سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اند منجهه الله

صفحو :2

سڪ جنھين جي سينن ۾، سي پوئتي ڪين ورن،

ڪري ڪشالا ڪوه جا، ھو جبل جھاڳن.

ھن شعر ۾ ذلف علي فقير سالڪ جي دل جي حقيقي نشاندھي ڪئي آھي، سالڪ جڏھن شعوري طور تي ٻيا ڪم ڇڏي محبوب جي واٽ اختيار ڪري ٿو ۽ ان سفر تي ھلڻ لڳي ٿو تھ کيس واٽ ۾ ننڍا وڏا جبل ايندا رھن ٿا، اھڙي طرح سفر ۾ جبلن جو ھڪڙو نھ ختم ٿيندڙ سلسلو نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ تھ محبوب حقيقي بظاھر ويجھو ھجڻ جي باوجود عملا ايترو ويجھو ناھي. محبوب تائين پھچڻ لاءِ ھزارين جبلن جي قطار آھي، جيڪا سالڪ کي ڏينھن رات جي لڳاتار سفر ذريعي طئي ڪرڻي پوي ٿي. انھيءَ سفر ۾ ھزارين موڙ ۽ مرحلا اھڙا اچن ٿا، جنھن ۾ مايوسي، ٿڪاوٽ، بيزاري، پوئتي ھٽڻ جا خيال ۽ خطرا ورائي وڃن ٿا، پر سچي محبت جي پيچن ۾ ڦاٿل سالڪ محبوب حقيقيءَ جي خاص لطف ۽ فضل سان انھن خيالن، خطرن ۽ واٽ جي مشڪلاتن جو مقابلو ڪندي، اھڙي مقام تي پھچي ٿو، جنھن کي بقا باالله جو نالو ڏنو ويو آھي. يعني ھاڻي سالڪ جي دل تي محبوب جو نقش اھڙيءَ طرح چٽجي ويو آھي، جو پاڻ مرادو محبوب جي ياد سندس دل ۽ ذھن ۾ قائم آھي ۽ شيطان ۽ نفس جي غير معمولي حملن واري قوت کان پڻ ھو گھڻي ڀاڱي بچي، نفس مطمئنھ، شرح صدر ۽ قلب سليم جي مقام تي پھچي چڪو آھي.

جيڪي سالڪ انھيءَ مقام تي پھچي وڃن ٿا، اھي ذلف علي فقير مطابق:

ھو گسيا جنھين ساڻ، سون ڪيائون تن کي

اھي ھڪ طرف تھ انساني نفس جي مڪر فريب جي ھزارين واردات کان واقف ٿي وڃن ٿا، ان ڪري اھي عام فردن جي بھتر طور تربيت ڪري سگھن ٿا. ٻي طرف منجھن باطني فيض رساني جي اھڙي صلاحيت پيدا ٿيو وڃي ٿي جو درد ۽ محبت جا ماريل ۽ ذاتي اصلاح جي درد سان ڀريل جيڪي بھ فرد انھن جي صحبت ۾ اچن ٿا. اھي پنھنجي قلب ۾ سچي محبوب سان محبت جون چنگاريون محسوس ڪرڻ لڳن ٿا ۽ سندن زندگيءَ ۾ رونق، لذت، خوشي، حسن ۽ پاڪيزگيءَ جا حقيقي احساس پيدا ٿيڻ لڳن ٿا.

اسان جي سماج ۾ مادي حسن سان محبت، دنيا ۽ دولت کي

پوڄڻ سبب انسان آزاري جا جيڪي رويا گذريل چند سالن کان وٺي خوفناڪ حد تائين وڌيا آھن، انھن عام انسانن جي زندگيءَ کي عذاب بنائي ڇڏيو آھي. ماده پرستي، انسان بيزاري ۽ خود غرضيءَ جي انھن لاڙن جي روڪٿام لاءِ پنھنجي ٻوليءَ ۾ اھڙي آفاقي شاعريءَ جي ضرورت آھي، جيڪا غير معمولي تاثيري قوت سبب ماڻھن جي وجدانن ۽ ذھنن ۾ ڦيرو آڻي، کين ماڻھپ پيدا ڪرڻ ۽ انسانيت جا جوھر اڀارڻ جو ذريعو بڻجي سگھي.

ڪافي عرصي تائين شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري عام ماڻھن ۾ اھي احساسات پيدا ڪندي رھي آھي، پر ھينئر شاھھ جي ٻولي جي مشڪل ھئڻ سبب شاھھ جي شعرن کي سمجھڻ ڏکيو ٿي پيو آھي. جنھن ڪري شاھھ جي شاعري جي موسيقيت جو لطف تھ حاصل ڪري سگھجي ٿو، پر سندس شاعري جا عوامي اثرات مشڪل آھن، اھڙين حالتن ۾ ذلف علي فقير جو ڪلام اھا اميد ڏياري ٿو تھ عين ممڪن آھي تھ سندس ڪلام ڪنھن نھ ڪنھن حد تائين اھو خال پورو ڪري ۽ محبوب حقيقي سان محبت جي جوت جلائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري.

ماھوار بيداري                محمد موسى ڀٽو

شماره ٨٥- ٨٦، ١٩٩٩ع     حيدرآباد سنڌ

ذلف علي فقير جو ڪلام

ذلف علي جو ھي ڪلام آخِر پورو ٿيندو،

عرض آزيون ”اِنشاءَ الله“ سائين سڀ اگھائيندو،

”ربّنا تقبَل منا اِنڪ انت السميع العليم“[1] قادر قبول ڪندو،

سوئي ساب وجھندو، مالڪ پنھنجي مھر سان.

فرمان الاھي

الله اھو آھي جنھن کان سواءِ ٻيو ڪو عبادت جي لائق ڪونھي، جو ڳجھھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي، اھو ٻاجھارو مھربان آھي، الله اھو آھي جنھن کان سواءِ ٻيو ڪو عبادت جي لائق نھ آھي، جو بادشاھھ تمام پاڪ ذات سڀني عيبن کان سلامت، امن ڏيڻ وارو، نگھبان، غالب، زبردست، وڏائيءَ جو سائين آھي، انھن جي شريڪ مقرر ڪرڻ کان الله پاڪ آھي. اھو الله خلقڻھار، نئون بڻائيندڙ، صورتون ٺاھيندڙ آھي، ان جا سڀ چڱا نالا آھن، جيڪي بھ آسمانن ۽ زمين ۾ آھن، سي سڀ سندس پاڪائي بيان ڪندا آھن ۽ اھو غالب حڪمت وارو آھي.[2]

”وحدت نامھ“

(١)

الله ھو جو اندر ۾، لڳم سور سھي،

آيم عشق اندر ۾، ڪري ڪاھھ ڪھي،

جلي جواني جوش ۾، وئي جا وھي،

ڪري ساجن سھي، ڏوري ڏٺم ڏک ۾.

(٢)

الله ھو جو اندر ۾، جوھر آھي جمال،

لئو پائي لال، اکين ديکيو دل ۾.

(٣)

الله ھو جو اندر ۾، رھيو نام اِسم،

باقي غير وھم، وچان ويو نڪري.

(٤)

الله ھو جو اندر ۾، رھيو آھم نام،

ڪجي نھ ٻيو ڪو ڪام، ذڪر بِنا ذلف چئي.

(٥)

الله ھو جو اندر ۾، اڀريو جن آواز،

”الله الصمد“ بي نياز، سڃاتو تن سھي ڪري.

(٦)

الله ھو اندر ۾، لڳي ويم لئون،

ھاڻي پڇان ڪنھن کئون، جو ساجن منھنجي ساھھ ۾.

(٧)

الله ھو اندر ۾، فقير چئي فڪرات،

مير محمدصھ ڄام تي، ساري پڙھھ صلوات،

اِھو اِسم ذات، ھردم آھي حضور ۾.

(٨)

الله ھو جو اندر ۾، فقير چئي فھم،

اِھو اِسم اعظم، سانڍي رکج ساھھ ۾.

(٩)

الله ھو اندر ۾، رھيو آھم ربّ،

”ونحن اقربْ“[3] سندو ساھھ پساھھ ۾.

(١٠)

الله ھو اندر ۾، ٻيو ڪين ٻوليان،

فقير چئي ڦوليان، اِسم ساڻ الله کي.

(١١)

الله ھو اندر ۾، ٻوليان ڪين ٻِيو،

اِسم ساڻ اِھو، پسڻ آھي پرينءَ جو.

(١٢)

الله ھو اندر ۾، پيم جا پروڙ،

ڪڍي ڇڏيم ڪوڙ، سھي سڃاڻي سچ کي.

(١٣)

الله ھو جو اندر ۾، لڳو جن کي عشق،

سي تھ ھردم ڀائن ھڪ، وحده واحد ھيڪڙو.

(١٤)

الله ھو جو ھر ھنڌ، ظاھر آھي ذڪر،

ڪوئي سمجھي سائينءَ جو، فقير چئي فڪر،

اولھھ ۽ اوڀر، آھن پِڻ الله جا.

(١٥)

الله ھو جو اندر ۾، نسورو ئي نور،

”الله نور السمٰوٰت ولارض“[4] اي مالڪ جو مذڪور،

پسي ھوت حضور، اکين ديکيو دل ۾.

(١٦)

الله ھو اندر ۾،جن کي جن نھ ڪن،

مئن مثِل ماڻھون سي، جي غافل ٿا رھن،

ذڪر ذاتي ذلف چئي، ڪک پن ڀي ٿا ڪن،

وڻ ٽِڻ ٻوٽا وليون، سڀ سائينءَ کي سارن،

ھدايت ڪري ھادي، شل الله سائين انھن،

تھ ويرم نھ وسارن، پنھنجي پالڻھار کي.

(١٧)

الله ھو جو عرشن جي، مٿان آھي مقام،

اسين عاجز ٻانھان، ڪيون ڪھڙو بَيان،

پھريون پارو پرينءَ جو، کولي ڏس قرآن،

سج چنڊ تارا ڪتيون، ۽ پڻ آسمان،

ھادي حڪمران، جوڙيا پنھنجي جوڙ سان.

(١٨)

الله ھو اندر ۾، ٻيو نھ ڪجي سؤدو،

ٻانھون ٿي ٻانھون رھجي، بَندا ٿي بندو،

اول آخر انھيءَ جو، نالو نام رھندو،

ھتي ھتي ٻڌاءِ ڀلا، ٻيو ڪير آھي ڪنھنجو،

سائين تھ آھي سڀجو، مالڪ وڏو مھربان سو.

(١٩)

الله ھو اندر ۾، ٻيو نھ انھيءَ بِنا،

تنھنجو نام گھنا، ساري صبح شام جو.

(٢٠)

الله ھو ھر جاءِ تي، جو رزق رسائي ان،

تنھنجو نام تون گھن، جو ڏيئي نھ پچاري.

(٢١)

الله ھو ھر جاءِ تي، جو رزق رسائي ربّ،

بِنا ڪنھن سبَب، پالي پالڻھار ٿو.

(٢٢)

الله ھو ھر جاءِ تي، رزق رسائي وھابُ،

ڪن کي بي حِساب، ڌڻي وڏو ئي دان ڏي.

(٢٣)

الله ھو ھر جاءِ تي، سارن پيا ساھھ ۾،

پکي پکڻ جيت جڻيان، چارئي پھر چاھھ ۾،

رکي آس الله ۾، ذڪر ڪن پيا ذلف چئي.

(٢٤)

چمڪن پيا ٽِمڪن، ستارا سڀيئي،

الله ھو جي ذڪر ۾، آھن پِڻ اھيئي.

(٢٥)

اٺن ۾ اِھا، پِڻ وڳن ۾ وائي،

الله ھو جي ذڪر ۾، ٿا ڪن قرار اھيئي،

ڌنارن جي دل ۾ بھ آ، سدائين سائين،

اھڙي شئي نھ ڪائي، جا ذڪر بِنا ذلف چئي.

(٢٦)

الله ھو الله ھو، آ ساوڻ سياري چيٽ ۾،

دريائن جي لھرن ۾، ۽ سمنڊ سندي ٻيٽ ۾،

يونس مڇيءَ جي پيٽ ۾، آ سڏ ڪيو سبحان کي.

(٢٧)

الله ھو ھر جاءِ تي، ساروئي سبحان،

تنھن جو ذڪر ذلف چئي، فرمايو فرقان،

تھ پڙھن پيا پاھڻ ڀي ٿا، مولى جو ھي نام،

پارس ھيرا موتي ھزارين، ياقوت ۽ مرجان،

پنھنجي پالڻھار کي ٿا، سڏن صبح شام،

”يـاٰيـُھالاِنسان ماغرڪ بِربِـّڪ الڪريم“[5] ربّ چيو رحمان،

تھ تون ڪيئن ڀلا انسان، غافل ٿئين غير ۾.

(٢٨)

غافل ٿِئين غير ۾، تون ڪيئن ڀلا انسان،

الله ھو سان ازل ۾، ڪيو اٿئي انجام،

اِھو اِسم نام، سانڍي رکج ساھھ ۾.

(٢٩)

الله ھو جو اندر ۾، ذڪر ڪمايو جن،

اِسم لکي اندر ۾، سھي سڃاتو تن،

ظاھر باطن ذلف چئي صورت سائي ڏسن،

سي ڪيئن ٻيو چون، جن ورد ڪيو واحد جو.

(٣٠)

الله ھو الله ھو، ٿا آکن ابابيل،

پڙھن حمد حڪيم جو، ٿا ثنا ڪن سبيل،

آيت آئي تن جي لاءِ ”طيرا ابَابِيل“[6]

ذڪر ڪري ذلف چئي ٿيا عاشق ابابيل،

صاحبُ ربّ جليل، آھي ياد انھن کي.

(٣١)

ڌڻي صاحبَ ڏي ڌيان ڏي، نھ تھ ڌيان اٿئي زيان،

جي زيان ڪندين ڌيان کي، تھ ڪين ملندئي مان،

الله ھو جي اِسم ڏي، ڪج اکيون ۽ ڪان،

وساري ويھي نھ رھھ تون، انھيءَ سندو احسان،

مالڪ تھ آ مھربان، جو ڏيئي نھ ڏوراپو ڏئي.

(٣٢)

ذاڪر ٻانھا ذڪر ۾، سارو ڏينھن صبر ۾،

الله ھو جي اِسم کي ٿا، اورن پيا اندر ۾،

”وشڪرولي ولاتکفرون“[7] شاڪر ٻانھا شڪر ۾،

راضي ڪيائون ربّ کي، ذلف فقير ذڪر ۾،

آھي تن جي اندر ۾، سدا سوز پِرينءَ جو.

(٣٣)

اول سڃاڻج پاڻ کي، پوءِ فقير نام سڏاءِ تون،

واحِد تنھنجي وجود ۾، ھتِ ھتِ ڪين واجھاءِ تون،

الله ھو جي اِسم کي، ھيئين ساڻ ھنڊاءِ تون،

پير نھ ڪاڏھين پاءِ تون، جو تو منجھھ آھي پاڻ پِرين.

(٣٤)

مرد ھجي تھ درد ھجي، نھ تھ ڪھڙو چئجي مرد،

آواز اٿاري الله ھو جو، ڪڍي نھ غيرن غرض،

نماز نيتي وجود منجھھ، فقير سدائين فرض،

ذلف ھجيس زرد، چھرو فڪر فراق ۾.

(٣٥)

تون الله ھو آن عرشن تي، آنءُ فرش وسايون ويٺو آن،

منھنجو عرش ٺِڪاڻو ھو اڳ۾، آنءُ فرش وسايون ويٺو آن،

تون ساھھ ۾ آن موجود منھنجي ۾، آنءُ بيٺو توڙي ويٺو آن،

اِبليس ڪيو آ ڪيس مون سان، آنءُ ڏوھھ ڪمايون ويٺو آن،

تنھنجو ذاتي اِسم ذلف چوي، ھتِ آنءُ وساريون ويٺو آن،

ڇٽو دو جڳ منجھھ اھو، جو نام ڪمايون ويٺو آ.

(٣٦)

سڄڻ آئي سج کان، وڌ روشن آھي راتِ،

اوريان پيو اندر ۾، بِرھھ سندي ھيءَ باتِ،

الله ھو جي اِسم کي، پڙھي ڪيم پرڀاتِ،

تن ۾ رکي تاتِ، روشن ڪيم روح کي.

(٣٧)

سڄڻ آئي سج کان، وڌ روشن آھي راتِ، جي اورن اِسم ذات،

توحيد جي ترار سان ٿا ڪاٽن سي ڪفرات، جي اورن اسم ذاتِ،

”وحده لاشريڪ له“[8] سا ڀلي ڀايئون باتِ، جي اورن اسم ذاتِ،

الله ھو جي اِسم سان ٿا ماڻن ملاقاتِ، جي اورن اسم ذاتِ،

ذڪر ڪمائي ذلف چئي ٿيا فقير منجھھ فڪراتِ، جي اورن اسم ذاتِ،

”ربّ المشرق والمغربِ لآاِلهٰ اِلاّھو“[9] ٿا ڄاڻن ھڪ ئي ذاتِ، جي اورن اسم ذاتِ.

(٣٨)

آئينو الف جو، تون اکين منجھھ آڻ،

ڪنھن جي ڪڍم ڪاڻ، جو ساجن تنھنجي سامھون.

(٣٩)

آئينو الف جو، تون اکين منجھھ آڻ،

سائي ڪج سڃاڻ، ”فاينما تولوا فثم وجه الله“،[10]

(٤٠)

آئيني ريءَ اھو، ڪڏھن ڪين پسن،

ساجن سي ڏسن، جي آرسي ڪن اندر کي.

(٤١)

آھي پنھنجو پاڻ پِرين، ناھي ڪو ٻيو،

ويري وھم ٿِيو، جنھن ڀلائي وڌو ھن ڀونءِ تي.

(٤٢)

دوئي ڪڍي دل مئون، صوفي پوءِ سڏاءِ،

پھريان سونھن پساءِ، اکڙين منجھھ محبوبَ جي.

(٤٣)

سيءَ سياري راتِڙي، مٿان ٽِمڪي تارو،

توڙي پوي پارو، تھ بھ عاشقٰ اٿن اڌ رات جو.

(٤٤)

سيءَ سياري راتِڙي، مٿان چوڏھينءَ چنڊ،

ٿا وٺن ويراڳي ونڊ، اٿي آڌيءَ رات جو.

(٤٥)

سيءَ سياري راتِڙي، توڙي پوي مينھن،

تھ بھ جاڳي ڪن ڏينھن، عاشق اٿي اڌ رات جو.

(٤٦)

سيءَ سياري راتِڙي، مٿان بَرف ۽ بُوندون،

موٽي آيون مندون، تھ بھ نھ آئين تون پِرين.

(٤٧)

سيءَ سياري راتِڙي، مٿان مينگھھ ملھار،

آءُ تھ پرچي پاڻ ۾، پيارا ڪيون پيار،

توريءَ منھنجي من ۾، ھن غمن جا غبار،

سگھو لھج سار، سڄڻ منھنجي ساھھ جا.

(٤٨)

سيءَ سياري راتِڙي، مٿان پوي ماڪ،

تو در آيس او ميان، ٻڌي تنھنجي ھاڪ،

ڪيئي آھن ڪيترا، تو وٽِ پِنيا پاڪ،

سڀ نوازيئي نور سان، آيا جي اوطاق،

ڏي ڪا مون خيرات، فضل ساڻ فقير چئي.

(٤٩)

سيءَ سياري راتِڙي، پکي جاڳن توڙي،

تون ڪيئن منھن موڙي، سڄڻ ريءَ سمھي پئين.

(٥٠)

سيءَ سياري راتِڙي، لڳي ٿڌي ھير،

اِيندم آڌيءَ راتِ جو، مٺو محمدصھ مير،

کنڊون ورھايان کير، صبح ساڻ سيد لئي.

(٥١)

سيءَ سياري راتِڙي، جي ٿا پڙھن نماز،

سيئي رکن راز، اندر پنھنجي عشق جا.

(٥٢)

سيءَ سياري راتِڙي، جي ٿا ڪن قيام،

وٺي ڌڻيءَ جو نام، حاضر ٿِين حضور ۾.

(٥٣)

سيءَ سياري راتِڙي، جي ٿا ڪن سجود،

ماڻن سي موجود، مالڪ پنھنجي من ۾.

(٥٤)

سيءَ سياري راتِڙي، جي ٿا پڙھن قرآن،

ڪيائون ڪن پنھنجي، قادر جو ھي ڪلام،

ٿِيا انھيءَ سندا احسان، ”فبِاي الآءِ ربِـّکما تکذبنِٰ“.[11]

(٥٥)

سوني پاڻيءَ سين لکان، اِسم تنھنجو اندر ۾،

پر نھ پڄن ھٿڙا، جو لکان ڪيئن اندر ۾،

اِھو ڪم اکين جو، جي اِسم لکن اندر ۾،

اڙجن شال اکيون ٻئي، من جي تنھن منظر ۾،

اٺئي پھر ذلف فقير، آھيان اِنھيءَ فڪر ۾،

تھ دل جي تنھن دفتر ۾، علم لکان ڪيئن الف جو.


[1]   ”اي اسان جا پالڻھار ھي پورھيو اسان کان قبول ڪر ڇو تھ تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھين.“ (سورة البقرة، آيت: ١٢٧)

[2]   سورة الحشر، آيت: ٥٩

[3]   ”۽ اسين وڌيڪ ويجھا آھيون“ (پاره حٰم ٢٦، ق، ٥٠، آيت ١٦)

[4]   الله آسمانن ۽ زمينن کي روشن ڪندڙ آھي.“ (پاره قدافلح-١٨، سورة النور-٢٤، آيت:٣٥)

[5]   ”اي ماڻھو توکي تنھنجي انھيءَ سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءِ ٺڳيو.“ (پاره عم-٣٠، سورة الانفطار-٨٢، آيت: ٦)

[6]   ”ولر ولر (ابابيل) پکي“ (سورة الفيل، آيت: ٣)

[7]    ”۽ منھنجو شڪر ڪريو ۽ منھنجي بي شڪري نھ ڪريو.“ (سورة البقره: آيت ١٥٢)

[8]   ”اڪيلو“ (سورة الزمر: آيت ٤٥)

[9]   ”جو اوڀر ۽ اولھھ جو پالڻھار آھي، ان کان سواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نھ آھي.“ (سورة المزمل: آيت ٩)

[10]    ”پوءِ جاڏي پنھنجي مھاڙ کي ڦيرايو تاڏي الله جي سامھائي آھي. (سورة البقرة: آيت ١١٥)

[11]   ”پوءِ پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙن نعمتن جو انڪار ڪندؤ“ (سورة الرحمان: آيت ٣٣)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org