سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان سرشار

صفحو :1

ديوان سرشار

الله بخش سرشار عقلي

ڇپائيندڙ پاران

شاعري پاڪيزه جذبن جي هڪ منظوم تاريخ آهي. جذبا رڳو خالي ۽ بي معنى احساس نه ٿيندا آهن. پر انهن احساسن ۾ هڪ پوري ڪائنات سمايل هوندي آهي ۽ اُن ڪائنات جا موضوع احساسن کان ٻاهر واري ڪائنات کان الڳ الڳ نه هوندا آهن، پر اهي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هڪٻئي سان لاڳاپو رکن ٿا. شاعر اهو تاريخدان آهي، جيڪو انهن ٻنهي ڪائناتن جا تسلسل پاڻ ۾ ملائيندڙ آهي. شاعر به انساني جذبن ۽ احساسن ۾ ٿيندڙ نت نين تبديلين ۽ واقعن کي هڪ تسلسل ۽ پيرايي ۾ محفوظ ڪري ٿو ۽ مؤرخ به ماضيءَ جي وساريل واقعن ۽ حالتن کي نت نين کوجنائن ذريعي حاصل ڪري انهن کي تاريخ جي هڪ تسلسل سان بيان ڪري ٿو. انهيءَ خيال کان هڪ تاريخدان ۽ شاعر جو مرتبو ساڳيو بيهي ٿو.

ان تسلسل ۾ اسان جڏهن ’ديوان سرشار‘ جو مطالعو ڪنداسين، ته مٿي بيان ڪيل تمهيد اجائي محسوس نه ٿيندي، ڇو ته ’ديوان سرشار‘ ۾ شاعر الله بخش سرشار عقيلي انساني جذبن ۽ احساسن جي تاريخ نهايت بهتر ۽ دلپذير انداز ۾ رقم ڪئي آهي، جو مٿي بيان ڪيل تمهيد جو هڪ پختو دليل پئي فراهم ڪري. ’ديوان سرشار‘ ۾ پيش ڪيل شاعري به تاريخ جي موضوع وانگر ڪيترن ئي دورن جو هڪ دستاويز ۽ نچوڙ آهي، جنهن کي شاعر الله بخش سرشار عقيلي تمام پيار ۽ پاٻوهه سان لکي تيار ڪري، نه رڳو سنڌي ٻولي ۾ هڪ وڌيڪ ’ديوان‘ جو اضافو ڪيو آهي، بلڪه شاعراڻي تاريخ ۾ هڪ بيش بها ڪتاب جو اضافو به ڪيو آهي. بورڊ هيءُ شعري ڪتاب شايع ڪري هڪ شاعر جي قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

هيءُ ڪتاب ’ديوان سرشار‘ جو پهريون ڇاپو آهي، جيڪو قارئين حضرات جي هٿن ۾ ڏسي دلي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون، اميد ٿي ڪجي ته هيءُ ڇاپو پڙهي قارئين حضرات اسان کي پنهنجي مفيد مشورن ۽ صلاحن کان نوازيندا ته جيئن هن ڪتاب جو ايندڙ ڇاپو وڌيڪ بڻائي سگهجي.

ڄام شورو، سنڌ                اعجاز احمد منگي

جمع 9 – ذي القعد 1427هه                 سيڪريٽري

بمطابق 1- ڊسمبر 2006ع               سنڌي ادبي بورڊ

شاعر بابت ٻه چار ڳالهيون

حاجي الله بخش ”سرشار عقيلي“  ولد حاجي حافظ محمد صديق عقيلي ٺٽويءَ جي ڪٽنب جي نسبت حضرت علي ڪرم الله وجہ جي وڏي ڀاءُ حضرت عقيل بن ابي طالب رضي الله عنہ ڏانهن آهي.

   ٺٽي جي عقيلي ڪٽنب جو جد اعلى قاضي قاضن بن محمد قاسم هو، جو مغليه نوابن جي زماني ۾ ٺٽي ۾ سڪونت رکندڙ هو ۽ جنهن ڏانهن منسوب ٿيل هڪ ٿنڀ جو ڪجهه ڀڳل حصو اڄ تائين ٺٽي جي مولوي محلي ۾، عقيلي ڪٽنب جي گهرن جي ڀر ۾، يادگار طور قائم رکيو ويو آهي. هن جي نسل ۾ قاضي، مفتي ۽ مولوي تمام گهڻا ٿيا، جنهن ڪري اهو محلو ئي ”مولوي محلو“ سڏجڻ ۾ آيو، ۽ اڄ تائين انهيءَ نالي سان سڏجي ٿو. ”سرشار“ جو ڏاڏو قاضي گل محمد بن محمد رفيع عقيلي، انگريزن جي اوائلي دور ۾ ڪجهه وقت حيدرآباد جي شهر ۾ قضا جي عهدي تي مقرر هو.

مولائي شيدائي صاحب پنهنجي ڪتاب ”تاريخ بلوچستان“ ۾ لکيو آهي:

”لس ٻيلي ۾ گهڻيون قومون آباد آهن، جن مان مکيه قوم سما آهي. هن قوم جون ٻه وڏيون شاخون آهن: هڪڙا رونجها، جي اڳ حاڪم هئا، ۽ ٻيا ڄاموٽ، جي هن وقت حاڪم آهن. مٿين ٻن قومن کانسواءِ، ٻيون ٻه وڏيون قومون: انڱاريا ۽ شيخ به آهن. انڱاريا اصلي بلوچ رهاڪن سان رليل مليل آهن، باقي شيخ اصلي عرب نسل مان آهن. سندن چوڻ آهي ته اُهي حضرت عقيل رضي الله عنہ جي اولاد مان آهن، ۽ عراق کان آيا آهن. اُهي پنهنجي بزرگيءَ ۽ ڪرامات جي ڪري مشهور آهن.“

”سرشار“ جو والد حافظ محمد صديق عقيلي، سنڌ جي اوائلي انگريزي پڙهيل مسلمانن مان هو، ۽ قائداعظم محمد علي جناح جو اوائلي ڪلاس فيلو هو. پوءِ ان وقت جي ڪراچي ضلعي جي روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيو، ۽ ڪراچي جي مختيارڪار مسٽر فرامروز پنٿڪيءَ وٽ رهيو، جنهن وٽ شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ مرحوم پڻ اوائل ۾ رهيو. ملازمت سبب حافظ محمد صديق مرحوم جو رهڻ ڪراچيءَ ۾ ٿيندو هو، جتي 21 جنوري 1907 عيسوي تي ”سرشار“ تولد ٿيو. حافظ محمد صديق مرحوم قرآن شريف جو حافظ، ۽ نماز روزي جو سخت پابند هو. ”سرشار“ سندس پهريون پٽ هو، جو پنهنجي والد جي تربيت هيٺ پليو. سنڌي ٻاراڻي درجي کان وٺي ميٽرڪ تائين ”سرشار“ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پڙهيو ۽ سنه 1923 عيسوي ۾، سورهن سالن جي عمر ۾، ميٽرڪ پاس ڪيائين. سندس والد جو لاڙو ديني تعليم ڏانهن هو، جنهنڪري ”سرشار“ کي انهيءَ عرصي ۾ ئي خانگي طور سيد محمد ظهير الدين قادري مرحوم وٽ عربي پڙهڻ لاءِ ورهايائين، جنهن جو مڪتب محلي جي کتري مسجد جهوني مارڪيٽ ڪراچيءَ ۾ هو. سيد صاحب، حضرت غوث اعظم رحمة الله عليہ جي جيلاني ڪٽنب مان هو، ۽ بغداد کان ڪراچيءَ آيو هو.

”سرشار“ کي ادبي ذوق اسڪول جي ئي زماني کان هو. سن 1920ع ۾، جڏهن سنڌ مدرسي ۾ چوٿون درجو انگريزي پڙهندو هو. سنڌي آکاڻين جو هڪ ڪتاب ”رموزالنساء“ نالي لکي پاڻ پنهنجي خرچ سان ڇپائي شايع ڪيو هئائين. سيکڙاٽ نموني جي شاعري به انهيءَ زماني ۾ ئي شروع ڪئي هئائين. ان وقت تخلص ”فراقي“ استعمال ڪندو هو، جو انهيءَ ڪتاب تي اهو ئي تخلص ڇپيل آهي. سن 1923ع ۾ ”سرشار“ جو ٻيو سنڌي ڪتاب ”دعوتِ اسلام“ نالي شايع ٿيو، جو اردو ڪتاب ”فاطمي دعوتِ اسلام“ جي هڪ حصي جو ترجمو هو. سن 1924ع ۾ حج احوال ۾ مناسڪ بابت ”سرشار“ جو ننڍڙو سنڌي ڪتاب ”مناسڪ الحج“ نالي شايع ٿيو. ساڳئي زماني ۾ اسلام جي پهرئين سپهه سالار حضرت خالد بن وليد جي سوانح عمري سنڌيءَ ۾ لکيائين، جا سن 1929ع ۾ شايع ٿي.

سن 1923ع ۾ ”سرشار“ ميٽرڪ پاس ڪري، ڪراچي جي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ اعليٰ تعليم لاءِ داخل ٿيو، جتان سنه 1927ع ۾ بي. اي. جو امتحان فارسيءَ جي اعزاز سان (بي. اي. پرشين آنرس) پاس ڪيائين. ڪاليج جي انهيءَ زماني ۾، ”سرشار“ سنڌي صحافت ۽ شاعري ۾ زياده حصو ورتو. ان زماني جي اڪيلي سنڌي قومي اخبار ”الوحيد“ ۾ لاڳيتو چار سال سب ايڊيٽر ٿي رهيو. سندس اوائلي سنڌي غزل، نظم ۽ ادبي مقالا، انهيءَ زماني ۾ روزانه ”الوحيد“ ڪراچي، ماهوار رسالي ”توحيد“ ڪراچي، رسالي ”الحافظ“ حيدرآباد، رسالي ”الجامعه“ ڪراچي، ’سنڌ ڪاليج مسيلني‘ ۽ ’سنڌ مدرسه ڪرانيڪل‘ ۾ شايع ٿيندا رهيا.

سنڌ 1927ع ۾ بي. اي. پاس ڪرڻ بعد، سنه 1928ع ۾ ”سرشار“ روينيو کاتي ۾ ملازمت ۾ گهِڙيو، پنج سال تعلقي هيڊ منشي رهيو. سنه 1933ع کان مختيارڪار ٿيو، ۽ سنه 1946ع کان ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو.

سنه 1942ع کان سنه 1945ع تائين ڪراچيءَ ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو چيف آفيسر ٿي رهيو، ۽ ان زماني ۾ ”راجڪمل ميوزڪ ڪلب“ (ڪراچي) جو وائيس پريزيڊنٽ ٿي رهيو. ”سنڌي راڳ جي مختصر تاريخ“ انهيءَ زماني جي تصنيف آهي. ساڳئي زماني ۾ ”سنڌ ائسٽراناميڪل سوسائٽي، ڪراچيءَ“ جو ميمبر ٿي رهيو، ۽ ”علم هيئت“ بابت سنڌي تصنيف اُن زماني جي يادگار آهي.

سنه 1950ع کان 1954ع تائين  ”سرشار“ ڪراچي شهر جو سٽي ڊپٽي ڪليڪٽر هو، ۽ ان وقت هڪ هنڌ رهڻ سبب وري به کيس ادبي سرگرمين جو موقعو مليو. آڪٽوبر 1950ع ۾ چند احباب گڏ ڪري هڪ ادبي جماعت جو پايو وڌائين. جنهن جو نالو ”محفل احباب ڪراچي“ رکيو ويو. سنه 1950ع کان 1955ع تائين، لاڳيتو پنج سال، ”سرشار“ ’محفل احباب‘ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو. انهيءَ محفل جو ”جمعيت الشعراء، سنڌ“ سان پڻ الحاق ڪيو ويو، ۽ نومبر 1951ع ۾ ’جمعيت الشعراء‘ جي ’ٻارهين سنڌي ادبي ڪانفرنس، دادو‘ ۾ ’محفل احباب‘ جي وفد پڻ شرڪت ڪئي. انهيءَ اجلاس ۾ ”سرشار“ کي ”جمعيت الشراء“ جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. انهي وچ ۾ ڀٽ شريف جي سالياني ميلي تي به ادبي ڪانفرنسن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو. ان ۾، ۽ ”انجمن علم و ادب“، ”بزم سخن، جهوڪ شريف“، ”بزم بسمل، ٽنڊو محمد خان“ وغيره جي ساليانه ادبي ڪانفرنسن ۾ ”محفل احباب“ جو وفد ”سرشار“ جي سرڪردگي هيٺ شرڪت ڪندو رهيو.

فيبروري 1952ع ۾ ”سرشار“ جو هڪ ننڍڙو ٽريڪٽ موجوده صورتخطيءَ بابت شايع ٿيو ته اهو عام نظريو غلط آهي ته ڪو سنڌي جي موجوده صورتخطي انگريز حڪومت جي مرهين منت آهي بلڪه ٽي سؤ سال اڳ اسان جي ئي بزرگن اُهي اصول واضح ڪيا هئا، جن موجب، نقطن جي تعداد وڌائڻ ۽ انهن جي ترتيب ۾ بدل سدل ڪرڻ سان، سنڌيءَ جي خالص حرفن جي صورتخطي ترتيب ڏني وئي.

نومبر 1955ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ”سرشار“، ”سنڌي لائبريري“ جو پايو وڌيو ويو، ۽ ان جا قانون ”سرشار“ ڇپائي شايع ڪيا، جن ۾ انهن اصولن جي وضاحت ڪيل آهي، جي هڪ خالص سنڌي لائبريريءَ لاءِ موجوده دور ۾ لازمي سمجهڻ گهرجي.

فيبروري 1956ع ۾ سروري درگاهه هالا جي قديم دستور موجب، منٺار فقير راڄڙ جي مقبري تي (ڳوٺ کاڻي راڄڙ تعلقي کپري ۾)، حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحمة الله عليہ جي ان وقت جي سجاده نشين حضرت مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب المولى“، سروري جماعت جي سڀني مکيه ماڻهن ۽ خليفن جي هڪ مخصوص ميڙ ۾، ”سرشار“ فقير کي خلافت جي لونگي عطا ڪري”خليفه“ جو درجو تفويض ڪرڻ فرمايو. ذالڪ فصل الله يؤتيه مَنُ يَشَاءُ. ”سرشار“ فقير پنهنجي ذاتي ذوق ۽ ميلان سان هن ”سروري سهروردي“ سلسلي ۾ بيعت ٿيل هو، ۽ سروري جماعت جي ”ذاڪرن“ ۾ داخل ٿيو. ”ذڪر سروري“، ”تذڪرهء سروري“، ”آبِ سرد، تذڪرهء سروري“، ”آبِ سرد، تذڪرهء سلسلہء سهرورد“- آهي. ”سرشار“ فقير جون هن سلسلي بابت تصنيفات آهن.

”سنڌي ادبي بورڊ“ پهريائين سنڌ سرڪار جي هڪ محڪمي جي شاخ هو. 14 مارچ 1955ع تي سنڌ سرڪار هڪ ٺهراءُ جي ذريعي ان کي Autonomous body يعني هڪ خودمختيار اداري جي شڪل ڏني، ۽ ان وقت کان ”سرشار“ به هن بورڊ جو ميمبر مقرر ٿيو، ۽ ان جي انتظاميا ڪميٽي تي به چونڊيو ويو. 20 نومبر 1955ع تي ’سرشار‘ ”شاهه لطيف يادگار ڪميٽي“ تي ميمبر کيس چونڊيو ويو، ۽ پهرين سيپٽمبر 1955ع تي ”سرشار“ ”شاهه لطيف يادگار ڪميٽي“ تي ميمبر کيس چونڊيو ويو ۽ پهرين سيپٽمبر 1957ع کان جڏهن اهو ادارو باقاعدي جوڙجڪ هيٺ ”يادگار ڪائونسل“ جي نالي سان ٺهيو، تڏهن ”سرشار“ انهي ڪائونسل جو ميمبر، ۽ ان جي انتظامي ڪميٽيءَ تي ميمبر، ۽ رسالي ”يادگار لطيف“ جي ايڊيٽوريل بورڊ تي ميمبر چونڊيو ويو.

سنه 1956ع ۾ ”سرشار“ سرڪاري ملازمت تان رٽائر ٿيو. 15- جنوري 1972ع ۾ وفات ڪيائين ۽ ٺٽي ۾ مدفون ٿيو. هن جي ڄمڻ جي پيدائش 21 جنوري 1907ع ٻڌائي وڃي ٿي. ”سرشار“ هڪ سٺي شاعر، اديب ۽ نثر نويس سميت هڪ سٺو ۽ مخلص انسان به هو، سندس ڪيل علمي ۽ ادبي خدمتون شاندار آهن. هو شاعريءَ ۾ غزل جي صنف جو معتبر شاعر هو. سندس لکيل غزلن جو ديوان بورڊ ڇپي ”سرشار“ جي پورهئي کي ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اميد ٿي ڪجي ته لائق پڙهندڙن کي هيءَ اسان جي ڪوشش وڻندي.

سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو           دين محمد ڪلهوڙو

12- ڊسمبر 2006ع

غزل

 

نوشيروان جي ڳالهه، نه چنگيز خان جي ڳالهه،

موُن کان ٻُڌي ته ڪو ٻڌي عشقِ بُتان جي ڳالهه.

 

سگهه آهي ڪانه ڪا هِن بي سگهه زبان ۾،

هُن کي ٻُڌائي ڪير دلِ ناتوان جي ڳالهه.

 

هُن آسمانِ حُسن جو جلوو جي ڪو ڏِسي،

ڪنهن سان وري ڪَري نه اُهو ڪهڪشان جي ڳالهه.

 

صحرا جي ٿو غُبار ۾ هُن جو جُنوَن اُڏي،

مجنون کي ڪنهن سُڻائِي وڃي ڪاروان جي ڳالهه.

 

هُن جي حريمِ ناز ۾ هڪ زلزلو پيو،

ديوار و در سان مون جو ڪئي پاسبان جي ڳالهه.

 

”سرشارِ“ خَسته جان جِي خبر زخمِ دل کان پُڇ،

”ڇا ٿو پُڇين اي دوست اسان کان اسان جي ڳالهه“.

(ڪراچي 24- سيپٽمبر 1955ع)

غزل

هرگز نه دل جي بستي، ويران ٿي سگهي ها،

جي يارَ ڪجهه اسان وٽ، مهمان ٿي سگهي ها.

 

مُنهنجي ڪُسڻ جو قاتلِ سامان ٿي سگهي ٿا،

مون تي به هڪ اوهان جو احسان ٿي سگهي ها.

 

تُنهنجي هجي اسان تي ڪجهه ڪا نظر ڪَرَم جي،

مشڪل رهي نه مشڪل، آسان ٿي سگهي ها.

 

جڏهن علاج آهي موجود هر مرض جو،

دل جو به ڇو نه ڪوئي درمان ٿي سگهي ها.

 

تون ساٿ جي ڏِئين ها دل جو اي جانِ شيرين،

فرهاد تيشه زن ٿي قربان ٿي سگهي ها.

 

سيلابِ اَشڪ کي مون روڪي وڌو وگرنه،

جذبات جو هڪ طوفان ٿي سگهي ها.

 

بيمار جو تدارڪ جنهن مان طبيب وِرچيا،

ان جو علاج توکان اي جان ٿي سگهي ها.

 

”سرشار“ مون تي ورتي سيد جي سَام ورنه،

عشقِ بُتان جو مون تي بُهتان ٿي سگهي ها.

(ڪراچي 24- جولاءِ 1952)

غزل

 

اسان تي به ڪَو عِشق اِلزام ٿڦِ،

نه گمنام ڇڏ ڪو نه ڪو نام ٿڦِ.

 

اگر ناهه ساقي بلورين ظرف،

ٺڪر جو پيالو ڪري جام ٿڦِ.

 

خدا لڳ ته چَپَ چور اي خُوبرو!

ٻيو ڪجهه نه ٻَولين ته دِشنام ٿڦِ.

 

ڀلي اِن ۾ گهر کي ئي گهاٽو هُجيَ،

مگر چاپلوسن تي اِنعام ٿڦِ.

 

جي ليڊر!! سُمهارين تون طِفلانِ قوم!

ته جيسين ڪري ٻار آرام ٿڦِ.

 

گريبان ودامن ڪري تار تار،

ڪرين حَج ته ”سرشار“ اِحرام ٿڦِ.

(ڪراچي 10- جنوري 1953ع ڪرفيو وقت)

غزل

غير سان تُنهنجي رهي ٿي روز شبِ محفل الڳ،

شَمع رُو! پروانه جِيان، مُنهنجي پَچي ٿِي دل الڳ.

 

تار تار آهي گريبان عشق جي ناموس جو،

آهه دامن جي به حالت دِيد جي قابل الڳ.

 

تو کنئي اک مان ڪُٺس ڪم خنجرِ اَبرو ڪيو،

کڻ نَظَر اَبرو هَٽي، خَنجر ته ڪَر قاتل الڳ.

 

ڪا ته آهي جنس هڪجهڙي ڪَري ٿي جا ڪشش،

سوزشِ پروانه آهي شمع ۾ شامل الڳ.

 

ٽُوهه وانگر عشق سُهڻو ٻاهران، اَندر ڪَڙو،

صبر جيَ چاقو سان ڪَر ڳڀ ڌار، ڇِلڪو ڇِل الڳ.

 

هُن کي بزمِ ناز ۾ ”سرشار“ هيئن ڪَنَ ۾ چيم،

ڳالهه مون سان ڪر اشارن ۾ ۽ دلبر مِل الڳ.

(حيدرآباد 26-ڊسمبر1954ع)

 

 

غزل

 

سڀ ڇڏي سڱ ڇو ڪَيئي دلِ حُسن جي سرڪار سان سڱ،

نِيهن ناتو آهي اوکو، رک سنڀالي يار سان سڱ.

 

هِن محبت جَي مکَڻ مان وار نڪِري، سو مَحال،

وارَ هر ڪنهن جو رهي ٿو تنهنجي ساٿي وار سان سڱ.

 

پِرت جو بوجهو بَنائي ٿو اَميرن کي حَمير،

ڪر ڪڏهن ڀي تون نه ڀُلجي هِن برهه جي بار سان سڱ.

 

چال اُوکي حُسن بازي، جِيت جو ڇڏ آسرو،

هارَ کائيندين، رکين ٿو هُن هنئين جي هار سان سڱ.

 

عشق جيَ درياء جي مَوجُن ۾ تارُو ٿو کپي،

جيَ ترَي ڄاڻين نٿو، تون ڪر نه تانگَي تار سان سڱ.

 

مون کي اي ”سرشار“ ڌوکو ڪو نه ڏِئي سگهندو ڪڏهن،

خوش نصيبي سان ڪيو حاصل مون پرين جي پار سان سڱ.

(حيدرآباد 1954ع)

غزل

 

تفاوت ناهه جيَ ڪنهن وٽ هُجي ڪو مال ڪک يا لک،

رهي ٿو عشق ۾ هرڪنهن جو ساڳيو حال ڪک يا لک.

 

تَفَڪر ۾ گذارڻ هڪ گهڙي پڻ ملهه مهانگو آهه،

جيڻ هر حال ۾ بنجي ٿو هڪ جنجال ڪک يا لک.

 

هُجي ناڻو ته پوءِ ٿوري گهڻي سان ڪو غرض ناهي،

اُهوئي دردِ سر آهي جو پيو سنڀال ڪک يا لک.

 

نه ڪنهن جو پيٽ ڀربو، سون، چاندي سڀ اتي رهندا،

جو ڪافي پيٽ جي لئي آهه روٽي دال ڪک يا لک.

 

اڃا ڪجهه ٻيو به گهرجي ٿو، رڳو دولت نه سڀڪجهه آهه،

هَٿين خالي وَڃَي هرڪو هِتان ڪنگال ڪک يا لک.

 

تونگر ۽ گداگر ۾ نه فرق آهي گهڻو ”سرشار“،

ڀَلي خالي ڪُلهي تي هَل رکي رومال ڪک يا لک.

(ڪراچي 1953ع)

غزل

 

نه هرجائي ٿي اي سهڻا، نه سونهن جو ڪر سهانگو اگهه،

جو آهي حُسن خود بي مُلهه ۽ وڌ ۾ وڌ مهانگو اگهه.

 

نه آهي عشق جهڙي ٻي ڪا اڻ لڀ شئيءِ، ته اي عاشق،

اُتي ڏي آڇ اڻ لڀ جِي، ڇڏي سِرَ جو تون سانگو اگهه.

 

برهه بازار ۾ ڪجهه دَال سَڌڙئي جي نه ڳرندي، جو،

اگهاڙو پاڻ آهي سو چُڪائيندو ڇا نانگو اگهه.

 

ڪرڻ سئودو نه سوَلو آهي سڪ جو رک سنڀالي پير،

گهُري ٿو سر سڄڻ، آهي اِهو عاشق اڻانگو اگهه.

 

خدا جي گهر ۾ هر شاهه وگدا کي سڏ ٿيو رَي ناڻي،

نمازي کي نِدا ڏيئي ٻُڌائي ٿو نه ٻانگو اگهه.

 

سڄڻ جي ساٿ ۾ ”سرشار“ تڏهين تون اگهي ويندين،

گهِڙي پَؤ سِيرَ سڪ ۾ ۽ ڇڏي سڀ تار تانگو اگهه.

(ڪراچي 1953ع)

غزل

 

اَچي جو حُسنِ ازل کي ٿيو نَمُود جو شوق،

فريبِ حُسن ويو بنجي تڏهن وجود جو شوق.

 

اگرچه قطرهء دريا گهڙي جو کيل آهي،

حُباب کي به رَهَي ڇو نه هست و بُود جو شوق.

 

ٿو تُنهنجو نسل ته آدم رکيَ خيالِ بهشت،

اگرچه خُلد ۾ توکي نه هو خُلود جو شوق.

 

هُجي هو سنگِ در يار ۽ هِي پيشاني،

جَبين کي آهه درِ يار تي سُجود جو شوق.

 

نه مال و زر جِي ضرورت رَهَي ٿي مؤمن کي،

نه مال ميڙ تون اي دل اهو يهود جو شوق.

 

هِي تَنَ تنبور ٿيو ۽ رڳون رباب ٿيون،

مِليو جو ورثي ۾ ”سرشار“ کي سُرود جو شوق.

(ڪراچي 1953ع)

غزل

زندگي آهي سُريلو ساز هڪ،

حالتِ آواز، بي آواز هڪ.

 

جلوهه گر آهي اُهو هر جاءِ تي،

دير جو توڙي حرم جو راز هڪ.

 

يادگارِ موت آهي هر مزار،

ٿو اَچي هر قَبر مان آواز هڪ.

 

ڳالهه مُنهنجي ۽ اشارو غير ڏي،

هي به آهي حُسن جو انداز هڪ.

 

ٿا ٻڌائن قصئهِ فرهاد وَ قيس،

عشق جو انجام هڪ آغاز هڪ.

 

ناز پرور جا به کڻبا ناز ڇو؟

ناز آهي عشق جو اعجاز هڪ.

 

اُڏ ته ماڻين تون به معراجِ خيال،

اَي بُراقِ طَبع ڪر پرواز هڪ.

        

ڪَئين قَلندر ٿي ويا ”سرشار“ جيئن،

گرچ آيو سنڌ ۾ شهباز هڪ.

(ڪراچي 5-سيپٽمبر 1953ع)

غزل

 

دل تي فراقِ يار جا آهن هزار داغ،

هڪ داغ چنڊ ۾ ته هِتي بيشمار داغ،

 

ڇيڙين ٿو ذڪر يار ته صدمو ٿئي ٿو، آهه!

اي همنشين نه پُڇ، نه وَڌائي ٻه چار داغ،

 

بي روشني هُجي نه هُجي، هِي ته ٿا ٻَرن،

قِنديل مِثل برسرِ لَوحِ مزار داغ.

 

اي داغدار نرگسِ باغِ خيال چَئو،

جُز هجرِ يار ڀي ڪَي ڏِٺئي داغدار داغ.

 

ڏوٿي مِٽن، علاج مِٽائي، مِٽائي وقت،

پر هي مِٽائي ڪير بَجُز وصلِ يار داغ.

 

”سرشار“ فصل گُل جِي خوشي جو رکي، رکي،

پر مون خِزان نصيب جِي آهن بهار داغ.

 

‎(ٽنڊو محمد خان 20-آڪٽوبر 1953ع )

غزل

 

اگرچه هر دَير و حَرَم سان آهه ٿي مانوس شَمع،

ٿي دلِ عاشق ۾ ٻاري هڪ ٻيو فانوس شَمع.

 

لاٽ جي ڄِڀ ۾ ڪري ٿي روشني سڀڪجهه ڏسي،

بزمِ جانان ۾ رَهي ٿي هر گهڙي جاسوس شَمع.

 

جان ڏيئِي ٿي پتنگن شَمع کي هِن پر چيو،

تون اسان جِي پاسبان عِزت و ناموس شَمع.

 

شمع جي چوگرد پروانن جا پَرَ ايڏا ڪِريا،

جامهء حد چاڪِ پَر سان ٿي وئي ملبوس شَمع.

 

رات جو هو چهچٽو ۽ صُبح جو هو گُل چراغ،

بزم جي رونق وئي ۽ ٿي وئي مايوس شَمع.

 

جان و دِل هُن شَمع رُو تان جنهن گهڙي ٿي ويا فدا،

مون به اي ”سرشار“ پنهنجي دل ۾ ڪَئي محسوس شَمع.

 

(ڪراچي 1953ع )

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org