سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اند منجهه الله

صفحو :9

”ڪلام“

ٿلھھ:جوڳيءَ کي وئي وقت ٿيو،

دل منھنجيءَ کي ڪري مست ويو.

 

١- محبت جون ڪي مرليون وڄائي،

درد ڀريا ڪي ٻول ٻڌائي،

مونکي روئائي رت ويو.

 

٢- ڏونگر جا ڪي گس ٻڌائي،

مونکي راھن منجھھ رلائي،

منھنجِي منجھائي مت ويو.

 

٣- ”قالو بَلى“[1] ذلف فقير تون پاڙج،

ڪيل قول تون ڪين وسارج،

سامي سڻائي ”الست“[2] ويو.

 

ٿلھھ:   منھھ مونکي اھي پنھوارن جا پيھا،

ڪين ٿا وسرن، مارون ياد پون.

 

١-       سکيا سانگيئڙا سارو ڏينھن پئي،

واريءَ تي راندون ڪن،

مارون ياد پون.

 

٢- ساريندي ساڻيھھ کي سومرا،

اڀري سج لھن،

مارون ياد پون.

 

٣-      منھنجي نيڻن مئون اباڻن لئي،

ڳوڙھا روز ڳڙن،

مارون ياد پون.

 

٤-      سوگھو منھنجو ڪيو سنڌ سنڌ آھي،

ذلف، زنجيرن،

مارون ياد پون.

 

ٿلھھ: آنءُ تھ لڙھي وڃانءِ ٿو لالڻ،

ڪج ڪا مالڪي منھنجي.

 

١-       پار اڪاريو مونکي پِرين اوھان، نا تھ ويندس آنءُ رھجي،

ڪج ڪا مالڪي منھنجي.

 

٢- لھرن پويان لھرون لڳن ٿِيون، مھر کپي مونکي تنھنجي،

ڪج ڪا مالڪي منھنجي.

 

٣- جي تو ڪين پچاريو پِرين، ويندس آنءُ گم ٿي،

ڪج ڪا مالڪي منھنجي.

 

٤- تون ئي آڌار منھنجو آھين، ڪانھي ٻِي واھھ ڪنھنجي،

ڪج ڪا مالڪي منھنجي.

 

٥- پار پراھون پھچڻ ڪا، ناھي ڳالھھ سھنجي،

ڪج ڪا مالڪي منھنجي.

 

٦- مون ذلف فقير تي تون پِرين، ڪج ڪا ٻاجھھ پنھنجي،

ڪج ڪا مالڪي منھنجي.

 

ٿلھھ: سک ٽوٻن واري تار وويار،

متان گوتا کائي گم ٿين وويار.

 

١- ڇولن پويان ڇوليون اِيندئي،

لھرون لڳندئي لک ھزار وويار،

متان گوتا کائي گم ٿين وويار.

 

٢- ڌڌڪا ڪري ٿو درياھھ اڳيون،

ھميشه ٿي ھوشيار وويار،

متان گوتا کائي گم ٿين وويار.

 

٣- نيڻن منجھان نير وھائي،

ڪر پِريان جي تھ پچار وو يار،

متان گوتا کائي گم ٿين وويار.

 

٤- ذلف چئي وٺ راھھ رھبر جي،

تان تون پھچين ھن پار وو يار،

متان گوتا کائي گم ٿين وويار.

 

ٿلھھ:   ڪجھھ بھ ڪونھي ھتي،

سڀ ڪجھھ آھي اتي.

 

١-       جيڪي آھي جاڳ ۾،

سو تان ناھي ستي،

سڀ ڪجھھ آھي اتي.

 

٢-      ھليو وڃ تون اوڏانھون،

جوڳين جاءِ جِتي،

سڀ ڪجھھ آھي اتي.

 

٣-      ڇو تون ذلف فقير چئي،

در در رلندو وتين،

سڀ ڪجھھ آھي اتي.

 

ٿلھھ: ڪالھھ بھ ڳوڙھا ڳڙيا وو يار،

اڄ بھ وسن ٿِيون اکيون الا.

 

١- جيرا جِگر بُڪيون الا ميان،

سورن منجھھ سڙيا وو يار.

 

٢- ڦٽيا پير تھين جا ھوندا،

جي عشق جي چاڙھي چڙھيا وو يار.

 

٣- تون نھ آئين سپرين الا ميان،

ولر ڪونجن جا وريا وو يار.

 

٤- ساري توکي سپرين الا ميان،

سج بھ ڪيئي لڙيا وو يار.

 

٥- سک نھ ڏسندا ذلف فقير سي،

عشق ۾ جيڪي اڙيا وو يار.

 

ٿلھھ: پنھنجو آھين پاڻ پِرين،

تون جاٿي ڪاٿي جاني.

 

١- ”اِن الله على کل شيءِ قدير“[3] فرمان آھي فرقاني،

تون جاٿي ڪاٿي جاني.

 

٢- ويساھھ ڪيم تو ھڪ تي، ٻِي ذاتِ نھ ڪا اِنساني،

تون جاٿي ڪاٿي جاني.

 

٣- ”ونحن اقرب“ مون منجھھ، تنھنجي آھي نشاني،

تون جاٿي ڪاٿي جاني.

٤- شان مٿاھون آھي تنھنجو، مٽ ناھي ڪو ثاني،

تون جاٿي ڪاٿي جاني.

٥- ”الست“ چئي ارواحن کي، روح وڌئي جِسماني،

تون جاٿي ڪاٿي جاني.

٦- ”قالو“ ذلف فقير ڪھيوسين، سر ڪري سبحاني،

تون جاٿي ڪاٿي جاني.

 

ٿلھھ:   دلڙي توکي پڪاري وو يار،

دلڙي توکي پڪاري.

 

١-       ڇپِرن منجھھ ڇڏي وئين مونکي،

غمن منجھھ گڏي وئين مونکي،

ڳڻتِن منجھھ تون ڳاري وو يار.

 

٢-      يار تون مونکي يگانو ڪري وئين،

دلبَر تون ديوانو ڪري وئين،

محبت ۾ تون ماري وو يار.

 

٣-      پنھنجو پاڻ تون يار پلي وئين،

ڏاڍو مون کان ڏور ھليو وئين،

جام جدائي پياري وو يار.

 

٤-      ذلف جي جيءَ ۾ جاءِ ڪري وئين،

بِرھھ سندي تون باھھ ٻاري وئين،

سورن منجھھ تون ساڙي وو يار.

 

ٿلھھ:   مون ٿي واڪا وس ڪيام،

شل اڳتي اگھن اديون.

 

١-       ڪرم ڪندو پاڻ پِرين،

مون منجھھ آھن منديون،

شل اڳتي اگھن اديون.

 

٢- اٿم آس الله ۾،

منھنجون بخشيندو بَديون،

شل اڳتي اگھن اديون.

 

٣-      ذلف فقير چئي منھنجون پڪارون،

ڪن پِريان کي پونديون،

شل اڳتي اگھن اديون.

 

ٿلھھ:   اٿِي ڪر تون تِياري ھاڻي ھلڻ جي،

ڇڏي ھي زمانو ھزارين ھليا ويا.

 

١-       ھٿين خالي آيا، ھٿين خالي ھليا،

ڇڏي بي بَقا کي، بَقا ڏانھن لڏيا،

جِتي پنھنجا پکڙا، جوڳن ٿي اڏيا،

ڇڏي آستان اھي بِھ ھليا ويا.

 

٢-      ويا جي تھ موٽي، وري ڪين آيا،

ڇڏي ڏيھھ سي تھ، لاڏاڻا لڏي ويا،

اھي پنھنجا ھڏڙا مٽيءَ ۾ گڏي ويا،

رھي مرد مانجھي ھزارين ھليا ويا.

 

٣-      ذلف فقير چئي، ڪر ياد ربّ کي،

اِيندئي ڪم نام مولى جوئي اڳتي،

ٻنيون ٻارا دولت سڄي ساري جڳ کي،

ڇڏي ھي زمانو ھزارين ھليا ويا.

 

ٿلھھ: تون پاڻ آھين پرڏيھي،

تنھنجو لوڪن سين ڪم ڪيھي.

 

١-       ڪانڌي پوريندئي قبر منجھھ،

مٿان لتون ڏيئي.

 

٢-      وڃين ملندين مٽيءَ منجھھ،

جاءِ تنھنجي آ جيھي.

 

٣-      جيءُ ھيڪڙائي سين جوڙي،

دوئيءَ  کي  ڪڍ  ڌوئي.

 

٤-      لڙڪ وھائي نيڻن مئون تون،

راتو     ڏينھان     روئي.

 

٥-      جيڏانھن جوڳي پنڌ ڪري ويا،

چارو     وٺج     سوئي.

 

٦-      ذلف فقير چئي واٽ وٺيون وڃ،

رھھ نھ ھتي تون ويھي.

 

ٿلھھ: جوڳي جوءِ ڇڏي،

ويراڳي ويڙا وطن پنھنجي.

 

١- آديسي دانھون دردن جون ڪري، ويڙا وات وڏي،

جوڳي جوءِ ڇڏي.

 

٢- ڳجھو ڳالھائي لوڪ سين، ساميئڙا تھ سڏي،

جوڳي جوءِ ڇڏي.

 

٣- اندر منجھھ الفت جا، ويڙا آکيرا تھ اڏي،

جوڳي جوءِ ڇڏي.

 

٤- سامي سفر پورو ڪري، ويڙا لاھوتي تھ لڏي،

جوڳي جوءِ ڇڏي.

 

٥- ويراڳي وجود کي، ذلف فقير چئي، ويڙا مٽيءَ منجھھ گڏي،

جوڳي جوءِ ڇڏي.


 

 

ٿلھھ: اٿي اِلاالله سين اور، دل کي ڌوءِ،

قلبَ منجھان ڪس لاھھ الا.

 

١- مڻيو محبت سندو، تون سدائين ويٺو سور،

قلبَ منجھان ڪس لاھھ الا.

 

٢- اتي الک ريءَ ٻِيو، ڪم نھ ايندئي ڪوءِ،

قلبَ منجھان ڪس لاھھ الا.

 

٣- ھڪ ڏھاڙي ھي، ڇڏيون ويندين لوءِ،

قلبَ منجھان ڪس لاھھ الا.

 

٤- ويل ويندئي گذري، ڪندين تون ڇا پوءِ،

قلبَ منجھان ڪس لاھھ الا.

 

٥- ذلف فقير چئي راھن منجھھ، راتيان ڏينھان روءِ،

قلبَ منجھان ڪس لاھھ الا.

 

ٿلھھ: آنءُ تو درئون ڪاڏي وڃان، تو در ڪين ڇڏيان،

تو در ڪين الا، تو در ڪين ڇڏيان.

 

١- ”وحده لاشريڪ له“ توسان ڪين گڏيان،

تو در ڪين ڇڏيان.

٢- پکو پاسي تو پِرينءَ جي، اچي آنءُ اڏيان،

تو در ڪين ڇڏيان.

 

٣- ھردم ذلف فقير چئي، توکي ئي تھ سڏيان،

تو در ڪين ڇڏيان.

 

ٿلھھ:   ڪھڙا قصور ڪيتا جاني، جو منھن نھ ڏکايئي جاني،

ڪيڏي سال گذر ڳئي ھن، جو منھن نھ ڏکايئي جاني.

 

١- ميڏي جيري جِگر جلندي،

اک ڏيکڻ لئي سڪندي،

تِيڏي صورت سبحاني،

جو منھن نھ ڏکايئي جاني.

 

٢- اِٿان ھر ڪوئي مرويندا ھئي،

اِٿان ڪوئي نا رھندا ھئي،

دنيا دلبر ھئي فاني،

جو منھن نھ ڏکايئي جاني.

 

٣- آءُ    اڳڻ    فقيران    دي،

چمان تِيڏي مٽي پيران دي،

ڪر ذلف تي مھرباني،

جو منھن نھ ڏکايئي جاني.

 

ٿلھھ: جاٿي ڪاٿي تو لئي دلبر پرين ٿي ڪيم پڇائون،

روئي تو لئي راھن ۾، ڏاڍيون ڪيم ٿي دانھون.

 

١- ڀلا ڪھڙي ڳالھھ ڪري رسي وئين تون مونکان پيارا،

موٽي آ مون ڏي مٺڙا، ڪيئي ڇو مونکان ڪنارا،

بس توکي ريجھائڻ لئي، ڪيان ٿو پيو رٿائون.

 

٢- رت ڪين رھيو مٺڙا، سورن ۾ سڙي وياسون،

ڏينھن ڏاڍا او مٺڙا، گوندر ۾ گذارياسون،

ڪجھھ ڪريو رحم روح ۾، سڻي منھنجون ھي صدائون.

 

٣- چوي ذلف مونکي تنھنجي، وڇوڙي ڇڏيو رلائي،

سک نھ ڏٺم او سپرين، فقير دل ڦاسائي،

ڳڻتن آھي وو ڳاريو، موٽ مٺا مون ڏانھون.

 

ٿلھھ:   حال ھيڻو ٿيو، آءُ مون ڏي پِرين،

نا تھ ويندس مري، ڳڻتن ۾ ڳري.

 

١-       سپرين ٿو ورين، ڪڏھن مون ڏي مٺا،

روز راھون نھاريان روئي رڙي.

 

٢-      عشق تنھنجو ٿو منھنجو ماس کائي،

رڳن ۾ نا رھي رت جي ڪا ذري.

 

٣-      ذلف کي تنھنجي جاني جدائيءَ جھوريو،

سڪ تنھنجيءَ ۾ ويو جِسم سارو سڙي.

 

ٿلھھ:     تنھنجي سونھن جي تعريف ڪيان ڪھڙي،

تو جھڙو ڪو جڳ ۾ ناھي،

مونکي ماري ڇڏيو تنھنجي حسن ھڻين.

 

١- ڪو ڪيڏو کڻي سينگار ڪري،

توڙي ويس وڳا ڀل ڪو پھري،

ڪو ٺاھي پاڻ کي ڪيڏو کڻي،

تو جھڙو ڪو جڳ ۾ ناھي.

 

٢- ثنا تنھنجي ڪيان ٿو، راتو ڏينھان،

پنھنجي نيڻن مئون وسائي مينھان،

روز تو لئي ويھان ٿو روئي رڙي،

تو جھڙو ڪو جڳ ۾ ناھي.

 

٣- جڏھن بازار بِرھھ ۾ ٿو نڪرين،

ڪيئي ذلف فقير جھڙا قتلام ڪرين،

اِھڙو منتر مٺڙا ٿو منڊ ھڻين،

تو جھڙو ڪو جڳ ۾ ناھي.

 

ٿلھھ: منزل تو پرانھون وو يار،

ويھھ نھ تون اورانھون ھمٿ ھاري الا.

 

١- اٿئي پريان پار جا، ڏونگر ڏورانھون وو يار،

منزل تو پرانھون وو يار.

 

٢- سوچي وٺ سفر ۾ ميان، آئين تون ڪيڏانھون وو يار،

منزل تو پرانھون وو يار.

 

٣- واٽ اھائي وٺيج ميان، جانب آھھ جيڏانھون وو يار،

منزل تو پرانھون وو يار.

 

٤- روئي ذلف فقير راھن ۾، ڪج دردن جون دانھون وو يار،

منزل تو پرانھون وو يار.

 

ٿلھھ: ڪين اچي ٿو آرام وو يار،

توريءَ مٺڙا زھر زمانو آ.

 

١-      ساھھ سدائين سڪي تو لئي الا، ڪڏھن اِيندين اڱڻ تي ڀلا،

ساريان پئي صبح شام، توريءَ مٺِڙا زھر زمانو آ.

 

٢-     ڇو وئين ڇاڪاڻ ڇڏي وئين، مئيءَ کي پاڻئون ڌار ڪري وئين،

ڪر ڪو اچڻ جو انجام، توريءَ مٺِڙا زھر زمانو آ.

 

٣-     ڪھڙي رمز ڪري رلائين ٿو، فقيرن وانگي يار ڦيرائين ٿو،

ماريم تنھنجي مام، توريءَ مٺِڙا زھر زمانو آ.

 

٤-     ذلف فقير تنھنجي فراق ۾ آھي، وساري ويھڻ توکي مناسب ناھي،

قرب ڪيم قتلام، توريءَ مٺِڙا زھر زمانو آ.

 

ٿلھھ: آنءُ تھ ڀليو وڃانءِ ٿو يار، مونکي سڌي واٽ ڏيکار،

متان ٿِيان گمراھھ ڀلو ميان منھنجي ڪر ڪا پچار وو يار.

 

١- اوکيءَ محل آھين تون ڀلو ميان، منجھيل جو مددگار وو يار،

مونکي سڌي واٽ ڏيکار.

 

٢- تو جيان ترس نھ ڪنھن کي ڀلو ميان، بَديون بَخشين بخشڻھار وو يار،

مونکي سڌي واٽ ڏيکار.

 

٣- اکڙيون اوھان جي آسري، ڀلو ميان، ڪجھھ مون ڏانھن تھ نھار وو يار،

مونکي سڌي واٽ ڏيکار.

 

٤- آخر ايندس اوھان ڏي ڀلو ميان، ھتي ڏينھن ٻھ چار وو يار،

مونکي سڌي واٽ ڏيکار.


[1]   ”چيائون تھ ھائو بيشڪ تون اسان جو رب آھين.“

[2]   ”ڇا مان اوھان جو پالڻھار ناھيان.“ (سورة الاعراف، آيت: ١٧٢)

[3]   ”ڇو تھ الله سڀڪنھن شيءِ تي وسوارو آھي.“ (سورة النور، آيت: ٤٥)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org