينئل جي ٻه چار سال اڳ هڪ پريءَ سان دوستي ٿي وئي هئي. ان ڪري انهيءَ پري کيس هڪ منتر سيکاريو هو ته تون اهو منتر  پڙهي گول ليڪو ڪڍي ان ۾ بيهي رهندين ته دنيا جي ڪابه سگهاري طاقت ليڪو اورانگهي توکي نقصان ڏئي ڪونه سگهندي.

هينئل پنهجي دوست پريءَ وارو منتر پڙهي  گول ليڪو ڪڍي  ان ۾ بيهي پيءُ کي چيو اڄ معاهدي جو ڏينهن  پورو ٿيڻ وارو آهي. تون ڄامڙي کي سڏ ڪر ته هو اچي مون سان ڳالهائي. ايتري ۾ هينئل جي پيءُ ڄامڙي کي سڏ ڪندي چيو آءٌ پنهنجي  واعدي مطابق اچي ويو آهيان، تون به اچي مون سان سودو طئه ڪر. واپاري جي سڏ ڪرڻ سان ڄامڙو پهچي ويو ۽ واپاري کي چيائين ته معاهدي جي تاريخ پوري ٿي وئي آهي، تو مون لاءِ ڇا آندو آهي. واپاري چيس مون سڀ ڪجهه آندو آهي، تون صرف پنهنجي زبان سان ان جو اظهار ڪر.

ڄامڙي  چيس تون مون کي پنهنجو پٽ ڏئي ڇڏ،  جو ان جي عمر هاڻي ٻارهن سال پوري ٿي وئي آهي تنهنجو پٽ منهنجو حق آهي. هينئل ڄامڙي کي چيو ته تون منهنجي پيءُ سان ڌوڪو ڪيو آهي. معاهدي ۾ تون منهنجي پيءُ کان ٻارهن سالن جو ڪو به ساهدار گهريو هو نه ڪي منهنجو سر. ڄامڙي چيس مون سودو تنهنجي پيءُ سان ڪيو آهي. نه ڪي تو سان. ان ڪري توکي اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڳالهائڻ جو ڪو به حق نه آهي.

چامڙي جي ترُش ڪلاميءَ تي هينئل چيو جيڪڏهن تون سچو آهين ته اهو ليڪو ٽپي مون کي ٻانهن ۾ هٿ وجهي پاڻ سان وٺي وڃ. جي ائين نٿو ڪري سگهين ته پوءِ پڪ سان تون ڪوڙو آهين. ان ڪري اهي واعدي وارا ڪاغذ منهنجي حوالي ڪري ڇڏ ته آءٌ اُهي ڦاڙي ڇڏيان.

هينئل جي سخت جواب تي ڄامڙو ۽ هينئل جو پيءٌ هڪ ٻئي سان وڙهڻ لڳا. آخر ڄامڙي اهو به چيو ته جيڪڏهن تو پنهنجو پٽ مون کي نه ڏنو ته آءٌ ڦوڪ ڏئي تو واري سموري دولت ڀتر ۽ پٿر ڪري ڇڏيندس. ايتري ۾ پريءَ اچي هينئل کي ڪن ۾ ٻڌايو ته تنهنجي قسمت ڀلي آهي. تون پنهنجي پيءُ جي حڪم جي تعميل ڪر ۽ ڄامڙي سان هليو وڃ. پوءِ ڏسجان ته الله تنهنجي ڪيئن نه آساني سان مدد ڪري ٿو. ڇو ته هڪ ڪٻڙو تنهنجو اڻ ڏٺو دوست هر وقت هر گهڙي تنهنجي مدد ڪرڻ ۽ توسان ملڻ لاءِ بيتاب آهي. ان ڪري تون پنهنجي پيءُ کي ڪڏهن به رنج نه ڪر، جيڪڏهن تون پنهنجي مرضيءَ سان هلندين ته تنهنجي مدد ڪرڻ وارو دوست توکان نارض ٿي ويندين ۽ تون وڏي نقصان ۾ ويندين.

نيٺ گهڻي جهڪ جهڪ کان پوءِ اهو فيصلو ٿيو ته معاهدو ان ڳالهه تي ٽٽندو ته هينئل کي کليل ٻيڙي ۾ چاڙهي پوءِ ٻيڙي سمنڊ جي بي رحم لهرن حوالي ڪئي وڃي.

هنيئل جي پيءُ پنهنجن هٿن سان ڌڪو ڏئي اها ٻيڙي سمنڊ حوالي ڪئي جنهن تي هينئل ويهاريو ويو هو. ٻيڙي سمنڊ ۾ ويندي رهي، موسم به خراب هئي، ان ڪري وڏيون لهرون هينئل جي ٻيڙي کي هيٺ مٿي ڪنديون رهيون. آخر پري کان هنيئل جي پيءُ ڏٺو ته هڪ وڏي لهر سندس ٻيڙيءَ کي ڳڙڪائي وئي. هن طرح هينئل جو پيءُ پنهنجي پٽ کي سمنڊ ۾ ٻڏندو ڏسي آسرو لاهي گهر هليو ويو.

هوڏانهن جئين ئي ٻيڙي سمنڊ ۾ ٻڏڻ شروع ڪيو ته هو هينئل جي دوست پري هڪدم اتي پهچي وئي ۽ ٻڏندڙ ٻيڙي کي سهارو ڏئي سڌو ڪري ورتو ۽ هينئل جي ٻيڙي ان خوفناڪ لهر مان تري  ٻاهر نڪتي اهڙي طرح هينئل جو سفر نئين سر جيئڻ ۽ اميد طرف روانو ٿي ويو ۽ پوءِ هلندي هلندي ٻيڙي ڪنهن اڻ ڏٺل ڪناري تي اچي لڳي. هينئل ٻيڙيءَ تان لهي جيئن ئي ٻه چار قدم اڳتي وڌيو ته سندس نظر

هڪ خوبصورت محل تي پئي. محل کي ڏسي هينئل جي دل کي سهارو مليو ۽ سوچيائين ته شايد هيءُ اهو ئي محل آهي. جنهن لاءِ منهنجي دوست پريءَ تحفو ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. اهڙي طرح بي ڊپائي سان ان محل ۾ ڪاهي پيو. جتان گهمندو ڦرندو هڪ اهڙي ڪمري ۾ پهچي ويو جتي  هڪ اڇي رنگ جو سهڻو نانگ ڪَرُ کنيو ڄڻ ته ڪنهن جي انتظار ۾ بيٺو آهي. هينئل کي ڏسڻ سان ان نانگ خوش ٿيندي چيو ڇا تون واقعي اهو شهزادو آهين، جنهن لاءِ پري مون سان واعدو ڪيو  هو ته ٻارهن سالن بعد هڪ شهزادو هن محل ۾ ايندو ۽ توکي هن جادوءَ جي  قيد ۽ بند مان آزاد ڪرائيندو. وڌيڪ ڳالهائيندي ان خوبصورت نانگ چيو ته هاڻي تون ڪو به ڊپ ڊاءُ نه ڪر ۽ آرام سان هن ڪمري ۾ رهي پئه. پوءِ ٿيندو هينئن ته ٻارهن وڳي کان پوءِ هڪڙا ٻارهن ڄڻا زرهه پوش پهلوان تو وٽ ايندا ۽ اچي تو کان سوال  ڪندا ته تون ڪير آهين؟ هتي ڇو آيو آهين؟ توکي هتي ڪنهن موڪليو آهي. پر تون انهن جي ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏجان. جڏهن تو وٽان کين ڪوئي جواب نه ملندو ته هو توکي مارڻ، ڪٽڻ ۽ بي آبرو ڪرڻ، مڪون، لتون ۽ چهنڊڙيون پائڻ شروع ڪندا، آخر جڏهن هو تو کان ڪجهه ڳالهرائڻ کان نااميد ٿيندا ته پوءِ اهي ڪار منهان توکي اڪيلو ڇڏي هليا ويندا.

انهن  جي وڃڻ کان پوءِ ٻي رات وري ٻيا منهن ڪارا زرهه پوش تو وٽ ايندا ۽ اچي تو کان ساڳيا سوال ڪندا، پر خبردار ٿجاءِ تون انهن سان به زبان نه کولجان. جڏهن ٻي رات به تو ڪجهه به نه ڪڇيو ته پوءِ هو ڪڪ ٿي وري به توکي اڪيلو ڇڏي هليا ويندا. جڏهن ٽين رات ٿيندي ته ساڳئي طرح رات جو ٻارهين بجي ٻارهن ڄڻا نه بلڪ چوويهه ڄڻا زرهه پوش ڪار منهان پهلوان پيدا ٿيندا ۽ توکي  ويجهو اچي پهرين رات وارا سوال ڪندا. جيڪڏهن هن دفعي به تو پنهنجي زبان نه  کولي ۽ کين ڪوئي راز نه ٻڌايو ته پوءِ هو هلندي مهل تنهنجي سسي ڪپيو هليا ويندا. جڏهن هو تنهنجي سسي  ڪپن  ته پرواهه نه ڪجان، ڇو ته تنهنجي سسي ڪپڻ سان  هن جادو جي محل جو سمورو طلسم ٽٽي پوندو ۽ آءٌ آزاد ٿي پوندس پوءِ آءٌ تنهنجي سسي ڌڙ سان ملائي آب حيات جو پاڻي تنهنجي مٿان ڇٽڪاريندس ته پوءِ توکي وري زندگي ملي  پوندي. ان کانپوءِ آءٌ توکي ايتري دولت ڏيندس، جنهن جو تون تصور به ڪري ڪونه سگهندين.

هينئل الله تي آسرو ڪري ان ڪمري  ۾ ويهي رهيو. رات جا پورا ٻارهن ٿيا. ته واقعي ڪاري منهن وارا زرهه پهريل ٻارنهن پهلوان هن وٽ آيا ۽ کانئس طرحين طرحين جا سوال ڪرڻ لڳا. پر هينئل ڪڇي جهڙي ڀت ڪو به لفظ زبان سان نه ڪڇيائن. هو ٻارهن جڏهن کيس ماري ماري ٿڪجي پيا ته آخر انهي حال ۾ ڦٽو ڪري هليا ويا.

ٻي رات وري ٻارهن ڄڻا ٻيا آيا، انهن به ساڳيا سوال ۽ ساڳي ڪارروائي ڪئي پر هينئل پنهنجي ڪيل ڳالهه تي پختو رهيو، ٽين رات ساڳي نموني چوويهه ڄڻا آيا، هن به ماري ماري ڪڪ ٿي جيئن ئي سندس ڪنڌ ڪپيو ته ڪنڌ وارو رت جيئن ئي ڪمري جي فرش تي ڦهليو ته ساري محل جو جادو وارو طلسم ٽٽي پيو. اهو خوبصورت نانگ هڪ حسين ۽ دلفريب شهزادي ٿي پئي، جنهن هينئل جو ڪنڌ ڌڙ سان ملائي سندس ڪپيل ڪنڌ تي چمي ڏني ته ساري ماحول ۾ خوشبو ڦهلجي وئي، هينئل شڪرانو ڪري اٿي ويهي رهيو، ان شهزاديءَ ڀاڪر ۾ کڻي آڻي تخت تي ويهاريس، چوڌاري شادمانا ٿي ويا، انهيءَ ئي رات هينئل ۽ ان شهزادي جي شادي به ٿي وئي ۽ سوني جبل جي بادشاهيءَ جو کيس تاج به وڏي ڌوم سان پارايو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com