سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان سرشار

صفحو :4

غزل

ڏِسان ٿو چشمِ ساقي ۽ سندم هٿ آهه ساغر ۾،

ته بي پِيتي نشو آهي ٿيان ٿو مست مَنظر ۾.

 

چمن جي ڪنهن به گُل ۾ ڪانه ڏسِجي ٿي اُها خوبي،

نظاري جِي ڏٺي جا مون نزاڪت ناز پرور ۾.

 

مُعَطر ٿي دماغن کي ڪري جا هِيَر زُلفن جي،

مهَڪ آهي نڪي خوشبو اُها ڪنهن مُشڪ عَنبَر ۾.

 

ڪَچو ڪُنڀَر جو کُورو عشق وارن جو اَٿئي سِينو،

اُٿن ٿا دَرد جا دُونها دُکَي ٿي آگ اندر ۾.

 

جَو هُن اَبرو جي جُنبش سان چڀي ٿي نوڪَ مِزگان جي،

اچي ايذا عِوَض لَذت پِئي هِن تير نشتر ۾.

 

هُجي جي ڪِين رُخ محبوبَ جو پَرتو فگِن اُن تي،

نه هرگز تون ڏِسين جيڪر ضِيا خورشيد خاور ۾.

 

فَنا جي حُسن ۾ بلبل ڦسائي ڪين تون دل کي،

چنبيلي ۾ نه مکڙي ۾ نه سوسَن ۽ صنوبر ۾.

 

اَٿم ”سرشار“ آس اَول ته مون تي ئي ڪرم ٿيندو،

سرِ دفتر اٿم نالو گُنهگارَن جي دفتر ۾.

(ڪراچي 28- مئي 1951ع)

غزل

غور سان جانچي ڏٺم جو يار جي تصوير ۾،

حلقئه ڪَون ومڪان هو زُلف جي زنجير ۾.

 

رازِ الفت پاڻ تون عُقده ڪُشا ٿي، المدد،

هِي گِره ناهي اَچي جي ناخنِ تدبير ۾.

 

تو نٿي مڃيو، مگر اي عقل ڏِس بيچارگي،

هڪ ڏٺو تو خواب ۾ نڪتو ٻيو تعبير ۾.

 

پنهنجي پنهنجي شوق سان هرڪنهن کي ٿي وابستگي،

مُنهنجا هَٿ هُن جي قدم تي هُن جا هٿ شمشير ۾.

 

کڻ خيالِ خام وانگر ڪو گَهڙو ڪورو ڪچو،

سڏ تي سڏ ميهار ڏيندو گهڙ ته سُهڻي سِير ۾.

 

ڦوڪ ڏئي عقل ٻاري رات ڪاري ڪر ته ٿئي،

ڪو اثر پيدا نرالو، نالئه شبگير ۾.

 

جي نه هُو جنبش ۾ آيو زُلف ۾ جُنبش پئي،

بي اثر پر ڪجهه نه ڪجهه هو آههِ بي ناشير ۾.

 

يار جو خد خال تنهنجي شعِر جي زينت بڻيا،

جو مِليئَي ”سرشار“ شهرتِ شوخيِ تحرير ۾.

(بوقع مدشاعره بزمِ بسمل، ٽنڊو محمد خان، 19- آڪٽوبر 1953ع)

غزل

ٿو ڏسان هڪ نئون ڪرشمو آسماني صبح وشام،

يعني نوخيزي ۾ تنهنجي نوجواني صبح وشام.

 

فجر جو هيِ سرخ چهرو قبلِ مغرب الوداع،

شَمسَ جِئن دلبَر ٿو ڌارين بدقماني صبح و شام.

 

صبح جو خونِ تمنا شام جو خونِ جگر

ٿو پيارين خوب جام ارغواني صبح و شام.

 

روز وشب، شمس وقمر، واري سان درباني ۾ چُست،

در تي دلبر جي ٿِئي ٿي پاسباني صبح وشام.

 

ڏينهن سان ٿي رات گڏجي رات سان گڏجي ٿو ڏينهن،

ڳل ڳِراٽي پاڻ پايون ڇو نه جاني صبح وشام.

 

تون جي راضي صبح مون لئه تون خفا مون لاءِ رات،

منهنجي دل تي آهه تُنهنجي حُڪمراني صبح وشام.

 

اَشڪِ فرقت مثلِ گوهر، چشمِ عاشق ٿيو صَدَف،

ديده تر ٿو ڪري گوهر فشاني صبح و شام.

 

قند سنڌي آهه اي ”سرشار“ هيِ تُنهنجو سخن،

طوطيِ شيراز جيان ڪر خوش بياني صبح و شام.

(ڪراچي 4- جولاءِ 1953ع)

غزل

آهي جمالِ يار جو مُنهنجي نگاهه ۾،

اک ڪينڪي ٻُڏي ٿي ڪڏ مهرومين ماهه ۾.

 

ديوانگي وڌي ٿي ڪو زنجير پائي دلِ،

بهتر ته رَهه اَسِير ٿي زلفِ سياهه ۾.

 

ڪِهڙي سبب تَپَش جو رکَي شمع دل ٿي چاهه،

پيدا ڪري سگهي نه اگر سوز آهه ۾.

 

ڏسجي ته ڪير ٿو ٿئي مدهوش طور تي،

”اڄ آهه امتحانِ نظر جلوه گاهه ۾“.

 

ڪعبو قريب جَذبئه الفت سبب ٿيو،

ڪو بُتڪدهه اگرچه هو درپيش راهه ۾.

 

ڪهڙي گناهه جي هي سزا آهي جو غريب،

مَجنون ڦِري مدام ٿو حالِ تباهه ۾.

 

منهنجو ڪڏهين ته ساهه کڻڻ ڀي نٿو سَهي،

مون کي رکين رقيب کان پرور پناهه ۾.

 

چاهه وحَشَم جهان ۾ نيبههَ نٿو ٿئي،

دولت مَٿي مدار نه عِزت سِپاهه ۾.

 

”سرشار“ تن جو حال ڇا جن کي نَٿي نصيب،

طاقت ثواب جِي ۽ نه لَذت گُناهه ۾.

(ڪراچي 30- نومبر 1951ع)

غزل

 

بغليرِ مسرت جي وڃي ماتم ٿئي ڪنهن دم،

ته حسن وعشق جو هڪ فيصلو باهَمُ ٿئي ڪنهن دم.

 

طوافِ چهرهه و چاههِ ذقن ڪريان ٿو حاجين جئن،

گذر منهنجي لَبَن جو ڀي لبِ زمزم ٿئي ڪنهن دم.

 

به هَر مينوش پهچي ٿو وڃي جامِ سفال آخر،

مثالِ جام مَي هرگز نه جامِ جم ٿئي ڪنهن دم.

 

ٻڌان ٿو حسن جي خيرات ڏئي ٿو خوبرو خوش ٿي،

الاهي منهنجي حق ۾ ڀي ته هو حاتم ٿئي ڪنهن دم.

 

ڪرم جي ڪوههَ کان بارش وسي ٿي وادئي دل تي،

ته ڇا لئي بند هي سيلاب چشمِ نم ٿئي ڪنهن دم.

 

شبِ فرقت وڃي ٿئي همڪنارِ صبح وصالِ يار،

مبارڪ ڏينهن مون لئي اهڙو اي همدم ٿئي ڪنهن دم.

 

بُتن وٽ برهمڻ جئن عمر گذري سر جهڪائيندي،

نه ان جو ڪم ٿيو ڪڏهين نه منهنجو ڪم ٿئي ڪنهن دم.

 

خِرَد مَحوِ طبابت ۽ جنون، محوِ نَمَڪ پاشي

ته مشڪل اي دلِ مجروح ڪو مَرهَم ٿئي ڪنهن دم.

 

نماڻو عشق هستيءَ ۾ جو آهي ڏيڏريءَ کان گهٽ،

زڪام ايندو نه ويجهو ۽ نه ڪي بَلغم ٿئي ڪنهن دم.

 

حقيقي عشق اي ”سرشار“ آهي دولت اِيمان،

نه دل دنيا تي خوش آهي ۽ نه دل کي غم ٿئي ڪنهن دم.

غزل

 

ازل جي روز جنبش ۾ جڏهن لوح و قلم آيو،

دلِ بيڪس جي ورثه ۾ رڳوئي درد وغم آيو.

 

زَهي قسمت! خيالِ يار جوئي هڪ سهارو هو،

دلِ بيتاب کي بيچارگي ۾ خوب ڪم آيو.

 

ڏٺم جو خواب ۾ دلبر کُلي اک ۾ چيم آخر،

الاهي شُڪر! منهنجي گهر ڪري پنهنجو ڪرم آيو.

 

لڪايو ماههِ ڪامل پاڻ کي شرمائجي اُن کان،

ڪري سينگار ڪوٺي تي جڏهن سُهڻو صنم آيو.

 

ڪيون مفتوح دِليون دلربا اِهڙي طرح جنهن پر،

سڪندر فوج پنهنجي سان بعد جاهه وچشم آيو.

 

ڪندو سجدا ويس مان پر الاجَي ڪنهن جي در تائين،

سڄڻ سهڻي جو مون کي جت نظر نقشِ قدم آيو.

 

ڪرائي سير ٿو دنيا جو ميخوارن کي پيمانو،

مقابل ۾ نه اُن جي مُور ڪڏهين جامِ جَم  آيو.

 

ڪرڻ مقصود هو زُلفِ نبي جو ذڪر مولا کي،

مگر الفاظ ۾ ”والليل“ جو آهي قسم آيو.

 

ڀلا مايوس ڇو عاصي ٿين ”سرشار“ مون جهڙا،

اسان جي ئي شفاعت واسطي شاههِ اُمم آيو.

(ٺٽو 25- ڊسمبر 1950ع)

غزل

اِيندي خزان چَمَن ۾ گلزار ڪين هوندو،

قائم شباب هر دم اي يار ڪين هوندو.

 

پاڻي اسير گيسو کاڏي جي کوهه مان پي،

ايڏو ته قيدين سان آزار ڪين هوندو.

 

هڪ سال بعد آيو محبوب عيد جو ڏينهن،

توکي به اڄ ملڻ کان ڪو عار ڪين هوندو.

 

پائي ٿو يار آخر اغيار ڪنهن غرض سان.

بيڪار آسِتين جو ڪو مارڪين هوندو.

 

عَرصي کان ايتري جو مشقِ سِتم ڪئي تو،

بيشڪ حُضور خالي ڪو وار ڪين هوندو.

 

هن ريت ساڻ پکڙي جو عشق جِي وبا اڄ،

سو ڪير آهي جي ڪو بيمار ڪين هوندو.

 

محفل ۾ دل ڀلي هل، اغيار تنگ ٿيندا،

پر پاڻ يار مون کان بيزار ڪين هوندو.

 

بي ريت جو گهُري ٿو تنهن کي خدا نٿو ڏِئي،

جي ريت سان گهُري ڪو انڪار ڪين هوندو.

 

واِعظ خدا خدا ڪر ميخوار ميڪده ۾،

تو ڪو ٻيو ڏٺو هو ”سرشار“ ڪين هوندو.

(ڪراچي 1951ع)

غزل

دلِ بيتاب گستاخي نه ڪر ڪا يار جي ويجهو،

لُڏن جت نانگ ڪاريهر پيا رخسار جي ويجهو.

 

ڪشش ڪا حُسن جي آهي جهڪي ٿي خودبخود گردن،

چمان ٿو پير قاتل جا وڃي تلوار جي ويجهو.

 

مرض جي ڇا مجال آهي، اجل خود ڀي وڃي موٽي،

مسيحا جي اچين هيڪر هلي بيمار جي ويجهو.

 

اشارن ۾ ٿيا جي قول سي سمجهان ته ڇا سمجهان،

نڪي اقرار جي ويجهو نڪي انڪار جي ويجهو.

 

بظاهر دين جي دعوا بباطن سڀ رياڪاري،

نه ڏس تون شيخ جي جُبو نه وڃ دستار جي ويجهو.

 

عجب ڪونهي پئي ڦوڪي لَسِي جي کير جو کاڻل،

وفا جو ڪو متان نالو وٺي ”سرشار“ جي ويجهو.

(ڪراچي 3- نومبر 1951ع)

غزل

لَطَافَتِ دل هُجي نه زِندهه ته زندگي جو ضرور ڪهڙو،

جَي دل نه ڌڙڪي ته ڪنهن نه ڪَم جِي مٿاڇرِي جو ضرور ڪهڙو.

 

رُڳي نه اک جِي کَپي بِصارت مگر بَصيرتَ به دل جِي گُهرجي،

ٿِئي نه جي ڪنج قلب روشن ته روشني جو ضرور ڪهڙو.

 

نه سَهُر کي ٿو غَلط مان سمجهان، غَلَط نگِاهِي به آهه جادو،

نظر مِلڻ سان نظر کُلي ٿي، فُسون گري جو ضرور ڪهڙو.

 

جَي عشقِ دل کي نٿو اُجاري ته ڄاڻ دل ۾ ئي کوٽ آهي،

نه دلبري حبسن جي ڪري ڪم ته دلبري جو ضرور ڪهڙو.

 

نه بي رُخي سان جهان ۾ هَل جهان آهي مثالِ شطرنج،

جي رُخ هُجي ته به تون مات آهين ته بي رُخي جو ضرور ڪهڙو.

 

هُجي نه غم جي مسرتن سان ته خُشڪ آهن مسرتون خود،

خَلَش ڪري عاشقي نه پيدا ته عاشقي جو ضرور ڪهڙو،

 

اَچين ته اَچ شيخَ مَيڪدهه ۾ هتي اسان جو اِمام ٿي تون،

جو گُمرَهِي ۾ ٿِئي نه رهبر ته رهبري جو ضرور ڪهڙو.

 

نٿي ٿئي نَظم جيستائين نه لفظ اُن جا هُجن مُنَظمِ،

نه شاعري جا اَچن لوازم ته شاعري جو ضرور ڪهڙو.

 

مَٿو به ڪُوڙائي، خاڪ ڀي ڪو ملي بدن تي، ۽ پائَي ڪفني،

نه مست ”سرشار“ مَن ٿئي جي قَلنَدرِي جو ضرور ڪهڙو.

(ڪراچي 31- ڊسمبر 1951ع)

غزل

 

جي گُهران ته چئي ٻڌايان، ته ٻُڌي به ڪِئن زمانو،

نه خِرَد جي رسم ڄاڻان، نه جُنون جوئي فسانو.

 

هونءَ هارَ هارَ پرهِت، خود جِيتَ هارَ آهي،

نه کَٽَڻ جُوا جنهين ۾، سو هي جڳ قمار خانو.

 

سَرِ راهه ڀي مِلَي هُو ته صنم جي ميله سازي،

ڪڏهن طبع نامَوافِق، ڪڏهن ڪو نه ڪو بهانو.

 

نه اچي سگهان ٿو بُلبُل! مان فريبِ حُسن گُل ۾،

نه چمن سان مون کي ڪڏهن، ڪو هو رَبط غائبانو.

 

جَي گُهرين اي دل تون تسڪين ته گذار ”لامڪان“ ٿي،

نه ڪو فڪِر برقِ سوازن، نه هجي جي آشيانو.

 

اَڌَ رات جو هي ”سرشار“ ڪِٿان ڀلا پئي مَئي،

تو ڍَڪي ڇڏيو جو ساقي، اک جو شرابخانو.

(ڪراچي 1952ع)

غزل

 

هُن چَشمِ فَسُن گر جو جادو، جي اڄ نه ٿيو ته سڀان ٿيندو،

ڪُرسيءَ تي سُليمان پڻ قابو، جي اڄ نه ٿيو ته سڀان ٿيندو.

 

لَب يار جا آهن برگ گُل، رُخسار گلاب ۽ نيڻ غَزال،

هڪ پَيڪَرِ ورنگ وبُو، جي اڄ نه ٿيو ته سڀان ٿيندو.

 

ٿو زلف پکَيڙي گُلشن ۾، دلدار خرامِ ناز ڪري،

هُٻڪار جو هوڪو بَسَ هَرسُو، جي اڄ نه ٿيو ته سڀان ٿيندو.

 

اي نازڪ ڏس لچڪي ٿي ڪَمَر، ٻلهار وڃان، تلوار نه کڻ،

اللهُ رکي زخمي بازُو، جي اجھ نه ٿيو ته سڀان ٿيندو.

 

لَب يار جا چارهه گَري ڪندا ڏِي، آبِ حيات ۽ قنمِ نبات،

بيمارِ مُحبت جو دارو، جي اڄ نه ٿيو ته سڀان ٿيندو.

 

”سرشار“ زُبان تي پابندي، دَستور مُحبت جو آهي،

قانون اِهو توسان لاڳو، جي اڄ نه ٿيو ته سڀان ٿيندو.

(ڪراچي 3- فيبروري 1952ع)

غزل

عشقَ تُنهنجو به، غُلغُلو هوندو،

ڪنهن زمانه جو، هي قِصو هوندو.

 

گُل خزان ۾ نه ڪو، نڪا ٽاري،

ڇا پَتو آهه ڪو، پَتو هوندو.

 

وِصل آهي فراق سان هم زُلف،

فرق هوندو، ته ڪيترو هوندو؟

 

يار ايندو ته ڪئن زبان کُلندي؟

هوش هوندو، نه حوصلو هوندو.

 

دل سان دل ٿي رکي عجب ناتو،

ڪو ته دل جو، به سلسلو هوندو.

 

عشق ميدان رزم جو آهي،

ڪنهن نه ڪنهن سان، مقابلو هوندو.

 

عشق آسان ٿو ڪري مُشڪل،

عشق آسان، مرحلو هوندو.

 

دوستي احتياط سان رک دل!

نيڪ هوندو، ته ڪو بُرو هوندو.

پيچ پائين ته پيچ خود رهبر،

پيچ هوندو، ته پيچرو هوندو.

 

ڪي اچن، ڪي وڃن پيا، چرچو

ساڳيو آهه، ساڳيو هوندو.

 

يا ته جنت ۾ رهه، يا کڻ حوا،

زال هوندي، ته زلزلو هوندو.

 

غير سان جو گهمين پيو سُهڻا!

غير سان ڪو، ته واسطو هوندو؟

 

رات ڪاٽيئي وڃي رقيبن وٽ،

ڪير بدبخت هِت، سُتو هوندو.

 

قرب تاڙي نه آهه هڪ هَٿَ جي،

نيٺ توکي به ڪو ذرو هوندو.

 

هُن چيو ”ڇو نه بدگماني ٿئي“؟

مون چيو، ”ڪو ته ڀروسو هوندو“

 

ڪالهه ڪَسمنِ هو اڄ شباب ۾ آهه!

هاڻ هر ڪنهن کي، آسرو هوندو.

 

ڇا خَرابات! ڇا لڳي ”سرشار“؟

شيخ ٻيو رِند، تو ڏٺو هوندو.

(ڪراچي 9- جون 1952ع)

غزل

ڪئي جو باغبان سازش، ٿيو باغي چمن منهنجو،

نه آهي ياسمين منهنجو، نه آهي نسترن منهنجو.

 

جنونِ عشق مون کي، منزلِ مجنون تي پهچايو،

ٽٽي دامن، گريبان چاڪ، ليڙون پير هن منهنجو.

 

رموزِ زندگاني جو به عُقد وحل ٿيو ڪوئي،

هِتي مون کي نه ڪم آيو سمورو علم وفن منهنجو.

 

خِرد بيڪار آهي، هوش مان ڪينڪي ورندو،

اچن ٿا ڪِين ڪم ۽ خون ٿا ناحق پِين منهنجو.

 

ڏئي چڪر ٿڪين ليڪن مقابل ڪين ٿِي سگهندين،

اڃا گردش ۾ آهي جام، اي چرخِ ڪُهَن منهنجو.

 

چيو صياد کي روئي گرفتار قَفَس بُلبُل،

بنائج باغ جي ڪنهن شاخ کي دارو رسن منهنجو.

 

جهانِ سيم وزر مون کي نه هِرکائي سگهي هرگز،

سِڪان ڇو سيم وزرکي مان سڄڻ خود سيمتين منهنجو.

 

اچي ٿو وجد ۾ گلشن، لُڏن ٿا گُل جُهڪن شاخون،

ادا سان باغ ۾ جڏهن گهمي ٿو گلبَدن منهنجو.

 

جڏهن ”سرشار“ گلشن ۾ نڪا قمري نه ڪو طوطي،

عجب ناهي نٿا سمجهن سخن زاخ وزغن منهنجو.

”طرح يوم پاڪستان“ (ٺٽو 14- آگسٽ 1952ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org