سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: اقتصادي انصاف

باب: --

صفحو : 14

 

 

86. ڪٿي هئي . . .

حضرت دائود کي فلسطين جي لڙائيءَ ۾ ڏاڍي اڃ لڳي. بيت الحم جي کوهه مان پاڻيءَ جي طلب ڪيائين. سندس سپاهه مان ٽن ڄڻن دشمنن جي لشڪر سان وڙهي، کوهه مان پاڻي ڀري، اچي حضرت دائود جي اڳيان حاضر ڪيو. حضرت دائود اهو پاڻي نه پيتو ۽ هاري، چيائين ته ”خدا نه ڪري، جو آءٌ اهو ڪم ڪريان. آءٌ انهن ماڻهن جو رت ڪيئن پيئندس، جن پنهنجون حياتيون منهنجي واسطي مصيبت ۾ وڌيون آهن!“

 

87. جنهن جو نالو. . .

يوناني عقيدي موجب جيڪي ٽي ڏمر جو ديويون هيون، انهن مان ٽسيفون هڪ آهي ۽ سارو ڏينهن ۽ ساري رات چهبڪ کڻيو، دوزخ جي دروازي تي ويٺي آهي.

88. اپاس جو زهريلو وڻ

اپاس جو زهريلو وڻ، اهڙو آهي، جنهن جي شاخن هيٺان ڪو به ماڻهو اچي، ته ان تي زهر جو اثر ٿئي. هتي انهيءَ وڻ مان مراد آهي ”اڻوڻندڙ اثرات.“

 

89. بيلنزونا

بيلزونا، سئٽزرلنڊ ۾ تسينو نديءَ جي مٿان ليوگانو کان سورهن ميل اتر طرف آهي.

90. مسرت لاءِ . . .

هي لفظ انجيل جي فصل 3-128 ۾ آهن، جن جو مطلب آهي ته ”اوهان جي زال انگور جي ڀريل ول وانگر آهي، جا اوهان جي گهر جي پاسن کان چوڌاري پکڙيل هوندي آهي ۽ اوهان جا ٻار زيتون جي ٽاريءَ وانگر آهن، جيڪي اوهان جي کاڌي جي ميز جي چوڌاري ويهن ٿا.“

 

91. شهزادي ريوپرٽ جا ڦڙا (Prince Rupert’s Bropss)

جڏهن شيشي کي تپائي، ڳاري، پاڻيءَ ۾ وجهبو آهي، ته ان مان ڏيڏرن جهڙين شڪلين جهڙا پڙا تيار ٿي پوندا آهن جيڪڏهن انهن جي ”پڇن“ مان ڪو ٽڪرو ٽڙڪي پوندو آهي ته وڏي ٺڪاءُ سان سڄا اٽو ٿي پوندا آهن. اهڙا ڦڙا انگلنڊ ۾ پهريائين شهزادي ريوپرٽ ٺاهيا هئا.

 

92. اگزين

يوناني ڏند ڪٿا موجب اگزين اهو ماڻهو چيو وڃي ٿو، جنهن پنهنجي سهري کي، دولت جي هوس سبب، پنهنجي شاديءَ جي سلسلي ۾ آڇيل سوکڙي نه ڏني. ان جي عيوض سهري کي دعوت ڏيئي، ٺڳيءَ سان، باهه جي کوري ۾ اڇلايائين. اهڙي طريقي سان هي منحوس ثابت ٿيو. زيئس مٿس رحم آڻي کيس گناهه کان آجو ڪيو، ته ان سان به اهڙي بدسلوڪي ڪيائين، جو سندس زال سان عشق ڪرڻ لڳو. پر اها نيٺ حاصل ڪانه ٿيس ۽ پوءِ ان جي پاڇي کي ڀاڪر پائڻ شروع ڪري ڏنائين، جنهن مان کيس اهڙو اولاد پيد اٿيو، جو اڌ انسان ۽ اڌ حيوان هو. آخرڪار کيس هڪڙي گرم ۽ تيز ڏندن واري ڦيٿي سان جڪڙيو ويو، جو ڦيٿو دائمي طرح ڦرندو ئي رهيو.

 

93. ڊيماس جي چانديءَ جي کاڻ

انجيل ٽمٿيءَ جي ڀاڱي ٻئي، باب چوٿين جي فقري ڏهين ۾ آيل آهي ته ”هن دنيا جي پيار ڪري ڊيماس مون کي وساري ڇڏيو آهي.“ چيو وڃي ٿو ته جان بنيان (Jhon Bunyan) ”پلگرمس پراگريس“ ڪتاب ۾ ڊيماس کي هڪڙيءَ چانديءَ جي کاڻ جو ناظم ڪري ڏيکاريو آهي، جتي هو ماڻهن کي تماشي ڏيکارڻ لاءِ ڪشش ڪري رهيو آهي، ۽ اتي اهڙو ته بندوبست رکيل آهي، جو جيڪو به ماڻهو اتي اچي ٿو سو پهچڻ سان وڃي ان کاڻ ۾ پوي ٿو ۽ اتي ئي ختم ٿي وڃي ٿو. دولت کي انهيءَ ڪري ڊيماس ۽ ان جي کاڻ سان مشابهت ڏني ويئي آهي.

94. جون

هن جو اصل نالو ”هيرا“ آهي. هيءَ زيئس جي زال هئي. هن تي اگزين عاشق ٿي پيو، پر ناڪام رهيو.

 

95. گيريان

يوناني ڏند ڪٿائن موجب گيريان هڪ وڏو راڪاس هو. هن کي پاڻ ۾ ڳنڍيل ٽي جسم هئا. هي سڀني تي حڪومت ڪندو هو. هن کي ڍڳن جي چوريءَ ڪري هرڪليولس قتل ڪري ڇڏيو. ڊانٽي هن کي غريب جي علامت ڪري پيش ڪيو آهي ۽ دوزخ جي اٺين طبقي جي دروازي جو چوڪيدار ڪري شمار ڪيو آهي، جتي اهڙن دوکيبازن کي سزا ڏني وڃي ٿي. هن کي ناپاڪ راڪاسن مان هڪ راڪاس ڪري شمار ڪيو وڃي ٿو.

 

96. ازڪيل

حضرت ازڪيل خواب ۾ ڏٺو ته هڪڙي گاڏي آهي، جنهن ۾ جدا جدا صورتن ۾ جاندار يعني شينهن، پکي ۽ انسان ڦيٿن سان جڪڙيل آهن. اهي سڀ ڌوڪي ڪندڙ انسان هئا، جن کي اهو عذاب ڏنو ويو هو.

 

97. (الف) . . .  پوندا آهن

هيءُ اهو شيشو آهي، جنهن سان ماري پکين جي اکين تي اولڙو ڪري، کين آسانيءَ سان ڦاسائي وٺندا آهن.

 

97. (ب) تفرقو

انجيل (پيٽر) جي باب ٻئي، فقري ٽئين ۾، حرص بابت ڄاڻايل آهي ته خدا تعاليٰ انهن ملائڪن کي سزا کائڻ کان آجو نه ڪيو، جن بهشت ۾ حرص جي پٺيان گناهه ڪيو. خدا تعاليٰ انهن ملائڪن کي دوزخ ۾ اڇلي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ ته اهي ماڻهو، جي گناهه ڪرڻ جو خيال ڪن، سي سبق سکي باز اچن.

98. (الف) مانيءَ جا ڀور

هن ۾ انجيل (لوڪا) جي انهيءَ عورت واري ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيل آهي، جنهن حضرت عيسيٰ کي عرض ڪيو ته سندس ڌيءُ وٽان شيطان کي تڙيو وڃي. حضرت عيسيٰ ان مائيءَ کي چيو ته ”پهريائين ننڍن ٻارن کي کارائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه واجب نه آهي ته ٻارن جي ماني کڻي، ڪتن کي اڇلي ڏجي.“ انهيءَ تي مائي جواب ڏنو ته ”ها مالڪ، تنهن هوندي به ڪتا ميز جي هيٺان ننڍن ٻارن جا ٽڪرڙا کائي ٿا وڃن.“ تنهن تي حضرت عيسيٰ چيو ته ”تنهنجي انهيءَ جواب ٻڌڻ کان پوءِ، شيطان تنهنجي ڌيءَ وٽان ازخود ئي نڪري ويو هوندو.“ هتي رسڪن جي اها مراد آهي ته غريب ماڻهن کي حق آهي ته هو حڪومت کان کاڌو، ڪپڙا، تعليم ۽ روزگار جي طلب ائين ڪن، جيئن ٻارڙا پنهنجن مائٽن کان خوراڪ جي طلب ڪن ٿا.

98. (ب) سودوم جو صوف ۽ گموراه جا انگور

هن مان مراد اهو ميوو آهي، جو واٽهڙوءَ کي پنهنجي ٻاهرئين حسن جي اثر سان ڪشش ڪري، پر جڏهن مسافر انهيءَ کي اچي هٿ لائي ته ڦلهير ٿي پوي. سودوم ۽ گموراهه ٻيئي گناهه جا شهر چيا وڃن ٿا. اهي انجيل جي جاگرافيءَ موجب سڊيم جي بيابان ۾ بيٺل هئا. سوڊوم جو صوف ۽ گموراه جا انگور جديد تجارت جي فريب جو مثال پيش ڪن ٿا، جنهن جو لاڀ مزور کي فقط ڦلهير ۽ زهر جي صورت ۾ حاصل ٿئي ٿو.

 

99. چمڪندڙ سون

مصنف اَناج کي ”خدا جو سون“ سڏي ٿو.

 

100. چمڪندڙ سون

مصنف اَناج کي ’خدا جو سون‘ سڏي ٿو.

 

ڪم آندل ڪتابن جي لسٽ

 

Ruskin “Unto This Last” by Monfries and Hollingworth (London University Tutorial Press Ltd.)

Ruskin “Unto This Last” by Eyre.

“Unto This Last and other essays on Political Economy” by John Ruskin.

“Unto This Last and Two paths” by Ruskin

“Sesame and Lilies” by Ruskin.

Encyclopedia Britannica.

Chamber’s Encyclopedia.

Cassel’s Cyclopedia of English Literature.

Pears Cyclopedia.

English to Urdu Dictionary, Students Edition. Ferozsons, Karachi, Lahore, Peshawar.

English to Sindhi by Dictionary Anand Ram T. Shahani.

The Old Testament, Newly translated from Latin Vulgate by M.G.R. Ronald. A. Knox at the request of the Cardinal Arch Bishop of West Minister.

 

 

Volume I

Genesis – Esther

 

Vol: II

Job – Machabees

 

New Testament of Our Lord and Saviour Jesus Christ.

Translated out of het original Greek & with the former translations diligently compared and revised.

By His Majesty’s special command.

Saint Luke in Persian

Rev: Dr: Bruce’s revision.

Saint John in Persian.

Rev: Dr: Bruce’s revision.

Saint Mathew in Persian.

Rev: Dr: Bruce’s revision.

 

 

هماري خداوند يسوع مسيح کا عهد جديد، ورنيکلر کيتهولک، ڻرتهه سوسائڻي، لاهور.

تاريخ بائبل.

پنجاب ورنيکلر کيتهولک، ڻرتهه سوسائڻي، لاهور.

اقتصاديات جا ابتدائي اصول.

مصنف: مسٽر محمد حسين ترڪ، ڊپٽي رجسٽرار، سنڌ يونيورسٽي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org