سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: ملير کان مالمو

الطاف شيخ

صفحو :13

موراڪو جو اڪوح عبدالوهاب

اڄ جي ئي ڳالهه آهي ته موڪل مهل، يونيورسٽي کان بس اسٽاپ تائين اچي رهيو هوس ته موراڪو جو اڪوح عبدالوهاب مليو. بس اسٽاپ تي لڳل ٽائيم ٽيبل ڏسي هن چيو: ”ٻي بس اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ ايندي موسم سٺي آهي. اچو ته واڪ ڪري هاسٽل هلون“.

”هلو.“ وراڻيو مانس.

۽ پوءِ وچان ئي وچان پارڪن ۽ رستن سان شارٽ ڪٽ ڪندا، ايندڙ ويندڙ ماڻهو توڙي عمارت تي ٽيڪاٽپڻي ڪندا، اچي هاسٽل پهتاسين.

”يار الطاف چانهه ٿي وڃي.“ عبدالوهاب چيو.

”ٺهيو ڪنهن ٻئي دفعي، هينئر تون به ٿڪل هوندين.“ وراڻيومانس.

”ڪو خاص پروگرام نه هجي ته اچ ته گڏجي چانهه پيون، هونءَ ئي مون کي پنهنجي لاءِ ته ٺاهڻي آهي.“ هن زور ڏنو.

”پروگرام وري ڪهڙا آهن. هل ڀلا.“ مون وراڻيومانس..

عبدالوهاب گرائونڊ فلور تي رهي ٿو ۽ آئون ٽين فلور (ٽين ماڙ) تي، لفٽ ڏي وڌندي وڌندي، عبدالوهاب جي چانهه جي دعوت لاءِ موٽيس ۽ هن جي ڪمري نمبر 117 تي پهتاسين.

هتي سئيڊن ۾ به ماڙين (منزلن) جي ڳڻپ چين جپان وانگر ٿئي ٿي. انگلينڊ يا پاڻ وٽ هيٺيون گهر (پٽ وارو) گرائونڊ فلور سڏبو آهي. ان جي مٿان واري عمارت پهرين ماڙ ۽ پوءِ ٻين ٽين ماڙ ٿيندي آهي، پر هتي گرائونڊ فلور پهرين ماڙ سڏبو آهي ۽ ان جي مٿان پوءِ ٻي، ٽين، چوٿين ماڙ ٿئي ۽ ڪمرن جي نمبرن وارو کاٻي پاسي وارو انگ فلور (ماڙ) سان وابسطا هوندو آهي. جيئن عبدالوهاب جو ڪمرو نمبر 117 آهي معنيٰ هو پهرين ماڙ تي سترهين ڪمري ۾ آهي. منهنجي ڪمري جو نمبر 322 آهي معنى آئون ٽين ماڙ تي ٻاوهين نمبر ڪمري ۾ رهان ٿو.

عبدالوهاب ڪمرو کولي، مون کي ٽي وي جي سامهون واري ڪوچ تي ويهاري ٽي وي آن ڪئي. ان وقت لاس ايجنلس (آمريڪا ۾ ٿيل ڪارن جي هنگامن جي پراڻي رپورٽ C.N.N تان هلي رهي هئي. عبدالوهاب ڪتابن جي بئگ ڪنڊ ۾ رکي، اوور ڪوٽ ۽ بوٽ لاهي، پتيليءَ ۾ چانهه لاءِ پاڻي رکي هيٽر کي آن ڪيو. سامهون ٽيبل تي ڪيترائي سامونڊي دنيا سان واسطو رکندڙ مئريٽائيم لا (قانون)، مئنيجمينٽ مئريٽائيم ٽريڊ ۽ ٽرانسپورٽ جا ڪتاب رکيا هئا. هڪ ٻه کڻي ڏٺم، سڀ فرينچ زبان ۾ هئا.

”عبدالوهاب! توهان جي ملڪ ۾ مادري زبان کان علاوه ٻي ڌارين ٻولي انگريزي آهي يا فرينچ؟“

”فرينچ، پر آئون انگلينڊ ۾ ڪافي وقت رهيو آهيان ان ڪري مون کي انگريزي به اچي ٿي، پر اهڙي سٺي نه جيتري فرينچ.“

”تو گريجوئيشن انگلينڊ مان ڪئي؟“ مون پڇيو مانس.

”نه. اها فرانس جي يونيورسٽيءَ مان فرينچ زبان ۾ ڪيم. انگلينڊ ۾ ٻين مختلف ڪورسن ۽ سرڪاري ڊيوٽي خاطر رهڻ ٿيو.“

”چئبو ته پوءِ فرانس ۾ جڏهن فيلڊ ٽرپ لاءِ هلڻ ٿيو ته ترجمي لاءِ تنهنجو ئي پاسو وٺجي.“ مون کلي چيومانس.، ”تنهن لاءِ ته اتي مزو ٿي ويو، ۽ تون اسان لاءِ ڄڻ انڌن لاءِ لٺ هوندين، جو اسان کي بان زوئار کان وڌيڪ فرينچ جو ٻيو اکر به نٿو اچي.“

”ها. پر مون کي فرانس بنهه نٿو وڻي. آءِ لَو انگلينڊ.“ عبدالوهاب چيو.

”ڇو ڀلا؟“ پڇيومانس.

”بس انگريزن جو پنهنجو اسٽائيل آهي. هنن جو ڪلچر، نمونو، رسم رواج، شهر، دڪان، عمارتون. کاڌا پيتا ٻين سان وهنوار- هر شيءِ ۾پنهنجائپ جي سڳنڌ آهي. اهوئي ته سبب آهي جو هنن يورپي ڀاڙين مڙسن ۾ وري به انگريز بهتر هئا ۽ جيتري توهان جي هنن سان Attachment آهي اوتري اسان جي فرينچن سان ناهي، جن جي هٿ هيٺ اسان جهڙا ڪيترائي آفريڪي ۽ عرب ملڪ رهيا.“

پاڻي ٽهڪڻ تي پتي وجهي ٿوري دير دم تي رکي پوءِ چانديءَ جي گلن واري روايتي ڪٽليءَ ۾ چانهه وجهي اچي منهنجي اڳيان رکي. ان سان پليٽ ۾ ڪجهه پستا بادام ۽ عربي مٺائي هئي جيڪا ڪنهن زماني ۾ مون لبنان جي شهرن طرابلس ۽ بيروت ۾ کاڌي هئي. اڄڪلهه  ڪراچيءَ ۾ ڊفينس مارڪيٽ ۾’گلشن سويٽ ميٽ‘ وارو به ٺاهي ٿو.

هن قسم جي روايتي ڪٽلي هن کان اڳ مون عربن جي محلاتن جي تصويرن ۾ يا اتر آفريڪا جي ملڪن تي ٺهيل هالي ووڊ جي فلمن ۾ ڏٺي هئي.

”ڇو ڀلا مٺائي نٿو کائين. مٺاڻ پسند ناهي ڇا؟“ عبدالوهاب پڇيو.

”پسند آهي، پر توهان جي عرب دنيا جي مٺائي حد کان وڌيڪ ئي مٺي ٿئي ٿي ۽ چانهه جو مزو خراب ڪريو ڇڏي.“

”پرواهه نه ڪر. ان ئي ڪري مون چانهه ڪجهه وڌيڪ مٺيري ٺاهي آهي.“

مٺائي چکي پڇيومانس ته اها ڪٿان ورتائين.

”موراڪو جي آهي.“ هن وراڻيو.

”ڪو مٽ مائٽ آيو هو ڇا؟“

”نه آئون پاڻ گذريل هفتي ويو هوس.“

”هاڻ مون کي ياد آيو. اڳئين هفتي بس سينٽرل اسٽيشن تي ترسي ته ڪجهه شاگرد ڊرائيور کي ٿوري دير وڌيڪ ترسڻ لاءِ چئي رهيا هئا. آئون اڳيان ويٺو هوس. مون سبب پڇيومان ته هڪ ٻڌايو ته ڪنهن شاگرد کي سامان لاهڻو آهي، جيڪوموراڪو پيو وڃي. مون سمجهيو چرچا پيا ڪن ته ريل رستي موراڪو پيو وڃي. ڇو جو موراڪو پهچڻ لاءِ هڪ بالٽڪ سمنڊ اڪري وچ يورپ ۾ پهچڻو آهي ۽ پوءِ اسپين مان ڀونوچ سمنڊ جو ٻيو حصو لتاڙڻو آهي. جيڪو خالد بن وليد به ٻيڙيءَ رستي اڪريو“.

”نه. آئون ريل رستي گوتوبرگ ويو هوس جتان فيريءَ ۾چڙهي فرانس پهتس ۽ اتان ڊائريڪٽ اڏام رباط هئي.“ عبدالوهاب ٻڌايو.

”ٻارن کي هتي گهرائين پيو يا نه؟“ مون پڇيومانس.

”نه. ان ڪري جو هڪ ته منهنجي زال نوڪري ڪري ٿي. پر کڻي هوءَ سال سوا نوڪري تان موڪل ڪري، پر ٻارن جي پڙهائي خراب ٿي ويندي. وڏي ڌي اٿم ان بعد ٻه پٽ، ننڍي کانسواءِ ٻئي وڏا ٻار اسڪول وڃن ٿا.“

”پر عبدالوهاب! ڌارين ملڪن جي ٻارن لاءِ هتي مالمو ۾ ڪيترائي اسڪول اٿئي.“ مون ٻڌايومانس.

”ها. انهن بابت مون معلوم ڪيو. پر اهي يا ته هتي  جي ٻولي سئيڊش ۾ آهن يا انگريزيءَ ۾. منهنجا ٻار مون وانگر عربي ۽ فرينچ پڙهڻ ٿا.“

چانهه جو ڪوپ ختم ٿيڻ تي عبدالوهاب اڌ ڪوپ ٻيو ڀريو.

”چانهه ڪيئن لڳي؟“ هن پڇيو.

”تمام سٺي ٺاهي اٿئي پر سمجهي نه سگهيس ته ڪهڙي چانهه آهي؟ ڪاري، سائي، چيني.... ۽ ڪهڙي برانڊ جي- ييلو ليبل، ٽيٽلي، جاسمين....“

”مون کي پڪ هئي ته تون ان بابت ضرور سوچيندين. هيءَ گرين ٽي نموني جي آهي. پر هڪ خاص جنس جي آهي جيڪا  مون موراڪو مان آندي آهي.“ هن ٻڌايو.

موڪلائڻ مهل عبدالوهاب ڪجهه چانهه جي پتي ۽ مٺائي وجهي ڏني.

”مٺائي واري پليٽ موٽائڻ وسري وڃيم ته مهرباني ڪري ياد ڏيارجانءِ.“ مون کائنس موڪلائيندي چيو.

سو اهڙي طرح گهڻو ڪري روزانو ڪنهن نه ڪنهن ڌارئين ملڪ جي باشندي سان ملڻ جو موقعو ملي ٿو.


 

 

 

تنزانيا، زنجبار ۽ درٻيلو

هڪ گڏيل دعوت ۾ جتي ٻيا ته ٺهيو پر ڪيترن عرب رياستن ۽ آفريڪا جي مسلمان ملڪن جا ماڻهو شراب پي رهيا هئا، اتي منهنجو ڪرسچن ڪلاس ميٽ دوبيلو نالي، ڪوڪا ڪولا کڻي اچي منهنجي ڀرسان ويٺو. پاڻ اوڀر آفريڪا جي ملڪ تنزانيا جو آهي. تنزانيا ڪنهن زماني ۾ ٻه الڳ ملڪ هئا. هڪ ٽانگانيڪا ۽ ٻيو زنجبار. زنجبار ٻيٽ کي انگريز زئنزيبار (Zanzibar) سڏين ٿا.

دوبيلو MDOBILU جي نالي اڳيان ايم اکر پڻ اچي ٿوپر ايم جو اچار ايترو هلڪو آهي جيترو انگريزيءَ جي لفظ سئڪلاجي ۽ نمونيا ۾ P جو اُچار آهي يعني نه برابر. يا ڊچ ماڻهو جڪارتا لکڻ مهل D جو به اڳيان واڌارو ڪندا آهن. دوبيلو جا سندس قبيلي جا آفريڪي شاگرد پورو نالو وٺن ٿا پر اسان لاءِ ’دوبيلو‘ سڏڻ ايترو ئي ڏکيو آهي جيترو غير سنڌي لاءِ ’مڱيلڌو‘ يا ’ڏاتر ڏنو‘ اچارڻ. اهو.ئي سبب آهي جو آئون وچان ئي کيس درٻيلو سڏيان.

وري به درٻيلو ۽ دوبيلو ۾ ايترو فرق ناهي جيترو جارج ۽ هورهي ۾ آهي. هورهي پڻ اسان جو ڪلاس ميٽ آهي. پاڻ وچ آمريڪا جي هڪ خوشحال ملڪ ڪاسٽا ريڪا جو اسپيني ڳالهائيندڙ آهي. (وچ آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ اسپيني ائين ٿي هلي جيئن گلف ۾ عربي. C اسپيني زبان ۾ J کي ’ج‘ نه پر ’هه‘ پڙهبو آهي. يعني هو لکندو Jorje آهي پر پڙهبو هورهي آهي. اسان ته کيس هورهي سڏيون پر هر نئون ماڻهو کيس جارج سڏي ٿو.

دوبيلو کي چيم: ”درٻيلو! تون بيئر شيئر ڪونه پيئين ڇا؟“

مرڪي وراڻيائين: “No I perfect Coke.”

۽ پوءِ ساعت کن ترسي چيائين: آئون شراب ڏاڍو پيئندو هوس. پر هاڻ مون ڇڏي ڏنو آهي.“

”تمام سٺو. پر ڇو؟ هڪ تو جهڙي جوان، جهازي ۽ ولايت ۾ ايندڙ ويندڙ آفيسر لاءِ، جيڪوپهرين کان پيئڻ جو عادي هجي، سگريٽ يا شراب جهڙي شيءِ ڇڏي ڏيڻ ڪمال جي ڳالهه آهي!“ مون چيومانس.

پاڻ مرڪي چوڻ لڳو:

”بس ڇڏي ڏنم. دراصل خاص سبب ته ايڪاناميڪل هو. اجايو خرچ آهي انهن ڳالهين پويان. موٽ ۾ وري ڪجهه به ڪونه ٿو. ۽ پوءِ هڪ دفعو ماڻهو ان سنگت ۾ اچي ٿو ته اڙجيو وڃي. تنزانيا ۾ ته وري ولايتي شراب تمام ڏکيو ملي ٿو. پوءِ مڪاني ٺهيل ڪچو ۽ ڪنو بيئر پيئڻ ڪري صحت به خراب ٿيو پوي. پر هونءَ به I Want to be a good Christian آئون هڪ سٺو عيسائي ٿيڻ چاهيان ٿو.“

سٺي عيسائيءَ کي شراب پيئڻ کان پرهيز ڪرڻ کپي، اها مون لاءِ نئين ڳالهه هئي. ان ڪري پڇيومانس:

Is it so? – ڇا عيسائي به ان کي خراب سمجهن ٿا؟“

”ها بلڪل.“ هن وراڻيو، ”اسلام، عيسائيت، يا ڪوبه مذهب هجي، نيڪ ٿيڻ جي تلقين ڪري ٿو. نشي پتي لاءِ ڪهڙو مذهب يا مهذب ماڻهو چوندو. بس اسان ماڻهن کڻي ان قسم جي ڳالهين کي وڏ ماڻهپي جا ماپا (Status Symbols) ٺاهيا آهن. ٻين آفريڪي ۽ ايشيائي غريب ملڪن وانگر منهنجي ملڪ جا ماڻهو به کوکلو شان ۽ لئه رکڻ لاءِ اهڙا ڪم ڪن ٿا ۽ منهنجا دوست مون مان اهائي اميد رکن ٿا ته آئون به پيئان پياريان پوءِ ٻار ڀلي گهر ۾ پيا بک مرن. يا رشوتون کائي ظاهري ڏيک ۽ عيش ڪريان. پر آئون حقيقت پسند انسان آهيان۽ انهن ڳالهين سان نفرت اٿم.”

دوبيلو کي ڪيترا ماڻهو يوگنڊا جو سمجهندا آهن جو سندس شڪل يوگنڊا جي عيدي امين سان ملي ٿي. ۽ ڪيترا کيس پرپٺ عيدي امين سڏين، پر منهن تي هرگز نه. ڇو جو اسان جي دوبيلي ۽ عيدي امين جي ڪردار ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. عيدي امين جي جڏهن ڪمن ڪري هن پاسي جا يورپي ته ساڻس سخت نفرت ڪن ٿا پر سندس ملڪ جا ماڻهو به کانئس حقارت ڪن ٿا، جو هن هڪ خوبصورت ملڪ کي اهڙو تباهه ڪري ڇڏيو جو اڃا وري صحيح نه ٿي سگهيو آهي.

هڪ ڏينهن دوبيلو کان سندس ملڪ تنزانيا بابت پڇيم ته، معاشي طرح ڪيئن آهي؟

”صحيح ناهي.“ هن غمگين لهجي ۾چيو، ”اسان جو ملڪ تمام سکيو ستابو هو ۽ ترقيءَ جي راهه تي گامزن هو. ڀلو ٿئي عيدي امين جو. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو پنهنجي فوج اسان جي ملڪ جي سرحد تي موڪلي. اسانجي سرسبز ۽ سائي ستابي ڌرتيءَ جو ڳپل حصو پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو. چي هي يوگنڊا جو حصو آهي. نقشي ۾ غلط ڏيکاريل آهي.“

”پوءِ؟“ مون پڇيومانس.

”بس پوءِ ڌرتي خاطر، عزت ڪارڻ اسان کي سڀ ڪجهه قربان ڪري فوج پٺيان خرچ ڪرڻو پيو ۽ ڪي سال اسان وڙهندا رهياسين ۽ ملڪ جي سڄي ڪمائي فوج ۽ فوجي ساز و سامان خريد ڪرڻ ۾ برباد ٿيندي وئي. اهڙن موقعن تي مغربي قومون ٻنهي جي وچ ۾ ٽپي يڪدم صلح ۽ امن امان ڪرائڻ بدران پنهنجين فئڪٽرين ۾ تيار ڪيل جنگي سامان وڪڻڻ پنهنجو فرض سمجهن ٿيون. ڇو جو هنن جي خوشحاليءَ جواهوئي راز آهي ته اسين وڙهندا رهون.هينئر قرضن جا ڪوٽ چڙهيل آهن جن جو وياج ئي ايترو آهي جو لاهيندي هي حال اٿئون. قرض ۽ وياج لاهيون يا ملڪ جي ٻي خوشحاليءَ کي منهن ڏيون.“

”واقعي تنزانيا جي ابتر حالت ڏسي افسوس ٿئي ٿو.“ مون چيو ۽ ٻين سان گڏ ماني لاءِ اٿياسين. مانيءَ واري هال تائين اچڻ مهل دوبيلو آهستي چيو:

”اسان جي غريب آفريڪي ۽ ايشيائي ملڪن وڏين طاقتن پويان لڳي به پنهنجي ٻيڙي ٻوڙي آهي. نتيجو اکين اڳيان آهي. روس سوشلزم ۽ ڪميونزم جي تعريف جا هوائي محل آسمان تائين اڏيندو رهيو. اڄ خبر پيئي ته هو ڪجهه به نه هو. اندر سڄو کوکلو هو. هاڻ روس ته ان نظام ۾ تباهه ٿيندو رهيو پر نعري ۾ اچي اسان جهڙا غريب ملڪ وڌيڪ غريب ۽ فقير ٿي ويا.“

مانيءَ جي ٽيبل تي اسان جون ڪرسيون ملڪن جي پهرين اکر مطابق هيون. پاڪستانيءَ جي حيثيت ۾ منهنجي ڪرسي پاپانيوگني ۽ فلپين جي وچ ۾ هئي. ۽ تنزانيا جي دوبيلو جي ترڪيءَ، ٽيونيشيا ۽ ٽوگو ٽرنيڊاڊ وارن جي ڀر ۾ هئي.

“See you Latter.”چئي دوبيلو في الحال موڪلايو.

هن وقت هي مضمون لکڻ وقت دوبيلو جي اباڻي وطن زنجبار (Zanzibar) ۽ ٽانگانيڪا بابت سوچي رهيو آهيان، جيڪي ڪنهن زماني ۾ ڪينيا ۽ ممباسا سان گڏ بلي بلي ملڪ ۽ بندرگاهه هئا. ننڍا هئاسين ته فلمن ۾هنن ملڪن جا فلمايل نظارا ڏسبا هئا ۽ هنن ملڪن تي ٺهيل گانا مشهور هئا جن مان هينئر به هڪ ياد اٿم.

”تم ني ديکها کيا بهلا

گرنه ديکها آفريڪا

ٽانگانيڪا! ٽانگانيڪا!

ممباسا تي پڻ هڪ گانو- شايد فلم ’آزاد‘ جو مشهور هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org