سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تسبيحِ محبت

صفحو :7

 

·

 

نڪتا ڪمان، چشم مان تيرِ نظر جدا جدا،

زخمي بنائي ويو هليو قلب و جگر جدا جدا.

 

تنهنجي جمال، ديد کان عرش ٿو شرمسار ٿئي،

”تارا ڪتيون جدا جدا شمس و قمر جدا جدا.“

 

جيئن ئي رخ، حسين تان ٿي زلف هٽايا ماهرو،

سجده ۾ سرنگون ٿيا شام و سحر جدا جدا.

 

تنهن جي ئي دام، زلف ۾ آهيان اسير عشق ٿيو،

مرغ، قفس جا ڪيم ڪربال ۽ پر جدا جدا.

 

عشق جي برتري جنون، عقل جي برتري هنر،

جذبئهِ دل جدا جدا جلوتِ سر جدا جدا.

 

تنهنجو ۽ منهنجو زاهدا ڪهڙي طرح سان قرب ٿئي،

عزمِ سفر جدا جدا، راهِ سفر جدا جدا.

 

منهنجي رئڻ کي هم نشين ڪيم اجايو ڄاڻجان،

پيدا ٿو اشڪ، خون مان ٿئي لعل و گوهر جدا جدا.

 

”اختر“ سوخته دل سان ڪر ايڏو ستم نه اي صنم،

آه و فغان ۾ ٿو رهي برق و شرر جدا جدا.

 

·

چمن مان گذرندي بادِ صبا ڪڏهن نه ڪڏهن،

هي غنچه ٿيندا گل، بي بها ڪڏهن نه ڪڏهن.

 

ڪندس مان بزمِ محبت بپا ڪڏهن نه ڪڏهن،

جو رنگ لائيندي آه و بڪا ڪڏهن نه ڪڏهن.

 

هي روز روز اچيو ميڪده ۾ ڊيڄاري!

ڪا محتسب جي ڪجي مرحبا ڪڏهن نه ڪڏهن.

 

ٻڌو اٿم ته هتي ڪو مسيح اچڻو آه!

”مريض، عشق کي ٿيندي شفا ڪڏهن نه ڪڏهن.“

 

هي دنيا آهي ئي دورنگي جنهن ۾ ٿيندو ضرور،

هو سنگدل به ته درد آشنا ڪڏهن نه ڪڏهن.

 

تونگري نه سهي من گداگري سان ٿئي!

صنم سان منهن جو تعارف ڀلا ڪڏهن نه ڪڏهن.

 

هو بي وفا ئي هجي پر يقين اٿم ته ڪندو،

نگاهِ مهر سان وعده وفا ڪڏهن نه ڪڏهن.

 

چون ٿا رنڳ محبت سان ٿو بدلجي وڃي،

وفا جي رنگ ۾ رنڳ حنا ڪڏهن نه ڪڏهن.

 

ٻين کي ڇا به چوي ان جي مرضي پر هو صنم،

ڪندو ضرور هن ”اختر“ سان ها ڪڏهن نه ڪڏهن.

·

غير سان ايڏو اٿئي پيار ته ماشاءَ الله،

مون کان بلڪل آهين بيزار ته ماشاءَ الله.

توکي حسن جو آ هٿيار ته ماشاءَ الله،

وار ڇوڙي تون ڪندين وار ته ماشاءَ الله.

اهلِ دنيا ته رڳو رنج رسائيندا رهن،

ٿيو مقدر به دل آزار ته ماشاءَ الله.

غير هوندو صنم خير ٿئي؟ ناممڪن،

ايندو محفل ۾ سو مردار ته ماشاءَ الله.

ڪجهه ته رندن تان ملامت جي به هلاڪي ٿئي،

اڄ ٿئي شيخ ٿو ميخوار ته ماشاءَ الله.

واعظا! ڇو تون اچي منهنجي پٺيان پيو آهين،

مون سان گڏ ٿيڻو اٿئي خوار ته ماشاءَ الله.

عشق رسوا ٿي غم عشق جي قابل نه رهيو،

حسن آيو سرِ بازار ته ماشاءَ الله.

ڪالهه همدرد رهيس جنهن سان سو اڄ آه حريف،

ٿيو ستمڪش به ستم گار ته ماشاءَ الله.

مون گهڻئي نقدِ دل و جان کي ڪيو نذر مگر،

ويو کڻي حسن کي زردار ته ماشاءَ الله.

نه ڪليسا ۾ مليو ۽ نه حرم ۾ ئي مليو،

هر طرف حسرتِ ديدار ته ماشاءَ الله.

خار آهي اڳئي خار سو خار ئي رهندو،

جيڪڏهن گل به ٿيو خار ته ماشاءَ الله.

شڪوه چرخ، ستمگار ڪندين ڇا ”اختر“،

آهه قسمت ۾ غمِ يار ته ماشاءَ الله.

 

·

 

نفرت ۽ محبت کي سمجهي نه سگهيو آهيان،

حالت ۽ حقيقت کي سمجهي نه سگهيو آهيان.

گلزار، تبسم ۾ هي شورِ عنادل ڇو؟

غنچن جي نزاڪت کي سمجهي نه سگهيو آهيان.

الله ئي ڄاڻي ٿو هي ڪهڙو معمو آهه؟

اڄ تائين به عورت کي سمجهي نه سگهيو آهيان.

ڪٿ پاڻي ٿو طوفان ٿئي ڪٿ باهه ٿي بستان ٿئي،

رحمت ۽ زحمت کي سمجهي نه سگهيو آهيان.

ڪو حۡم، خدا آهي ڪو حڪم، رسول آهي،

قرآن ۽ سنت کي سمجهي نه سگهيو آهيان.

برهم به ٿو مئي سان ٿئي لالچ به ٿو مئي جي ڏي،

مولانا جي جنت کي سمجهي نه سگهيو آهيان.

اچڻو ته اٿس آخر پوءِ دير ڀلا ڇاجي؟

هن مهلت و فرقت کي سمجهي نه سگهيو آهيان.

شڪوه به ته جاهل آ ته به بار امانت جو،

حڪمت ۽ حڪايت کي سمجهي نه سگهيو آهيان.

هِت حسن کان بيزاري هُت حسن سان همدوشي،

واعظ جي طبيعت کي سمجهي نه سگهيو آهيان.

شطرنج به ڄاڻان ٿو پيو تاش به کيڏيان پر،

بازيچئه قسمت کي سمجهي نه سگهيو آهيان.

سمجهي به ڪندين تون ڇا دنياءِ نمود ”اختر“

مان تنهنجي ئي فطرت کي سمجهي نه سگهيو آهيان.

 

·

ڪنهن چشم، حقيقت بين ۾ اگر حيرت جو جهان آباد رهيو،

ان اهلِ نظر لئه گويا سڄي قدرت جو جهان آباد رهيو.

 

حاصل ٿي مسرت غم مان اٿم حسرت کي ائين بيڪار نه ڄاڻ!

اشڪن جي ته قطره قطره ۾ الفت جو جهان آباد رهيو.

 

ان يار جي خاطر دل جي اندر تعمير ڪيو بتخانه اٿم،

وحدت جي طفيل ئي واعظ هي ڪثرت جو جهان آباد رهيو.

 

غيرن سان صنم جو ساٿ ڏسي محفل کي ڪري قائم نه سگهيس،

صد شڪر جو ان جي ياد سان ئي خلوت جو جهان آباد رهيو.

 

اڄ عشق و محبت صبر و رضا تسليم جي دنيا ناس ٿي ويئي،

هر طرف ڏسان ٿو عقل و فهم حڪمت جو جهان آباد رهيو.

 

هي شمس و قمر هي تارا ڪتيون هي رنگِ شفق سڀ شاهد ٿيا،

هن عرش، برين جي سايي ۾ رحمت جو جهان آباد رهيو.

 

اڄ غير کي جانان لوڌي ڪڍيو ماتم ٿو رقيب جي گهر ۾ ڏسان،

”ذلت جو زمانو ختم ٿيو، عزت جو جهان آباد رهيو.“

 

محبوب رٺو دنيا ئي رُٺي برباد تمنائن جو قسم!

”اختر“ جي اکين ۾ وحشت ئي وحشت جو جهان آباد رهيو.

 

·

جي اسان ڏي يار جي نظرِ عنايت ٿي پوي،

زندگيءَ جو رنج و غ۾ مون لاءِ راحت ٿي پوي.

 

جيڪڏهن ديدن ۾ عبرت جي بصارت ٿي پوي،

مـﮧ جبينن کي ڏسڻ گويا عبادت ٿي پوي.

 

ڀل هميشه لئه زماني جي عداوت ٿي پوي،

”من قيامت ۾ ڪا شافع جي شفاعت ٿي پوي.“

 

همسفر! همت ڪري ڪاٽي ته وٺ منهنجي زبان،

ان جي محفل ۾ متان مون کان شڪايت ٿي پوي.

 

زاهدا! تون منهنيج مينوشي کي بيهودو نه ڄاڻ،

منهنجي مدهوشيءَ سان شايد ترڪِ عادت ٿي پوي.

 

دردِ دل بابت نه پڇ لفظن ۾ هي ممڪن نه آهه،

هڪڙو هڪڙو حرف ٿو هڪ هڪ حڪايت ٿي پوي.

 

اڄ به ان جي روءِ تابان تان هٽي جيڪر نقاب،

يا زمين تي زلزلو ٿئي يا قيامت ٿي پوي.

 

موڪليندو ٿو رهان مدت کان سهڻن ڏي سلام،

من ڪڏهن محٻوب سان خط و ڪتابت ٿي پوي.

 

عاجزي ڌاران ڪڏهن حاصل نه ٿئي ”اختر“ فلاح،

ڀل نماز ۽ روزه تي خود استقامت ٿي پوي.

 

·

 

مان نٿو چاهيان ته ڪا مونکي ٿئي دولت نصيب،

يا خدا! ڪر  منهنجي دل کي عشق جي عظمت نصيب.

 

جنهن جي حسنِ ديد تي مجنون کي ٿي حيرت نصيب،

شال ٿئي مون کي به اهڙي يار جي صحبت نصيب.

 

غير کي همسائگي جي آهه ٿي قربت نصيب،

من ٿئي مون کي به ڪوچئه_ يار ۾ تربت نصيب.

 

شيخ کي راضي ڪيو شايد رقيبن رمز سدان،

منهنجو دستِ دل دراز آهي ته ٿئي غيرت نصيب.

 

اي قمر! منهنجي نصيبن تي نه کل ڪجهه شرم ڪر،

تنهنجي سيني تي به آهي داغِ بدنيت نصيب.

 

شمع روئي موڪلايو هو سحر کان وقتِ نزع،

عاشقِ مهجور کي ٿيو رنج و غم حسرت نصيب.

 

روئي روئي رنج ۾ راحت رسي ”اختر“ کي نيٺ،

درد پيو بنجي دوا فرقت ۾ ٿي فرحت نصيب.

 

 

 

·

عشقِ بتان ۾ حق ۽ باطل سان ڇا غرض؟

اي شيخ اسان جو عالم و جاهل سان ڇا غرض؟

ساقي ويو ته شورشِ محفل سان ڇا غرض؟

ذوقِ نظر کي رنگِ تجاهل سان ڇا غرض؟

چشمِ عدو رقيبِ سياه دل سان ڇا غرض؟

آهي جي ڪجهه غرض ته مقابل سان ڇا غرض؟

واعظ مرڻ کان بعد ٿو جنت جي طمع ڏي،

تدبيرِ ڪار غير مڪمل سان ڇا غرض؟

گهٽبو درِ صنم تان رقيبن جو گوڙ ڪين،

غنچن سان کيڏ شورِ عنادل سان ڇا غرض؟

زاهد کي آهه خلد جي حورن سان ذوق و شوق،

سهڻي صنم کي غير ڏي مائل سان ڇا غرض؟

ميڪش کي واعظا تون جهنم جو ڊپ نه ڏي،

رحمت کي آ عذاب جي قابل سان ڇا غرض؟

آهيان اسيرِ زلف مسلسل اڳيئي اي يار،

توکي اڃا به قيدِ مسلسل سان ڇا غرض؟

اي يار تنهنجي رخ تي ٺهي ئي نٿو هي خال،

ڪعبي ۾ اهڙي ڪافر و جاهل سان ڇا غرض؟

هلڻون ئي آهه راه محبت م رات ڏينهن،

ڪنهن راهرو کي دوري، منزل سان ڇا غرض؟

بسمل بڻائي ها ته پوءِ تڙپڻ ۾ لطف هو،

”هاڻي شهيدِ ناز کي قاتل سان ڇا غرض؟“

ان جي حسين دهن ۽ رخِ پُر جمال کي،

غنچن سان ڇا غرض مـﮧ ڪامل سان ڇا غرض؟

درياءِ عشق آهي ئي طوفان درد و سوز،

ڪشتي مان ناخدا سان ۽ ساحل سان ڇا غرض؟

جائز نه آهه عشق جي مذهب ۾ ڇو ۽ ڇا؟

”اختر“ يقينِ دل کي دلائل سان ڇا غرض؟

 

·

حسنِ عمل سان هر طرح شمس ور قمر کي رام ڪر،

تارا ڪَتيون سلام ڪن عرش کي فرشِ عام ڪر.

 

عقل و خرد جي سيف سان اهڙو ڪو انتظام ڪر،

ابرِ ڪرم جو راز ٿي برق کي همڪلام ڪر.

 

ارض و سما جون درميان منزلون طيءِ تمام ڪر،

خلد برين جي قصر تي پنهجو هلي مقام ڪر.

 

پنهنجي ڪلامِ عشق سان پنهنجو بلند نام ڪر،

ذڪرِ خدا سان صبح ڪر شڪرِ خدا سان شام ڪر.

 

سامهون نظر جي سُو به سُو آهي جهادِ آرزو،

اسپِ هوس کي بوالهوس ههڙو نه بي لغام ڪر.

 

مستِ الست ٿي وڃون حسنِ صنم جي ديد سان،

ساقي اسان کي عشق جو اهڙو عطا ڪر جام ڪر.

 

جنهن جي ادا ۾ برتري، ان سان ڪجي ڇا همسري،

ويجهو نه وڃ وري وري دور کان ئي سلام ڪر.

 

خونِ جگر جي آب سان ساري وضو بصد نياز،

”نينهن واري نماز ۾ عشق کي تون امام ڪر“.

 

نغمئه عندليب ناه بزم چمن اجڙ جو ٿي،

مسرغِ سحر کي باغبان اڄ نه اسيرِ دام ڪر.

 

سايئر سروري ۾ ڪجهه ”اخترِ“ زار غم نه آه،

طالبِ موليٰ سائينءَ کي همدمِ جان مدام ڪر.

 

·

 

مان راهِ عشق ۾ وڌيس ڪو راهبر نه مليو،

”سفر ته ڪرڻو پيو پر ڪو همسفر نه مليو.“

 

هزار فتنا اٿاريا هَوَسَ جي رنگِ بهار،

رقيب راه کان روڪي وڌو گذر نه مليو.

 

هي آسمان ڇا شمس و قمر کي ساڙي ڇڏيان،

فغان ۽ آه جي قابل ته ٿيس اثر نه مليو.

 

جهانِ درد ۾ مون بيخبر ٿيڻ چاهيو،

خمار عشق کان ڪو اهڙو بيخبر نه مليو.

 

قفس جي قيد کان حاصل ٿي ڪهڙي آزادي،

چمن جو صحن مليو آهه بال و پر نه مليو.

 

ملن ٿا غير کي بزمِ صنم ۾ پيمانه،

مرڻ جي لئه به سڪايل کي سنگِ در نه مليو.

 

اگرچ هوس مان مدت کان پنهنجي گهر ۾ لڪل،

مون پنهنجي گهر کي ڳوليو ٿي پنهنجو گهر نه مليو.

 

اکيون ته مون کي به آهن ڏسڻ جي لاءِ ”اختر“،

نگاهِ شوق رکڻ وارو ديده ور نه مليو.

 

·

 

جنونِ عشق ۾ صحرا کي اختيار ڪيم،

چريو ٿي عقل جي دامن کي تار تار ڪيم.

اگرچ منت و زاري هزار بار ڪيم،

خطا ڪيم جو وري ان تي اعتبار ڪيم.

انهيءَ جي راز محبت کي آشڪار ڪيم،

سر غرور کي مجرم ٿي نذر وار ڪيم.

اسان جو پير مغان اڄ حرم ۾ آيو آه،

حرم کي بادهءِ گلگون سان داغدار ڪيم.

هڪ ئي نگاه سان ساقيءَ جي مست ٿيو زاهد،

نه آيو هوش ۾ هر چند هوشيار ڪيم.

خمارِ عشق جو تاثر ڪو لڪڻ جو آه؟

جنابِ شيخ کي اڄ نيٺ باده خوار ڪيم.

معاف ٿيو نه گناه منهنجي بت پرستيءَ جو،

بتن سان پيار ڪري بتڪده کي خوار ڪيم.

وٺي ڏسي ڪو اچي لذتِ گنهگاري!

گنهگار ٿي هن کي گنهگار ڪيم.

نه ٽوڙ سنبل و لالا جا غنچا اي گل چين،

جگر جي خون سان گلشن کي لاله زار ڪيم.

رهي جا ڪشمڪشِ وصل و قتل محفل ۾،

”تمام رات قيامت جو انتظار ڪيم.“

هي آسمان سڄو شعله شعله بنجي پيو،

جڏهن کان نالئهِ سوزان فلڪ جي پار ڪيم.

نه آهيان غ۾ کان رڳو بي قرار مان ”اختر“،

هجومِ ياس ۾ هن کي به بي قرار ڪيم.

 

·

 

روشن اگر ٿو شيخ جي شمعِ حرم ڪري،

عاشق ٿو وار وار جلائي ڀسم ڪري.

مان ڇا چوان ته منهنجو صنم ويو ستم ڪري،

هڪ ئي نگاه ويئي حسينن جي ڪم ڪري.

ڀل پيو هو روز روز ستم تي ستم ڪري،

ڪنهن وقت من خفا ٿي نگاهِ ڪرم ڪري.

جيڪر اسان جي گهر ۾ اچڻ جي صنم ڪري،

رستي ۾ ڊوڙي بيهان اکين کي قدم ڪري.

اُن عاشقِ حزين جو ته ڪيڏو نه ٿيو نصيب،

مقتل ۾ بيٺو آه جو گردن کي خم ڪري.

يارب! ڏي موت مون کي ته محبوب مـﮧ جبين،

من وقتِ نزع سورهِ ياسين دم ڪري.

محفل ۾ آيو پاڻ سراپا جمال ٿي،

ڀل رشڪ هن جي حسن تي عرب و عجم ڪري.

اي نامه بر! لکي ها جي مون ڏي به يار خط،

بيشڪ لکان جواب ها هي سر قلم ڪري.

آيو صنم ته آب اکين مان وهي هليو،

حاصل ڪريان ها راز اڃا ضبطِ غم ڪري.

صندوقِ دل ۾ آهه مون سالن کان سانڍيو،

جانان جي هر جمال کي هڪ آلبم ڪري.

”اختر“ کي بزمِ طالبِ موليٰ تي ناز آهه،

جنهن جي نگاهِ قدر ٿي اهلَ قلم ڪري.

 

·

 

عشق کي راهبر ڪري ڪوئي،

مثلِ مجنون گذر ڪري ڪوئي.

 

چئني طرفن کان تير مزگان جا،

هاءِ زخمي جگر ڪري ڪوئي.

 

بزمِ جانان ۾ باده نوشيءَ سان،

بارها بي خبر ڪري ڪوئي.

 

جلوه طور، معرفت جو نور،

نقشِ دل ۾ نظر ڪري ڪوئي.

 

ڪاش! موج نفس، نگاهِ مسيح،

جان کي جلوه گر ڪري ڪوئي.

 

نسخهء ڪيميا ۾ عمر ٿي صرف،

دل جي ٽامي کي زر ڪري ڪوئي.

 

ظلمتِ شب ذليل ڪيو ”اختر“

شمعِ دين سان سحر ڪري ڪوئي.

 

 

 

·

زندگي ۾ نه آيو يار سهي،

موت کان پوءِ سرِ مزار سهي.

 

ڇا ٿوي جي هڪ گهڙي جو ناه قرار،

حزن ۽ حسرتون هزار سهي!

گر هئين تي گلن جو هار نه آهه،

دل تي اشڪن جي هڪ قطار سهي.

 

گلشن رخ جي نوبهار پناه!

شتر بدمست بي مهار سهي!

 

سر تي ديوانگيءَ جو تاج اٿم،

دامنِ غفل تار تار سهي.

 

مون کي هڪ ئي نگاه ڪافي آه،

غير سان روز ان جو پيار سهي!

 

ڪا گهڙي من نهاري ديدون کڻي،

تير مزگان جگر جي پيار سهي.

 

عقلِ تدبير کان ٿيس جو پري،

بيوقوفن ۾ ئي شمار سهي!

 

زاهدا! توکي جنتون نيبـﮧ!

”اختر“ مست باده خوار سهي!

 

·

جدا  ٿي ڪاروان کان، ڪر نه حاصل حسرتِ دل کي،

وڃائي هاءِ تون ويٺين مسافر پنهنجي منزل کي.

چڙهيو طوفان چوڌاري ٽَڪَرَ سان ٽَڪَرَ ٿي ٻيڙي،

پئين غرقاب ۾ غافل سنڀارين ڇا ٿو ساحل کي؟

لهي ويو آفتابِ شان ۽ شوڪت به گردون تان،

منور شمع حق سان ڪر شبِ ظلمات مشڪل کي.

تون بستيءَ کان پري مجنون صفت صحرا نورد آهين،

چتائي ڇا ڏسين ٿو اي چريا ليليٰ جي محمل کي.

ٿئين تون بحر ۾ بيوس دوا جي آ دعا يارب!

ڪناري تي ڪرم سان آڻ امواجِ مسلسل کي.

ڪيو آ ڪاهليت قوم جو حالِ حزين ”اختر“

تدبر جي تبر سان وڍ رسوماتِ تغافل کي.

 

·

پرديس مان محبوب وري آءٌ وطن ۾،

ڀڙڪي ٿي غم، هجر جي اڄ باهه بدن ۾.

تو ساڻ اٿم قرب جون ڪرڻيون ڪي ڪهاڻيون،

ٿئي ختم نٿو درد جو احوال خطن ۾.

بلبل ٿي ٻڌايان مان توکي پيار جون ٻوليون،

هڪوار هلي آءُ گهمڻ دل جي چمن ۾.

وعدن کي وفادار تون ويٺين ڇا وساري،

وسرن ٿا ڪيل ڪين سخن تنهن جا صحن ۾.

مشڪل ٿي پئي آه جدائيءَ جي مصيبت،

طاقت نه سهڻ جي آ رهي جان ۽ من ۾.

مايوس ٿي ڪر ڪيِم تون افسوس اي ”اختر“،

آواز ٿيو غيب کان اُميد جي ڪَنَ ۾.

 

·

سڪندر بخت ٿيو منهنجو بلند اقبال مان آهيان،

نگاهِ يار جي نعمت سان مالامال مان آهيان.

عطا ٿيو باده الفت جو ساغر بزمِ جانان ۾،

زهي قسمت! محبت جي نشي ۾ لال مان آهيان.

جلال و جلوهء تاجِ جهانگيري شرف جنهن جو،

يقين جي گنج جو الماسِ استقلال مان آهيان.

سمايل ٿا رهن منهنجي تصور ۾ سوين عالم،

حياتِ جاوداني جو حقيقت حال مان آهيان.

تبسم جي ادا سان منهنجو نذرِ دل قبوليائين،

جهانِ عشق ۾ ”اختر“ همايون فال مان آهيان.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org