سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات سائل هالائي

صفحو :1

ڪليات سائل هالائي

حاجي پيرو محمد انصاري

مهاڳ

الله پاڪ جل شانہ جي ٺاهيل ڪائنات ۾ سنڌ سونهاري جو درجو انتهائي بلند و بالا آهي ۽ سنڌ ۾ هالا جي ڌرتي کي وڏي اهميت حاصل آهي. هالا شريف اوليائن، عالمن، فقيهن، مفتين، حافظن ۽ شاعرن اديبن جو محور ۽ مرڪز رهندو آيو آهي، موجوده هالا نوان شهر جو قيام 2 ذوالقعد 1191هه/3- ڊسمبر 1777ع تي عمل ۾ آيو جنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته هن مردم خيز زمين صدين کان روحاني، ديني ۽ علمي ميدان ۾ شاندار ۽ بيمثال شخصيتون پيدا ڪري پنهنجو مقام عروج تي پهچايو آهي. هن ۾ جيڪي مشهور شاعر، حافظ ۽ اديب ڏنا آهن انهيءَ مان حاجي پيرو محمد انصاري به هڪ ڪهنه مشق ۽ صاحب طرز شاعر ۽ سماجي ڪارڪن ٿي گذريو آهي.

حاجي پيرو محمد انصاري جو تعلق هالا ۾ رهندڙ انصاري خاندان سان آهي. مرحوم مفتي سعدالله انصاري جي لکيل شجره نسب موجب هي انصاري صاحبان، خادمِ رسول الله ﷺ صحابي رسول پاڪ حضرت انس بن مالڪ انصاري خزرجيؓ جو اولاد آهن.

آقائي دوجهان نبي آخرالزمان حضرت ﷴ مصطفيٰ ﷺ جن جي خادم ۽ هالا ۾ رهندڙ انصاري خاندان جي جد امجد (وڏي ڏاڏي) جو شجره نسب هيئن آهي. سيّٰدنا حضرت انس بن مالڪ بن النضر بن ضمضم بن زيد بن حرام بن جندب بن عامر بن غنم بن عدي بن تيم الله النجار بن ثعلبة بن عمرو بن الخزرج بن حارثه بن ثعلبة بن عمرو بن عامر ماء السماءِ بن حارثه الغطريف بن امري القيس بن ثعلبة بن مازن بن الآزد بن الغوث بن نبت بن مالڪ بن زيد بن ڪهلان بن سبابن يثجب بن يعرب بن قحطان عرب قبيلن ۾ هيءُ گهراڻو النجاري الخزرجي سڏيو ويندو آهي. جيڪا نسبت هن خاندان جي وڏي ڏاڏي تيم الله النجار بن ثعلبة بن عمرو بن الخزرج ڏانهن آهي. صحابي رسول الله حضرت انس بن مالڪ الانصاري جي والده اُم سليم بنت ملحان (مالڪ) بن خالد بن دينار (زيد) بن حرام بن جندب بن عامر بن غنم بن عدي بن النجار الخزرجيہ الانصارية هئي. حضرت خادم رسول الله کي ٻارنهن فرزند ٿيا ۽ سندن عقب بصره ۾ رهي ٿو. سندن فرزند جا اسماءِ گرامي هي آهن: النضر، ابوبڪر، موسيٰ، خالده حارث، ثمامة، عمران، زيد، عبيدالله، حفص، عمر ۽ عبدالله. هن خاندان ۾ ناميارا محدث، قاضي ۽ علما پيدا ٿيا جن مان محدث بصري حضرت ابوعمير عبدالڪبير بن محمد بن عبدالله بن حفص بن هشام بن زيد بن حضرت انس بن مالڪ ۽ قاضي محمد بن عبدالله بن المثني بن ثمامه بن عبيدالله بن انس بن مالڪ جهڙا بزرگ به شامل آهن، محدث بصري حضرت ابوعمير عبدالڪبير الخزرجي انصاري البصري جو انتقال، 291هه  مصر ۾ ٿيو.

Text Box: (ب)

 مفتي سعدالله انصاري هالائي جي بقول سندن وڏو ڏاڏو مخدوم المخاديم شيخ الاقاليم ناصر الملة والدين مؤيد الشره المتين مخدوم جمال الدين. اللڪعلوي عرف مخدوم جمار انصاري الخزرجي هئو. جنهن جي پشت مان مخدوم عبدالله انصاري بن محمد يوسف بن پير محمد بن عزيز الله بن نعمت الله بن ابراهيم بن اسماعيل بن عبدالستار بن عبدالغفار بن مخدوم جمال الدين عرف مخدوم جمار پيدا ٿيو جيڪو هالا انصاري خاندان جو وڏو ڏاڏو هو.

مرحوم مفتي سعدالله انصاري جي شجري ۾ اهو نه ڄاڻايو ويو آهي ته مخدوم جمال الدين اللڪعلوي انصاري جو سلسلئه نسب سيدنا انس بن مالڪؓ جن تائين ڪيئن ٿو پڄي ۽ پاڻ حضرت خادم رسول الله ﷺ جن جي ڪهڙي فرزند جو اولاد آهن.

حضرت مخدوم جمال الدين انصاري جي شخصيت ۽ سوانح تي مڪمل تحقيق جي ضرورت آهي، سندن خانداني شجري ۾ کين جن لقبن سان ياد ڪيو ويو آهي انهيءَ مان ثابت ٿو ٿئي ته پاڻ وقت جا عظيم شخص ٿي گذريا آهن. مولانا دين محمد وفائي سندس مشهور ڪتاب تذڪره مشاهير سنڌ ۾ مخدوم جمار جو چڱو خاصو ذڪر ڪندي کيس حضرت سچل سرمستؒ جن جو وڏو ۽ فاروقي ڄاڻايو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ان نالي جا ٻه بزرگ هجن. تحفة الاوليا ۾ مخدوم جمال الدين عرف مخدوم جمار کي حضرت سيد علي اللڪعلوي (لڪياري) جو همعصر ۽ سيد صدرالدين لڪياري ۽ حضرت سيد ابوبڪر لڪياري جن جي استاد جو استاد (استاد الاعظم) لکيو آهي ۽ ساڳي هنڌ هالا جي انصارين جي وڏي ڏاڏي عبدالله بن محمد يوسف جو ذڪر ڪيو اٿس ۽ دعويٰ ڪئي اٿس ته مخدوم عبدالله بن محمد يوسف انصاري جي مزار ڳوٺ تاراهه شريف تعلقي هالا ۾ آهي.

Text Box: (ج)

 حضرت عبدالله انصاري هالائي کي پنج فرزند لطف الله، ابوالفضل، محمد حفيظ، خضر ۽ محمد يوسف ٿيا ۽ چئني کي اولاد ٿيو. حضرت عبدالله انصاري هالائي جو فرزند آخوند لطف الله عرف آخوند غريب الله انصاري، حضرت غوث الحق مخدوم نوح صديقي قريشي جن جو خاص مريد ۽ ڪاتب هئو ۽ سندن فرزندن کي قرآن پاڪ جي تعليم به ڏيندو هو. هن جي ولادت 961هه/1553ع ۾ ۽ وصال 1041هه/1632ع ۾ ٿيو کيس ٽي پٽ ٿيا آخوند جمن، ڀاڳ ۽ هدايت الله، آخوند لطف الله جي رحلت بعد سندس فرزند آخوند جمن سندس جاءِ تي معلم ۽ ڪاتب مقرر ڪيو ويو هي سلسلو آخوند گلاب (ولادت 1204هه) بن آخوند جمن (1107هه/ 1234ع) بن آخوند رحيم ڏنو (1042هه/1118ع) بن آخوند جمن 1017هه/1102ع) بن آخوند لطف الله انصاري تائين هلندو رهيو. حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور هالائيؒ ۽ سندن خاندان جي سوانح حالات متعلق بنيادي حوالا آخوند لطف الله ۽ آخوند جمن ۽ سندس خانوادي جي لکيل ڪتاب، ڪتابن مان ورتل آهي بلڪ اهو چوڻ يقيناً مناسب ٿيندو ته في الوقت حضرت مخدوم غوث الحق مخدوم نوحؒ هالائي سندن وڏن ۽ سندن اولاد بابت اولين ۽ قديم حوالو آخوند لطف الله جي قلمي ڪتاب مان نسل در نسل ورتو ويو آهي. درياءَ جي ٻوڏ سبب جڏهن حضرت مخدوم صاحبان پنهنجي آبائي ڳوٺ ٺوڙي مان هجرت ڪري موجوده هالا پراڻا کي نئون ڳوٺ اسلام پور بنائي اچي رهيا ته آخوند لطف الله ۽ سندن اولاد به گڏجي آيو ۽ آخوند صاحب جو انتقال به اتي ئي ٿيو هوندو سندس مزار به گهڻو ڪري اتي ئي هوندي.

هالا جو مشهور و معروف شاعر ۽ هن ڪتاب جو مصنف حاجي پيرو محمد انصاري هالائي، 10 ذوالحج 1301هه/19- فيبروري 1884ع تي هالا نوان ۾ تولد ٿيو. پاڻ عبدالله بن محمد يوسف انصاري جي ٻئي نمبر فرزند ابوالفضل انصاري جو اولاد آهي، سندس شجرو هيئن آهي: حاجي پيرو محمد سائل انصاري بن عابد بن صديق بن محمد خان محمدي بن محمد معروف بن شيخ محمد بن ابوالفضل بن عبدالله انصاري هالائي.

حاجي پيرو محمد انصاريءَ ٻه شاديون ڪيون، سندس پهرين شادي مرحوم تاج محمد انصاري جي ڀاڳ ڀري نياڻي سان ٿي جنهن مان کيس هڪ فرزند عبداللطيف انصاري پيدا ٿيو. سندس ٻي شادي حيدرآباد دکن جي هڪ غريب الوطن خاتون سان ٿي جنهن مان کيس ڪوبه اولاد نه ٿيو هن خاتون جو انتقال 5 شوال 1385هه/28- جنوري 1966ع تي ٿيو.

سائل انصاري جو فرزند الحاج عبداللطيف انصاري به پنهنجن وڏن بزرگن وانگر خدائي خوف رکندڙ نيڪ، همدرد، ڏکويلن جو مددگار، غريبن جو احساس رکندڙ، سخي مرد ۽ فقرائي طبيعت جو مالڪ ٿي گذريو آهي زندگي ۾ ڇهه حج ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيس.

الحاج عبداللطيف بن حاجي پيرو سائل انصاري جي شادي هن ئي خاندان جي اديب ۽ معروف مذهبي شاعر حاجي احمد انصاري جي نياڻي سان ٿي جنهن مان کيس فقط هڪڙي نياڻي ٿي جنهن جي شادي هن ڪتاب جي سهيڙيندڙ (مؤلف) ۽ اسان جي پياري محترم استاد سائين عبدالعزيز انصاري صاحب سان ٿي، سائين عبدالعزيز جو شجرو هينئن آهي: سائين عبدالعزيز بن قاضي محمد مقبول بن حافظ لعل محمد بن آخوند الله بخش اول بن محمد قابل بن ولي محمد بن محمد ڪامل بن محمد يوسف بن عبدالله بن محمد يوسف انصاري هالائي.

حاجي عبداللطيف بن حاجي پيرو محمد انصاري جي گهرواري جو انتقال 5 شعبان 1418هه/ڊسمبر 1997ع تي ٿيو.

حاجي پيرو محمد سائل انصاري جي پشت مان فقط هڪڙي مذڪوره نياڻي حاجي عبداللطيف جي گهر پيدا ٿي جنهن جو انتقال بروز اربع 18- نومبر 1992ع تي ٿيو. سائين عبدالعزيز انصاري کي هن حرم مان ٻه نياڻيون ۽ هڪ فرزند آهي جنهن جو نالو پنهنجي والد جي نالي پٺيان محسن مقبول رکيو اٿس.

هالا شريف جي هن مشهور و معروف اديب حاجي پيرومحمد سائل انصاري جو انتقال 75 سالن جي عمر ۾ سومر جي ڏينهن 16 ربيع الالثاني 1376هه/19- آڪٽوبر 1959ع تي هالا ۾ ٿيو، کيس درگاهه حضرت مخدوم نوح سرورؒ جن جي الهندي ڪُنڊ جي ٻاهران واقع انصارين جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.

هالا شهر جي هن علمي ادبي ۽ مذهبي گهراڻي ۾ حاجي پيرو محمد سائل انصاري کان سواءِ ٻيا ڪئين حافظ، استاد، عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن ۽ هن وقت به هن خاندان جا ناميارا فرد موجود آهن جن مان ڪجهه جا نالا هي آهن:

مرحوم حڪيم قاضي محمد اشرف انصاري

مرحوم حڪيم قاضي محمد صالح انصاري

مرحوم حڪيم قاضي نورمحمد انصاري

مرحوم حڪيم حافظ عبدالڪريم انصاري

مرحوم حافظ عبدالمالڪ انصاري

مرحوم حافظ عبدالرزاق انصاري ڪتابن وارو

مرحوم محڪم الدين انصاري

مرحوم حافظ محمد داؤد انصاري

مرحوم قاضي عبدالحق تائب انصاري بن عبدالحي بن قاضي محمد اشرف

مرحوم پروفيسر سائين احمد علي انصاري

سائين عبدالعزيز انصاري (الحاج عبداللطيف جو نياڻو ۽ هن ڪتاب جو محافظ)

سائين عبدالفتاح انصاري (هالا جو تعليمي ماهر)

رونق هالا محترم عبداللطيف انصاري (سينيئر وڪيل سپريم ڪورٽ)

حاجي پيرو محمد انصاري هڪ پرگو شاعر ۽ عالم اديب هو، شاعري ۾ (سائل) تخلص استعمال ڪندو هئو. گلستان المعرفت عرف ڪليات سائل هالائي سندس شاعري جو مجموعو آهي. جنهن جي هر صفحي مان خوفِ خدا، عشق ﷴؐ جي خوشبو ايندي نظر اچي ٿي سيد شباب الجنة امام ابوعبدالله الحسين الشهيدؑ جن جي حميت سان گڏ مختلف مذهبي موضوعن تي ڪلام چيو اٿس جيڪو الفاظ جو خزانو ۽ لغوي خصوصيات سان مالامال آهي.

ڪليات سائل هالائي جو قلمي نسخو 18 ذوالقعد 1381هه/ 24- اپريل 1962ع تي عاجز هالائي پنهنجي قلم سان سهيڙڻ شروع ڪيو. 30 رمضان المبارڪ 1382هه/ 25- فيبروري 1963ع تي لکي تيار ڪيو، جيڪو سائين عبدالعزيز انصاري صاحب وٽان حضرت قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن کي 1990ع م سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ڪرائڻ لاءِ مليو، قبله سائين جن ان وقت ۾ سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين هئا. هي ڪتاب منظور ته ٿيو پر ڇپجي نه سگهيو ۽ هاڻ تقريباً 19 سالن کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ مان ئي ڇپجي منظرِ عام تي آيو آهي. جنهن لاءِ دلي مسرت ٿي آهي.

آءٌ هتي هن خاندان جي معتبر عالم مفتي سعدالله انصاري کي خراجِ تحسين پيش ٿو ڪريان جنهن پنهنجي خاندان جو شجرو محفوظ رکيو ۽ ان ۾ وقت سان گڏ اضافو ڪيائين، پاڻ خيرپور رياست جو مفتي هو، سندس مزار به خيرپور ۾ آهي، پاڻ بلند پائي جو عالم، مترجم ۽ خوشخط هو، حضرت مولوي مخدوم قبله غلام حيدر سائين جن جي ڪتاب سفينة النوح جو سنڌيءَ م ترجمو ۽ سنڌالاجي ۾ رکيل الله بخش ابن محمد حسن قريشي جي تصنيف تجربات حسن قريشي سن تاليف 6 رجب المرجب 1338هه/ 28- مارچ 1920ع آچر، قلمي نسخو، مفتي سعدالله جي علم ۽ خوشخطيءَ جو مثال آهي.

هالا ۾ رهندڙ انصاري صاحبن جو سلسله نسب جي محافظ مفتي صاحب جو پنهنجو شجرو هيئن آهي، حضرت مفتي سعدالله بن عبدالحق بن عبدالسلام بن عبدالرزاق بن زڪريا بن ابوالفضل بن عبدالله بن محمد يوسف بن پيرمحمد بن عزيز الله بن نعمت الله بن ابراهيم بن اسماعيل بن عبدالستار بن عبدالغفار بن مخدوم المخاديم، شيخ الاقاسم ناصر رحملہ والدين مخدوم جمال الدين عرف مخدوم جمار الخزرجي انصاري الهائي السنڌي.

مون کي اميد آهي ته پڙهندڙن کي ڪلياتِ سائل هالائي پسند ايندي ۽ هن مان ٻوليءَ ۽ شاعري جا پارکو مستفيض ٿيندا.

 19- آڪٽوبر 2011ع                   مخدوم جميل الزمان

20 ذوالقعد 1432هجري

اربع جي رات

ڪراچي سنڌ

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org