سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: ملير کان مالمو

الطاف شيخ

صفحو :17

يونيورسٽي ۾ اليڪشن

سئيڊن جي هن رونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي هڪ تسليم شده ڪائونسل آهي جيڪا اسٽوڊنٽ يونين وانگرڪم ڪري ٿي ۽ کيس مئنيجمينٽ طرفان چڱا خاصا پاور مليل آهن. پريزيڊنٽ، وائيس پريزيڊنٽ، سيڪريٽري ۽ خزانچي ان جا اهم عهدا آهن. ان کان علاه هاسٽل، مئگزين، راندين ۽ سوشل ڪميٽي جي ڪمن لاءِ هڪ هڪ چيئرمين چونڊيو وڃي ٿو.

وائيس پريزيڊنٽ جي پوسٽ نون آيل شاگردن لاءِ هوندي آهي. باقي پوسٽون فائينل ايئر- يعني ٻئي سال جي شاگردن لاءِ هونديون آهن. جيئن نون آيلن لاءِ فقط هڪ پوسٽ آهي ان ڪري ان تي هر سال مقابلو تمام سخت ٿئي ٿو. مختلف مذهبن، زبانن، ملڪن، علائقن ۽ رنگن جا شاگرد گروپن ۾ ورهائجي پنهنجي پسند جي اميدوارن کي کٽائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هونءَ ويٽنامي، چيني، فلپينو ۽ ٿائي ڀلي هڪ ٻئي سان وڙهندا رهن، پر اليڪشن جي معاملي ۾ هڪ ٿي هو پنهنجي تر جي همراهه کي کٽرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

گذريل سال هن پوسٽ جي اليڪشن لاءِ ڇهه ڄڻا اميدوار بيٺا جن مان تنزانيا جو شاگرد مسٽر ڊئنيل ڪيسا وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو. ساڻس مقابلي ۾ ٻيا ارجنٽائنا، چلي، فلپين، جبوتي ۽ پاڪستان جو ڪئپٽن عاشق هئا. هن سال جيئن ئي چونڊن جي تاريخ مقرر ٿي ته وائيس پريزيڊنٽ جي پوسٽ لاءِ نالا کڄڻ لڳا. راحت کلندي مون کي چيو؛

”تون کڻي ان پوسٽ لاءِ مقابلي ۾ بيهه.“

”هڪ ته پاڻ سياست مان ڄاڻون ڪونه. ٻيو ته رڳو منهنجي ها ڪرڻ سان ڪو چونڊجي ته نه ويندس. ووٽ ڪير ڏيندو؟“ مون چيومانس.

”مڙيئي ڇهه ست ته ملي ويندا.“ راحت ٽهڪ ڏيندي چيو ۽ مون کان به کل نڪري وئي ۽ کيس هڪ چرچو ٻڌايم.

“ميڪسيڪو شهر جي ميونسپالٽي جي اليڪشن ۾ هڪ همراهه کي فقط ٽي ووٽ مليا، سندس زال ڪيتروئي سمجهايس ته ان اليڪشن ۾ نه بيهه. ڪير به توکي ووٽ نه ڏيندو پر هو مڃيو ڪونه. ٽن ووٽن جو ٻڌي هن جي شڪي زال سخت ناراض ٿي ويئي. چي: ’ٻه ووٽ ته صحيح هئا. هڪ تنهنجو هڪ منهنجو. پر هيءَ ٽين ڪهڙي نڀاڳي تنهنجي زندگي ۾ داخل ٿي آهي جنهن توکي ووٽ ڏنو آهي.“ سو تون ڇهه ست ووٽن جو انگ چئين ٿو. ڇهه ووٽ پاڻ ڇهه پاڪستانين جا ته صحيح آهن پر هي ستون ووٽ ڪير ڏيندو؟“

منهنجي اها ڳالهه راحت کي دل سان لڳي ته واقعي مقابلو کٽڻ لاءِ سؤ کان مٿي ووٽ ملڻ کپن. هن کي اميد هئي ته ويهه ووٽ ته پڪا آهن. ڇو جو ملائيشيا ۾ ڪافي وقت رهڻ ڪري اتي جي آيل ٻنهي سالن جي شاگردن جي مون سان سٺي دوستي آهي ۽ ملئي زبان اچڻ ڪري انڊونيشيا جي همراهن سان به سٺي عليڪ سليڪ آهي. (ملائيشيا توڙي انڊونيشيا ۽ برونائيءَ ۾ ساڳئي ملئي زبان هلي) بنگال ۾ رهڻ ۽ بنگالي زبان ڄاڻڻ ڪري بنگلاديش جي شاگردن جي ڏهه کن ووٽن جي پڻ پڪي اميد هئي- بشرطيڪه انهن مان ڪونه بيهي. اهڙي طرح هندستان ۽ سريلنڪا جي شاگردن جي ووٽن جي پڻ پڪ هئي. هونئن سياسي طرح هندستان، پاڪستان يا سريلنڪا ڀلي هڪ ٻئي کي گاريون ڏيندا وتن پر ڪلچرلي اسين هڪ ٻئي جي ويجهو آهيون. ان جا ڪيترائي مثال ملندا. ولايت ۾ ڀلي ڪو مسلمان، ترڪ، عرب يا ايراني ملي پر پاڪستان ۽ هندستان جي هڪ عام ماڻهو کي پنهنجو پاڻ ۾ گڏ رهڻ ۽ هلڻ چلڻ ۾ مزو ايندو- چاهي هڪ هندو هجي ۽ ٻيو مسلمان. هڪ ٻئي سان گڏ اڙدو/ هندي زبان ڳالهائڻ ۾ آسانيءَ کان علاوه، ڪپڙا، گنديون، کاڌا پيتا، رسمون رواج، غربت ۽ سادگي، سماجي مسئلن ۽ ريتن رسمن ۾ ساڳي هڪجهڙائي جيڪا پاڪستانين جي هندستانين سان آهي، اها ٻين سان نه آهي.

بهرحال ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ في الحال ارادو لاهي ڇڏيم. پر ٻن ڏينهن بعد هڪ ملئي وري ساڳي صلاح ڏني ته آئون اليڪشن ۾ ضرور بيهان.

”ووٽن جو ڇا ٿيندو؟“ مون کائنس وري ساڳيو سوال ڪيو.

”فڪر نه ڪر. ڪافي ملي ويندا. عرب ايراني توکي ئي ڏيندا، جو هو تو وٽ پڙهڻ لاءِ اچن ٿا ۽ تنهنجو ڪنهن سان به جهڳڙو ناهي. اخبارن ۽ يونيورسٽي جي نيوز ليٽر ۾ مضمون لکڻ ڪري توکي سڀ سڃاڻن ٿا. ترڪي، آذربائيجان، سوڊان ۽ ماريطانيا جا شاگرد ته سڄو ڏينهن توسان ئي گڏ ويهن ٿا“.

۽ هاڻ جڏهن ڏينهن ٻه رکي، نالن ڏيڻ لاءِ باقي وڃي ٻه ڏينهن بچيا ته بنگلاديش جي ڪئپٽن حبيب ساڳئي ڳالهه لاءِ اسان پاڪستانين کي سمجهايو ته ڪنهن طرح مونکي هائوڪار ڪري ان مقابلي ۾ حصووٺڻ کپي. هو فارم کڻي آيو هو. نامينيشن پاڻ ڪيائين ۽ ان وقت ڪولمبيا جي شاگردياڻي ائنا روزا لنگهي رهي هئي، سيڪنڊ لاءِ ٻي صحيح ان کان ورتائين.

”پوءِ ڀلا پڪو ارادو آهي نه؟ موڪلائڻ مهل راحت عزيز چيو.

”الله حافظ آهي. ڪرڪيٽ جو ورلڊ ڪپ ته پاڻ پاڪستانين کٽيو آهي. هاڻ جي هن اليڪشن ۾ هارايوسين ته دنيا پاڻ کي معاف ڪري ڇڏيندي.“ مون کلي وراڻيومانس.

”نه نه هن ۾ به پاڻ پاڪستاني ضرور کٽينداسين.“ راحت دلداري ڏني.

”ڇو ابا! پاڪستانين کي کٽائڻ جو دنيا ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟ ڏٺئي نه ته گذريل سال پاڪستاني بيٺو پر کٽيائين ڪونه. سڀ کان گهٽ ووٽ کيس مليا.“ مون ياد ڏياريومانس.

”اهو ان ڪري جو، نه ڪئپٽن عاشق ۽ نه ٻين پاڪستانين آخر وقت تائين ڪا ڪوشش ڪئي. تولاءِ اسان هينئر کان ئي ورڪ ڪرڻ شروع ڪريون ٿا. مئرلين کي ڪلاس روم ۾ چيم ته مانيٽري لاءِ اسان توکي ووٽ ڏنو، هاڻ وائيس پريزيڊنٽ جي چونڊ لاءِ تون اسان جي ملڪي همراهه کي ووٽ ڏي.“ راحت ٻڌايو.

”ڌوڙ آهي پيئي، مئرلين سان ياري رکڻ جو توکي سٺو بهانوملي ويو. بهرحال اها ڳالهه پنهنجي جاءِ، باقي هوءَ اڪيڊار (وچ آمريڪا) ملڪ جي ٿي ڪري ووٽ پنهنجي ڪنهن لاطيني يا ڪرئيبن سمنڊ جي ٻيٽن مان بيٺل ڪنهن همراهه کي ڏيندي. يا ٿي سگهي ٿو ته ڪو اسپيني ڳالهائيندڙ بيهي وڃي ته پوءِ ان کي ووٽ ڏيندي جو پاڻ به اسپيني ڳالهائي ٿي.“ مون سمجهايومانس.

”ائين به آهي ڇا؟“ راحت تعجب مان پڇيو.

”گذريل سال ائين ئي ته ٿيو. آفريڪي ملڪن جا ووٽ فرينچ ۽ انگريزي ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ ورهائجي ويا. ڪينيا ۽ سينيگال جهڙن ملڪن جي مسلمان شاگردن به ووٽ اسان کي ڏيڻ بدران انگريزي يا فرينج ڳالهائيندڙ شيديءَ کي ڏنو.“

 

فڪر جي ڳالهه ناهي

هاسٽل ۾ پهچڻ سان ائنا روزا (ڪولمبيا جي شاگردياڻي) ملي. هو اسان کي ڳولي رهي هئي.

”ايڪسڪيوزمي!“ هن چيو، ”مون توهان جي نامينيشن فارم تي ڪالهه سيڪنڊنگ لاِءِ صحيح ڪئي هئي. اها واپس وٺڻ چاهيان ٿي، ڇو جو اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪ وينزوئلا جي مسٽر اسپارا گوزا کي مقابلي لاءِ بيهاريو آهي ۽ مون هن جي فارم تي پڻ صحيح ڪئي آهي ۽  هڪ ئي وقت ٻن فارمن تي صحيح نٿي ڏئي سگهان.“ کيس فارم واپس ڪندي چيف انجنيئير راحت کي چيم.

”ابا ڏٺئي؟ آگي آگي ديکهيئي هوتا هي کيا.“

ائنا روزا جي وڃڻ بعد راحت اڙدوءَ ۾ ڪافي بڙ بڙ ڪئي، جيڪي الفاظ فيروز سنز جي اڙدو ڊڪشنري ۾ ملڻ ناممڪن آهن.

”اسان کي موڊ آف ڪرڻ نه کپي.“ ڪئپٽن سليم چيو.

”موڊ جي ڳالهه ناهي. هونءَ وينزوئلا ۽ ڪولمبيا جا فوجي بارڊر تي هڪ ٻئي جي خلاف بندوقون ڇڪيو بيٺا آهن هي ڇوريءَ وري هلي آهي پاڙيسرين جا حق نباهڻ،“ راحت چيو، ”ان کانپوءِ پنهنجو تڪيوڪلام ’فڪر جي ڳالهه ناهي’ ورجايو.

”راحت! تنهنجو اهو ‘فڪر جي ڳالهه ناهي‘ تان مون کي هڪ ڀولڙي جي ڳالهه ياد اچي ٿي.“ مون چيومانس.

”ڪيئن؟“ راحت پڇيو.

”هڪل ڀولڙي جهنگ جي سڀني غريب جانورن؛ هرڻين، سهن، گدڙن، رڍن، ٻڪرين کي چيو ته اڄ کان آئون توهان جو بادشاهه آهيان. جيڪي وڻنوَ موج مزا ڪريو ۽ ڪنهن کان به ڊڄو نه. توهان جو ڪوبه نالو نه وٺندو. يعني خوش گذاريوفڪر جي ڪا ڳالهه ناهي.“

هڪ ڏينهن اوچتو شينهن جي اچڻ جو اطلاع مليو. جانور ڊڄي ڀولڙي وٽ آيا ته هاڻ ڇا ٿيندو.

ڀولڙي وراڻين ’فڪر جي ڳالهه ناهي‘ ان بعد ڊوڙ پائي ناريل جي وڻ جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو. ٿوري دير بعد لهي اچي کين ٻڌايو ته فڪر جي ڳالهه ناهي. ڪجهه دير بعد جانور وري ڀولڙي وٽ آيا ته شينهن واقعي هن طرف پيو اچي.سندس گجگوڙن جو آواز اچي رهيو آهي. ڀولڙي هڪ دفعو وري وڻ جي چوٽي تان ٿي اچي کين ٻڌايو ته فڪر جي ڳالهه ناهي.

اهڙي طرح پريشان ۽ فڪر مند غريب جانور ذري ذري ڀولڙي کي پنهنجي خوف کان آگاهه ڪندا رهيا ۽ هر دفعي ڀولڙي ساڳيو عمل دهرائي ساڳيو جملوچيو ٿي.

شينهن کي اچڻو هو سو اچي هڪ ٻه جانور هڙپ ڪري ويو. ان بعد جانور ڏوراپو ڏيندي ڀولڙي کي چيو: ”شينهن اسان جي ساٿين کي ماري ويو پر تو ڪجهه به نه ڪيو.“

ڀولڙي ٿڌو ساهه کڻي چيو: ”آئون ڇا ڪريان، توهان خود ڏٺو ته مون ڪوشش ته ڏاڍي ڪئي.“

”سو راحت صاحب! اها وڻ تي چڙهڻ ۽ لهڻ واري ڪوشش نه ڪجانءِ.“

”نه اهاڳالهه  ناهي،“ راحت چيو، ”مون کي لڳي ٿو ته سوڀ پنهنجي ٿيندي، انشاءَ الله.“


 

نوابشاهه جي اليڪشن ۾ بهڻ جو کٽڻ

”دل کو بهلاني کو خيال اچها هي غالب- بنا محنت ۽ٺلهه تي جي کٽي ٿو وڃان ته منهنجو حشر به اهوئي ٿيندو جنهن لاءِ نوابشاهه جي 1988ع واري اليڪشن ۾ بهڻ صاحب چوندو رهيو.“

کيس مون ٻڌايوته ”ماڻهن ڳالهه ٿي ڪئي ته ان اليڪشن کان اڳ بهڻ صاحب تقريرن ۾ پنهنجي ترجي ماڻهن کي چوندو هو ته بابا ٻن ٻن اجرڪن جو وڃي بندوبست ڪريو. ڇو جواليڪشن جي نتيجي بعد هڪ منهنجي کٽڻ لاءِ ۽ ٻي منهنجي مخالف جي هارائڻ جي صدمي ۾ مري وڃڻ ڪري ان جي مٿان وجهڻ لاءِ.

سو لڳي ٿوته اهو خيال منهنجو به ٿيندو. بلڪه ان کان به وڌيڪ خراب، جو کٽڻ جي صورت ۾ خوشي ۽ اڻ ٿيڻي ڳالهه ٿيڻ جي شاڪ ۾، ته ختم ٿي ويندس. پر هارائڻ ۽ گهٽ ووٽ ملڻ جي خواري ۽ صدمي ۾ پڻ.“ بهرحال ٻيو فارم وٺي ڪئپٽن حبيب ۽ ڪئپٽن سليم کان صحيحون ڪرايم، جو ٻن ڄڻن جون صحيحون ضروري هيون. فارم جمع ڪرائڻ لاءِ ’ڪورٽ آف آنر‘ جي چيئرمين نميبيا جي مسٽر وڪٽروٽ ويس ته اسان وارو آذربائيجان وارو يار چنگيز تيمور ولوو ان وقت خالي فارم وٺي رهيو هو. مونکي ڏاڍو تعجب لڳو:

”چنگيز تون به وائيس پريزيڊنٽ لاءِ بيهي رهيو آهين ڇا؟“ مون پڇيومانس.

هن نٽائيندي نهڪار ڪئي.

”يار ڏس! صاف صاف ٻڌاءِ. آئون ائين ئي چرچن ۾بيٺو آهيان جو ٻيو ڪجهه ڪو پنهنجو نٿو بيهي. پر تنهنجي ٿوري به دلچسپي هجي ته آئون تنهنجي لاءِ هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهيان.“

”نه آئون نه پيو بيهان، يقين ڪر، ٻئي لاءِ فارم وٺي رهيو آهيان.“ هن پڪ ڏني.

ٻئي ڪنهن لاءِ ورتائين ٿي ان سان منهنجو واسطو نه هو. پڪ سندس سابق هم وطني روس جي ڪئپٽن سرگيءَ لاءِ هوندو.

اليڪشن ۾ هاڻ باقي ٽي ڏينهن وڃي بچيا هئا. ٻئي ڏينهن يونيورسٽي ويندڙ ساڳي بس ۾ ترڪيءَ جو حسن بقال به هو. مون کي ڏسي منهنجي ڀرسان اچي ويٺو.

”يار اسانکي خبرپئي آهي ته تون وائيس پريزيڊنٽ لاءِ بيٺو آهي.“ هن ويهڻ سان پڇيو.

”ها. في الحال اکري ۾ مٿو وڌو اٿم.“

”نه تمام سٺو ڪيو اٿئي. مون کي جيئن ئي خبر پئي ته ڏاڍو خوش ٿيس. انشاءَ الله عرب، ايراني، اسين ترڪ سڀ توکي ووٽ ڏينداسين. چنگيز کان علاوه گڏيل روس جي ٻين رياستن: لئٽ ويا، ايسٽونيا وغيره جا همراهه به توکي ووٽ ڏيندا ۽ ٻين کي به اسان Convince ڪرڻ ۾لڳا پيا آهيون. خبر اٿئي آئون ٿي ان پوسٽ لاءِ بيٺس. پر تنهنجو ٻڌي پروگرام ڪئنسل ڪري ڇڏيو.“

”اها ڳالهه ڪر. رات تنهنجي لنگوٽيا يار چنگيز تولاءِ فارم پئي ورتو.“

ترڪيءَ جو حسن بقال ۽ آذربائيجان جو چنگيز ٻئي سٺا دوست آهن. ٻنهي کي انگريزي نٿي اچي. ٿوري گهڻي هتي اچي سکيا آهن. ٻنهي جي مادري زبان ترڪي آهي. سو سڄو ڏينهن ترڪيءَ ۾ خبرون ڪن. جنهن ۾ گهڻو حصو واپاري خبرن جو هوندو آهي ته وطن واپس هلي هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ ڇا امپورٽ ايڪسپورٽ ڪجي.

حسن بقال جي سپورٽ بعد به مون کي پنهنجي پوزيشن ڪا اهڙي مضبوط نه پئي لڳي. عربن، ترڪن، ايرانين ۽ ننڍي کنڊ جي ڪيترن ملڪن جي ووٽن جي پڪ ٿيڻ بعد به ووٽن جو اهو تعداد باقي دنيا جي شاگردن جو هڪ ننڍڙو حصو ٿيو ٿي. سڄي آفريڪا، يورپ ۽ ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي ملڪن جا سٺ ستر سيڪڙو ووٽ ٿيا ٿي. ايشيا جا به اڃا ڪيترائي ملڪ رهيا ٿي. مون ڳالهه جو اظهار حسن بقال سان ڪيو ته ڪٿي پاڻ ڪچو ڪم ته نه ڪري رهيا آهيون.

”مقابلو سخت رهندو. پر پاڻ ڪوشش پوري پوري ڪنداسين. مسلمانن جا ووٽ ته پاڻ کي ملڻ کپن“ حسن بقال چيو.

”نه ائين چئي نٿو سگهجي. گذريل سال آفريڪا کنڊ جي ڪيترن شاگردن رنگ يا مذهب جي بنياد تي نه پر زبان تي ووٽ بازي ڪئي. ويندي جبوتي (عربي ملڪ) جي عليءَ پاڪستان جي عاشق کي ووٽ ڏيڻ بدران هڪ فرينچ  ڳالهائيندڙ کي ڏنو. جبوتيءَ ۾ فرينچن جي حڪومت رهي آهي ۽ عربيءَ کان علاوه فرينچ ڳالهائي وڃي ٿي.“ مون ٻڌايومانس.

”پر هن ڀيري سڄي آفريڪا کنڊ جي ڪنهن به ملڪ جو اليڪشن ۾ نٿو بيهي. تنهنجي مقابلي ۾ جيڪي ٻه ڄڻا بيهن ٿا انهن مان ڪيئريبن ايريا جي ملڪ گايانا جو آهي ۽ ٻيو ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ وينزوئلا جو آهي جنهن سان ڪنهن به آفريڪي همراهه جو واسطو نه هئڻ کپي ۽ جهڙو تون تهڙا هو.....“ حسن بقال سمجهايو.

”پر گايانا جو همراه شيدڪي نسل جو آهي سو ٿي سگهي ٿو آفريڪا جي ڪارن جون همدرديون هن سان ٿين.“ مون ٻڌايومانس.

”ان معاملي کي آئون ڏسان ٿو. تون فقط اوڀر ايشيا وارن فلپينو، چيني ويٽنامي، ٿائي ۽ برمي همراهن کي پڪو ڪر.“ حسن بقال مون کي صلاح ڏني.

ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي جي هن اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي هٿ هيٺ مختلف ڪميٽيون پڻ آهن جن مان هڪ ”هاسٽل ڪميٽي“ آهي جنهن جو چيئرمين اسان جو حميد قاضي آهي. هاسٽل ۾ رهندڙ ڏيڍ سؤ کن شاگردن مان هر هڪ جو هن سان واسطو رهي ٿو. لنچ بريڪ ۾ قاضي سان صلاح ڪيم تنهن چيو:

”چيني سؤ سيڪڙو شاگرد پاڻ کي ووٽ ڏيندا. هو ڪٽر ايشين آهن. آفريڪن، يورپين يا آمريڪن کي سنئون رخ به نه ڏيندا. گذريل دفعي به مس ٽئنگ اهوئي پئي چيو ته ووٽ پنهنجي تر جي ماڻهن کي ڏبو. پر تنهن هوندي به هنن سان ملي ووٽ لاءِ چوڻ ضروري آهي. ٽئنگ هنن سڀني جي لٺ سردارڻ لڳي ٿي. چين جي منسٽر آف ڪميونيڪيشن ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري آهي. سڀ هن جو چيو مڃين ٿا. تون رڳو ان سان ملي ڇڏ.“

”هونءَ چين ۽ پاڪستان جا تعلقات اهڙا سٺا آهن ۽ هنن جي طبيعت مان آئون ايترو واقف آهيان جو سمجهان ٿو ته اها هنن لاءِ هڪ معمولي ڳالهه آهي.“

”ڀلا ان سلسلي ۾ تون به همراهي ڪرائجانءِ.“ مون قاضي کي چيو.

”بس ڇٽين. تون ماٺ ڪري ويهي ڏس ته ووٽ ڪيئن ٿا ملن. شام جو اچجانءِ ته فائينل ايئر جي ڪجهه شاگردن وٽ وٺي هلندوسانءِ.“ هن وڏي هام هنئي.

شام جو قاضي وٽ پهتس. هو تيار ٿي رهيو  هو. تيسين آئون ڇهين فلور تي ڪمپيوٽر روم ۾ هليو ويس جو خبرپيئي ته چين جي مس ٽئنگ اتي پنهنجي ٿيسز لکي رهي آهي. پاڻ ايڏي وڏي عمر جي نه آهي پر طبيعت ماٺيڻي ۽ سنجيدي اٿس. مون اڃا ووٽ لاءِ چپ چوريا ته هن هڪدم وراڻيو:

”مسٽر الطاف! اسان چيني شاگردن توکي ووٽ ڏيڻ جو سوچيو آهي. گذريل رات اسان ميٽنگ ڪئي هئي ان ۾ سڀني يڪراءِ اهوئي فيصلو ڪيو.“

آئون سندس ٿورا مڃي، ڪمپيوٽر روم مان ٻاهر نڪتس ته ملائيشيا جو چيني ڪئپٽن لي زي خيانگ بلئرڊ راند کيڏندي نظر آيو. کيس پاسيرو وٺي ملئي زبان ۾ووٽ جي ڳالهه ڪيم ته آيا ان جي اميد رکي سگهان ٿو يا نه.

Jangan Susah Hati- دل غمگين نه ڪر.“ هن ملئي ۾ وراڻيو.

”اورانگ ويٽنامي اداڪا ڪاوان اتائو تاڪ“ چيني هجڻ ڪري مون ويٽنامي يا ٻين چينين لاءِ کائنس پڇيو ته اهي دوست اٿئي يا نه. ڇو جو ليءَ جو نه فقط ويٽنامي چينين تي پر برمين ۽ فلپينو همراهن تي پڻ ڪافي اثر رسوخ آهي، جو اهي ڪئلڪيولس، بولين اَلبرا ۽ بين حسابي ڪمن ۾، ڪلاس ۾ سڄو وقت ڪئپٽن لي کان مدد وٺن ٿا. ڪئپٽن لي انهن بابت به خاطري ڏني جو هونءَ به لئري ملر جي ملڪ (ٻيٽ) مارشل آئلينڊ کان وٺي فلپين تائين ۽ ڪوريا، انڊونيشيا کان رومانيا، پورچو گال تائين ڪو ٻيواميدوار نه هو ۽ هنن هڪ لاطيني آمريڪا واري کي ووٽ ڏيڻ بدران مون کي ڏيڻ جو اظهار ڪيو پئي.

 

 

پنجابي فلمن جو ولين

ايتري ۾ قاضي اچي ويو. سامهون ٽي وي روم ۾ جبوتي جو سيڪنڊ ايئر جو شاگرد ابوبڪر ويٺو هو. تنهن کي ڳٿر ۾ هٿ وجهي چيائين:

”اي يو فرينڊ! يو مسٽ ووٽ اور ڪنٽري مئن.“

(Ae! You friend! You must vote for our Country Man.)

”توکي ميان اسان جي هم وطنيءَ کي ووٽ ڏيڻو پوندو.“ هن غريب اسلام عليڪم ڪري پهرين کيڪاريو ان بعد ووٽ لاءِ Yes Yes ڪري جان ڇڏائي. جبوتي جا ماڻهو عربيءَ کان علاوه فرينچ ڳالهائين ٿا. ان ڪري سندس انگريزي سٺي ناهي. بهرحال هن ڀڳل سڳل انگريزي ۾ ووٽ جي خاطري ڏني.

ان بعد ساڳي خوفناڪ ادا سان اسانجي قاضيءَ سوماليه جي محمد خيريءَ کي ووٽ لاءِ چيو ۽ آئون بهانو ڪري نٽائي آيس. ٻئي ڏينهن صبح جو نيرن تي دير سان پهتس ته ڪئپٽن سليم چيو ته قاضي شڪايت پئي ڪئي ته الطاف سست آهي.اليڪشن لاءِ ورڪ نٿو ڪري. ڀڄيو وڃي.

”نه بابا!ٰ“ مون کيس سمجهايو، ”قاضي جنهن پوليس اسٽائيل سان همراهن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ چوي ٿوته ان ۾ منٿ ميڙ گهٽ داداگيري گهڻي آهي. في الحال ظاهري طرح ته قاضيءَ جو ڇهه فٽو قد ڏسي هرڪو ها پيو ڪري پر بئلٽ باڪس ۾ منهنجو سر وڃائي ڇڏيندا..“

”پوءِ ڀلا؟“ سليم پڇيو.

”ان ڪم لاءِ ڪي ٻيا پير فقير تاڻيون ٿا؟ باقي قاضي جو اهو پنجابي فلمن جو ولين وارو اسٽائيل ٺهيل ڪم به ڊاهي رکندو.“

ايتري ۾ اڪيڊار جي مئرلين ناشتي جو ٽري کڻي ڀرسان اچي لنگهي. پاڻ سڀني ۾ سهڻي آهي يا گهٽ ۾ گهٽ هن وقت يونيورسٽيءَ ۾ موجود عورتن ۾ هوءَ حسين ترين قرار ڏني وڃي ٿي.

راحت چيو ”ڪنهن نموني سان مئرلين پاڻ کي ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ته ان سان گڏ سندس اڳيان پويان هلندڙ ڏکڻ آمريڪي عاشقن گهٽ ۾ گهٽ اڌ لوڌ جا ووٽ ملي سگهندا.“

”ان لاءِ سعودي عرب جي الحاربيءَ کي چيو اٿم. جنهن جي اڳيان پويا وري مئرلين پئي هلي.“ مون ٻڌايومانس.

”پوءِ هوءَ ڇا ٿي چوي؟“ راحت پڇيو.

”هوءَ ته الائي ڇا چوندي ان جي خبر ناهي. اڃا مون فقط الحاربيءَ سان ڳالهه ڪئي آهي ته آيا هن جي چوڻ تي مئرلين ووٽ ڏيندي. ان تي هن خاطري ڏني آهي ته هو ووٽ ’به‘ ضرور ڏيندي.“

ڪئپٽن سليم منهن کي موڙو ڏيئي بيزاري مان چيو؛

”الحاربي وڏو اچي هن جو گهوٽ لٿو آهي ۽ هن جو ’به‘ تي زور ڏيئي چوڻ مان ڇا مراد آهي.“

”بس ان ڪم لاءِ الحاربيءَ ٺيڪو کنيو آهي ۽ هوءَ الحاربيءَ جو ضرور چيو مڃيندي. تيسين پاڻ ٻين کي گهيرو ڪيون.“ مون وراڻيومانس.

اليڪشن واري ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ وائيس پريزيڊنٽ جي عهدي لاءِ بيٺل اسان ٽنهي اميدوارن کي پنج پنج منٽ تقرير ڪرڻ جو موقعو ڏنوويو جيئن آخري دفعو ووٽرن کي مطمئن ڪري سگهون.

ان کان علاوه هرهڪ اميدوار جي دوستن ڪمپيوٽر ذريعي نالا ۽ تصويرون ٺاهي جتي ڪٿي هاسٽل توڙي يونيورسٽي ۾ هڻي ڇڏيون ته ووٽ جو سچو حقدار فلاڻو آهي. وغيره.

ٻئي ڏينهن صبح کان اليڪشن شروع ٿي ۽ هر هڪ شاگرد دٻي ۾ ووٽ وجهندو ويو. شام جو ڳڻپ بعد موراڪو جي امين اچي ٻڌايو ته سڀ کان گهڻا ووٽ مون کنيا آهن. ان وقت اسان جو ڪمپيوٽر ڪلاس هلي رهيو هو. سعودي عرب ۽ ايران جا بيحد خوش ٿيا جو گهڻي محنت انهن جي هئي. پنهنجي ووٽن سان گڏ ٻين ڪيترن کي مطمئن ڪرڻ ۾ انهن جو هٿ هو. هاڻ هفتي ڏيڍ بعد پهريون وارو وائيس پريزيڊنٽ چارج منهنجي حوالي ڪندو. ان بعد ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org