سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪپر ٿو ڪُن ڪري

صفحو :15

پيءُ جو بدلو

ابا! تنهنجو رت، اڀري آيو وات ۾،

ها، مون هاريو ڀت، جان تو ويري جيئرو.

_

هيءَ ڪهاڙيءَ ڌار، ڄڻ ڪا ڪَني سج جي!

ابا! تنهنجي رت جا، مون تي ڀاري بار،

تيسين ننڊ ميار، جان تو ويري جيئرو.

_

مون تي ننڊ ميار آ، ابا! مون سوڳنڌ،

جيسين مان ڪيرائيان، تنهنجي وپريءَ ڪنڌ،

مون نه پٿاريو هنڌ، هن سان ساڳيءَ ڀونءِ تي.

_

ابا! تنهنجي نانوَ سان، منهنجو اوچو ڳاٽ،

سورهيه! تنهنجي سچ جو، چوڌاري چمڪاٽ،

لکئي ساڻ لِلاٽُ، چمڪيو چوڏهينءَ چنڊ جان.

_

موت نه هر ڪو نانءُ ٿو واريءَ تي واري،

مڙس اهو جو مهل تي، مري يا ماري،

ڏري يا ڏاري، اُڀري ڏونگر ڏاڍ جا.

_

مان ڪئن لوءِ لڄائيان، تو نه لڄائي لوءِ،

ابا! توکان پوءِ، آهه ڪهاڙي ڪڇ ۾.

_

آءٌ، ڪهاڙي ڪڇ ۾، ۽ مون هي آٿت:

’رت کي ڌوئي رت، رت نه ڌوپي نير سان.‘

_ _

ڪراچيءَ جا ڪن

ڀڻ جهڻ ڪن ٿا رات جو، روز ڪراچيءَ ڪن،

ڪنڌيءَ ڪيڏي سن، ڪيڏو شور سمونڊ ۾!

 

چمنيءَ مٿان چند، موهي ماڻهوءَ هينئڙو،

سمي پيو سونهن سان، مل کان ٻاهر منڊ،

اندر جيئڻ جنڊ، پينهين پورهيت هڏڙا.

 

مزدورن مل ٻاهران، ڪئي جو هڙتال،

لٺيون وٺيون مينهن جان، ڪريا ڌرتيءَ لال،

ڪيا ڪجهه سوال، مون کي گهوري گورڪيءَ.

 

مون کي گهوري گورڪيءَ، ڪئي ڪجهه هئن بات،

”بک ڏئي ويا باک کي، ڪيئي ڏاها ڏات،

”ڪي ڪي چمڪيا سج جان، ڪٽي ڪاري رات،

”پر جن کاڌي مات، جرڪيا جڳ جي جيت ۾“.

 

”جرڪين جڳ جي جيت ۾، اهڙي ڪائي بات!

”ڏک ورهائي ڏيهه سان، تنهنجي ڏکي ڏات،

”ٻي سڀ جيت به مات، چارڻ تنهنجي چنگ جي.“

 

آءٌ اوهان سان آهيان، دکي انسانو!

جيسين ڊهي ڍير ٿي، ظالم زمانو،

ڪونڌر ڪسانو، پيڙهيون پيڙيل پورهيتو!

 

آءٌ اوهان سان  آهيان، راڳي رتوڇاڻ،

آهي اوهان ڪاڻ، مون کي ڪلهي ڪينرو،

 

آءٌ اوهان سان آهيان، جيسين ٿئي جيت،

هان، هي منهجا گيت، منهنجو پگهر پورهيو!

_

اکيون ڳاڙهيون ڄؤرجان، سوچي ٿو ڪجهه سيٺ،

ڇا ٿو ڏسي هيٺ، وسڪيءَ وچ گلاس ۾؟

 

وسڪيءَ وچ گلاس ۾، سٽو، ساٽو، ريس،

هُري ٿو هاتار ۾، بيرو باندر ويس،

بيٺو چئي کيس، ’سوڍا گهرجي سيٺ جي؟‘

 

وسڪيءَ وچ گلاس ۾، ڪاري ناڻي ڍير،

ڪوڙا ڪيس، عدالتون، واپارين سان وير،

وڍيءَ آڇَ، انڌير، ڍڍيءَ نوٽن ڳوٿريون.

 

وسڪيءَ وچ گلاس ۾، ڪائي، سندر تار،

آئي هن جي ڪار ۾، بيهي وچ بزار،

’چئبا سوَ ٻه چار، پنجين سودو ٺاهبو.“.

 

وسڪيءَ وچ گلاس ۾، ڪٿي ڪاٺياواڙ!

اتر اکين نير سان، لهو لهو لاڙ،

ماڙي اڀ نراڙ، پنهنجي هڏن ڍير تي!

_

ڪُتي ڪِلائيو کي، هيءَ نه هئي ڪر،

ڇڏي ويندو ايترا پيڙهي لئه پونير،

لوسي، کارڙ، کر، جي ڀاڳين تي ڀؤنڪندا.

 

اٿ اي ڪتا نيپئر، پنهنجا پونير ڏس!

گورا توتي جس، ڪارا ڄڻيئه ڪيترا!

 

جي هو ڪاڻيٺا ڪڍي، جي هن ۾ گرکڻ،

ڪُتي چئجي هيترو، اهڙو ڪو ڇڙٻڻ!

”آفيسر هئين ڄڻ، ڪُتا اڳينءَ جوڻ ۾!“

 

بابو بندر روڊ تي، سانجهيءَ وير هشام،

اينگهي ٿي انگريز جي، اڃا تائين ٽرام!

جهرمر جهرمر شام، ماڻهوءَ پاڇا موت جا.

 

جهرمر جهرمر شام، ماڻهوءَ پاڇا موت جا،

اِندُرَ پري ايلفي، لنبي ٽانگر لام،

ڏسن روز هشام، شيشا هر شو ڪيس جا.

 

اونهي اوندهه لحد جي، اندر ماڻهوءَ هانوَ،

ٻاهر ناتا، نانو، جڙ نه ڪائي جيءَ جي.

جهرمر جهرمر شهر ۾، ڪيڏو انڌوڪار!

ڄڻ ڪو زنده لاش آ، ڳڀرو، ٻڍو، ٻار،

ٻاهر ٺٺ هزار، ڀڳل ٺڪر هينئڙا!

 

جهرمر جهرمر شهر ۾، پرجهي پيڙ نهار،

اوندهه آهه آپار، جيڏا هرڪنهن جيءَ ۾!

 

ماڻهو پاڇا موت جا، جهرمر ريسٽوران،

اڳ نه مون اهڙا ڏٺا، اجايا انسان،

نسورا نادان، پيڙ لنوائن پيهه ۾.

 

ڀٽڪن ٿا سڀ  ڀيڙ ۾، اڪيلا انسان،

جڙون ڪپي جيءَ جون، نسورا نادان،

تکو اچ طوفان، ڪک اڏامن واءُ ۾!

 

جڙون پنهنجي جيءَ جون، ڪپي آيا پاڻ،

ٻاهر جهرمر بنگلا، اندر ڀينگا ڀاڻ،

مدائيءَ جا ماڻ، نوڪر چاڪر موٽرون.

 

وهاڻيءَ پرڀات ۾، جهرمر جهرمر شهر،

اڃا ڪيڏو زهر، اوتي پيو اوت ۾!

 

ووءِ ڪراچي ڪامڻي، تنهنجو سهج سڀاءُ!

ڏيندي بيک کڄي وئينءَ، پيئه ڪونه سماءُ،

مونکي تنهجو گهاءُ، جٽائوءَ جئن جيءَ ۾!

 

ڊيزل دونهون بس جو، چنڊ، ڪراچيءَ رات،

رڪشا روڪي ويشيا، سوچي گاهڪ گهات،

ڪئفي. . . شاعر. . . بات. . . ڪافيءَ ڪوپ، مشاعرو.

 

ڪالهه عمر خيام چيو، تڪيندي تارن،

”ماڻهو سڀ کيڏاوڻا، نوڙي نٽ هٿن“

هونءَ ته ان تي ڀروسو، شايد ئي ڪي ڪن،

جيسين هيل ڏسن، شاعر منهنجي ملڪ جا!

 

هو غالب جو هم وطن، وٺي ڏيڍ هزار،

ويٺو وچ مشاعري، جهونو نمڪ خوار،

ڏس ڪيڏي بيداد ۾، داد گهري ٿو يار!

آءٌ، ڀٽائيءَ يار، ڪاريون راتيون قيد جون!

آءٌ ڀٽائيءَ يار، ڪاريون راتيون قيد جون،

جن ۾ سپنا سنڌ جا، وايون ميگهه ملار،

ڪيان ڪوهه شمار، مون کي ملهه ملي چڪو!

 

سپنو ساڀيا ٿي وڃي، اهڙو ڪوئي مُل!

پٺيان ڄڃ مَ ڄُل، ڏات! ڪڏهن تون ڏيهه ۾.

_

چڙيا گهر جي چؤنڪ تي، پڃري ۾ چيتو،

ڪڏهن جاچي ٿو، پيڙا هن جي پنڌ ۾؟

 

ڀڃي پنهنجي ڀت، واڳو منگهي پير جا،

ڄڻ ڪا آيا هت، وڏا وات پٽي ڪري.

 

ڏس ميلي ۾ ڦوڪڻا، اڏري ڦاٽا نيٺ:

سمجهين ٿو اي سيٺ، ڳهلا منهنجي ڳالهه کي؟

 

سوشلزم اسلام ۾، زم زم ۾ وُڊڪا،

ملان ڇڏ اُڊڪا، دارون آهي دين جو.

 

ڪافي گهر ۾ ڪيترا، لينن وادي لوڪ،

روز ڪراچيءَ ڪنڊ ۾، اردوءَ ۾ ڪن ٻوڪ،

ها، هو سڳر ٿوڪ، ڳاڙها ڳڀرو، سنڌ جا

روز پڙهن فينن، گيويرا ۽ ٽراٽسڪي،

ڳاڙهو پستڪ پي ويا، مائو تن جي من،

پو به نه تن جي ڪن، آهون دانهون سنڌ جون.

 

هو سڀ لينن واد جي، ڪفن ۾ ڪيڙا،

هو ڇا ڄاڻن، سنڌ جا آڌيءَ اوسيڙا؟

پيڙهين جي پيڙا، ڪوٽ ڪڙا ۽ مارويون!

_

ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا! تون ئي منهنجو خواب،

تون ئي آنهه جواب، صدين جي سوال جو.

 

آءٌ ڀٽائي ڀٽ تي، ڳاڙهو جهنڊو کوڙ!

جي چاهين ريٽو ٿيان، پنهنجو رت ولوڙ!

جايون اُتي جوڙ، جتي جڙون جيءَ جون!

_

ٽڪر ڀرسان ٽڪري، جوئا جي آهي

کيڏو ويٺا مورکو! ڄاڻ اوهان ناهي،

لاوا ٿي ٺاهي، جوالا پنهنجي جيءَ ۾.

_

آهه جوالا جوءِ ۾، هي جوئا خانو،

کٽو، کيڏو، خوش ٿيو، انڌا انسانو،

جيسين نادانو، لاوا ڦاٽي ڦاٽ سان!

 

اُڀري ايندا اوچتو، هو ڌرتيءَ جا لال،

آءٌ ڏسان ٿو ڀونءِ تي، ايندا جي ڀونچال،

ماڻهو مڏيون، مال، ڊاهي هڻندا ڍير ۾.

 

آءٌ ڏسان ٿو ڀونءِ تي، اڄ به سو انسان،

اُڀري ايندو باک سان، جيڪو سج سمان،

ناهي تِرُ به گمان، ڳهلا انهيءَ ڳالهه ۾


[1]  گورڪي _ روس جو انقلابي ڪهاڻي نويس.

[2]  جٽائو: اهو ساهوارو، جو سيتا کي بچائڻ لاءِ راوڻ سان وڙهندي گهائجي پيو هو.

[3]  مالعبت گاليم و فلڪ لعبت باز (خيام)

[4]  فينن: مشهور انقلابي مفڪر، ’فرانسز فينن‘، جنهن کي الجيريا جي آزاديءَ جي جنگ نهايت متاثر ڪيو، ۽ هو جنگ هلندي 1961ع ۾ مري ويو. هن لاءِ سارتري چيو آهي ته “آمريڪا، ايشيا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ٽين دنيا، فينن جي آواز جي ذريعي پنهنجو اظهار پائي ٿي.“

[5]  گيويرا: ڪيوبا جو انقلابي رهنما، جو عالمي انقلاب لاءِ وڙهندي ’بوليويا‘ ۾ ماريو ويو. هن جو ڪتاب (Bolivian Diary) ۽ تقريرون ۽ بيان، ڪراچيءَ جا نام نهاد مهاجر ترقي پسند اڄڪلهه دلچسپيءَ سان پڙهڻ ٿا.

[6]  ٽراٽسڪي: لينن جو انقلابي دوست، مفڪر، مقرر ۽ تاريخ نويس، جنهن کي دائمي انقلاب جي نظرئي (Theory of Permanent Revolutioan) سبب اسٽالن جلاوطن ڪيو، ۽ جو پوءِ ميڪسيڪو ۾ قتل ڪيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org