سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: اقتصادي انصاف

باب: --

صفحو : 3

 

 

 

اقتصادي انصاف

جان رسڪن جي ڪتاب ”آن ٽو دس لاسٽ“

جو سنڌي ترجمو

 

مقالو پهريون

 

سربلندي جا بنياد

1. جن به عام گمراهين، وقت بوقت انسانذات مان زياده ماڻهن جي دلين کي پئي گهيريو آهي، شايد انهن مان سڀ کان عجيب، يقينناً سڀ کان زياده غير معتبر، نام نهاد (25) ”سياسي اقتصاديات“ واري جديد سائنس آهي. اُها هِن مَتي تي مبني آهي ته معاشري جو مفيد ۽ ڪارگر عملي دستور، ”سماجي سلوڪ“ کي نظرانداز ڪندي به تجويز ڪري سگهجي ٿو.

2. البت ڪيميا، نجوم، جادو ۽ ٻين اهڙين ”سائنس“ جي عام پسند شاخن وانگر، جديد سياسي اقتصاديات جو ماهر فرمائي ٿو ته ”سماجي رجحان انساني طبيعت ۾ اتفاقي  خلل انداز عنصر آهن؛ برعڪس ان جي، ذاتي حرص ۽ ترقيءَ جي تمنا ان جا مستقل ۽ دائمي عنصر آهن.“ اچو ته انسان جي طبيعت مان اُهي اتفاقي ۽ غير مستقل عنصر پاسيرا رکي، انسان کي محض هڪ حريص انجڻ تصور ڪري، تپاسي ڏسون ته ڪهڙن خريد فروخت ۽ محنت جي قانونن جي ذريعي دولت جو ذخير و زياده حاصل ڪري سگهجي ٿو. مذڪوره قانون ماتحت هڪ واريءَ نتيجا آخذ ڪري، بعد ۾ هر فرد لاءِ اهو ضروري ٿيندو ته اُهو اتفاقي ۽ خلل انداز (سماجي سلوڪ يا انساني محبت وارو) عنصر مٿي ذڪر ڪيل حالتن سان جيتريقدر شامل ڪري سگهي اوترو شامل ڪري، ۽ پوءِ انهن نين حالتن موجب پنهنجي واسطي پيدا ٿيل نتيجا چڪاسي ڏسي.

3. پر اها ترڪيب تڏهن موزون ٿيندي جڏهن اتفاقي عنصر، جي اهڙيءَ طرح بعد ۾ شامل ڪيا ويندا، سي به انهيءَ ساڳيءَ نوعيت جا هجن، جنهن جهڙن عنصرن جي پهريائين تپاس ٿي چڪي هجي. فرض ڪري وٺو ته هڪ متحرڪ جسم، جو مستقل ۽ غير مستقل طاقتن جي زير اثر هجي، ان جي رفتار معلوم ڪرڻ مقصود آهي: اهڙيءَ حالت ۾ سولي ۾ سولو رستو اهو آهي ته پهريائين ان متحرڪ جسم تي مستقل طاقتن جو اثر معلوم ڪجي، ۽ بعد ۾ غير مستقل طاقتن کي پنهنجي معائني هيٺ آڻجي، جيڪي ان جسم جي عارضي ڦيرين گهيرين جا سبب بنجن ٿيون.

4. پر، سماجي معاملن ۾ خلل انداز عنصر اهڙيءَ نوعيت جا نه آهن، جهڙا مستقل عنصر، زير تپاس، مخلوق جي اصليت اهڙن خلل انداز عنصرن جي شموليت سان هڪدم بدلجيو وڃي. انهن جو اثر حسابي نه، پر ڪيميائي آهي، ۽ اهڙيون ته حالتون اُهي پيدا ڪيو ٿا وجهن، جو ان مخلوق متعلق اسان جي پهرينءَ معلومات کي بنهه ختم ڪريو ڇڏين. گويا اسان نج نائٽروجن  (Nitrogen)(26) بابت محققانه تجربا ڪيا ۽ خود انهيءَ نتيجي تي مطمئن ٿياسون ته اها هڪ قبضي ۾ اچڻ جهڙي گئس آهي. پر در حقيقت جنهن شئي سان اسان جو عملاً واسطو آهي، اها ان گئس جي ڪلورائيڊ (Chloride) (27) آهي. ۽ جنهن وقت به اسين ان ڪلورائيڊ کي نائٽروجن متعلق تسليم شده اصولن مطابق ڇهنداسون، ته اها اسان کي ۽ اسانجي تجربي جي سامان کي، ڇتيون ڦاڙي، مورڳوئي ٻاهر اڇلي ڇڏيندي.

5. معلوم هجي ته جيڪڏهن مذڪور علم جا اصول قابل قبول آهن، ته مون کي نه سندن نتيجن تي اعتراض آهي ۽ نه شڪ. در حقيقت مون کي انهن ۾ ڪابه دلچسپي نه آهي- جهڙيءَ طرح ان ورزشي علم جي اصولن ۾ مون کي ڪا دلچسپي نٿي ٿي سگهي، جنهن جي دعوا هجي ته انسان جي جسم ۾ هڏائون پڃرو آهي ئي ڪونه. ان مان ته اها ڳالهه به ثابت ٿي سگهندي ته شاگردن کي، گولن جي صورت ۾ ڳوهي، انهن کي لولن وانگر ٿڦي سگهجي ٿو، يا ڇڪي ڊگهين ڊگهين تارن جي شڪل وٺائي سگهجي ٿي، ۽ جڏهن اهي سڀ نتيجا اَخذ ٿيندا، ته ان کان پوءِ سندن جسم ۾ وري هڏن جي پڃري جو داخل ڪرڻ ذرا تڪليف ده ٿي پوندو. اهڙيءَ صورتحال ۾ ان سائنس جا دليل برابر تعريف لائق، ۽ نتيجا برابر درست هوندا، پر خود اُها سائنس عملي صورت ۾ البت اوڻي ٿابت ٿي پوندي.

6. جديد سياسي اقتصاديات جو بنياد به، مختصر طور ائين چئجي ته ساڳئي پايي تي بيٺل آهي. هن سائنس جو مفروضو هيءُ نه آهي ته انسان جي بدن ۾ هڏن جو پڃرو موجود نه آهي، پر ان جو مفروضو هيءُ آهي ته سارو جسم محض هڏن جو پڃرو آهي. هن مفروضي ماتحت، خالص هڏائين جسم ۾ روح جي عدم موجودگي يقيني آهي. روح جي هن غير موجودگيءَ جي بنا تي، پوءِ هيءَ سائنس انساني سڀيتا جي ترقيءَ جو هڪ پوري جو پورو گهڏ ڪندڙ نظريو آڻي پيش ڪري ٿي، ۽ ڪيتريون ئي جاميٽريءَ جون وڻندڙ شڪليون، جي مرده کوپراٽين ۽ ڏوريءَ وارن هڏن مان ٺاهي سگهجن، سي ڪمال خود اعتماديءَ سان هيءُ سائنس پوءِ آڻي اسان جي اڳيان رکي ٿي؛ ۽ پوءِ انتهائي ڪاميابيءَ سان هي ثابت ڪري ميدان تي بيهي ٿي رهي ته هن عجيب نهري ذره دار ساخت ۾ روح جي نئين سر داخلا نهايت اڻ سهائيندڙ ۽ تڪليف ده واقع ٿيندي. هن نظريي جي صداقت کان مان انڪار ڪونه ٿوڪريان. منهنجو انڪار فقط، دنيا جي موجوده صورتحال ۾، ان جي عملي حيثيت کان آهي.

7. هن نظريي جي هيءَ عملي ناموزونيت عجيب انداز ۾ اسان جي مزورن جي تازه هڙتال (28) ڪري پيدا ٿيل عام پريشانيءَ جي صورت ۾ ظاهر آهي. هيءُ هڪ رواجي ۾ رواجي مثال آهي، جيڪو پنهنجي حقيقي اثباتي روپ ۾ اسان جي اڳيان اڄ پيش ٿيو آهي- جنهن جو تعلق سڌيءَ طرح انهيءَ اهم ابتدائي مسئلي (يعني، مالڪ ۽ ملازم جي باهمي تعلقات) سان آهي، جنهن مسئلي سان سياسي اقتصاديات جو سڌو سنئون واسطو آهي، ۽ سياسي اقتصاديات کي ئي لازمي طرح ان سان منهن ڏيڻو آهي، ۽ اڄ جڏهن شديد اقتصادي بحران جون حالتون نمودار آهن ۽ هزارها جانيون ۽ بي انداز دولت خطري ۾ آهي، تڏهن اسان جا هي سياسي اقتصاديات جا ماهر بيوس ۽ عملاً ساڪت بنيا بيٺا آهن، هو مشڪلات جو اهڙو ڪو به موزون حل ٻڌائي نٿا سگهن، جو مخالف ڌرين کي مطمئن ڪري سگهي يا خاموش ڪري سگهي- ۽ انهيءَ ڪري ئي هيءَ ناقابل حل دو طرفي ڪشمڪش اڄ ايتري شديد صورت اختيار ڪريو بيٺي آهي. مالڪ ڳالهه جي هڪ پهلوءَ تي زور ڏيو پنهنجي ضد تي اٽل بيٺا آهن، ته ملازم ٻئي پهلوءَ تي محڪم بيٺا آهن، ۽ سياسي اقتصاديات جون سموريون ڳالهيون کين هم خيال ڪرڻ کان قاصر ۽ مجبور آهن.

8. واقعي جيڪڏن هيءَ سائنس سازگار حالتون پيدا ڪري به وجهي، ته اها ڳالهه خود هڪ عجوبو ثابت ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به قسم جي ”سائنس“ سان ماڻهن کي هم خيال بنائڻ ڪڏهن به ڪنهن جو مقصد نه رهيو آهي. مناظره باز هڪٻئي پٺيان اجائي ڪوشش ڪري ثابت ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ۾ لڳا ئي رهن ٿا ته مالڪن جا مفاد ملازمن جي مفادن کان مختلف آهن يا انهن سان موافق، منجھانئن ڪنهن کي به اهو خيال نه رهيو آهي ته مفادن جي باهمي اختلاف جو نتيجو هروڀرو اهو نه آهي ته ان سبب لازمي طور ماڻهو هڪٻئي جا مخالف يا دشمن ٿي پون.

9. جيڪڏهن هڪ گهر ۾ فقط هڪ مانيءَ ڳڀو موجود آهي، ماءُ ۽ سندس ٻچڙا فاقه ڪشيءَ ۾ مبتلا آهن، ته انهيءَ حالت ۾ ٻنهي جا مفاد ساڳيا نه چئبا جيڪڏهن ان مانيءَ ڳڀي کي ماءُ کائڻ جي تمنا ٿي رکي، ته ساڳئي وقت سندس ٻچڙا به ان جي طلب رکن ٿا. سمجهو ته انهي ٽڪر کي ننڍڙا ٻارڙا کائي کپائي ٿا ڇڏين، ته يقيناً ماءُ بکي به وڃي ڪم کي لڳندي. انهيءَ جو هروڀرو اهو نتيجو ڪونه نڪرندو ته انهن ٻنهي جي وچ ۾ ضد ۽ اختلاف پيدا ٿي پوندو، ۽ اهي انهيءَ ساڳئي مانيءَ ڀور لاءِ تڪرار ڪندا. ۽ ماءُ جا طاقت جي لحاظ کان هنن کان زور آهي، سا اُهو ڀور کانئن زوريءَ ڦري، پاڻ کائي ڇڏيندي. اهڙيءَ ڪنهن ٻيءَ حالت ۾ به، ڌرين جي وچ ۾ تڪرار هروڀور ضروري نه آهي. ماڻهن جا تعلقات ڀلي ڪهڙيءَ به نوعيت جا هجن، پر اهو يقين سان چئي سگهبو ڇا ته ’ڇاڪاڻ ته سندن مفاد مختلف آهن، تنهنڪري هو هڪٻئي کي لامحاله دشمنيءَ جي نگاهن سان ڏسندا ۽ هر صورت ۾ پنهنجي مطلب سِڌ ڪرڻ لاءِ هڪٻئي سان چالبازيءَ ۽ تشدد کان ڪم وٺندا!‘

10. پر ائين هجي به کڻي (۽ ائين نه فقط آسانيءَ خاطر ئي کڻي سمجهون، پر فرض ڪريو ته ائين سمجهڻ صحيح به هجي) ته ماڻهن جي طبيعتن تي به انهن ئي غير اخلاقي قوتن جو اثر آهي، جيڪي سوئرن ۽ ڪُتن ٻلن تي اثر انداز آهن، تڏهن به اُنهيءَ روشنيءَ ۾، منطقي نقطه نگاهه کان هن مسئلي جو حل ممڪن نه آهي.

11. عموماً، فيصله ڪُن انداز ۾ اهو به ڪڏهن ڏيکاري نه سگهبو ته مالڪ ۽ ملازم جا تعلقات صريحاً موافق آهن يا مخالف؛ ڇاڪاڻ ته حالتن جي اثر هيٺ اهي ٻنهي قسمن جا ٿي سگهن ٿا. اها ته هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ٻنهي ڌرين جي خواهش توڙي مفاد هن ۾ آهي ته ڪم صحيح نموني ۾ ٿئي ۽ ان واسطي مناسب قيمت حاصل ٿئي، پر نفعي جي تقسيم جي دوران ۾ ائين عين ممڪن آهي ته هڪ جو فائدو ٻئي جو نقصان ثابت ٿئي يا نه به ٿئي. اها روش مالڪ جي مفاد جي خلاف آهي ته هو ملازمن کي ڪم جواجورو ايترو ته گهٽ ڏئي، جو هو بيمار ۽ بيدليا ٿي پون، نڪي وري اهو ملازم جي مفاد وٽان آهي ته کيس ايڏي وڏي اجرت ملي، جو مالڪ نفعي جي ڪوتاهيءَ ڪري پنهنجي ڌنڌي کي آزاديءَ ۽ بيخوفائيءَ سان فروغ ڏيڻ جو بندوبست ڪرڻ کان روڪجي وڃي. هڪ انجڻ جو اڳواڻ ڪڏهن به پنهنجي ڪمپنيءَ کان ڪو وڏو پگهار نه طلبيندو، جيڪڏهن اها ڪمپني انجڻ جي ٺيڪ رکڻ لاءِ مرمت جو خرچ به برداشت نٿي ڪري سگهي.

12. هنن باهمي مفادن تي اثر انداز ٿيڻ واريون مختلف حالتون ايتريون ته اڪيچار آهن، جو واضع عملي راه ڳولڻ جي هر ڪا اها ڪوشش جا ڪنهن عارضي مصلحت جي آخرين صورت تي ئي مبني هجي، سا لامحاله بيڪار ۽ بيسود ثابت ٿئي ٿي. در حقيقت اها ڪوشش هر حالت ۾ رائگان ئي ثابت ٿيڻي آهي. ڇاڪاڻ ته خالق جي ڪڏهن به اها خواهش نه هئي ته انسانن جو عمل عارضي مصلحت مطابق هجي، پر سندس خواهش هئي ته اهو هر حالت ۾ خالص انصاف جي تارازوءَ جي تابع هجي. انهيءَ ڪري هن عارضي مصلحت جي بنا تي عمل ۾ آيل هر ڪوشش تي هميشه لاءِ ناڪاميءَ جي مهر هڻي ڇڏي آهي.

13. ڪنهن به انسان کي نه اها خبر هئي ۽ نه آهي ته هِن يا هُن خاص راهه عمل جو آخرين ۽ انتهائي نتيجو سندس پنهنجي حالت ۾ يا ٻين جي حالت ۾ ڪهڙو وڃي بيهندو. پر هر هڪ ماڻهو کي هيءَ خبر پئجي سگهي ٿي. يا اسان مان سچ پچ گهڻن کي خبر به آهي، ته هيءُ يا هو عمل منصفانه يا غير منصفانه آهي. اسان سڀني کي شايد هي به معلوم آهي ته انصاف جا نتيجا آخر اسان توڙي ٻين سڀني لاءِ هر ممڪن صورت ۾ مفيد واقع ٿيندا، جيتوڻيڪ اسين واقعي ائين نٿا چئي سگهون ته زندگيءَ جي بهترين صورت ڪهڙي آهي، ۽ نه ئي وري اسان کي هي معلوم آهي ته اها ڪهڙين حالتن هيٺ وقوع پذير ٿي سگهندي.

14. ”انصاف جي تارازي“ لفظ استعمال ڪرڻ مان منهنجو مطلب آهي، اهو انصاف جنهن ۾ محبت سمايل هجي ۽ اها محبت جا هڪ کي ٻئي لاءِ دل ۾ هجي. (29). مالڪ ۽ ملازمن جي درميان خوشگوار تعلقات، ۽ سندن بهترين مفاد آخرڪار انهن ئي ٻن ڳالهين تي منحصر آهن.

15. مالڪ ۽ ملازمن جي تعلقات جو سادو ۽ بهترين مثال اسان کي گهرو نوڪرن ۽ خدمتگارن جي زندگيءَ مان ملي سگهندو.

16. فرض ڪري ٿا وٺون ته گهر جو مالڪ پنهنجن نوڪرن کان سندن مقرر ٿيل اجرت عوض ايترو ڪم وٺي ٿو، جيترو هو کانئن وٺي سگهي ٿو. هو پنهنجن نوڪرن کي ڪڏهن به سست ٿيڻ يا سست ويهڻ نٿو ڏئي. کين اهڙو رُکو ۽ مختصر کاڌو کارائي ٿو ۽ هنن جي رهائش جو اهڙو ڏکيو ۽ ڪنجوسائيءَ جو بندوبست ڪري ٿو، جو ان کان وڌيڪ بدتر کاڌو ۽ بندوبست هو برداشت ڪري نه سگهندا (30). ان جي بر خلاف، کانئن ڪم جون تقاضائون وڌائي وڌائي هو انهيءَ حد تي وڃي ٿو پهچائي، جو ان حد کان وڌيڪ ٿوري ۾ ٿوري ڪم جي به کانئن طلب ڪندو ته گويا هُنن کي مجبور ڪندو ته هو سندس نوڪري ڇڏي وڃن.

17. ظاهر آهي ته ائين ڪرڻ سان رواجي حالتن هيٺ جنهن چيز کي ”انصاف“ سڏيو وڃي ٿو، ان جي هو ڪابه ڀڃڪڙي ڪانه ٿو ڪري. هو پنهنجي گهرو نوڪر کان سندس سموري وقت ۽ پوريءَ خدمت جو اقرار وٺي ٿو ۽ پوءِ ئي هن کي پنهنجي نوڪريءَ ۾ دخلڪار ٿيڻ جي اجازت ڏئي ٿو. هو پنهنجي نوڪر سان جيڪا روش وٺي ٿو، تنهن جي سختيءَ جون حدون اهي مقرر ٿو ڪري جيڪي ڀر وارن مالڪن وٽ رواج ۾ آهن- يعني اهي، جي اجرت جي عام ۽ چالو نرخ جي عين مطابق آهن؛ جيڪڏهن خدمتگار کي وڌيڪ سٺيءَ نوڪريءَ جي جڳهه حاصل ٿي سگهي ٿي، ته انهيءَ معاملي ۾ خود مختار آهي ته ڀلي وڃي ٻي ملازمت هٿ ڪري. دراصل مالڪ کي نوڪر جي مروج مزوريءَ جي خبر ئي فقط تڏهن پئجي سگهندي، جڏهن هو نوڪر کان اوتري گهڻي ۾ گهڻي ڪم جي طلب ڪندو، جيترو ڪم نوڪر پاڻ ڏيڻ لاءِ آماده هوندو- ٻيءَ صورت ۾ هو مالڪ جي نوڪري ڇڏيندو.

18. سياسي اقتصاديات جي ماهرن جي چوڻ موجب، سياسي اقتصاديات جو هن معاملي متعلق نظريو (31) اهوئي آهي. سندن دعويٰ آهي ته مذڪور طريقهء ڪار مطابق سراسري طور ملاز م کان زياده ۾ زياده ڪم حاصل ڪري سگهبو ۽ ائين ڪرڻ سان قوم کي گهڻي ۾ گهڻو فائدو حاصل ٿئي ٿو ۽ قوم جي معرفت اوتروئي فائدو ڦِري خود ان ملازم کي به وڃي ٿو پهچي.

19. هن ڳالهه ۾ بهرحال ڪابه بنيادي صداقت ڪانهي. اها ڳالهه محض ان صورت ۾ درست ٿي سگهي ٿي، جڏهن خدمتگار هڪ انجڻ هجي، جنهن کي تحرڪ ۾ آڻيندڙ طاقت ٻاڦ هجي، يا مقناطيسي ۽ مرڪز ثقل جي طاقت هجي، يا اهڙو ڪو ٻيو ذريعو هجي، جنهن جي طاقت جي ڪَٿَ ڪري سگهجي؛ پر بر عڪس ان جي، هيءَ اها انجڻ آهي، جنهن کي تحرڪ ۾ آڻيندڙ طاقت ساههُ آهي، روح آهي. هن عجيب ۽ خاص الخاص محرڪ جي طاقت، جنهن جي مقدار جي معلومات حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي، سا اقتصادياتي ماهر جي حسابي ڀڃ _ گهڙ ۾ اوچتو اچيو دخل انداز ٿئي ٿي ۽ هڪدم سندس اخذ ڪيل نتيجن کي ڪوڙو ثابت ڪيو وجهي. ظاهر آهي ته هيءَ عجيب غريب انجڻ پگهار جي لالچ تي يا دٻاءَ هيٺ يا ڪوئلن جي ڇٽيهه مڻين ماپي سان ڀرجڻ تي (32) ڪم ڪانه ڏيندي- ان جو گهڻي ۾گهڻو ڪم ڏيڻ ته پري رهيو. اها فقط تڏهن ڪارگر ڪم ڏيندي، جڏهن سندس محرڪ طاقت، يعني سندس روح يا سندس ارادو، کيس پنهنجو مخصوص کاڌو، يعني خالص محبت يا ذوق، بهم پهچائي، طاقتور بنائيندي، ۽ ڪم ڪرڻ تي آماده ڪندي.

20. تحقيق ڪڏهن ائين ٿي به پوي، ۽ اڪثر ٿئي به پيو، ته جيڪڏهن مالڪ سرگرم عمل ۽ داناءَ آهي، ته پنهنجي حڪمت عمليءَ، ارادي جي قوت ۽ رٿائتي طريقهء ڪار جي مدد سان، گهربل ڪم جو ڪافي انداز پنهنجي ملازمن کان، مشينن وانگر خالص دٻاءُ وسيلي پڻ وٺي سگهي ٿو ۽ ٻئي طرف انهيءَ ڳالهه جو به ڪوي امڪان آهي، ۽ اڪثر ڪري ائين ٿئي به پيو، ته جيڪڏهن مالڪ آرام طلب ۽ ڪمزور آهي (پوءِ هو ڪيترو به شريف طبع هجي)، ته سندس نوڪر پوري رهبريءَ نه ملڻ سبب، پنهنجي طاقت کي بيڪار خرچ ڪندي به، ۽ دلين ۾ هن لاءِ نفرت گاڏڙ شڪر گذاريءَ جا جذبا موجود رکندي به، هن کي تمام گهٽ ۽ سو به خراب ۽ اڻپورو ڪم ڪري ڏين ٿا.

21. پر، هن دائري ۾ عالمگير قانون اهو آهي ته مالڪ ۽ ملازم (ڪيتريقدر به هو قوي ۽ زڪي هجن يا نه هجن _ ان سان ڳالهه جو واسطو نه آهي) باهمي تعصب ۽ ضد رکڻ سان نه، پر صرف باهمي پيار ۽ محبت سان ئي ڪم جا سٺي ۾ سٺا مادي نتيجا حاصل ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن مالڪ ملازم کان هر ممڪن طرح گهڻي ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران، ملازم لاءِ سندس مقرر ٿيل واجبي مقدار واري لازمي ڪم کي زياده ۾ زياده دلچسپ ۽ مفيد بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ هُن جي مفادن جي هر سهائيندڙ ۽ انصاف ڀرئي طريقي سان پرگهور لهي ٿو، ته ان صورت ۾ اهو ملازم جنهن جو ايترو لحاظ رکيو ويو هجي، سو آخرڪار جيترو سچ پچ ڪم ڪندو، يا جيڪو فائدو رسائيندو سو امڪان جي حدن اندر تحقيق گهڻي ۾ گهڻو ئي ٿي سگهي ٿو.

22. غور فرمايو _ آءٌ چوان ٿو ته ”جيڪو فائدو رسائيندو“، ڇاڪاڻ ته ملازم جي ڪم جي نوعيت لازمي طرح يا هر وقت اهڙي نه هوندي آهي، جو هو جنهن به بهترين خدمت ڪرڻ جو اهل هجي، پنهنجي مالڪ جي اهائي خدمت سرانجام ڏيئي سگهي. پر احسان ۽ محبت سان ڳڌل هيءُ ملازم مالڪ کي هر وقت ۽ هر قسم جو فائدو رسائيندو رهندو __ ڇا جسماني خدمت جي صورت ۾، ڇا مالڪ جي آبروءَ  نفعي جي حفاظت جي ڪمن ۾، ۽ ڇا وري اوچتن ۽ اڻ مندائتن موقعن جي حالت ۾، جيڪي هو هميشه جاچيندو ئي رهندو ته جيئن پنهنجي مالڪ لاءِ پاڻ کي زياده ڪارگر ۽ مفيد ثابت ڪري سگهي.

23. مٿين حقيقت جي صداقت ۾ رتيءَ برابر به اوڻائي ڪانه ٿي اچي سگهي _ جيتوڻيڪ اڪثر حالتن ۾، نازبرداريءَ ۽ شفقت جو ناجائز فائدو ورتو ويندو آهي، ۽ احسان جو بدلو احسان فراموشيءَ ۾ ادا ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ملاز، جيڪو نرميءَ جي سلوڪ جي جواب ۾ احسان فراموشي اختيار ٿو ڪري، سو سختيءَ جي سلوڪ سبب ويري ۽ بدلي چڪائيندڙ ٿي پوندو، ۽ اهو ماڻهو جيڪو سالم طبع مالڪ سان بي ايماني ٿو ڪري، سو يقيناً بي انصاف مالڪ لاءِ ان کان زياده هاڃيڪار ثابت ٿيندو.

24. ڪير به ماڻهو هجي، هر حالت ۾ هيءَ سنئين سڌي ۽ شفقت ڀري روش ۽ اثرائتا ۽ مفيد نتيجا پيدا ڪري ٿي. معلوم هجي ته هن موقعي تي آءٌ محبت ۾ شفقت جو ذڪر صرف ان جي افادي حيثيت سان ڪري رهيو آهيان، ان جي ”احسن بالذات حيثيت“ يا اها حيثيت جنهن ۾ ڪا شئي ذاتي طور ۽ مطلقاً نيڪ ۽ پسنديده تصور ڪئي ويندي آهي، في الحال منهنجي زير ويچار نه آهي. محبت کي هتي آءٌ صرف هڪ چنچل ۽ نرآڪار طاقت شمار ڪريان ٿو، جيڪا اسان جي اڄڪلهه جي اقتصادياتي ماهر جي هر هڪ حسابي ڀڃ _ گهڙ کي بي اثر ثابت ڪريو بيٺي آهي، حقيقت هيءَ آهي ته هن اقتصادياتي ماهر جي جيڪڏهن اها خواهش ٿي به پوي ته محبت جي هن نئين عنصر کي هو پنهنجن تخمينن ۾ جاءِ ڏئي، ته به هو ائين ڪرڻ کان اڄ قاصر آهي، ڇاڪاڻ ته محبت، سياسي اقتصاديات جي ٻين سمورن شرطن ۽ غرضن کي نظر انداز ۽ خارج ڪري ڇڏڻ کان پوءِ ئي، پنهنجي افادي حيثيت سان عمل پذير ٿي سگهي ٿي.

25. اوهان جيڪڏهن نوڪر تي انهيءَ اميد سان مهربان ٿا ٿيو ته هو ضرور احسان جو بدلو نيڪيءَ سان ادا ڪندو ته انهيءَ حالت هيٺ يقين ڄاڻو ته ان مان اسان کي فقط اهو ڪجهه حاصل ٿيندو، جنهن جا اوهين حقدار آهيو _ يعني، نڪي نيڪ بدلو پلئه پوندو، ۽ نه وري اوهان جي مروت جو قدر ۽ قيمت ئي هن جي دل تي نقش رهندا. انهيءَ ڪري ملازم سان ڪنهن به اقتصادي مراد يا لالچ کان سواءِ جيڪڏهن مهربانيءَ ۽ ماڻهپي جو سلوڪ اختيار ڪندو، ته ان جو لازمي طور خاطر خواه نتيجو نڪرندو، ۽ اوهان جون سڀ اقتصادي مرادون پاڻهي ڄاڻي برصواب ٿي وينديون. مذڪوره مسئلي ۾، يا ڪنهن به ٻئي معاملي ۾، حقيقت هيءَ آهي ته ”جيڪو پنهنجي زندگي بچائيندو، سو آخر زندگي وڃائيندو ۽ جيڪو ان تان آهو کڻندو، سو يقيناً زندگي (33) حاصل ڪندو.‘[1]

26. مالڪ ۽ ملازم جي تعلقات جو سادي ۾ سادو ۽ چٽي ۾ چٽو ٻيو مثال لشڪر جي سالار ۽ سندس سپاهين جي تعلقات مان ملي سگهي ٿو.

27. سمجهو ته هڪ سالار، پاڻ کي تر جيتري به تڪليف ڏيڻ بدران رڳو ٻين تي ضابطي جا قاعدا قانون سختيءَ سان عمل ۾ آڻي، پنهنجي پلٽڻ کي مضبوط ڪرڻ گهري ٿو: ظاهر آهي ته ڪنهن به صورت ۾ رڳو قاعدن جي استعمال سان، انهيءَ خود غرضيءَ جي اصول مطابق، هو پنهنجن زيردستن جي طاقت ۽ ذوق کي مڪمل طرح سان نه اڀاري سگهندو ۽ نه استعمال ڪري سگهندو.


[1] *طرز عمل جي هنن ٻن طريقن ۽ سندن اهم نتيجن جي وچ ۾ تفاوت، ”بليڪ هائوس (34)“ (Black House) ناول جي ٻن ڪردارن، ايسٽر (35) (Esther) ۽ چارليءَ (36)(Charlie) جي باهمي تعلقات کي ”ماسٽر همفرريز ڪلاڪ (37) (Master Humphry’s Clock) ناول جي ٻن ڪردارن، مس بمراس (38) (Miss Brass) ۽ مارڪيونيس (39) (Marchioness) جي باهمي تعلقات سان ڀيٽي، تمام چٽيءَ طرح معلوم ڪري سگهجي ٿو. ”ڊڪنس“ (40) (Dickens) جي لکيتن جي اهم حقيقت ۽ قدر، بي سمجهيءَ کان ڪيترن سمجهدار پڙهندڙن دل تان لاهي ڇڏيو آهي، رڳو انهيءَ سبب ته ڊڪنس حقيقتن کي هڪ عجيب مزاحيه رنگ ڏيئي، انتهائي مبلغه آميز صورت ۾ پيش ڪيو آهي. ”بي سمجهي“ لفظ جو استعمال ان ڪري ڪجي ٿو، جو ڊڪنس جون هي مزاحيه تصويرون، جيتوڻيڪ اڪثر ناشائسته آهن، پر ڪنهن به صورت ۾ غلط يا گمراهه ڪندڙ ڪين آهن. سندس بيان ڪرڻ جي طرز جيڪا آهي سا آهي، پر هو جيڪي به چوي ٿو، سر حرف بحرف سچ آهي. زياده بهتر ٿئي ها، جيڪڏهن پنهنجي اها مبالغه آميزطرز تحرير هو فقط عام وندرائيندڙ مضمونن تائين محدود رکي ها، ۽ جڏهن به ڪو قومي اهميت وارو بلند تر موضوع هٿ ۾ کڻي ها، جهڙوڪ ”هارڊ ٽائيمس“ (41) (مشڪل زمانو _ (Hard Times ناول ۾ ڇيڙيو اٿس، ته ان حالت ۾ زياده تفصيلي ڇنڊ ڇاڻ ۽ زياده سنجيده ۽ مائيدار طرز نگارش کان ڪم وٺي ها. هيءُ ڪتاب، جيڪو منهنجي نظر ۾ سندس بهترين تصنيف آهي، گهڻن جي نگاهن ۾ پنهنجي اصلي اهميت حاصل نه ڪري سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي هڪڙي اهم ڪردار، مسٽر بائونڊربيءَ (42) (Mr. Bounderby) ، کي هڪڙي عام زبردست ۽ سختگير مالڪ عوض، هڪ عجيب ڊرامائي قسم جو آدمخور ڪري پيش ڪيو ويو آهي؛ ۽ ٻئي اهم ڪردار اسٽيفن بلئڪ پول (Stephen Black Pool)، کي هڪڙي ايماندار مزور جي مثالي ڪردار جي صورت ۾ پيش ڪرڻ بدران، هڪ عجيب ڊرامائي انداز جو ڪامل ترين انسان ڪري پيش ڪيو ويو آهي. تاهم اسان کي ڊڪنس جي ظرافت ۽ ڄاڻ مان مناسب فائدي حاصل ڪرڻ کان محض انهيءَ سبب ڪري پاڻ کي محروم نه رکڻ گهرجي، ته هن جي ڪردار نگاري ۽ طرز گفتگو ناٽڪي انداز جي آهي. حقيقت هيءَ آهي ته هن جيڪي به ڪتاب لکيا آهن، انهن جو مطلب ۽ مقصد بلڪل درست آهي. جن به ماڻهن جي سماجي ڳالهين ۾ دلچسپي آهي، انهن کي گهرجي ته سندس سڀ ڪتاب، خاص طرح ”هارڊ ٽائيمس“، گهريءَ نظر سان پڙهن. کين ائين برابر ڏسڻ ما ايندو ته هن ڪتاب ۾ به ڪيتريون ئي ڳالهيون هڪ طرفيون ڏنل آهن- ۽ ڇاڪاڻ ته اهي هڪ- طرفيون آهن، تنهن ڪري ظاهر ظهور غير منصفانه پڻ آهن: پر جيڪڏهن هو پاڻ اهو ٻيو طرف، جنهن کي ڊڪنس نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، هر طرح ڇندي ڇاڻي چتائي ڏسندا، ته کين ازخود معلوم ٿي ويندو، ته سندن ايتريءَ تڪليف وٺڻ کان پوءِ به، ڊڪنس جو پيش ڪيل رايو آخرين صورت ۾ وري به درست ۽ بجا آهي _ جيتوڻيڪ ان رايي کي البت هن پنهنجي مخصوص مبالغه آميز تلخيءَ ۽ اڻگهڙئي انداز ۾ پيش ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org