سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪپر ٿو ڪُن ڪري

صفحو :4

سورٺ! ڇا هنن اوچتو، اڀري ٿو آواز؟

ڄر ۾ ڄرڪي ٿو پوي، صدين کان پو ساز؟

اڳ اهڙو اعجاز، مون نه ڏٺو ڪنهن منگتي!

_

صديون رهي سانت ۾، اڀري ٿو آواز،

ڪيڏيءَ جيءَ ولوڙ سان جڙي ٿو هي ساز!

راڳي سارو راز، ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي!

_

پويون راتيون مانگهه جون، اونداهي تيرس،

پلا پاڻيءَ ۾ جليا، باهه نه ڪئي بس!

آءٌ نه پنهنجي وس، چارڻ مون کي چائيو.

_

پکين پر ڄرڪي پيا، ڀنڀٽ ٿيا بڙ،

وڻ وڻ جي،الاپ سان، جر ۾ جرڪي جڙ،

سارا تڙ اوتڙ، چمڪيا چوڏهين چنڊ جان.

_

سورٺ! هيءَ پُڪار، ڏونگر سڀ ڏاري وئي،

پنهنجيءَ آديءَ سانت مان، ڇرڪ ڀريو سنسار:

ڪيڏا ڪاري وار، آهي تان تنبير جي!

_

صديون سرجي ٿو پيو، رڳن منجهه رباب،

صديون پنهنجي خواب ۾، گهاري ٿو ڪو خواب،

تڏهن اهڙو تاب، اچي ٿو آواز ۾.

_

سورٺ! ڏس نه ڪير، اڄ هئن اڱڻ آئيو؟

جرڪايو جنهن جيءَ کي لاهي ماڻهو مير،

ڀان نه اهڙو ڀير، اڳ ڏٺو مون ڪڏهين!

3

ملهه مهانگا منگتا، سر جي صدا ڏين،

چارڻ پنهنجي چنگ سان، ماڻڪ نه ميڙين،

آڌيءَ جو آڻين، ڀري آگ الاپ ۾.

_

سرندي ساٿ ڏئي، مٿو ٿي مانائتو،

متان مال متاع جي، تو ڪا ڳالهه ڪئي!

هر ڪو راءِ رئي، سون ٿئين جي ڏئين!

_

جي تو ساڃهه ساز جي، ملهه مهانگو ناهه:

مون سان ساٿ نباهه، جهونا ڳڙهه جرڪي پوي.

_

آءٌ نه ڪاڻيارو ميان، تون ئي ڪاڻيارو،

سر جو ساٿ ڏئي ٿئي مٿو موچارو،

چارڻ بن چارو، راجا تو نه رتول ۾.

_

اڻ تڻ اجائي، راجا هيءَ رتول ۾!

جي اڄ تنهنجي جندڙي وڍي ٿي وائي،

متان راڳائي، مٿي بن موٽائين!

_

ماڻڪ مٽيءَ جيئن، مور نه ڀاسن منگتي،

جهاتيون وجهي جيءَ مان، ڪنڌ لڪايئه ڪيئن؟

آءٌ نه وڃان، ايئن، هيڪر تاڻي تند کي.

_

سورٺ کي سمراٽ تون، ٻيهر ڏسندين، ڪيئن،

جي تو ڪنڌ لڪائيو هور پرائي هيئن!

آءٌ نه وڃان ايئن، هيڪر تاڻي تند کي.

_

جي تون ڪنڌ ڪماچ سان، سرچائين سائين!

جيئين سدائين، جهونا ڳڙهه جي جيءَ ۾.

_

تنهنجو گل گرنار ۾، جي مان ڇنان هاڻ،

گهر گهر گلڙا ٿي وڃي، سڀڪو ٿي سرهاڻ:

ڪنڌ ڪڪوري آڻ، آجو ٿيءُ اقرار ۾.

_

ڏس تون پنهنجي پاڻ کي، ڇا تون ساڳيو راءِ؟

سورٺ سورٺ آ اڳين، لالڻ تنهنجي لاءِ؟

ڪنڌ ڪپائي پاءِ، هاڻي پنهنجي پاڻ کي.

_

جي تون منهن موڙي وئين مون کان سورٺ ور!

مون لئه ٻيا ڀي سر گهڻا، ڪيئي داني در،

مون کي ٽاري پر، رئندين رت رتول ۾.

_

جنهن به ٻڌو هڪوار، تڙڦي منهنجيءَ تند کي،

تنهن جي وس نه هينئڙو، تنهن تي ڪنڌ ميار،

موٽي سڀ ڄمار، رئندين، رت رتول ۾.

_

ڪنڌ نه تنهنجو ڪنڌ، هاڻي مان ان جو ڌڻي،

پيرن ۾ پينار جي، پارک تنهنجو پنڌ!

چين نه ڏيندءُ هنڌ، سک نه ايندءِ سيج تي.

_

هن ساري سنسار جي مايا مد مئي،

تو ۾ تند ڪئي، مرندي تائين اوپري

_

اچ! اچ! آجو ٿيءُ، نائي ڪنڌ ڪماچ کي،

جادوءَ منجهه جڙي ويو، جاجڪ تنهنجو جيءُ،

متان ڀانئين ايءُ، مون بن سمهندين سک سان!

_

آءٌ اهو اسرار، جنهن کي تو ڳوليو پئي؛

مون کان وانجهي ٿي ويو، تو ڀانيو سنسار!

تنهنجو قول قرار، مون سان ڄائي ڄم کان.

_

جت ڪٿ آءٌ ٻران پيو، تون ويندين ڪيڏانهن؟

آءُ هلي هيڏانهن، واري ڪنڌ ڪماچ تي.

_

تو ڀانيو مان اوچتو تو ڏي آيو هان!

وير و تار ٻران پيو، تند تپائي مان:

هاڻ پر تو مون کان، ٻوڙيءَ ٻوجهه لنوائيو.

_

مور نه ٿيندي راڄيا، سورٺ سرندي مٽ!

مَٽُ نه هن آواز جي، ڪوبه پٽيهر پٽ؛

ڇائي آهي ڇٽ، آءٌ امرتا آهيان.

_

ماڻڪ مٺين منجهه، مَٽُ نه هن آواز جي،

ويرو تار ٻري پيو سرندو صبح سنجهه،

ڏينهن وجهين ڇو ڏنجهه، مون کان منهن موڙي ڪري.

_

ڪينز چائي ڪنڌ، اڳي کان اڳرو ٻري،

هيءُ انهن جو هنڌ،  سُرَ تي جن سِرُ واريو.

_

ڪينز لهوءَ لال، اڳي کان اڳرو ٻري،

تندون رت جهٻيليون، ڀونءَ انوکو ڀال،

هئه هئه تنهنجو حال، موٽايئه جي منگتو!

4

مٿو هٿن مٿ، پير اڃا ڀي پنڌ ۾:

چارڻ! ملهه نه ڪٿ، انکي توري تند سان.

_

متان مٿو ڀانئيين، ناهي ڪائي وٿ!

ڪري ڪينر پٿ، موڳي ويئه منگتا!

_

ٻيجل! ٻيجل! تو جيان، ڪيئي ڪينر پٿ،

پر هي مٿو ڪورجي، سڀ کان آهي مٿ،

چارڻ! ملهه نه ڪٿ، ان کي توري تند سان.

_

آهي پرک پڪار جي، مڱڻا هيءُ مٿو،

جيڪو اڄ لٿو، تڙڦي تنهنجي تند سان.

_

تند نه رڳو لوهه، مٿو گل گلاب جو

مٿو، جنهن ۾ موهه، ايڏو آهي تند سان.

_

وائي

مٿي ڪهڙو مل،

گهوريو گهوريو، گهوريو!

اڄ ڪوئي گرنار ۾ ناهي ههڙو گل

گهوريو گهوريو، گهوريو!

چارڻ آيو چپ ۾، لوڪ هلاچو هل،

گهوريو گهوريو، گهوريو!

تند ڪڪوري ڪنڌ سان، تند نه ڪوئي نل،

گهوريو گهوريو، گهوريو!

ڪنڌ ڪريو، آڪاس ۾ ٺهيو ڪوئي نل،

گهوريو گهوريو، گهوريو!

سِرُ ڪپجي سُر ٿي ويو، ڀورا! ڳالهه نه ڀل،

گهوريو گهوريو، گهوريو!

نوري تماچي

1

ڪيڏي ڇلر ڇٽ، آهي ڪينجهر ڪنڌيئين!

سارا پڌر پٽ، ککي، هاڻيون کاريون!

_

ککيءَ کاريون جندڙيون، هينئان ڇڇيءَ ڇڄ،

تن کي ڪهڙي لڄ، جن کي ساڙ سڳنڌ سان.

_

تماچي! تڙ آءُ، ته ميءَ مهانڊي ٿي وڃي،

توکان سواءِ سپرين، سڀ ۾ ککيءَ ساءُ،

الا، مون کي ماءُ، ڄڻي ڄاري، اڇليو!

_

ڪلهه مون ڪنول گُل، اچي تن کي آڇيا،

پو ته ٻڌين ها لوڪ جا، ووءِ هلاچا هل،

بس هيءَ منهنجي ڀل، مياڻي مهڪي پئي!

_

آءٌ آواهي آهيا، سرڻ تنهنجي سام،

تماچي تڙ ڄام، موهي متان ڇڏئين!

2

ڪيئن چوان ڪينجهر، نوريءَ کي نوري ڪيو!

گذريون ڪيئي گندريون، ڄام نه آئي ڄر،

نوريءَ پرکي پر، ڪينجهر کي ڪينجهر ڪيو.

_

ڪيئي ڪينجهر ڪنڌيين، اڀيون آهيون ڪن؛

گذري ڪيئي گندريون، سهسين سال سڪن،

تنهن کان پوءِ اچن، تڙ تي ڪنهن لئه تڙ ڌڻي.

_

مياڻيءَ تي ماڪ ۾، ڪيڏا ککيءَ ڍير!

ڪنول چونڊيو ڪنڌيين، اٿي اسر وير؛

متان پرينءَ پير، ڇڇيءَ کان ڇرڪي وڃن!

_

ڄارو ڏسي ڄام، متان ماڱر ڇڏئين!

ڄڻي ڪائي جندڙي، اڳ نه اهڙي عام،

جي تو ماڻهوءَ مامَ، موٽ نه گهوري ميءَ کي.

_

پاڇو ئي پڌرو، اڏيءَ اڳيان ڄام جو؛

آڳ نه اهڙو آئيو، مياڻيءَ مٿان ڪو؛

ڇڇيءَ ڇرڪ ڀريو، گهورڻ لڳي گندري،

_

جئن مون گندڻ وڍ، وڍيئه تيئن وجود کي،

ڇو تون ڇڏي سميون، لڳين منهنجي ڪڍ؟

ڇا هيءَ تنهنجي اَڍَ، يا مون ۾ ڪائي مڻيا؟

_

وڃ، وڃ، ڄام ميان، گهوريو تنهنجو پريتڻو!

وڌءِ وڍ وجود ۾، ترڇي ڪات جيان!

ڇڏ، مان ٿانءِ ٿيان، ککيءَ مان ڇو ٿو کڻين؟

_

ڀر ۾ بيهي ڀاءُ، مون کي سمجهي اوپرو،

ککيءَ ۾ خوشبوءِ ٿيو، سما تنهنجو ساءُ،

لڳو انر واءُ، ويڙهو مون سان واسيون.

_

اڳ ۾ ئي مون ۾ هيو، سما تنهنجو ساءُ،

توسان منڌ ملاءُ، ايئن نه آهي اوچتو.

_

مون ماريندي مڇيون، ڇاريون وجهندي ڇڇ،

تنهنجي ڏيکاري ڏني، هر هر اڀري اڇ،

سارا رائون رڇ، رانول توسان رڱيا.

_

جئن موراکيون مند تي، اڀري ٽپا ڏين،

توکي تئن سارين، ساجن، منهنجا آنگڙا.

_

جئن پاڻيءَ تي ڪانئرو، ترڇو جهڙو تير،

منهنجو ساهه سرير، تو ائن جهپيو جهپ سان.

_

ڪيڏيون ڪينجهر راتڙيون، تڪيندي تارا،

تو لئه مون واجهائيو، ڄام! وجهي ڄارا،

ڪنهن ڄاتو پيارا، تون هئن ايندي اوچتو!

_

آيو، آيو، گندريون، متان نه وسهو!

ڪلهه جو منهنجي ساهه ۾، سمي جو سپنو،

اڄ ساڀيا آ سو، اچو، وار وڇائيو!

_

اچو وار وڇائبو، اکين ڌوئو پٽ!

مور نه ان جو مٽ، مون جو تاتيو تڙ ڌڻي.

_

مون تاتيو جو تڙ ڌڻي، گندريءَ ڪنهن نه گمان!

آيو، آيو اوچتو، ساجن سج سمان،

ماڃر آهه مهان، نوري جنهن نپائئي.

_

وائي

سدا لوڪ ستي، ڪينجهر ڪنڌيءَ کي

تانگهه تماچيءَ ڄام جي،

پل پل اٿي ننڊ مان، نوري ڇرڪ ڀري.

ڇڇيءَ هاڻ ڇڄ ٿو اڀري چنڊ چمي،

هيٺان ککيءَ کاريون، مٿان ماڪ وسي،

ڄڻ ڪي اکيون آسري، ڪنول ڪنڌيءَ تي،

ڊونڊي اتر واءُ ۾ لهرين تي لپڪي،

جيسين تڙ تي تڙ ڌڻي،سهڙي سج چڙهي

تانگهه تماچيءَ ڄام جي،

تانگهه تماچيءَ ڄام جي،

 

ڪيڏا ڪينجهر ڪنڌيين آهن اوسيئڙا،

تماچيءَ جي تانگهه ۾.

هي ساوڻ جي سج جا، ڪوڻين تي ڪرڻا،

تماچيءَ جي تانگهه ۾.

ور ور اتر واءُ جا، لهرين کي لوڏا،

تماچيءَ جي تانگهه ۾.

جئن ڪي اکيون آسري، ڪنول تيئن کڙيا،

تماچيءَ جي تانگهه ۾.

ڪيڏا ڇڇي ڇڄ ۾، سڳنڌيا سپنا!

تماچيءَ جي تانگهه ۾.

 

سسئي

1

ڏس هي نديءَ نير، بيهي بيهي ڪينڪي،

سوگهو ڪرڙ ڪرير، وس نه ڪنهن جي وهڪرو.

_

تو ڌوئيندي ڪپڙا، لڪي لهر وئي،

آئي لهر نئي، وس نه ڪنهن جو وهڪرو.

_

مهڪي پيئي مند، ٽاريءَ گل ٽڙي پيا،

مور نه آهين منڌ، تون ڪالهوڪي نينگري.

_

ڄڻ ڪي انگيءَ ڄار ۾، تتر ٿا تڙڦن!

ساڻيءَ ۾ پاڇو پيو، ڏٺو منڌ لڱن،

ترنيءَ پنهنجي تن، هرکي هٿ گهمائيا.

_

جهرڪي جر جي آرسي، مرڪي منڌ ڏٺو،

جوڀن ڦوهه مٺو، پڪل ميوو مند جو.

_

مينديءَ رتا پيرڙا، پاڻيءَ ۾ لاهي،

منڌ ڏٺيون پنهنجون پنيون، پڙي کي ٺاهي،

ماڻهوءَ وس ڇاهي؟ مڇين آئي مورڇا!

_

ڪنڌيءَ مٿان ڪگ، اڄ اڳي کان اجرا!

ڏک ڦلن جي ڏير کي، هي سڀ جوڀن رنگ!

انگ نه ساڳيا انگ، اڳ نه هيئن اتاولا.

_

جوڀن جهڙالي، لڳهه ساريءَ لوءِ تي،

هرشيءِ ڄڻ ڪنهن مڌ سان، ٿي وئي متوالي،

لالي نرالي، الهڙ تي اڀري پئي.

_

اکيون تنهنجون ڪامڻي! مدڀريرن پيا ليون،

مت نت نراليون، کيپ کٽي ئي ڪو نه ٿو.

_

جوڀن پهريان ڏينهڙا، ساوڻ گهاٽا مينهن،

سارا سارا ڏينهن، جهڙ نه لهي جيءَ تان.

_

جوڀن پهريان ڏينهڙا، ڦڳڻ ۾ جئن ڦل،

مور نه تن جو تل، سارا ڏينهن ڄمار جا.

_

جوڀن پهريان ڏينهڙا، گهٽائون گهنگهور،

من انوکو مور، نچي تن سان نڀ ۾.

_

جوڀن پهريون راتڙيون، وسيهر جا ونگ،

جن ۾ اٽيل انگ چين نه پائن ننڊ.

_

جئن انبن ۾ ٻور، ڇڻي آئي انبڙيون،

تئن ڪو پرينءَ پور، الهڙ ۾ اڀري پيو.

_

ڪٿي آن، ڪنهن جاءِ تون؟ اچڻ وارا آءُ!

منهنجو لونءَ لڳاءُ، ڳولي توکي ڳجهه ۾.

_

ڪٿي آن، ڪنهن جاءِ تون؟ ساجن سج ورن!

توکي منهنجي من، جهڙ جهاڳيندي تاتيو.

_

جهڙ ڦڙ جهور جهڪر، جوڀن آگم ڏينهڙا،

جر ٿر بوندون بود ۾، من ۾ نچن مور،

اکيون ڪڪر ڪور، سارنگ سرجن ساهه ۾.

_

ماڻهوءَ وس نه هينئڙو، جوڀن نديءَ تک،

ڪانهي ڪنڌيءَ ڏک، سانداري ۾ ساهه کي.

_

پيا تار ترن، سهسين سورج ترورا،

آيون ڌوٻيءَ گهاٽ تي، ساجهر تازي تن،

مرن مٿان گجريون، پيئون ڇم ڇم ڪن،

جلوي جهڙپ جهپن، پرٽياڻيون پانڌيئڙا.

_

سهسين سورج ترورا، پاڻيءَ پاٽ ته ڏس!

جوڀن تنهنجو جس، سامهون نديءَ نير تي!

_

ڌوٻي گهاٽ، وريتڙيون، ٿڻن ڌائڪ ٻار،

چڳڙون چچليون ڳالهڙيون، ڪڏڪيون اکين ٺار،

ڪيڏو مايا ڄار، موهيو ماڻهوءَ هينئڙو!

_

ڦٽڙا ٻار، اليليون، مرڪون موتين تل،

ڳل ڳل ڳاڙها گل، ڏاڙهونءَ ٽاريون انگڙا.

_

چنچل ناريون، چلوليون، روپي رنگ ونيون،

ڏسي سنگ سرير تي مجهان ٻاجهه ٻنيون،

پنهنجا تن تنيون، ڌارائن ٿيون ڌيئڙيون.

_

انگيءَ انگيءَ ڦاروان، ڏوران ڏيک ڏين،

ٿڻين ٿڙڪي ٻارڙا، ڍَوَ تي ڍُڪ پين،

منان دور نين، هرڪا ڪوجهي ڪامنا.

_

ماڻهوءَ منجهه مهان، سپنو هن سنسار جو،

جنهن کي ڳوليندو رهيو ازل کان امڪان،

آخر ٿي انسان رانول روپ پرائيو

_

ماڻهوءَ ساڻ مڻيا، هن سهڻي سنسار کي،

هونءَ ته ڦول ڦلار ۾، ناهن ڳاڻَ ڳڻيا،

پر مون وڌ وڻيا، ٿڻين ابهم ٻارڙا.

_

هي جي مک مٽول، کڙيا ڪنول وانگيان

سارا ڦڳڻ ڦول، مٽ نه تن جي مرڪ جي.

_

پاڻي، پرٽياڻيون، لهريون، پاڇا لوڏ ۾،

ٺونٺيون ڪسيون ڪنگڻن، لهريون اڏاڻيون،

رڻ جهڻ، رهاڻيون، نپوڙيندي ڪپڙا.

_

نپوڙيندي ڪپڙا، ٻانهون ٻر ٻر ڪن،

ڄڻ ڪو سج سرير ۾، لهسي منجهه لڱن،

آها! پورهيت تن، هڏ وڃي هيرا ٿيا.

_

هڏ وڃي هيرا ٿيا، پورهئي مٽ نه مور،

ساري رات سرور، پورهيو پگهر واسيو.

_

پورهئي پگهر تل، موتي ڪوبه نه ملڪ ۾،

هيءَ جا پگهر واسئين، ان جو مور نه مل،

ڄام انهيءَ ڏي ڄل، مهڪ ڇڪي ٿي منڌ جي!

_

اهڙي ڪابه نه ڪيچ ۾، ڄام انهيءَ ڏي ڄل!

هيءَ جا موتيءَ تل، پگهر منجهه پسي وئي.


¨ مانگهه جي اونداهيءَ تيرس تي شوراتڙي ٿيندي آهي ۽ سنڌو جي پاڻي ۾ پلو مرندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org