سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام رشيد الله

صفحو :1

ڪلام رشيد الله

ڊاڪٽر سيد صلاح محمد شاهه

پيشڪش

”پُڳ“ ۽ ”جهَنڊي“ وارن بزرگن جو سنڌ جي تاريخ ۾ اهم حصو رهيو آهي. راشد خاندان جي انهن ٻنهي شاخن ۾ ديني ۽ علمي مرتبي جون معتبر هستيون پيدا ٿيون آهن.

جهنڊي وار پيرن مان سيد رشدالله شاهه- - جنهن جو ڪلام هن ڪتاب ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ پاران پيش ڪيو پيو وڃي—نه رڳو وڏي پايي جو عالم هو، بلڪه ننڍي کنڊ جي سياست ۾ به سندس اهم ڪردار رهيو آهي. انگريزن کان آزاديءَ وارين ڪوششن ۾ جهنڊي شريف جو عمل سنڌ جي اڪثر ويڪائو عالمن ۽ درگاهن کان مختلف ۽ مثبت رهيو آهي. علامه تاج محمود امروٽيءَ ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جهڙين عظيم انقلابي شخصيتن جا اولڙا به جهنڊي شريف جي سرزمين تي اثرانداز ٿيندا رهيا، جنهن ڪري پير صاحب رشدالله وٽ وقت جي ملڪي تحريڪن جي اڳواڻن جي اچ – وڃ رهي ۽ سندس ننڍي ڳوٺ ۾ ڪيترائي وڏا تاريخ ساز فيصلا ٿي گذريا. ضرورت آهي ته ننڍي کنڊ ۽ سنڌ ۾ ان وقت جي سياسي صورتحال جي پس  منظر ۾، جهنڊي شريف جي علمي مرڪز جي مفصل تاريخ مرتب ڪئي وڃي.

”بورڊ“ پاران پير صاحب جهنڊو شريف، سيد رشدالله جو ڪلام، سنڌ جي ڪلاسيڪي انداز جي شاعريءَ کي محفوظ ڪرڻ واريءَ رٿا هيٺ شايع ڪيو پيو وڃي، جيڪو تمام مختصر پر دلپذير آهي. ضرورت آهي ته پير رشيدالدين ۽ پير رشدالله سميت، انهيءَ خاندان جي ٻين شاعرن جو به جملي ڪلام يڪجا ڪري، هڪ ئي جلد ۾ مهيڙي، ”جهنڊي شريف وارن پيرن جو ڪلام“ جي سري سان شايع ڪجي. اُميد ته ڪو محقق اهو ڪم سرانجام ڪندو.

 

ڄام شورو،                     شمشيرالحيدري

21 مارچ، 1995ع                   سيڪريٽري ،

                                     سنڌي ادبي بورڊ.

 

عرض مؤلف

          سال 1964ع  ۾ بنده کي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي طرفان ايم. اي (سنڌي) فائينل لاءِ، چوٿين پيپر جي بدران ”پير سائين رشدالله شاهه جهنڊه وارا ۽ سندن شعر و شاعري“ تي مونو گراف لکڻ جي اجازت ڏني ويئي هئي. ان وقت پير سائين رشدالله شاهه جن کي وفات ڪئي. چوئيتاليهه سال مس گذريا هئا، سندن ڪلام، سندن ئي زندگيءَ ۾ گڏ ڪري لکايو ويو هو. سندن صحبتي ماڻهن مان ڳچ ماڻهو جيئرا هئا. سندن اولاد به ماشاءَ الله تمام گهڻو هو ۽ آهي. ان سان گڏ آءٌ لاڳيتا پنج سال ڳوٺ پير جهنڊه ۾ رهيو هوس ۽ سندن وڏي فرزند پير سائين ضياءُ الدين شاهه مرحوم جن سان پڻ ٽي سال، ڪچهريون ڪيون هيم، تنهن ڪري دل ۾ خيال هوم ته هيءُ ڪم نهايت آسانيءَ سان ٿي ويندو. ليڪن جڏهن مونو گراف لکڻ شروع ڪيم، تڏهن وڃي خبر پيئي ته جنهن ڪم کي آسان ڄاتو هوَم، سو سچ پچ ايترو آسان ڪو نه هو. حقيقتاً ڪلام هٿ ڪرڻ ۽ انهن جي ڀيٽڻ جو ڪم نهايت ئي نازڪ آهي، ان ڪم لاءِ مون کي نهايت گهڻي محنت ڪرڻي پيئي.  جدا جدا ماڻهن سان مليس، پير سائين بيعت وارن جي ملفوظات خواه سندن (رشدالله شاهه) ملفوظات کي ڏٺم، ڪتب خانه عاليه، مان سندن تصنيفات جي تحقيق ڪيم ۽ تفصير مفتاح رشدالله جو مطالعو ڪيم. انهن ڪتابن مان پڻ مون کي ڪافي مواد هٿ آيو.

        خدا جي مهربانيءَ جو، حضرت استاذي مولانا عبدالقادر لغاريءَ جهڙو شخص به منهنجي مدد لاءِ تيار ٿيو ورنه هيءُ ڪم مون کان ايترو جلد پورو ٿي ڪين سگهي ها. مولانا صاحب جن پنهنجي طرفان ڪافي نوٽ وٺارايا ۽ مون کي ٻئي هنڌان جيڪا معلومات حاصل ٿي هئي ان جي تصديق ۽ تصحيح ڪئي.

پير سائين خلافت واري جي پوٽي پير الحاج بديع الدين شاهه جن مون کي ٻيءَ معلومات سان گڏ، پير سائين رشدالله شاهه جن جي ڪلام جو قلمي بياض به ڏنو جو مون نقل ڪري ورتو.

        پير سائين رشدالله شاهه جن جي صحبتي ماڻهن جهڙوڪ: مرحوم حافظ محمد امين متعلوي، حاجي غلام حسين ٽالپر شهدادپوري، حڪيم قاضي لعل محمد سعيدآبادي، مولوي شفيع محمد سهتو سڪرنڊ جن پڻ مون کي ڪافي معلومات  بهم پهچائي.

پير سائين وهب الله شاهه جن جي ڪتب خاني جي خادم عمر فقير پڻ ڪتب خاني مان گهربل مواد هٿ ڪرڻ ۾ دل کولي مدد ڪئي.

انهن سڀني بزرگن کانسواءِ پير سائين وهب الله شاهه صاحب العلم المسادس جن هن ڏس ۾ منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي، پاڻ ڪتب خانه جي مطالعي خواه ڪن ضروري ڪتابن جي کڻي وڃڻ يا نقل ڪرڻ جي اجازت ڏنائون. پير سائين ضياءُ الدين شاهه مرحوم جن جو هٿ اکرين لکيل حافظ فيض محمد جماليءَ جو شعر پڻ منهنجي حوالي ڪيائون جو مون نقل ڪري ورتو. ان کانسواءِ مونو گراف جا پهريان باب جن ۾ پير سائين جن جي زندگيءَ جو احوال آهي. سي به اکر اکر ڪري پڙهائي، ٻڌي ۽ مناسب درستيون ڪرايائون، جيڪڏهين پاڻ ايتري مهرباني نه ڪن ها ته هوند مون کان ڪيتريون ئي ڪميون پيشيون رهجي وڃن ها.

        آءٌ انهن سڀني بزرگن جو احسانمند آهيان، جن هن ڪم کي تڪميل تي پهچائڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي.

        مرحوم حافظ محمد امين متعلويءَ وٽان پير سائين رشدالله شاهه جن جي ڪلام جو قلمي نسخو، ڪلام جي تصحيح ڪرڻ لاءِ مليو، اهو نسخو مڪمل هو جنهن تان مون پاڻ وٽ لکيل ڪلام ڀيٽي درست  ڪري ورتو.  اهڙِءَ طرح ڪوشش ڪري هن ڪم کي تڪميل تي پهچايم.

جيئن ته پير سائين جن جو ڪلام نهايت بي مثال آهي، ان ڪري ڪن ادب نواز احبابن ۽ جهنڊيوارن پيرن جي جماعت تقاضا ڪئي ته ڪليات رشدالله کي ڇپائي ميدان تي آڻجي.

        ان ڪري اڳئين گڏ ڪيل مواد کي نئين سر سهيڙي سموهي طباعت هيٺ آندو اٿم. مون کي اميد آهي ته پڙهندڙن کي منهنجي ڪيل محنت پسند ايندي.

والسَلام

 

1- اپريل 1929ع                      صالح محمد شاهه

                                        ڳوٺ امين لاکو،

 

ڀاڱو پهريون

 

بِسِمِ الله الرّحمٰن الرَحِيم

 

زندگيءَ جو احوال

 

خانداني شجرو:

 

سيد رشدالله شاهه رح جنهن کي پير سائين خلافت وارو رح سنڌ جي مشهور سيد خاندان ”راشدي“ جو چشم چراغ هو. هن خاندان جو جد امجد سيد علي مڪي رح راجا دلوراءِ واري دور ۾، جڏهين سنڌ تي سمن جي حڪومت هئي، تڏهين دلوراءِ جي  ڀاءُ  ڇٽي بن آمرجي دعوت تي سنڌ ۾ جهاد جي خيال سان آيو هو ۽ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي دلوراءِ کي توبھ ڪرائي هئائين. تاريخ تحفة الڪرام ۾ اهو سڄو احوال هن ريت ڏنل آهي:

”چون ٿ ته مٿئين سيد جي اچڻ کان ٿورو اڳ دلوراءِ جنهن جو بيان مٿي گذري آيو، جي ظلم کان اروڙ ۽ ڀانڀرا (برهمڻ آباد) جا شهر ويران ٿي چُڪا هئا. دلوراءِ پنهنجي ڀاءُ ڇٽي بن آمر جي هدايت ڪرڻ تي برن ڪمن کان توبھ تائب ۽ پشيمان ٿي اچي سيد جي خدمت ۾ پهتو ۽ پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ سيد جي نڪاح ۾ ڏنائين،. جنهن مان چار پٽ 1- سيد محمد 2- سيد مراديو 3- سيد حاجي عرف ڀرڪيو 4- سيد چڱو پيدا ٿيا ۽ انهن مان چار قبيلا ٺهي و پيا. ڪن جو چوڻ آهي ته چوٿينءَ صديءَ هجريءَ ۾ دلوراءِ جو ڀاءُ ڇٽو ولد آمر دانهن کڻي بغداد جي خليفي وٽ ويو هو ۽ مٿئين سيد کي سامره جي رهاڪو سو عربن سميت سنڌ ۾ وٺي آيو. سومرن جا وڏا اهي عرب  آهن. (1)

هن مان معلوم ٿو ٿئي ته سيد علي رح مڪي اسلام جي تبليغ لاءِ سنڌ ۾ آيو هو.

سيد علي رح مڪي جنهن مقصد لاءِ سنڌ جي سرزمين تي قدم رکيا، سو سندن اولاد اڃا تائين چڱيءَ طرح سرانجام ڏيندو اچي.

تقسير مفتاح رشدالله ۾ سيد رشدالله شاهه رح جو شجرو هن  طرح ڏنل آهي:

رشدالله بن رشيد الدين بن محمد ياسين بن محمد راشد (2) بن محمد بقا شهيد (3) بن سيد محمد امام بن سيد شاهه  فتح محمد بن شاهه شڪرالله بن سيد شاهه عثمان بن سيد شاهه کٽڻ بن سيد شاهه  سنجر بن شاهه بولڻ، بن شاهه حسين بن شاهه مير علي بن شاهه ناصر الدين بن شاهه عباس بن شاهه، فضل الله بن شاهه شهاب الدين بن شاهه بهاؤالدين بن شاهه محمود بن شاهه محمد بن شاهه حسين بن شاهه ڇڪن بن شاهه علي مڪي (لڪيءَ ۾ ويٺو) بن شاهه عباس بن شاهه زيد بن شاهه اسدالله بن شاهه عمر بن شاهه حمزه بن شاهه هارون بن شاهه عبدالله بن شاهه حسين بن امام علي رضا بن امام موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر صادق بن امام محمد باقر بن امام علي اصغر زين العابدين بن امام حسين بن اميرالمؤمنين علي بن ابي طالب.

اهڙيءَ طرح سندن شجرو، اوڻيتاليهين پيڙهيءَ بعد، امير المؤمنين حضرت علي ڪرم الله وجهھ سان ملي ٿو.

سندن وڏن جو موجوده ڳوٺ پير فضل الله شاهه (پير جهنڊو) ۾ اچڻ:

سيد  محمد راشد شاه رح جن کي پير سائين روضي ڌڻيء پڻ چئبو آهي، تن جي وفات بعد سندن وڏا فرزند 1- سيد صبغت الله شاهه ۽ سيد محمد ياسين شاهه جن پاڻ ۾ ڪجهه رنجيده ٿي پيا. ان ڪري سيد محمد ياسين شاهه جن کي ڪجهه ڀائرن سميت هجرت ڪرڻي پيئي.

پاڻ پير سائين پاڳاري جي ڳوٺان هجرت ڪري اچي فريدآباد ويٺا. جتان شاهه جي ڳوٺ آيا، اتان لڏي اچي ڳوٺ وڳڻ تعلي رتي ديره  ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ويٺا. ڪجهه وقت بعد کين اتان لڏڻو پيو ۽ اچي باقراڻيءَ لڳ ٺلاه جي ڳوٺ ۾ ويٺا. ڪجهه وقت بعد کين اتان لڏڻو پيو ۽ اچي باقراڻيءَ لڳ ٺلاه جي ڳوٺ ۾ ويٺا. سندن مزار شريف به  ٺلاه ۾ آهي. ٺلاه ۾ سندن ٻيو ڀاءُ پير محمد شاهه عرف پير نالي مٺو پڻ ساڻن گڏ هو.

منشا ايزديءَ کين اتي به ويهڻ نه ڏنو ۽ پاڻ اتان عيال سميت روانا ٿيا. موجوده ڳوٺ پير جهنڊو قديم ان وقت هالا وارن مخدومن جي جماعت ابڙيجا قوم جو ڳوٺ هو. پاڻ اچي اتي رهڻ جو ارادو ڪيائون، انهيءَ وقت موجوده ڳوٺ الياس ابڙيجا تعلقو هالا  ۾ رهندڙ ماڻهو مال پوکن جي سانگي سان جدا جدا جاين تي پَڊَ ٻڌيو ويٺا هئا. اهو ڳوٺ به انهن پڊن مان هڪ پڊ هو.

سيد صاحب جن صاحبِ علم ۽ ڪمال هئا. ڳوٺ جي ماڻهن سندن  ڪرامتون ۽ ڀلايون ڏسي کين ڳوٺ خالي ڪري ڏنو ۽ پاڻ اتان اٿي وڃي نئون ڳوٺ ٻڌائون جو الياس ابڙيجا جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو، اڄ تائين پير جهنڊي کان اوڀر طرف ڪجهه فرلانگن جي مفاصلي تي آباد آهي.

ولادت ۽ ڀائر

سيد محمد ياسين شاهه جي وفات بعد، سندس وڏو فرزند سيد فضل الله شاهه سجاده نشين ٿيو. سيد فضل الله شاهه جن جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ سندن ٽيون نمبر ڀاءُ سيد  رشيدالدين صاحب العلم الثالث سجاده نشين ٿيو ڇاڪاڻ ته پير شهيد رح کي ڪو به نرينو اولاد ڪو نه هو. سال 1277هجريءَ ۾ کين هڪ فرزند ڄائو، جنهن جو نالو رشدالله شاهه رکيائون. جيئن پاڻ هڪ هنڌ ۽ پنهنجي والد و مرشد کان دعا گهرندي چيو اٿن:

رشدالله رکيو اوهان نالو عجب ابي،

اسم مسميٰ کي ڪيو موافق اي محبي.

سيد رشدالله شاهه جن کان سواءِ ٻيا به چار پٽ سيد رشيدالدين شاهه رحه کي ٿيا: 1- سيد امام الدين شاهه، 2- سيد محمد حسين شاهه، 3- سيد محبوب شاهه ۽ 4- سيد اسماعيل شاهه.

ننڍپڻ جو زمانو- تعليم ۽ تربيت:

سيد رشدالله شاهه رشيدالدين شاهه جو وڏو پٽ هو ۽ اڳتي هلي کيس سندس جاءِ نشين ٿيڻو هو. تنهن ڪري سندس تعليم ۽ تربيت جو خاص خيال رکيو ويو.

سيد صاحب ننڍي هوندي کان ئي نهايت سلڇڻو هو. پنهنجي والد ۽ مرشد جي فرمانبرداري ۽ پيروي ڪرڻ کي سعادت ڄاڻندو هو. سندن اٿڻ ويهڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو. سندن والد سيد رشيدالدين شاهه چوندا هئا ته اسان جي جيڪا چوڪسي رشدالله شاهه تي آهي؛ سا ڪنهن ٻئي تي هجي ته هوند ڀڄي وڃي. پر هيءُ فرمانبردار فرزند آهي، تنهن ڪري سڀ ڪجهه ڀلائي ڄاڻي برداشت ڪيو ويٺو آهي.

ابو تراب جو لقب ملڻ:

هڪ دفعي سندن والد  و مرشد پير سائين بيعت ڌڻي رح جن ڪنهن سبب ڪري مٿن ناراض ٿي پيا ۽ سندن زبان مان هي لفظ نڪتا ته رشدالله انهيءَ کان ته ڌوڙ پايو ها ته چڱي هئي، سندن عمر جيتوڻيڪ ان وقت صغير سنيءَ کان وڌيڪ نه هئي ته به پنهنجي والد جي رنج کي پوريءَ طرح محسوس ڪيائون ۽ اندر ويا اتي وڃي پنهنجي مٿي ۾ ڌوڙ وجهي غسلخاني جي ڪوٺيءَ ۾ ويهي رهيا. پير سائين بيعت وارن کي ڪجهه وقت کان پوءِ خيال ٿيو ته رشدالله خبر نه آهي ته ڪيڏانهن ويو. پاڻ سندس ڳولا ڪيائون. ڪنهن مائيءَ ڏسين ته غسل خاني جي ڪوٺيءَ ۾ لنگهي ويو هو پوءِ جي خبر نه آهي. اتي جاچ ڪرائي وئي ته معلوم ٿيو ته پاڻ اتي ويٺا آهن. پٽ جي اها حالت ڏسي کين رحم آيو ۽ مٿي مان مٽي ڇنڊي دعا ڪيائونس ۽ کين چيائون ته ميان اوهين ابو تراب آهيو.

سيد رشدالله شاهه جڏهين وڏو ٿيو تڏهين پنهنجي ڪنيت ابوالضياءُ رکيائين. هڪ رات خواب ۾ اشارو ٿين ته اوهان ابوتراب آهيو ان بعد پاڻ ابوتراب جي ڪنيت اختيار ڪيائين.

سندن تعليم:

سيد رشيد الدين شاهه جي وقت ۾ موجوده مدرسه دارالرشاد ڪونه هو. مدرسو قرانيه هوندو هو، جنهن ۾ طالبن کي صرف قرآن مجيد پڙهايو ويندو هو. سيد صاحب جن پنهنجي اولاد لاءِ جدا بندوبست ڪيو هو، ۽ چڱا چڱا عالم سڳورا گهرائي سندن پڙهائڻ جو ڪم انهن جي حوالي ڪيو هئائون.

سيد رشدالله شاهه شروع ۾ قرآن مجيد۽ پارسيءَ خواه عربيءَ جا ابتدائي ڪتاب قاضي عبدالغني کڏهري مرحوم وٽ پڙهيا. ان بعد قاضي فتح محمد نظاماڻي مرحوم، جو وقت جو هڪ وڏو عالم، مصنف ۽ خوشنويس هو، اهو سندن  صحبت ۽ زياده تعليم لاءِ گهرايو ويو. قاضي صاحب مرحوم عمر ۾ سيد رشدالله شاهه جن کان وڏو ڪو نه هو ليڪن عالم بقاعدي هو. پاڻ قاضي صاحب جن کان ڪافي پرايائون ۽ عربيءَ جا باقي سڀ ڪتاب وٽس پورا ڪيائون.

انهيءَ وچ ۾ امام عبيدالله سنڌي رحه جن ڳوٺ پير جهنڊي ۾ اچڻ وڃڻ لڳا. حديث جا ڪي ڪتاب سيد صاحب جن مولانا سنڌي جن وٽ به پڙهيا. اهڙيءَ طرح ان وقت جي وڏن عالمن وٽ پاڻ ديني تعليم جي تڪميل ڪيائون.

مرشد وٺڻ ۽ ذڪراذڪار

۽ سلسلئه طريقت:

سيد رشدالله شاهه جن ڇاڪاڻ ته سيد رشيدالدين شاهه جا وڏا فرزند هئا ۽ والد کان پوءِ کين جهنڊي وارو ٿيڻو هو، تنهن ڪري سندن روحاني عليم خواه تربيت جو پڻ انتظام رکڻو هو، جهنڊي وارن پيرن جو دستور هوندو آهي ته هو پنهنجي مائٽن کي مرشد ڪري وٺندا آهن. لهٰـٰذا سيد رشدالله شاهه رحه جن جڏهين سمجهدار ٿيا تڏهين پنهنجي والد جي بيعت ڪيائون ۽ قادري طريقي جي ذڪراذڪار ۾ مشغول ٿي ويا. راشدي پير قادري ۽ نقشبندي ٻنهي طريقن جا مرشد آهن. سندن سلسلئه طريقت هن طرح آهي:

سيد رشدالله شاهه، سيد محمد رشيدالدين رحه شاهه، سيد محمد ياسين شاهه رحه، سيد محمد راشد شاهه، سيد محمد بقا شهيد رحه، سيد عبدالقادر حسيني، سيد صالح شاهه، سيد شمس الدين شاهه، سيد حامد شاهه، سيد شمس الدين شاهه، عبدالقادر، حامد شاهه، عبدالرزاق، عبدالقادر، محمد غوث، شمس الدين شاهه، مير سيد علي، سيد مسعود، سيد احمد، سيد صوفي، سيد عبدالوهاب، سيد محي الدين عبدالقادر جيلاني. هن کان اڳتي قادري سلسلو هن طرح وڃيو ٿو حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وَسَلّم جن سان لڳي.

شيخ ابو سعيد مبارڪ، شيخ ابوالحسن علي بن محمد يوسف شيخ، ابوالفرح طرطوسي، ابوالفضل عبدالواحد بن ابوبڪر شبلي، شيخ جنيد بغدادي، شيخ سري سقطي، شيخ معروف ڪرفي، شيخ دائود طائي، شيخ حبيب عجمي، علي بن ابي طالب، حضرت محمد رسول الله صلي الله عليھ وَسَلّم.

سيد عبدالقادر جيلاني رحه پنهنجي والد کان پڻ ذڪر  ورتو هو. اهو سلسلو هن طرح آهي:

سيد عبدالقادر، ابو صالح موسيٰ، سيد عبدالله، سيد دائود، سيد موسيٰ، سيد عبدالله، سيد موسيٰ، سيد عبدالله محصن، امام حسن مثنيٰ، امام حسن عليھ السلام علي بن ابي طالب.

اهڙيءَ طرح طريقت جو هي سلسلو ٻن طرفن کان آهي


*  ڇٽو بن آمر پنهنجي ڀاءُ دلوراءِ جي ظلم جهڙن ڪارنامن جي ڪري پنهنجي ڀاءُ کان ناراض هو.

(1)  تحفة الڪرام سنڌي ايڊيشن، سنڌي ادبي بورڊ- ص 363

(2)  راشدي خاندان هن سيد جي نالي سان سڏجي ٿو.

(3)  هي سيد سن 1198هه ۾ شهيد ٿيو.   

*  ڇاڪاڻ ته هي خاندان الله تبارڪ و تعاليٰ جي حڪم سان جنهن ڪم لاءِ سنڌ ۾ آيو، اهو ڪم پوريءَ طرح تڏهين سرانجام ٿي ٿي سگهيو، جڏهين هن خاندان جا فرد جدا جدا جاين تي هجن. ڇو ته هڪ هنڌ ويهي تبليغ ۽ تلقين جو ڪم صرف هڪ ئي ماڻهو ڪري سگهندو، ان ڪري ڪي نه ڪي اسباب اهڙا پيدا ٿيو ٿي پيا، جن ڪري راشدي خاندان جا افراد جدا جدا ڳوٺن ۾ رهڻ لاءِ مجبور ٿي ٿيا ۽ انهن پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اسلام جي تبليغ ۽ تلقين جو ڪم نهايت سهڻي نموني سان پئي ڪيو آهي. سيد محمد ياسين شاهه جو اولاد به تقريباً سنڌ جي سڀني ڀاڱن (سري، وچولي ۽ لاڙ) ۾ پکڙيو پيو آهي ۽ هر هڪ  پنهنجي جاءِ تي جماعت جو اڳواڻ ۽ مرشد آهي. سيد رشدالله شاهه رح جن جا ڀائر خواه سندن پٽ توڙي پوٽا به هڪ ڳوٺ ۾ رهي ڪين سگهيا.

*  سيد ضياءُ الدين شاهه پنجون نمبر جهنڊي واري جن کان ڪنهن پڇيو ته هن ڳوٺ کي پير جهنڊه ڇو ٿو چيو وڃي ۽ اهو  جهنڊو ڇا جو آهي جو اوهان سفر وقت کڻو ٿا. پاڻ جواب ۾ ورايائون ته صحيح لفظ ڳوٺ پير سائين جهنڊي وارو آهي، ليڪن ماڻهو اڻڄاڻائيءَ سبب ڳوٺ پير جهنڊو ٿا چون ۽ اهو غلط نالو هيئن پيو معلوم ڪرائي ته ڪنهن پير جو نالو جهنڊو هو- ۽ ان ئي نالي سان شايد ڳوٺ ٻڌل آهي.

وڌيڪ چيائون ته اهو جهنڊو اسان جي  وڏن کي وقت جي حاڪم کان جهاد لاءِ مليو هو، سيد محمد راشد شاهه جن جي وفات بعد پڳ سيد صبغت الله  شاهه کي ملي ۽ جهنڊو اسان جي وڏن کي مليو. ان ڪري هُنن کي پير پاڳارا ۽ اسان کي پير جهنڊي وارا چيو ويندو آهي. اسان کي پنهنجي وڏن جي وصيت ڪيل آهي ته اوهان امام مهديءَ جي فوج آهيو، جهنڊي وارن مان جنهن به پير جي وقت امام مهدي پيدا ٿئي ته اهو جماعت سميت جهنڊو امام  صاحب کي ڏيئي ۽ پاڻ سندس سپاهي بنجي وڃي.

*  کين پير بعيت وارو به چوندا آهن، ڇاڪاڻ ته پاڻ پنهنجي جماعت لاءِ بعيت نامو تيار ڪرائي ان تي کانئن بعيت ورتي هئائون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org