سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام رشيد الله

صفحو :7

ڪافي

ٿل:    تو ۾ آهي تنهن جو يار- توکان ڪينهي سو دم ڌار.

1-    من  عرف  جي مام پروڙي – کڻي نرتئون نيڻ نهار.

2-    ونحن وارو ورق ورائي- صفحو پنهنجو سوجهي سنڀار.

3-         فڪر فثم جو فهم سين سمجهي – هر جا حاصل ڪر ديدار.

4-   الانسان سري انا سره -  پرين آهي ايءَ پچار.

5-     يسعني آهي فضلئون فرمايو – سيد صاحب ربّ ستار.

شاعرانه خوبيون

        جهڙيءَ طرح پير سائين رشدالله شاهه جن جو ڪلام معنوي خوبين جي کاڻ آهي، تهڙيءَ طرح سندس شعر ۾ شاعرانه خوبين جو به شمار ئي ڪو نه آهي. هن هيٺ چند خوبين جو ذڪر ڪجي ٿو.

صنعت بديھ يا ارتحال:

پير سائين جن جڏهين حج تي روانا ٿيا هئا، تڏهين ساڻن حاجي الهه بخش ابڙو به گڏ هو. پير سائين جن جڏهين احرام ٻڌو تڏهين الهه بخش فقير کين احرام ٻڌل ڏسي چئي ڏنو ته:

”اڄ حاجين آهي احرام ٻڌو.“

        پير سائين جن اها تڪ ٻڌي يڪدم شعر چوڻ شروع ڪيو ۽ سڄي ڪافي تيار ڪري ورتائون.

اڄ حاجين آهي احرام ٻڌو،

حبئون حرم حبيب جي حج سندو.

1- هليا هاڪاري جي حضرت ڏي -  تن جو قصد ڪريم قبول ڪندو.

2- ڪندا حمد هزارين حاجي مڙي- ڏسي ڏوران سي سڀ شهر جدو.

3- ڏسي قرب ڪريم جي ڪعبي جو- ڇڄي ڇار ٿيندو ته شيطان شدو.

4- لهي بندر مٿان ريءَ بندش جي- ويندا سائين جي سامهون سيد سڌو.

 

صنعت سليس :

 

        هڪ سٺي شاعر جي لاءِ ضروري آهي ته سندس شعر پختو، سپڪ ۽ سليس زبان ۾ چيل هجي. منجهس رواني به هجي ۽ سنجيدگي به. پير سائينءَ رشيدالله شاهه  جن جي سڄي شعر ۾ نه رڳو ٻولي نهايت سولي ۽ سلوڻي ڪم آندل آهي پر سندس شعر ۾ڏاڍي رواني آهي. سندن سڄي ڪلام ۾ ڪو به اهڙو شعر ڪو نه آهي، جيڪو پڙهڻ وقت نڙيءَ ۾ اٽڪي پوي. هن هيٺ سندن ٻه ڪافيون ڏجن ٿيون جن ۾ اها ڪاريگري رکيل آهي.

ڪافي

ٿل:  راتو ڏينهان آهي ڏاڍو – خاطر کي ته خيال مارن جو.

1-   سرتين سان وڃي گڏ ڇيڙينديس -  موچارو ته مال مارن جو.

2-  آني ٻڌاءِ نانءِ الله جي – پانڌي مون کي حال مارن جو.

3-      جيءَ ته منهنجي کي هردم جيڏيون- جهوري آهي جنجال مارن جو.

4-    رشدالله چوي ربّ راضي ٿيندو -  سڻندو سائين سوال مارن جو.

-*-

ڪافي

ٿل: ڪهڙي اٿئي من ۾ مٺل – سل ڳالهه سا سهڻا سچي.

1- تنهن جي بره بس بيمار ڪئي – ديوانه دل ديدار ڪئي،

           تو ڪا ڪڏهين کينڪار ڪئي- هيئن نا جڳائي توکي جڙيل،

                                                                  ڏي ڪا دوا من پوان بچي.

2- منجهه سوز دل شب روز آهه- هينئڙي کي هيءَ حب روز آهه،

           قربان جو شب روز آهه، پوئي نٿي مون تي ڪهل،

                                                                ڀانءِ ته آهيان ڪوڙي ڪچي.

3-  ڏک  ۾  ڏارن   سور  چران- محبت تنهنجي ۾ ٿي مران،

             ڳڻتيءَ اندر ڳريو ڳران- مشڪل ڪري ڏي سڀ سهل،

                                                                        عالي اڱڻ اولي اچي.

4- رنج روه مٿئون رشدالله- لائق لطف سان سڀ لاهه،

             رستو نه اَٿم توريءَ راهه- من جي آهيان موڙهي منجهيل،

                                                                          راضي ٿيندين ويندس رچي.

صنعت تضمين:

        پير سائين رشدالله شاهه رحه پنهنجي ڪلام ۾ عربي ۽ فارسي مقولا، قران مجيد جون آيتون ۽ ٻين شاعرن جي شعرن جون مصرعون تضمين طور عام جام ڪم آنديون آهن. سندن ڪافين ۽ ٽيهه اکريءَ ۾ اهڙا مثال تمام گهڻا ملندا. هن هيٺ چند مثال ڏجن ٿا:

بيت

دال- دل ۾ دوست جو دم دم دور پڙهن،

يذڪرون الله قياماً و قعوداً ڪيڏنهن ڪين لڙن،

ڪار انهيءَ ۾ ڪڙهن راتو ڏينهان ڪاپڙي.

ڪافي

ٿل: ڇو پڇين پنڌ پيرا پيرا- واٽ وندر جي توکي وڻ به ڏسيندا.

1- اِن من شيءِ ڏي عين اماڻي – ڏس هوت جا هر هر ديرا ديرا.

2- يسعني سڻي ياس مٽي ڏي – ڀنگ ۾ ڪر نا ڀيرا ڀيرا.

3- نحن اقرب نيڻان نيڙو- جهنگ جلاءِ نه جيرا جيرا.

4- وهو معکم سيد سهڻو- ويجهو آهي ويرا ويرا.

 

صنعت – عڪس:

پير رشدالله شاهه جي ڪلام ۾ هڪڙو فارسي غزل اهڙو چيل آهي، جنهن ۾ صنعت عڪس ڪم آندل آهي.  

 

غزل

                  حضرتِ فرقان من – سيرت جانان من،

                  سيرت جانان من – حضرتِ فرقان من.

1-  قوت دل و جان من – شغل ڪتاب و سنن،

                 شغل ڪتاب و سنن- قوت دل و جان من.

2- منزلت و شان من- پيروي سنت است،

                پيروي سنت است – منزلت و شان من.

3- رونقِ ايمان من – دوستيءِ اهل بيت،

                 دوستيءِ اهلِ بيت- رونقِ ايمان من.

4- موضوع احصان من – حضرت طيبه بود،

                حضرت طيبه بود- موضع احصان من.

5- حرزاز شيطان من – هست جوار نبي،

                هست جوار نبي – حرزاز شيطان من.

6- مالڪ منان من – سوي مدينه بود،

                 سوي مدينه بود – مالڪ منان من.

7- اين ترِ دامان من – پاڪ بزمزم شود،

                پاڪ بزمزم شود- اين تر دامان من.

8- بقيه دوران من – طيبهءِ اواه کن،

                  طيبهءِ اواه کن- بقيه دوران من.

صنعت متلائم :

        پير سائين جن جي ڪلام جي گهڻي حصي ۾ ٻولين هايت سليس ڪم آندل آهي ۽ لفظ ايترا ته نرم ۽ ملائم آهن جو زبان خواه ڪنن کي نهايت  هلڪا پيا لڳن، نموني طور هتي هڪ شعر ڏجي ٿو:

ڪافي

ٿل:     مل دوست اچي جهٽ پٽ- ڇڏ دير دليان دل جاني.

1-      ڪهڙي يار ڪرين ٿو جدائي- آهن ڏينهن عمر جا اڍائي،

                       ڪو پهر اچي هت ڪٽ- ڪر عاشق مٿي احساني.

2-    وري آءُ ولهيءَ وٽ والي- ڏيان صدقي سر سڀ مالي،

                       ڪر ڳالهه اڳوڻي نه گهٽ- آءٌ اصل جي آهيان ٻانهي.

3-    لهه سار اچي تون سهڻا- مون کي ماڻهو ڏين ٿا مهڻا،

                       هئين لس نه مئيءَ کي لٽ- ڪر اهنج سڀ آساني.

4-   تو کي ساهه سيد جو ساري- آڻئي الله شل واري،

                       پڄي آس مندي پرٽ- ڪري ڪنڌ مٿان قرباني.

 

صنعت ناقص:

        پير صاحب جن جي شعر ۾ چند اشعار اهڙا به آهن جن ۾ صنعت ناقص ڪم آيل آهي. صنعت ناقص ۾ اهڙا لفظ ڪم آڻبا آهن، جن جي صورتخطي ساڳي هجي پر اعرابن بدلائڻ سان معنيٰ جدا جدا هجين.

بيت

کماءِ خيال کي- کڙي ٿي ڪر کُڙي،

گهڙي پئه گهڙي سوا- گهٽاءِ نه گهڙي،

تر هي انهيءَ توڪل جي، چڪي پئه چڙهي،

متان وڃئي مڙي- هٿان مهل ميهار جي.

 

صنعت مڪرر:

 

صنعت مڪرر ۾ قافيه وارو لفظ ٻه ڀيرا لاڳيتو ڪم آڻبو آهي. پير سائين جن جا ڪافي شعر چيل آهن. هتي چند مثال ڏجن ٿا:

ڪافي

 

ٿل: ڪوڙئين ڪريمن ڪيون ڪيون- مون تي مهربانيون.

1- در وٺيو تنهن دوست جو – هجان پاڙي ۾ پيون پيون.

2- ڳڻ ڳڻڻ کان ٻاهر ٿيڙا – ساري سگهان نٿي چيون چيون.

3- وهڻ واري ريءَ سر منهنجي تان- نعمتن جون نيون نيون.

-*-

ڪافي

ٿل: پيئي آهيان جن جي تڏي ڙي تڏي ڙي- ننگ انهن تي منهنجو.

1- پرٽ پسيو پرورش ڄام پنهل جي- پاڻ جيڏين ۾ پڏي ڙي پڏي ڙي.

2- سنبرڻ ويل ساٿ وڏيرا- گولي کڻندا گڏي ڙي گڏي ڙي.

3-  يوم ندعوا جو ياد ڪري، هي نيندا ساڻ سڏي ڙي سڏي ڙي

4- اجهي اوٺن جي اٻوجهه اڄاڻي- ڪانن ۾ پئي ڪڏي ڙي ڪڏي ڙي.

5- ڪوڪ ڪوڏيءَ جي ڪيچي ڪنائي- توڏاڪين تڏي ڙي تڏي ڙي.

 صنعت ارسال المثل:

جن شاعرن کي پنهنجي زبان تي پوري دسترس هوندي آهي. اهي، ڪي پهاڪا شعر ۾ ڪم آڻيندا آهن. اهڙيءَ ڪاريگريءَ کي  صنعت ارسال المثل چئبو آهي. پير سائين سيد رشدالله شاهه جن جي شعر ۾ ڳچ جيترا اهڙا شعر ملندا جن ۾ اها ڪاريگري رکيل آهي:

ڪافي

ٿل : هارياڙي جي هير – ٽنگ ڀڳي ئي نه لهندي.

1- ڌڪ جهليندو ڊڪ ۾ پوندو- ويتر وجهندو وير.

2- العادة جو سمجهه اشارو- پوءِ نه پائيندو پير.

3- سک نه سهندو ڪاٿهين سڙيو- وتندو ڍونڍيندو ڍير.

شعر ۾ ڪم آندل ٻولي:

        پير سائين رشدالله شاهه رحه هڪ وڏو عالم هو کيس عربي، فارسي، اردو، سرائڪي ۽ سنڌي زبانن تي عبور حاصل هو. سندن شعر سنڌي  سرائڪي ۽ فارسي زبان۾ ڇپيل آهي. فارسي شعر ڪو ايترو ڪو نه اٿن، تاهم ان ۾ به  جيڪا ٻولي ڪم آندي اٿن سا ايراني شاعرن جي ٻوليءَ جهڙي آهي. باقي سندن جيڪو ڪمال آهي سو آهي سنڌي ۽ سرائيڪي زبان ڪم آڻڻ ۾. ٻولي اها سٺي ۽ فصيح ليکبي جنهن ۾ اصطلاح، پهاڪا ۽ صحيح محاوره مناسب جاين تي استعمال ٿيل هجن. پير سائين جن جي ڪلام جو جيڪڏهن بغور مطالعو ڪبو ته ڏسڻ ۾ ايندو ته سندن ڪو به اهڙو شعر ڪو نه آهي، جنهن جي هر هڪ مصرع ۾ اصطلاح ڪم نه آيل هجي. بعض حالتن م گهڻا اصطلاح ڪم آڻڻ پاڻ ڪلام بگاڙي وجهندا آهن. ليڪن پير  صاحب  جي ڪلام ۾ هڪ  به اهڙو مثال ڪو نه ملندو، جنهن مان اها بوءِ اچي. سچ پچ ته پير صاحب جي ڪلام ۾ ايترا ته اصطلاح ڪم آيل آهن، جو هوند الڳ ڪري ڇپائجن ته هوند ضخيم ڪتاب ٿي پوي.

نموني طور چند مصرعون ڏجن ٿيون:

 

هوت پنهل ريءَ هاڻ - جاڙ جيان ٿي جڳ ۾.

-----

آڻي لکئي لئن لائي وو - آءٌ ڪا جوڙ جتن جو ٻڙي جيڏيون.

-----

اڄ لالن لئڙو پائي- جڏو جوڙ ڪيو منهن جو جيئڙو.

-----

چاڪن مون کي چڪائيو - ڦٽن ڪيڙا ڦاڙ.

-----

سورن مون کي ساڙيو - ڏاهر ٿي وريار.

-----

ولهي ڇڏ ڪيم وساري - وٺي وڃ تار مان تاري.

----

سورن ساهه سڪائيو - گوندر لاتو اڄ گس.

----

سندن ڪلام

        پير سائين رشدالله شاهه جن – سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي ۾ شعر چيو آهي. سندن ڪلا، سندن زندگيءَ ۾ ئي گڏ ڪيو ويو ۽ مون وٽ جيڪو نسخو آهي سو پير سائين بديع الدين شاهه صاحب جن ڏنو. هي نسخو سندن استاد قاضي فتح محمد مرحوم جو لکيل آهي، جنهن جا ڪي صفحا ڦاٽي ويا آهن، تنهن ڪري فارسي غزل ۽ ڪجهه ڪافيون گم آهن. ٻيو بياض سندن خاص خادم حافظ محمد امين صاحب مٽياريءَ واري وٽ آهي. حافظ صاحب جو چوڻ آهي ته اهو بياض مڪمل آهي. راقم جي سامهون جيڪو بياض آهي، ان ۾ هيٺينءَ طرح سندن شعر لکيل آهي. ڪافين جي مٿان سر ۽ راڳڻيون به لکيل آهن.

فارسي غزل ٻارهن- سنڌي غزل ٻاويهه، سنڌي بيت ست، هڪ ٽيهه اکري، هڪ لولي، مولود چار، هڪ سهرو، سنڌي ڪافيون ٻه سو يارهن ۽ سرائڪي زبان ۾ ڪافيون چوڏهن. سندن ڪلام جو انتخاب هيٺ ڏجي ٿو:

ابيات

1- مهر ميهر جي ڪندي مڪڙِ منجهه مهراڻ،

سڪان سونپي ساهڙ کي ونجهه وٺندي پاڻ،

اهڙي پر اڄاڻ، لڙ لنگهندي لهرين جا.

-*-

2- چڙي، چري چت چريو ٿيو کڙي ڪئي خيال،

ساهيو نئي سائنر ڏي ساهڙ جي سنڀال،

 

ڇيٽو هيڏيءَ ڇر جو – ڇڪن ليکي ڇال،

ويجهو ڏسيو وصال – ڪڏيو پوي ڪنن ۾.

-*-

3- سُر سڻي سانپارن جو – سهڻي سنبري اٿي،

گهڙي چڙهي گهر جي – گهيڙئون ڪين گٿي،

وڃي ات الٿي- جتي پاڻ پتار جا.

غزل

 

محب ڏيئي ويو مٺيءَ کي من اندر محبت گهڻي،

نز ڏاڍي ساڻ نازڪ ويو نڍر جي دل هڻي.

1- جڏهين آيو يار مون وٽ سينڌ ۽ سرمون ڪري،

مون ڇڏيو تنهن ڏينهن کان پنهنجو ڏيڻ سرمون ڦڻي.

2- پوک پوکي پرت جي – پيارن اندر هن پورهيت،

مان سوائ منسي ڪرائي- غير سڀ ڇڏئي لڻي.

3- لاسندي لاري هڻي – ڪيائين لا سمورو الا الله،

ويا مڙيئي آئي خزان جي پن سڪل هئا جي ڇڻي.

4- ڪيو ڪرم قادر مٿي مسڪين رشدالله جي،

طلب پنهنجيءَ جي رکي ٿس تن اندر تنهنجي تڻي.

 

فارسي غزل

از وصالِ تو صدا مست دل و جان شادم،

عيد بر عيد جشن بر جشن ولم برلم.

1- شام فرقت شد و صبح وصل برزودم،

صاف بر صاف -  نقي بر نقي وجم برجم.

2- جاي غم گشت – نصيب دل داده مسڪين،

طرب بر طرب – فرح بر فرح وطم برطم.

 

3-  از همين طرب نوازم به دمادم نازم،

                     زير بر زير طبل بر طبل و بم بر بم.

4-   بر سرو پشت رقيب ارڪم بختي هردم،

                     مشت بر مشت لڪد بر لڪد – وشم برشم.

5-   ميڪند روز شب ازدرد همين دشمن ما،

                     جزع بر جزع، فزعه بر فزعه ودم بردم.

6-   طالعم بين که فلڪ نيز بڪا مم گردد،

                     دور بر دور -  چرخ بر چرخ و خم برخم.

7-   اين تن خشڪ شد از آب سنن بارونق،

                      تازه بر تازه مطر بر مطر و نم برنم.

8-   لشڪر  سنن  نبي  بهر  پناهم آيد،

                    جوق بر جوق -  يزک بر يزک وعم برعم.

9-  برسراي هز و مان  ز خدا هر سو،

                  غيظ بر غيظ، قهر بر قهر وذم بر ذم.

10- عاقبت اهلِ خرد- سوئي جهنم باشد،

                  حرف بر حرف – طپش بر طپش وحم برحم.

11- جائي خدام حديث ست ميان جنت،

                   عيش بر عيش، نعم بر نعم وچم برچم.

12- فوق ”اواه“ همين بارد الطافش را،

                    سيل بر سيل -  مطر بر مطر ويم بريم.

-*-

فارسي غزل

                    دلفريبي گزيده ام که مپرس،

                    ساحري جان ديده ام که مپرس.

1- برفسانه فسون او از جان،

                    آنچنان دل بريده ام که مپرس.

2- خزفِ  دل  فروختِه  بدلش،

                  درِ يڪتا خريده ام کَه مپرس.

3-  من  ز  نکهتِ  عبير  جمد مشلڪ،

                خوشبوئي شنيده ام که مپرس.

4- از لب شکرين شکر  خائي،

                 شهد خالص چشيده ام که مپرس.

5- همچو حافظ نجيب اي ”اواه“،

                   به مقامي رسيده ام که مپرس.

سنڌي ڪافيون

        اڄ هيئن لنگهندي راتِڙي – ڪري ياد صورت يار جي.

1- حاضر ناظر هر مظهر ۾ - اخفيٰ ڪي توڙي ابهر ۾،

                                                                   ظاهر سنديس ذاتڙي.

 

2- ونحن اقرب نيڻان نيڙو -  وهو معڪم هر هنڌ ڀيڙو،

پس پائي يار جهاتڙي.

3- الانسان سري انا سره -  غير غرق ڄاڻ الا هو،

ڏس اک پٽي منجهه ڇاتڙي.

4- رشدالله ڪر ڪو نا الڪو -  ڏک ڏهڳ سڀ جهٽ جو جهلڪو،

لئن نه لائي لاتڙي.

ڪافي

           جت وار ناهي ملي نادار جي -   لُٽي دل وڃي تاتي لڳي.

1-   طعنا تنڪا سر سهسائي – ڪات کڻي ڪو تنهن ڏي ڪاهي،

                                                                           ته به ياد ڇڏي نا يار جي.

2- لڄ ليا سڀ لاهي بيٺي -  پير پرت ۾ پائي بيٺي،

                                                                           ڪار ڇڏيائين گهر ٻار جي.

3- سنگ سنڱاوت سڀ سٽيائين – منهن محبت ۾ مرده مٽيائين،

                                                                           وات وائي دلدار جي،

4- راتيان ڏينهان راه نه ڪائي- رقيبن جي منهن ۾ ڇائي.

                                                                            رشدالله دوچار جي.

 

ڪافي

اڱڻ آسروند جي آءُ الله لڳ -  تان حال اندر جو اوريان.

1- قدم قدم تان هي ڪنڌ ڪامل – لک لک واري گهوريان.

2- مڻيون محبت وارو من ۾ - ساعت ساعت سوريان.

3- تنهنجي ڪارڻ ڪيچ ڌڻي مان – ڏونگر ڏوريو ڏوريان.

4- جوش جدائيءَ جي ۾ جاني -  جيءَ جڏي کي جهوريان.

5- رشدالله رويو رڙيو – راه توهان جي ڳوريان.

 

ڪافي

 

         چٽڻن جي هت ناهي چال -  لوڻڪ للر لاڳ مارن جو.

1- کنڀيون خاصو کاڄ اسان جو – سانئون سڱر ساڄ اسان جو،

        ريت انهيءَ تي راڄ اسان جو – ڳرهاريءَ جي ڪانهي ڳالهه،

                                                                                 چيڻون چڀڙ چاڳ مارن جو.

2- من منجهي ٿو ڏسيو ماڙيون- توبه زاري تن جون چاڙهيون

         ويهون وير وجهي هت واڙيون – جهوپا جهنگل ۾ هر سال.

                                                                                  ڀاڻ ڀٽون هِن ڀاڳ مارن جو.

3- پٽ منجهان ڇا پنهور پرجهن -  اطلس ۾ انگ ان جا اڙجن،

         پوشاڪون نا پهرڻ پرجهن، ساڙو سير جو سمجهي سال،

                                                                                  دشلن ۾ داغ مارن جو.

 

 

4- رشدالله چوي ٿي راضي – غور غريبن جو ڪر غازي،

         ائين جي مڃ عاقل آزي -  ڇڏ نه ورائي ميڙ منال،

                                                                           پرچي ٿي پهاڳ مارن جو.

ڪافي

            موليٰ مينهن وساءِ امت تي ايمان جو.

1- راحم پنهنجي رحم سان – ڏيهئون ڏرت اُڏاءِ.

2- بخشش جي برسات سان – برٿر سڀ برساءِ.

3- متابعت سان محمد مير جي- عالم کي آراءِ.

4- رشدالله چوي رحم ڌڻي- اهو عرض اگهاءِ.

ڪافي

           جيڪا رمز رانول جي سان رچندي – سا ته غرض نه ڪنهن ۾ گچندي.

1- محبت جنهن جي من کي موهيو- هوت سان هڪ سا هچندي.

2- حُب جنهين تي حڪم هلايو – پرت اندر اها پچندي.

3- سڪ سيني ۾ جنهن جي سمائي- مور نه سا منڌ مچندي.

4- دلبر جنهن کي ديد دکائي – اها ناچوءَ وانگي نچندي.

5- سيد جو آهي سوز سمجهايو – بود نه تنهن ۾ بچندي.

 

ڪافي

 

           ماهي محرم يار – ڪڏهين اڱڻ منهنجي ايندو.

1- پکي پيهي هن پاٻيءَ جي – دوست ڪندو درٻار،

                                                                     ٿورو ٿڪيءَ تي ٿيندو.

2- يوم ندعوا ۾ ياد ڪري شل – گولي گنهگار،

                                                                       سڏي سڳر سان نيندو.

3- اٿم اميد اندر ۾ البت- يار يگاني سان يڪبار،

                                                                       مولو ميلو ڪاريندو.

4- پسي پاڪ پيشاني پرين- اهنج منهن جو آزار،

                                                                        دم دفع ٿي ويندو.

5- رشدالله ڪندو رب راحم – سگهو سڀ سنسار،

                                                                         کيرون خير جون ڏيندو.

سرائڪي ڪافيون

           ميڏا حال نه ڪوئي -  ڀال تيڏي نال تڳدي.

1- آپي آپ پاڻ ڀلاڪي – قل ڪُلءٌ قول ڪتوئي.

2- مين ڪن ميڏا مول نه ماسا – جو هي تيڏا سڀوئي .

3- توه تيڏي دا توڙ نه ڪوئي – اول آخر اهوئي.

4- ڪَرِ منا دي ڪرماً ڪيتئي -  ناڪس نال نڪوئي.

5- رشدالله نون ود رشد دا -  ڏوڙا ڏيج ڏتوئي.

ڪافي

            عشق تيڏي ڪنون اشڪ وهاڪي – چشم ڏوهين هڻ چڪ رهيان.

1-   ديدان دوچار سين چار جو هوئين – نوڪان نگهه ڌو پار جو هوئين،

            وچ وره واپار جو هوئين- سڪ تيڏيءَ وچ سڪ رهيان.

2- آندي امالڪ عشق اٽالي ٽالي ڪرسن ڪِتن نه ٽالي،

            بڻڇان مارن ڀرڪي ڀالي- نال ٺوڪڻ دي ٺڪ رهيان.

3-  پرت والي پر پيارڪي پيالي -  چاڪ چڪايئه چت دي آلي،

            ڪير پازي نون پيارا پالي – ڍرڪ اندر ڍُڪ رهيان.

4- رشدالله نون رمزين والا – ڏي ڳيون سر محنت ڪشالا،

            لاڪي پاڻ ڪيتئه ول ٻالا- آکان ڪنهن نون هڪ رهيان.

ڪافي

 

            جادو لاڪي جادو يار – روح ريجهايئه راول يار.

1-    حسن عشق ڪون اڳ وچ ڪر ڪي- ديدان دو ناليان برسر ڀرڪي.

           دهشت ڏيڪي دل نون دڙڪي – تن ميڏا ڪر تابعدار.

2- دلڙي دلبر دست ڪتوئي - ونگ وره دا گهت ڪي وتوئي،

           نال نيڻان دي ناز نتوئي – پاڪي ڪجل ڍولڻ ڍار.

 

 

3-      چاڪي چاڪ چشم دي چهري – ڪشيا ڪان ڪُکان دا قهري،

               سحر تيڏي وت سرج ڪي سحري – ڪيا بدن نون بس بيمار.

4-  رشدالله نون ره نهين ڪائي – تين بن جانب ڏوجهي جائي،

              لئن ڙي لالن تين جا لائي- ڪيتا قابو اِهين يڪبار.

ڪافي

 

         مايا منگان نا مال – مين هووان تيڏي نال.

1- نال نياز دي عرض ڪريندي -  جاني جانب تينون ڀريندي،

                                                                         سڻ وڃ هي هڪ حال.

2- رمز رَلاڪي راول ڇوڙيئه – واڳ ولهيءَ تي دل نا موڙيئه،

                                                                         ديک ڪي ڪهڙي افعال .

3- جيوڻ ميڏا هڻ هي اوکا – جنجل ڏتا هي ڏاڍا جوکا،

                                                                           درد دي ڏي ڪي ڌمال.

4- رشدالله نون رول نه راول – نام الله دا هي سڻ تون سانول،

                                                                           ڀانيان تيڏي لک ڀال.

 

ڪافي

          الا الله دي ماڻ مراتب – بود ڪون ڪر نابود.

1- من ملڪوتي وچ نه ملاوين – ذاتي ڏنهن وڃ زود.

2-  نڪل ناسو تان ڪيتئي نظاري سگهان ڪرين صعود.

3- الفقر دا فڪر ڦٽا ڪر – ڪر الله ڏانهن عود.

4- عابد هوڪر ابد هووين -  وچ وجود شهود.

5- فبي يبصر، رمز رلاڪي – نور دا ويک نمود.

6-  قاتبعوني دا فهم نه ڇوڙين – سڀ دا ڪر نه سجود.

7- حي دا هو گڏ گهن حوالا -  فهم آ دين فرود.

8- مرضي وچ مرزا ڄاڻي -  بندگي دا بهبود.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org