سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تسبيحِ محبت

صفحو :6

 

·

ٻڌاءِ اي عندليب، زار هن گلشن تي ڇا گذري؟

گلِ لالا، گلِ سنبل، گلِ سوسن تي ڇا گذري؟

 

اشارن جي ادائن کان بچڻ مشڪل بهادر جو،

خبر ناهي ته هن مخمور، اهلِ فن تي ڇا گذري.

 

نگاهِ شوخ جي شمشير سان قربان ٿيا ڪيئي،

نه ٿيو معلوم اڄ تائين انهن مردن تي ڇا گذري.

 

ڏسي حال، جنون منهن جو رقيبن کي کلڻ آيو،

عجيبن جي اڳيان بدبخت جي دردن تي ڇا گذري.

 

زمين، زندگي مان اڄ اٿيو آ شور هيڪاندو،

فضا تي رقص ٿيو طاري، الا! عرش تي ڇا گذري.

 

ڪري پرزا پيالي کي هلي نانگا نچڻ بيٺا،

خدا ڄاڻي ته هن مئخانه جي مستن تي ڇا گذري.

 

نمائي پنهنجو سر ويٺو عمامه کي اڇل ڏيئي،

انهيءَ حجره نشين زاهد نڪو دامن تي ڇا گذري؟

 

وڍائي پنهنجا هٿ ويٺيون حسين تر مصر جون راڻيون،

ڏسڻ سان حسن، يوسف کي سندن چشمن تي ڇا گذري؟

 

ذرا بادِ صبا ترسي حسينن جي حقيقت ڏي!

انهيءَ ”اختر“ شهيدِ ناز جي مدفن تي ڇا گذري؟

 

·

هٽايو مـﮧ جبين منهن تان نقاب آهسته آهسته،

سيـﮧ ڪڪرن مان نڪتو ماهتاب آهسته آهسته.

 

قيامت پيو ٿئي ان جو شباب آهسته آهسته،

وڃي اميد ٿيندي اضطراب آهسته آهسته.

 

گهڻي مدت کان پوءِ مون کي مليو محبوب اڄ مرڪي،

ٽڙي گلشن ۾ ٿيو غنچهءِ گلاب آهسته آهسته.

 

بت، خاموش جي پوڄڻ ۾ آخر بت ويس بنجي،

ڪري جادو ٿي چشم نيم خواب آهسته آهسته.

 

مون هٻڪي هٻڪي آخر دل جي مسرت پيش ڪئي ان جي،

ٽٽل الفاظ ۾ آيو جواب آهسته آهسته.

 

نه ڏي قتل و ستم جون ڌمڪيون قاتل! اٿم ٿي وئي،

طبيعت خوگر، درد و عذاب آهسته آهسته.

 

بتن جي عشق ۾ ويٺو وڃائي عقل و دين تقويٰ،

جنابِ شيخ جي عزت مآبُ آهسته آهسته.

 

بلطف و طالب الموليٰ هي ”اختر“ بزمِ طالب ۾،

بهر حالت ويو ٿي بارياب آهسته آهسته.

 

·

سائنس جي دنيا پيئي ڪري ايجاد اڃا هٿيار نوان،

پر منهنجو صنم هر روز ڪري ٿو وار پکيڙي وار نوان.

اي جانِ تمنا! اچ ته ڪيون اڄ عيد جي ڏينهن اقرار نوان،

گلزارِ وفا مان گلڙا ڇني هڪ ٻئي جا بنايون هار نوان.

هر صبح غم و افڪار نوان هر شام ڏک ۽ آزار نوا،

تنهن جي ئي محبت جا ٿو ڏسان روز روز هي دعوديدار نوان.

مون بزم ۾ ان جي وڃڻ گهريو پر راه کان روڪي ويهي رهيا،

صف بسته سپاه، مزگان جا مضبوط سپـﮧ سالار نوان.

هي عشق جو آهي پراڻو مرض پر شڪل کي بدلائيندو اچي،

تشخيص نئين، تجويز نئين، جراح نوان بيمار نوان.

اي راه نورد افسوس نه ڪر! راهون به نيون رهبر به نوان،

منزل تي هلي ڏسنداسون هلي ديدار نوان دلدار نوان.

اي عشقِ زليخا هوش ته ڪر هي مصر جي ڪا بازار نه آه،

يوسف جي خريداري لاءِ اچي ٿيا جمع ڪيئن زردار نوان.

اي مطربِ خوش الحان اڃا هن دل جي ٽٽل تارن کي نه ڇيڙ،

نه ته سازِ شڪسته مان نڪري پوندا سوز ڀريا ستُرتار نوان.

اڄ تارا تڪيندي تارا ٿڪي پيا رات ڪٽڻ مشڪل ٿي پيئي،

معلوم ٿو ٿئي مجبور ٿي شايد يار وڃي ڪيا پار نوان.

مون درد و ستم جا بار سهي محبوب جو حاصل قرب ڪيو،

هي پنهنجو ناتو ٽٽڻ جو ناهي يار پراڻو پيار نوان.

آهن ته اکيون سڀني کي مليون دنيا ۾ ڏسڻ لئه عام طرح،

پر جيڪي ڏسڻ چاهين اکيون پوري به ڏسن اسرار نوان.

تون باده ڪهن جو جام پري هڪ ٻئي کي ڏيئي بدمست نه ڪر،.

”اڄ بزم ۾ تنهنجي ساقي ٿيا موجود اچي ميخوار نوان.“

اکين ۾ خيا جو سُرمو پيل ۽ لب تي وفا جي لالي لڳل،

”اختر“ جي اٿئي موهڻ جا ڪيا سينگار نوان جنسار نوان.

 

·

مقتل ۾ حسن، ديد بپا ٿي نٿو سگهي،

هي رنڳ خون رنگ حنا ٿي نٿو سگهي.

 

منهن جو هي دردِ عشق فنا ٿي نٿو سگهي،

اِلاء جو عزم آه ته لا ٿي نٿو سگهي.

 

اي ره نوردِ راهِ محبت! ڪجهه اڳڀرو،

ڏس جستجوءِ يار ۾ ڇا ٿي نٿو سگهي.

 

ديدون ملائي دور ٿيڻ ۾ به هوندو راز،

اهلِ وفا ڪو اهلِ جفا ٿي نٿو سگهي.

 

آهي مزو پرستش، بت ۾ عجب مگر،

لات و عزا ڪڏهن به خدا ٿي نٿو سگهي.

 

ڇا ٿيو جي غير سان مون ڏٺو پنهنجي يار کي،

روزِ قضا ته روزِ جزا ٿي نٿو سگهي.

 

صبر و قرار لٽجي سگهي ٿو جڏهن تڏهن،

ان جي اکين جو مست گدا ٿي نٿوس گهي.

 

جيسين چمن م ناه جمال، صنم جو عڪس،

مرغ، بهار نغمه سرا ٿي نٿو سگهي.

 

ويٺس اکيون انهيءَ جي اکين ۾ اڙائي آه!

جنهن جي نظر جو تير خطا ٿي نٿو سگهي.

 

”اختر“ کان جي صنم ٿو گذاري جدا ته ڇا،

دل کان خيال، يار جدا ٿي نٿو سگهي.

 

·

غير تي اعتبار ڪير ڪري،

زندگي ناگوار ڪير ڪري.

 

رونقِ بزم مورڳو ويندي،

شيخ کي باده خوار ڪير ڪري.

 

ميڪده ۾ رسيس ته مئي نه ملي،

حسرتن جو شمار ڪير ڪري.

 

راز کي راز رک ته راز رهي،

راز کي آشڪار ڪير ڪري.

 

مون ڏي اچڻو اٿس ته اڄ ئي اچي،

”ايترو انتظار ڪير ڪري“.

 

مئي جو ساغر وچان ئي ڏي سداقي!

”ايترو انتظار ڪير ڪري“.

 

هڪ ئي غلطي تڙي ڪڍيو گهر مان،

لغزشون بار بار ڪير ڪري.

 

ڪجهه ته عملن جون شامتون آهن،

نه ته ڌڪا ڏيئي ڌار ڪير ڪري.

 

دل جو سودو به آه دولت سان،

پئسو ناهي ته پيار ڪير ڪري.

 

نه جواني نه شڪل و رنگ و مال،

حب مان همڪنار ڪير ڪري.

 

روءِ تابان تي ڪارا زلف ڏسي،

فرقِ ليل و نهار ڪير ڪري.

 

·

ويو هليو ناخدا به ٿي ناراض،

منهنجي ڪشتيءَ کي پار ڪير ڪري.

 

ڪجهه ته توکي به دردِ عشق هجي،

مفت ۾ جان نثار ڪير ڪري.

 

پاڻ ساڙئين تڏهن پتنگ سڙيو،

شمع کي شرمسار ڪير ڪري.

 

چشمِ آ هُو جو چرچو آه مگر،

منهنجي سهڻي سان چار ڪير ڪري.

 

تنهنجي دم سان ئي دور آ ساقي!

بزم کي برقرار ڪير ڪري.

 

آشناءِ خزان گهڻن ئي ڪيو،

آشناءِ بهار ڪير ڪري.

 

دل جي بدلي کپي ٿو قرب ۽ پيار،

نقدِ دل مستعار ڪير ڪري.

 

توکي سچ بچ جي مون سان پيار هجي،

توکي مون کان پوءِ ڌار ڪير ڪري.

 

ڀل ته ڪهڙو به سنگدل تون هجين،

تنهنجي الفت کان عار ڪير ڪري.

 

منهنجي دل جو خزان رسيده چمن،

تو سوا لاله زار ڪير ڪري.

 

هڪڙو ”اختر“ ڇا ٻيا به ننڊ ۾ هئا،

ننڊ مان هوشيار ڪير ڪري.

 

 

 

·

 

اڄ مون کي ماهرُو سان ملڻ ٿو نصيب ٿئي،

شايد مون غمزده کي کِلڻ ٿو نصيب ٿئي.

 

هو عرش، اعظم آه هي ارض، مقدس آه،

هُن جي رئڻ سان هن کي کِلڻ ٿو نصيب ٿئي.

 

اکيون ته عام طور ڏسڻ لئه مليون مگر.

دنيا ۾ ڪنهن کي ڪنهن کي ڏسڻ ٿو نصيب ٿئي.

 

ٿي ويو شراب خاني ۾ ساقي جو فيض عام،

زاهد کي اڄ ڀلا جو پيئڻ ٿو نصيب ٿئي.

 

ڇا ٿو ڏسين اي شيخ جي! احڪام شرع جا،

سنڳ درِ صنم تي نمڻ ٿو نصيب ٿئي.

 

آيو مسيح آه محبت جي لاش تي،

”اختر“ وري به زنده ٿيڻ ٿو نصيب ٿئي.

 

 

·

 

جنونِ عشق کي آ چشم، فتنه ور جي تلاش،

صنم جي تير، نظر کي دل و جگر جي تلاش.

نگاهِ شوق کي آ غيرت، قمر جي تلاش،

جمالِ يار کي پامال سربسر جي تلاش.

ڇڏي ڏي محتسب باده نوش مستن کي،

قضا کي ناه گنهگار بي خبر جي تلاش.

هي راز، عشق لڪائڻ سان ٿو ٿئي حاصل،

اجائي راه، محبت ۾ راهبر جي تلاش.

ڏسان ٿو جمع هي مقتل ۾ قتل جو سامان،

ٿئي ٿي رمز سان عاشق، دربدر جي تلاش.

سندم اکين ۾ ٿا اشڪن جا رهن ڪئين الماس،

فضول آه صرافن وٽان گُهَر جي تلاش.

اداءِ حسن تي ويٺس وڃائي عقل و هوش،

ٿو پنهنجي گهر ۾ ڪيان پنهنجي گهر جي تلاش.

اجائي عمر ٿو زاهد وڃائين خلوت ۾،

تلاش يار جو تعبير خشڪ و تر جي تلاش.

نه آهه شرط وفا هي رڳو رڪوع و سجود،

هلي تون ڪر طلب، حق ۾ بحر و بر جي تلاش.

بنائي ويٺين تون مقصود ڇا؟ بتِ بي پير!

زمينِ شور م بي سود آ ثمر جي تلاش.

حصولِ زر ۾ نه ٿي ايترو حزين ”اختر“!

تون ذوقِ نظر سان ڪر صاحب، نظر جي تلاش.

 

·

رقيبن وٽ هلي گلفام آيو،

اسان وٽ نامئه بي نام آيو.

 

سوين ڀيرا هي صبح و شام آيو،

نه اڄ وانگر ڪڏهن ناڪام آيو.

 

غم، فرقت بصد اقسام آيو،

که هڪڙو هڪڙو خون آ شام آيو.

 

ڪيان پيو دردِ دل محسوس! شايد،

”صنم کي ياد منهنجو نام آيو.“

 

مليون اڄ اوچتو ديدن سان ديدون،

نگاهن ۾ ئي هڪ پيغام آيو.

 

سياه زلفن ۾ آيو روءِ تابان،

ته ڄڻ بتخاني ۾ اسلام آيو.

 

بدلجي مئه مان پيو خون، جگر ٿي،

جڏهن ڪنهن جي لبن تي جام آيو.

 

انهيءَ مئخوار جي قسمت تي صد حيف،

جو مئخانه مان تشنئه ڪام آيو.

 

ستم گر بس نه ڪر پنهنجي ستم کان،

اڃا مس مس اٿم آرام آيو.

 

نه ”اختر“ آيو ڪو بهٻر عيادت،

اگر آيو ته سودا خام آيو.

 

·

مقتل ۾ هن جي پيش هلي پنهنجو سر ڪبو،

هر قطره قطره خون جو لعل و گُهَر ڪبو.

ماري ته ان جي مرضي، مرڻ کان حذر ڪبو،

ٻئي هٿ ٻڌي حضور ۾ سينو سپر ڪبو.

حيلو مڙئي حبيب اڳيان ڪارگر ڪبو،

”هن سنگ دل جي دل ۾ اميد آه گهر ڪبو“.

سامهون سڄڻ جي حال روئي سربسر ڪبو،

هن سنگ دل جي دل ۾ اميد آه گهر ڪبو،

ساقي! هي باده خانه جو ڪيئن بند در ڪبو،

واعظ کي باده نوش ڪري بي خبر ڪبو،

دلبر جي در جي خاڪ کي ڪحل البصر ڪبو،

۽ ڪيميا گرن کي به اهلِ نظر ڪبو.

قربان هر قدم تان مڙئي مال و زر ڪبو،

آهسته ان جي دل ۾ وڃي ڪوا ثر ڪبو.

وعده وفا ڪري نه ڪري درگذر ڪبو،

صبر و رضا سان وقت نڀائي بسر ڪبو.

هي تلخيءَ زمانه کي شير و شڪر ڪبو،

مشڪل کي مرد، شير ٿي آسان تر ڪبو.

اي شيخ! هت ڪو ورد وظيفن جو ڪم نه آه،

ميدانِ عشق آه جو سَر ڏيئي سَر ڪبو.

مرغ، ازل! تون گلشن، لذت کي ترڪ ڪر،

صياد جي حوالي نه هي بال و پر ڪبو.

جنهن جي جمال، ديد سان روشن جهان ٿيو،

تنهنجي برابريءَ ۾ ڇا شمس و قمر ڪبو.

هي رمز، عشق شيخ جي سمجهڻ کان دور آه،

”اختر“ جنون، عشق کي ئي راهبر ڪبو.

 

·

حسن، جانان جلوه افشان ٿي ويو،

هر جوان آتش بدامان ٿي ويو.

مصحف رخ تان هٽايائين نقاب،

عرف ۾ تفسير قرآن ٿي ويو.

هن جي رخسارن جو رنڳ حسن ڇا؟

خودبخود آئينه حيران ٿي ويو.

چشمه نرگس ۾ رهي مستيءَ جو شان،

گويا باده ڪيف ارزان ٿي ويو.

ميڪده ۾ آيو واعظ اوچتو،

عمر رفته تي پشيمان ٿي ويو.

مئي جي هڪ ساغر ڪيو زاهد کي مست،

صحن، مسجد بزم، رندان ٿي ويو.

هن جي هڪ تيرِ نظر سان اي طبيب!

منهن جي دردِ دل جو درمان ٿي ويو.

عمر جنهن جي عشق ۾ مون ڪئي بسر،

هڪڙي دم جي لاءِ مهمان ٿي ويو.

ٿيو اجڙ رنڳ جوانيءَ جو چمن،

اهڙو جذبئه عشق طوفان ٿي ويو.

معصيت جا داغ ڌوتا حزن و ياس،

آب، ديده ابر نيسان ٿي ويو.

آه وحشت ۾ جنون زاد، سفر،

”بي سرو سامان جو سامان ٿي ويو.“

روڪجي ويون نگاهون شيخ جون،

ديده ور دانا به نادان ٿي ويو.

ڪيئن نه پرواني پچايو پاڻ کي،

چند لمحڻ لاءِ چراغان ٿي ويو.

کل نه ”اختر“ پنهنجي ناداني تي روءُ،

جو رئڻ آيو سو خندان ٿي ويو.

 

·

 

مون کي غرور، حسن، تمنا جو هو خيال،

يعني عبور، عرش، معليٰ جو هو خيال.

ساقي جو هو خيال نه صهبا جو هو خيال،

بزمِ جمال، يار ۾ رسوا جو هو خيال.

دنياءِ دون ۾ عالم، بالا جو هو خيال،

چشمانِ دل کي ذوق تماشا جو هو خيال.

پهتو شباب تي سرِ شوريده جو جنون،

مون کي جمال ديده بينا جو هو خيال.

دارالشفا ۾ آيو پڇائي مريض عشق،

بيمارِ غم کي پاسِ مسيحا جو هو خيال.

ڀانيم ته پيشِ يار جي ڇيڙيان بيانِ درد،

ليڪنڪ لبن کي شڪوه بيجا جو هو خيال.

ويٺس گلِ بهار تي بنجي مان عندليب،

مون کي دلِ حزين جي تسلي جو هو خيال.

آيس عدم مان نيٺ جهانِ وجود ۾،

حسنِ ازل کي صورتِ دنيا جو هو خيال.

فرعون حرص و آر ٿيو غرقِ نيل نيٺ،

فطرت کي خود عقيدتِ موسيٰ جو هو خيال.

منهن جي رئڻ تي يار ڪيو ناز ڇوته کيس،

هو اشڪِ خون جي گوهر يڪتا جو هو خيال.

جوشِ جنون ۾ دشت نوردي جو مشغلو،

”اختر“ اگرچ هيبتِ صحرا جو هو خيال.

 

·

تون شهباز آهين ستارن سان کيڏ،

فلڪ تي هلي ماه پارن سان کيڏ.

ته آوره ٿي لاله زارن سان کيڏ،

نه دلداده بنجي بهارن سان کيڏ.

نه يارن سان کيڏ ۽ نه ٻارن سان کيڏ،

تون شهزور ٿي شهسوارن سان کيڏ.

جيئڻ جو اٿئي فلسفو موت ۾،

هجئي گل جي خواهش ته خارن سان کيڏ.

رهي ڪبريائي جو قوت ۾ شان،

جفا پيشه ۽ زور وارن سان کيڏ.

طلب ۾ اٿئي سر بلنديءَ جو راز،

هنرمند ٿي ڪوهسارن سان کيڏ.

هي دنيا جو بازيچهءِ دلفريب!

نگام مرد جي اشارن سان کيڏ.

ملي رنج و محنت مان درسِ حيات،

هي هڪ رنج و غم ڇا هزارن سان کيڏ.

درِ فقر جو ٽوڙ همت سان قفل،

سرِ گنج هيرن جي هارن سان کيڏ.

تون مئخانهء غم جو ساقي ٿي ره!

مئي فڪر جي باده خوارن سان کيڏ.

تون تسخير فطرت جو ڏيکار زور،

اٿي اهلِ فن! اهل ڪارن سان کيڏ.

اگر چاهين ”اختر“ قرار و قيام،

ته هل شعله افشان شرارن سان کيڏ.

 

·

 

رٺل راڻي کي يڪسو ٿي ستائين ها ته پائين ها!

محبت جي مٺي محفل مچائين ها ته پائين ها!

 

رقيبن جي رهاڻين ۾ ڪرڻ شڪوه وفا ويٺين،

سر تسليم جانان وٽ نمائين ها ته پائين ها!

 

فقط فرقت جي ڌمڪيءَ تي تون غيرن وٽ رئڻ آئين،

سڄڻ سامهون اکين مان جر وهائين ها ته پائين ها!

 

تو ساريو هو سنجهي مان، يار پوئين رات جو آيو،

سياڻا صبح تائين دير لائين ها ته پائين ها!

 

ٿئي ٿو وصل، جانان سڪ ۽ تعميل سان حاصل،

جنونِ عشق جي دولت ڪمائين ها ته پائين ها!

 

جهانِ رنگ و بَو کي سمجهي ويٺين منزلِ مقصود،

انهيءَ تصويرِ باطل کي مٽائين ها ته پائين ها!

 

هو قائم ناز ڪرڻو ڪشتئه سيماب دل ”اختر“،

هي نسخو ڪيميا جو آزمائين ها ته پائين ها!

 

 

 

·

 

حسن تنهن جي جو آهي يوسف، ڪنعان سان ٽڪر،

عشق منهن جي جو آهي دشت و بيابان سان ٽڪر.

 

دردِ دل شوق، تمنا جي مقابل آهي،

منهن جي اميد جو حالات، پريشان سان ٽڪر.

 

عقل و دانش جي اڳيان آه کڙو جوش، جنون،

علم و عرفان جو ٿيو نسبت، عرفان سان ٽڪر.

 

غرق ٿي ڪشتي دل، ياس جي قلزم ۾ مگر،

موج غم جو ٿو رهي نوح جي طوفان سان ٽڪر.

 

منهن جي پروازِ تخيل جو ماڪن عرش، برين،

منهن جي قدمن جو ٿيو خار مغيلان سان ٽڪر.

 

عالمِ ڪيف ۾ ”اختر“ مان شهنشاه، خيال،

منهن جي مسند جو ٿيو تخت، سليمان سان ٽڪر.

 

 

 

·

رهي خمارِ جنبون غالب پيار ساقي شراب اهڙو،

ڪري جو مستن تي وجد طاري تون ڇيڙ مطرب رباب اهڙو.

ڪمند، گيسو ۾ مرغ، دل کي شڪار سمجهي کِلي ڏنائين،

چمن ۾ وصل، بهار آئي ٽڙيو نه غنچئه گلاب اهڙو.

قدم قدم تي عجب قيامت بپا ڪري ٿو جمال جنهن جو،

نظر ۾ فتنه، ادا ۾ شوخي، حشر جو سامان شباب اهڙو.

ڪجل جي ڪاني بجا پيل هو اکين ۾ ان جي حيا جو سُرمو،

نگداهون خودبين ۽ رخ تي پردو ڪڏهن ته اهل حجاب اهڙو.

سپاهِ مزگان جي وار سان ئي وڃائي ملڪ سڪون ويس،

محلِ صبر و قرار خالي ملول منهن، اضطراب اهڙو.

ڏنو محبت جو هديه مون کي جهانِ غم مان سڏائي جانان،

عطا عنايت نصيب ياور ڪڏهن وري بارياب اهڙو.

ڪمال حب سان وهاري ڀر ۾، غضب مان قتل و ستم جون ڌمڪيون،

نگارخانه ۾ هم بغل ٿي خوشي خوشِ ۾ خطاب اهڙو.

چمن جو ايوان، صنم جي محفل، شرابِ گلگون، گلن جو بستر،

نه آهه وسرڻ جو تا قيامت عجيب تعبير خواب اهڙو.

زبان تي منتر، هٿن ۾ ڍارو، گلي ۾ تعويذ ”لوح تسخير“،

تڏهن به هو شوخرو گذاري لڪي لڪي، اجتناب اهڙو.

پيار محبت، فراق سوزش هي عشق منهن جي جي الف بي تي،

پڙهايو مڪتب ۾ وقتِ طفلي سڳوري آخوند باب اهڙو.

ستم جي بدلي ڪرڻ وفائون، پيار عيوض سهڻ جفائون،

پوي ٿو ڪاليج عشق واري ۾ پاس ڪرڻو نصاب اهڙو.

ٿيو پيمبر بروز محشر براءِ امت شفيع ”اختر“،

نه ايندو عالم ۾ بنجي رحمت رسول عالي جناب اهڙو.

 

·

 

همنظر کان حجاب ڪهڙو آهه،

دوستن سان حساب ڪهڙو آهه.

 

ميڪده ۾ جو مست لا يعقل،

نه ڪري سو شراب ڪهڙو آهه.

 

جيڪو مطلوب کي ڪري طالب،

کول آخوند! باب ڪهڙو آهه.

 

جنهن جي جلوت سان جاڳي جذبهء شوق،

شيخ صاحب! شباب ڪهڙو آهه.

 

قيس بنجي تون راهِ عشق ۾ ڪاه،

قيس ريءَ ڪامياب ڪهڙو آهه.

 

مست ٿياسون اڃا به رسم ۽ واه،

عاشقن تي عتاب ڪهڙو آهه.

 

ترڪ ڪر طرزِ شاعري ”اختر“

اڄ اديبن جو آب ڪهڙو آهه.

 

 

 

·

 

صنم ڪيو صبح، ايجادِ ستم جي آزمائش ۾،

اسان ڪئي شام صبر و ضبطِ غم جي آزمائش ۾.

 

وهي هليو و فورِ حزان کان درياءِ اشڪ آخر،

درِ جانان جي اڳيان چشمِ نم جي آزمائش ۾.

 

جمع ٿيا عاشقانِ شاهدِ تهذيب يورپ ڏي،

سلام و امن و تجديدِ حرم جي آزمائش ۾.

 

محبانِ وطن ٿيا بزمِ دشمن ۾ قدم انداز،

فلاحِ قوم تعمير عجم جي آزمائش ۾.

 

ٿئي عقده ڪشڊائي نافذِ ائٽم سان ٿي حاصل،

هنرمندانِ عالم پيچ و خم جي آزمائش ۾.

 

بسر ٿي عمر ”اختر“ التفاتِ شعر گوئي سان،

نمودِ علم و اسرارِ قلم جي آزمائش ۾.

 

 

 

 

 

 

·

 

هلي مقتل ۾ اڄ خنجر، به ڪف جلاد آيو آهه،

نهايت خشمگين ٿي خوگر، بيدار آيو آهه.

 

نه ڏي اي نامه بر! قاتل جي طرفان قتل جون ڌمڪيون،

اسان جي لئه ته پيغام، مبارڪباد آيو آهه.

 

سنڀال اي عندليب، خوشنوا گلشن جي خطري کان،

چمن جي شاخسارن مان لڪي صياد آيو آهه.

 

گهجڻو ئي حلق پنهنجي کي دٻايم ضبط غم خاطر،

مذبذب ٿي لب، خاموش تي فرياد آيو آهه.

 

حسينن جي هَوَس ۾ مان وساري يار کي ويٺس،

رقيبن جي رئڻ تي خودبخود سو ياد آيو آهه.

 

مون موڪليو صنم کي ”اختر“ بيچاره جو پيغام،

مگر بيدرد قاصد بزم مان ناشاد آيو آهه.

 

·

 

زر جي تلاش آهه نه سر جي تلاش آهه،

حسن، نظر کي اهلِ نظر جي تلاش آهه.

هن کي نه ڪنهن جي ديده تر جي تلاش آهه،

آهي ته زخم، قلب و جگر جي تلاش آهه.

هن پار ٻڌ جي ٿو ته ڪا موتين جي کاڻ آهه،

هلندو ڪو جنهن کي لعل و گوهر جي تلاش آهه.

وٺڻي اٿم حسين کان خيرات حُسن جي،

در در پنڻ وڃان ٿو جو در جي تلاش آهه.

عرصه کان عندليب جا نغما نٿا اچن،

بزمِ چمن ۾ مرغ، سحر جي تلاش آهه.

هڪ پل جي لئه به ڪاش هي ڪاشانه نور ٿئي،

مدت کان مون کي برق و شرر جي تلاش آهه.

علماءِ وقت جو ته هي عزم، سفر ڏسو،

گهر جي خبر نه آه قمر جي تلاش آهه.

ڪئين رنگ ڏيئي ٺاهي مون تصوير يار نيٺ،

بس هڪ ئي رنڳ مهر و نظر جي تلاش آهه.

اي ره نوردِ راه محبت ٿي اڳڀرو،

راهِ سفر ۾ حظ، سفر جي تلاش آهه.

ڪلهه وقتِ نزع مون کي پڇڻ لئه به آيو ڪين،

اڄ مـﮧ  جبين کي منهن جي قبر جي تلاش آهه.

معلوم ناه لفظ محبت جو اشتقاق،

بزمِ ادب ۾ زير و زبر جي تلاش آهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org