سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سچل سرمست جو سنڌي ڪلام

صفحو :4

بِسم الله الرّحمٰن الرّ َحِيم

 

داستان پهريون

سسئي

 

(1)

ناهي ويچاريءَ وَسُ، جو ڪَري ماٺ پَئِي رَهي؛

ڪَنهِين ڇَن نه ڇڏيوم، سندو گورَنِ گَسُ؛

ڏونگر منجهان ڏَسُ، پوندم هوت پنهونءَ جو.

 

(2)

وَيُم لالَنُ لوءِ، هِيءَ اَڻاسِي ننڊ ۾؛

ڀُليءَ هيئن نه ڀانئيو، پيو پر وڙڻُ پوءِ؛

هوتُ وَٽِم جي هوءِ، تا سُک گُذاريون ڏينهڙا.

 

(3)

منهن ڏيئي آيام، جبل جهاڳڻ ڪيچ جا؛

طعنا تهمتَ لوڪ جا، سِر چَڱا چايام؛

ڀَت ڀَليءَ ڀايام، سِهرا سُور پريَنِ جا.

(4)

هيءَ نِماڻِي نال، سنگت نِجو ساٿيو!

ايندي پُٺيءَ اُن جي، جيهي تيهي حال؛

هِن ڳوليندڙ جي ڳالهه، ڪا هئي هوتياڻِنِ ۾؟

 

 

(5)

رُئڻ زار و زار، راتو ڏينهان آهه مون؛

کوڙي ڪان قريبُ ويو، هِنيڙي مَنجهه هزار؛

هن گوليءَ جي گُفتار، ڪا ٻُڌيَوَ ٻاروچن ۾؟

وڃڻ ذوق ضرور، هِن ڪاهِل آهي ڪيچ ڏي؛

ڏسان شال اکين سان، هوتاڻو حُضُور؛

منهنجو ڪو مَذڪور، ٻُڌوَ ٻاروچن ۾؟

 

(7)

سرتيون سڪ سبيل، اَندر منجهه عجيب جِي؛

راتو ڏينهان ٿي ڪريان، زاريون منجهان زِيلَ؛

هن ڪمينيءَ قِيلَ، ڪا هئي هوتياڻن ۾؟

 

(8)

ڀَرين ڏيئي پور، ويا ويچاريءَ کي؛

تنهن دنيا جو دُور ڪيو، سڀو شوق شعور؛

هن مُئيءَ جو مذڪور، ڪو ٻُڌوَ ٻاروچن ۾؟

 

 

 

(9)

ريءَ ڪر تنهن گولي، آهيان آرياڻيءَ جي؛

جو ڏنائون ڏِيل کي، سو جهليم ۾ جهولي؛

هن ٻانهيءَ جي ٻولي، ڪا ٻُڌيوَ ٻاروچن ۾؟

 

(10)

ساريون پڇي ساٿَ، سنديون ڪيچن خبرون؛

هيڏي اچڻ جي هئي، ڪيچَيڙن کي ڪا ته؛

منهنجي ڀي مَصلحات، ڪا ٻُڌيَوَ ٻاروچن ۾؟

 

(11)

لَڪين ڏيئي لَت، پاڻ ئي ڪريان پڌرو؛

سارو وندر وُوڙيان، جيڏيون ڪارڻ جت؛

منهنجي ڪا مَصلِحَتَ، هُئي هوتياڻِن ۾؟

 

(12)

ڪري ساٿ سوال، ته ڪيچن جي ڪا ڪَل ڏيو؛

جا ڇڏيائون ڇَپرين، موٽڻ تنهن مجال؛

هَي هَي آرياڻيءَ ري، ههڙا ٿيڙم حال؛

سندي هِن سنڀال، ڪا هئي هوتياڻِن ۾؟

 

(13)

راتو ڏينهان رَت، اوتڻ آيم اُن ري؛

آيل عشق عليل ۾، شال نه پوي قَطُ؛

جبل سڀ جهاڳي وڃي، جيڏيون ڏسان جَتُ؛

هِن مُئيءَ جو مَتُ، پوي مذڪور پِرين ۾.

 

(14)

اَثر ڪيو اَفسوس، مُئيءَ جي مِرُن کي؛

جُودَ تنهين جي جوش، سارو روح رتيون ڪيو.

 

(15)

گوندر گذاريام، سي تان ڀلا ڏينهڙا؛

سڀڪنهن ساعت سپرين، ٿي صحي ساريام؛

هي ڪشالا ڪاريام، ساعت هڪ سمهڻ جي.

 

ڪافي 1

ڏونگر آهي ني ڏَسُ، ميان، هاريون منهنجي هوت جو.

هلان ته هلڻ نه ٿئي، ناهه ويچاريءَ جو وَس؛

راتيون رهڻ روهَه ۾، ڪاڪِيون آهي ڪس؛

ڪِيَڙو عشق عجيب جي، هنيڙي منجهه هَنبَسُ؛

آهي عجيبن جي، ”سچو“ سِڪ سَرس.

 

ڪافي 2

منهنجو پانڌيڙا پِرينءَ کي، ڏيج هي نياپو -

ڏيئي باهه ڀنڀور کي، هيءَ ڪيچ ڪندي ڪاپو؛

اَصل لاڪُون آهي، منهنجو ساڻن سياپو؛

آهي اوهان جو سپرين، هن ڇوريءَ تي چاپو؛

منهجو محبوبن کي پيو ڏيج نه ڏورايو؛

سدا آهين ”سچوءَ“ کي، تون جيءَ جو جياپو.

ڪافي 3

پري ٿين نه شال، پرين پاڙيچا پرڏيهي!

ساڻن ٿين نه سنگتي، هَي هَي ههڙي حال،

جَتن ڪِيڙم جيڏيون، جتن سان مون جال،

دوستن بنا ديس ۾، جيئڻ منجهه جنجال،

ڪنهن در ڏيان دانهڙي، هو جي ڪُهي ويڙم ڪال،

ڪوڙين ڪَيَڙم ڪيترا، اُنهن ڪاڻ ڪشال،

سي ئي ”سچوءَ“ آئيا، جن لَڳ وجهايم فال.

 

ڪافي 4

ڀينر هي ڀنڀور، اَسين ڇڏي وينداسون!

وس نه آهيان پانهنجي، ڀلو ميان، پورن ڪِيڙَو  پور،

- هِت رتي نه رهنداسون.

جاءِ عقل جي ناهه ڪا، ڀلو ميان، عشق ڏيکاريو هت زور،

- اُهي وٺي وينداسون.

پورهيو ڪَنديَس پِرَ جو، ڀلو ميان، ڇَڏي ٻيو تَڪ تورُ،

- اَسين جا ڪِي جِينداسون.

ڪاڪِيُون وَڃي ڪيچَ ۾، ڀلو ميان، لاهي هِنئين جو هورُ،

- ڏُکَ ڏوراپا ڏينداسوُن.

”سَچو“ ڏٺي سَڄَڻَن، ڀلو ميان، شوقَ مَچايو شورُ،

- تَن جي پکي پَهنداسُون.

 

ڪافي 5

آهي ويچاري ڪا وَس، ميان، توکي معلوم مِڙيوئي!

ويٺِي آهيان واٽ تي، گولِي ڪَجو گسَ، ميان.

سارو وِندرُ ووڙيان، ڏاها تُنهِنجي ڏَس، ميان.

ماڻهو شهَر ڀنڀور، رُوح نه اَچَن رَسِ، ميان.

”سَچو“ پوءِ پِرينَ کؤن، آهي ڀَنڀوران بَسِ، ميان.

 

ڪافي 6

ڳوٺ ساري جون ڳليون ڳَلِيوُن، وو، نِتُ ڏِسَڻ مون کي آئيون.

رَت روئڻ کون اُهي اَکَڙيُون، ڪين سي جهَلجَن جَهليون جَهليون.

ڪيچئَڙيون جوُن وَري قَطارُون، هيڏي ٻُڌيونسين هَلِيون هَلِيون.

سي نه وسرَن ڳالهيون اُهي، يارَ سَڄَڻ جي تو سَلِيون  سَلِيون.

چاڙهيئي اَسان تي دردَ فِراقَ جون، ڇُوهه ڏاڍي مَؤن ڇَلِيون ڇَلِيون.

روز اَزل کَون ڪَيوَ ”سَچوءَ“ سان، يارَ ڀَلا، ڪيئِي ڀَلِيون ڀَلِيون.

 

ڪافي 7

هوت اچج هت هاڻين، پنهنجا ڏک ڏَسينديس، ميان.

دوست اوهانجِڙي آهيان، ميان، سائين لڳ سُڃاڻين،

ـــــ پاڻ گولِيَن گَڏينديس، ميان.

تون تان صاحب سُپرين، ميان، هيءَ نانءَ نماڻي،

ـــــ توکي سائين سڏينديس، ميان.

پَکا پَکن سامهان، ميان، آرياڻي مون آڻي،

ـــــ توکي اوڏا اڏينديس، ميان.

پَکا پَکن سامهان، ميان، آرياڻي مون آڻي،

ـــــ توکي اوڏا اڏينديس، ميان.

پُٺيءَ لڳس تانهنجي، ميان، حُبَ مَنجهوءن هوتياڻي،

ـــــ آءُ ڪا پندُ ڇڏينديس، ميان!

”سچو“ اُتي سپرين، ميان، پِنبڻن مان پاڻي،

ـــــ ڏک ڏوراپا ڏينديس، ميان

 

ڪافي 8

هوتَ پِرين هڪواري، مُون کي اچي مِل، ميان!

ڏونگر ڏورَڻُ مؤن نه ٿئي، ميان الا، آءُ اوري تون آري.

ڳچيءَ پائي ڪپڙو، ميان الا، زور ڪرينديس زاري.

جا اوهانجڙي ڪوٺجي، ميان الا، سا تو ڪيئَن وساري؟

هيجؤن کنيم سر تي، ميان الا، بارُ برهه جو باري.

ويٺي ڏسان واٽڙي، ميان الا، مونجهه اَوهان جي ماري.

”سچوءَ“ سندو سڄڻا، ميان الا، ٿيو فراقُ فراري.

 

ڪافي 9

آيَس آءُ ڪي اُوڏِي، جهاڳيا مون تان جبل جالَ!

جي مون وِسَهو جيڏيون، آهيان ڪيچِن جي آءُ ڪوڏِي.

حُبّ جنهن کي هوت جي درد نه ٻئي ڪَنهِن ڌوڏي.

ڪيئَن ڪريان آءُ ڪاڪيون، هوتُ منهنجو سو هوڏي.

دَردُ جنهين کي دوست جو، لَڪَن سَا نا لوڏِي.

سيڻن خاطر سُڻ ”سچو“ ڙي، گاهُه ڪَنديس ٻَڌي گوڏِي.

 

ڪافي 10

وِيَڙا جي وڻڪار، اڃا وري اينداسي!

ڪي ڏينهن پهچڻ ڪيچ ۾، قصد ڪندا ڪوهيار،

ـــــ اسين ڪاڏي نه وينداسي.

پوءِ منهن رکي جيڏيون، پاڻؤن ڄاڻِي هِن پار،

ـــــ اَسين ڪاڏي نه ٿينداسين.

آيا ڄاڻي سپرين جيءَ نِي پيڙو جار،

ـــــ نيهن نيبَهُه نينداسي.

هاڻي ”سچو“ مون کؤن وسري، ڪَتڻ واري ڪار،

ـــــ اسين جا ڪِي جينداسي.

 

ڪافي 11

اُهي ڪهڙي طرف ويام ، آءُ ڳوٺ رَهيِس سَڀ ڳولي!

عشق ته عاشق جا، ميان، اَڳهين ٿي ٻڌام،

- هاڻي ٽوليءَ مَون سو ٽولي.

ڪوڪان چڙهي ڪوهَه تي، ميان، ڪيچئَڙيون ڪيام،

- هاڻي ڇوليءَ مَون سو ڇولي.

ڏوريندي مون ڏونگرين، ميان، سرتيون سال ٿيام،

ــــــ هاڻي رمز لڌي مون رولي.

”سچلَ“ آءُ تان ناهيان، ميان، ساري سُڌ پِيام،

ـــــ اِتي پاڻ ٻاروچل ٻولي.

 

ڪافي 12

واٽ وندر جي ڪو ڏَسي، وو ڏَسي، مون کي جيڏيون!

سپريان جي ساٿ جا، آهيون سو عاشق اَسي وو اَسي.

سُڌ تنهن کي سُور جي، ڄام پنهون جا پَسي وو پَسي.

وهان ڪيئن ڀنڀور ۾، خانُ ويو دل کَسي وو کَسي.

پِريان سندي پار ڏَهون، مانَ ڪو رهبر رَسي وو رَسي.

هيڪند ٿيان جي هَوت سان، هينئَڙو منهنجو هَسي وو هَسي.

سِر ”سچوءَ“ جي سانوڻ وانگر، بِرهه جو بادل وسي وو  وَسي.

 

 

ڪافي 13

ناهه ويچاريءَ جو وس نِي، توکي معلوم مِڙيوئي، ميان!

آهي هِن ڪميڻيءَ کي ، ميان، ڏونگر سندو ڏَس نِي.

ڇڏي ڏونگر ڏاکڙو، ميان، ويڙهي اسان جي وَس، نِي

حالُ هِن جو هيڻو، ميان، پاڻ پنهون اَچي پَس، ني.

ٻاروچاڻي جاتِ ۾، ميان، تون سانول آهين سَرس، نِي.

 

ڪافي 14

مون وٽ هو مهمان ، ڀلو جيڏيون، اَڃا ڪالهه قافلو!

اَٿم اوٺارن جو، ميان، آيل ڙي اَرمان.

ڏئي ڏُکيءَ کي ويا، سورن جو سامان.

جتن سندِي جات لءِ، هَي هَي هيءَ حيران.

ڪندي وڃي ڪيچ ۾، هيءَ برهه جو به بيان.

 

ڪافي15

صدقي صدقي هي سِر، ميان، آهي ڪوهيارل تؤن صدقي!

ڪافَ ڪشالا ڪيچ جا، ظاهر ٻُجهَن ٿا زِرُ، ميان.

جبل گهايا جوش مؤن، گهائي ڪِيَڙُوَ گهِرُ، ميان.

محبت جي ميدان ۾، گهيڙ ڏسي وڃي گهِڙُ، ميان.

ويهڻ مون کي وِهُه ٿيو، ترسان هَڏِ نه تِرُ، ميان.

جيڏيون جانب جت لءِ ڀَئي ڀَئي وَتي هِيءَ بِرُ،ميان.

حبيباڻِي هنج ۾، ڪيِههَ ڪري وڃي ڪِرُ، ميان.

”سچو“ سچيءَ سڪ مَون، فاقو ڏسِي نا ڦِرُ، ميان.

 

 

ڪافي 16

يار توسان منهنجي زاري، آهي سَوَ لَک واري، ميان!

وندر جي وڻن ۾، واجهه وجهي ويچاري،

ـــــ سا تان محبت ماري.

هي تا حال حقير جو، اَچي ڏس آري،

ـــــ کَنيُم برهه باري.

اَزل لاڪُون آهي ئي، يار توسان منهنجي ياري،

ـــــ پاتم ڳچيءَ ڳاري.

سور تُنهنجا سپرين، چُڪِيءَ کي چوڌاري،

ـــــ وجهج گهوٽ نه گهاري.

آهي هَٿِ حبيب جي، ڳالهه ”سچوءَ“ جي ساري،

ـــــ ڪندا نِي پوئواري.

 

ڪافي 17

پورهيت پاڻيءَ ڍوئِي، خان ٻاروچا تُنهنجي!

حاضر خدمت اَچِي اوهان جي، حال چونديس روئي؛

ساٿي اسان جي سُڌ لهڻ لءِ، ڪڏهن نه مُڪو ڪوئي؛

قولُ ڪيو هوءِ هوت اسان سان، سائين پورو ڪر سوئي،

ڪيئَن وساري وهان اوهان کي، ڪَئِي تا ههڙي توئي؛

طوطي جي ڳچيءَ سَوَ سَلامن، ”سچوءَ“ مُڪا پُڻ پُوئي.

 

ڪافي 18

هوت ڏَهون هاڻي آيُون، امن ڏي خوشخبران جي!

اَچِي اڏيون اوڏڙيون، جاءِ تُنهِنجَڙيءَ جايون.

ڇڏي شهر ڀنڀور کي، پير وري ايڏنهن پايون.

ٿيون جِيارن جيڏيون، اِهي ويچاريءَ کي وايون.

”سچوءَ“ سَنديون دانهڙِيون، دوست وري ورنايون.

 

ڪافي 19

ڙي جيڏيون ، هاڻي هوت ويا جي، وو، سي موٽي مانَ اچن!

دعا ڪريجو جيڏيون، پَري نه هوتَ وڃن؛

سِگها موٽَن پوئتي، اچي ويڙهي هِن وسن؛

وڃي ڪيچ وڻن ۾، پورهيائِت پُڇَن؛

ڪيچي ڪميڻيءَ جي هُت، ڪَچي شال نه ڪَن؛

”سچو“ اَصلؤن آهي، سرتيون سَڱ سندن.

 

ڪافي 20

يارَ ساٿيو، ڙي ميان، يار پانڌيو ڙي ميان....

ڀلو ڙي ميان، ڪيچن جي، وو، ڪَلَ مون کي ڪائي ڏيجو.

هيءَ نماڻي، وو، وَر وڪاڻي ميان، نال نباهي نيجو.

ڪيم وساريو مُئي نه ماريو، ميان، ڇوري تان مَ ڇڏيجو.

ڏيو دلاَسا ڪڏهن ايندا، ميان، لوڪؤن تان نه لڏيجو.

آءُ اوهانجِڙي اصل آهيان، گولِي ساڻ گڏيجو.

جنهن ويلي، وو، هلو اِتاهون، ”سچو“ نانءُ سَڏيجو.

 

 

 

داستان ٻيو

سسئي

 

(1)

ڪوڙيين قرباني، ٿيان هوت پنهونءَ تان،

ساهه سِري صدقي ڪريان، سندن مهماني،

هي جوڀن جواني، ٿي اَجائي گذري.

 

(2)

جبل جالون جال، سو مون ڏورڻ نه ٿئي،

وڏا وڻ وڻڪار جا، ڪافن ڪوهَه ڪشال،

هي مون ڏسي حال، ٻاروچو ٻاجهه ڪري.

 

(3)

ٻاجهه ٻاروچا ڪر، مون ٿَرُ ٿيليو نه ٿي،

ويچاريءَ جي ور، ڪر بلوچا بَئبان ۾.

 

 

(4)

اَچج آري ڄام، ڪو مُنهن موڙهيءَ جو ڪرين،

مون کَؤن مير مُدامَ، هي ٿرٿيليو نه ٿئي.

 

(5)

آءُ تون پنهون يار، ڏسي حال حقير جو،

هن نماڻيءَ نِڪار، هي ٿر ٿيليو نه ٿئي.

 

(6)

هِن دم آري آءُ، ناهيم حال هلڻ جو،

*مون نماڻِيءَ کانءُ، جي ٿرٿيليو نه ٿئي.

 

(7)

ڏيهه سندو ٿيو ڏور، رهبر ٿيءُ رُڃُن ۾،

مون ويچاريءَ  مُور، هي ٿر ٿيليو نه ٿئي.

 

(8)

ڇپر تا مَ ڇڏين، آءُ هوتياڻي جَتَ ۾،

هن ڪميڻيءَ ڪَڏين، هي ٿر ٿيليو نه ٿئي.

 

(9)

جي هئي ڪميڻيءَ ڪَل، تا صبح ويندو ساٿڙو،

تان مون تنهن مهل، پُرزا پُرزا پاڻُ ڪيو.

 

 

(10)

هَٿان ويل ويام، ڪاڪِيون هاڻي ڪيئن ڪريان؟

ٿيلَڻ ٿَر ٿِيام، هاڻي هوتياڻِن لءِ.

 

(11)

هَي هَي ڪارڻ هوت، ڏونگر ڏورڻ آئيا،

ميان تائين موتَ، ووءِ ووءِ تان نه وساريان.

 

(12)

ووءِ ووءِ تان مَ وسار، متان ماٺ ڪري وهين،

ٿيو پَرُ تنهين پار، جاتي ٻيو ناهِي ڪي.

 

(13)

ڪيم وساري ويهُه، ووءِ ووءِ ڪر وندر ۾،

پڇڻ ڪارڻ پرينءَ جي، پاڙي پيهُه،

ڏيم ڌڻيءَ جو ڏيهه، حاصل ٿئي جت سين.

 

(14)

متان وهين ماٺ ۾، منجهه جلديءَ ڄُل،

هتي ويهه نه، هل تان ڪِي پڄين پنڌ کي.

 

(15)

ويهُه نه وساريج، متان ماٺ ڪري وهين،

قولُ اُهو پاڙيج، هو جو ڪِيڙئي هوت سان.

 

ڪافي 1

ويجها شال رهن، ميان، ڏور لايا جن ڏينهڙا!

سگها منهنجي سپرين، پکي مان پَهن،

وڏا طالع تَن جا، جَن جي راڄ رهن،

هِن منهنجي حال جي، سِگهَڙي سُڌ لهن،

طعنا ڏيو تَن جا، ڏاهيون سڀ ڏَهن،

”سچو“ صدقي تن تَؤن، جي ٿا ڪيچ ڪهن.

 

ڪافي2

ڙي جيڏيون ، آءُ تان ٻيو نه ڪندي،

منهنجو پيچ پنهل سان آهي!

آءُ جنهين جي آهيان، سو تان مِهَر نه لاهي!

ڪيو ڪميڻيءَ هوت سڄڻ سان، سڱُ سِياپو ساهي.

هٿ وڃي پَئِي هوت جي، وس نماڻيءَ ناهي.

سوال ”سچوءَ“ جو اهو آهي، نِينهُن سَندن نيباهي.

 

ڪافي3

هوندي سڀ پَرسائن ساڻ، جيڏيون،

هِيءَ پورهيو بَندي وڃي ڪيچ ڪندي.

ڪالهه ڪالهوڻي سپرين، اڃا مون وٽ مهمان.

لڳي ڪافَن ڪيچ جي، پُرزا ڪنديس پاڻ.

اُٺن اوٺارَن تَؤن، آءُ ڪاڪيون ڙي قربان.

هڻي ويَڙو نڪري، ٻاروچو مون ٻاڻ.

ويهڻ مون کي وِهُه ٿيو، چِيٽڪ ڪيڙس چاڻ.

”سچو“ سوز فراق جو، ڏئي ويَڙم ڏاڻ.

ڪافي 4

ڀينر هيئن نه ڀايون، ته هوتَ ڪندا هِهڙي!

عشق تا آتش جهڙو، لالن وڃن لايون.

ڏينديس ٻاروچن ريءَ، ڀنڀور کي باهيُون.

سَرتِن سُڌ نه سور جي، هي تَن وڃن ٿا تايُون.

ڏِئون ڏين ٿيون ڏِيلَ کي، سنديون جتن جايُون.

”سچو“ وڃن ساٿَڙو، چُپ چُپاتِيون چايُون.

 

ڪافي 5

آءُ اڱڻ منهنجي آري، توکي صاحب ساريان ٿي!

وندر جي نِي وڻن ۾،ميان اَلا ، هوتَ مِلِج هڪ واري،

ـــــ توکي گهڻو نهاريان ٿي.

پرين وَڙؤن، وو، پانهنجي، ميان الا، دوست ڏيو دلداري،

ـــــ سارو ڏينهن سَنڀاريان ٿي.

دوست اوهان جي، وو، درد سان ميان الا، ڳچيءَ پائي ڳاري؛

ــــــ سارو روهه رئاريان ٿي.

ڪڏهن ايندين، وو، تون پرين، ميان اَلا، ”سچوءَ“ ڪج ستاري،

ــــــ هت هنجون ني هاريان ٿي.

 

ڪافي 6

مون کي هوتن هاڻي، ڪوٺي پنهنجو ڪيو!

جَت گهڻا ٻيا جڳ ۾ سائين، منهنجو هوت آرياڻي،

ــــــ ڪنديس ڪونه ٻيو.

لکين بُڇن پرينءَ کي آءُ تا ڪير نماڻي،

ـــــ سندن نيهن ٿيو.

جيهِي تيهي در دوستن جي، عاشق هيءَ اگهاڻي،

ـــــ سارو ڪم ٿيو.

ڪيائون ڪناري پانهنجي، هيءَ تا پاڻون ڄائي،

ـــــ جڏو جيءُ جِيو.

پرين ڪيو پانهنجو، سچو سَڱُ سڃائي،

ـــــ وچؤن ورهُه ويو.

 

ڪافي7

پرين نه ڇڏج ٻئي پار، ساريو تنهنجيون ڳالهيون رُئان آءُ!

اَڱڻ آسَروندَ جي، والي ايندين ڪهڙي وار؟

ماري هِن مشتاق کي، ڪانڌ نه وڃ ڪوهيار.

آهين جنهن تون آسرو، سا ويچاري نه وسار.

نماڻيءَ جي نِجهُري، آءُ گهڙي هڪ گهار.

ڪيئي ”سچوءَ“ سان وعدا، سي پرور لءِ تون پار.

 

ڪافي 8

شال اوڏاهون ايندا، وٺي خاصيون خبران، خبران!

مون هن نماڻيءَ کي اڃا دلاسا ڏيندا،

پرين پاڻهين پاڻ سان، هيءَ گولِي گڏيندا.

محبت ڪڏهن ڪينڪي، هيءَ ڇَپَر ڇڏيندا،

جيڪي اڳيون پويون، بديون سڀ بخشيندا.

پَکا پَکن سامهون، آڻي اوڏا اَڏيندا،

ٻاجهه ڀريا ٻاجهه مؤن، ڪري ”سچو“ سڏيندا.

 

 

ڪافي 9

نٿي وڻي ڳالهه ڪا ٻي، ڙي جيڏيون، مون کي نٿي وڻي!

آءُ نه ڪنديس، وي، اهڙي، ڀلو ميان،

ڪيچن جا مون سان ڪي.

اَوهان مِڙن ۾، وي، مست جو ٿيڙس،

پيالو عشق جو پي.

اوهين مڙيئَي، وي. عقل واريون،

آءُ جو بيراڳڻ ٿي.

”سچوءَ“ پڄاڻا، وي، سپرين، ڀلو ميان،

ڪوه ڪنديس هِت ڪي.

 

ڪافي 10

اصل اسانجِڙو آهي، ننگ ٻاروچل توتي!

ڇڏڻ مناسب ناهي، ننگ ٻاروچل توتي!

هيءَ ڪنيزڪ ملهه خريدڻ، سڱ نٿي ڪو ساهي.

ذرڙو جنهن کي ذوق تنهنجي جو، ڇپر تنهن کي ڇاهي.

جيئن هلائين تيئن هلان ٿي، ڏور وڌي ٿو ڏاهي.

هيءَ پاڄاڻي پرين سان پرتيوَ، باب سنديو توڙي ناهي.

جيهي تيهي يار اوهان جي، ڇڏڻ لائق ناهي،

ٿرين برين يار ٿڪيءَ کي، رس ڪوهيارل ڪاهي.

ساهه ”سچوءَ“ جو درد تنهنجي ڏانهن، هَڏ نه آسرو لاهي.

 

 

 

 

ڪافي 11

حال هلڻ جو مون ناهي، آءُ تان ڪيچ پهچان ڪيئن؟

ناتو نماڻيءَ جو، اَصل توسان آهي،

- هيءَ هوت نه ڇڏج هيئن.

تون تان صاحب سپرين، سڱ نٿي ڪو ساهي،

- ڪر جاني وڻيئي جيئن.

پسي حال حقير جو، آءُ ڪوهيارل ڪاهي،

- ڪر ”سچو“ پنهنجي سيئن.

 

ڪافي 12

متان ڏوراپو ڪو ڏيو، ڙي ساٿيو!

هيءَ ڪنيزڪ مُلهه خريدڻ، ڪين هٿؤن مون ٿيو،

حرف اسان تي آهه اصل جو، وقت ويسرَ ۾ ويو.

پليء پائي مَديون، پيش پنهونءَ جي هي پيو.

”سچو“ ڪوٺي پانهنجو، پاڻ قريبن ڪيو.

 

ڪافي 13

اديون ڙي آهيان، ٻانهي سا ٻاروچن جي!

ڏکيا سکيا ڏينهڙا، شال لالن ساڻ لنگهايان.

هنيڙي کي هن جيڏيون، ڪهڙا سور سلايان.

وندر سنديءَ واٽ تي، چاهَؤن سِر چَلايان.

ويهان آءُ ڪيئن ويسلِي، ويندا ڇو نه ورايان.

ڪيهي پئي تان ڪيچ ڌڻن ڏي، ”سچو“ ميڙ سنڀايان!

 

 

ڪافي 14

ويهي آءُڪوهَ ڪندي، جيڏيون ڙي ڀنڀور ۾!

چونديس حال حبيب کي، ڳچيءَ پائي گَندي.

ڪُٺي سا ڪيڏي وڃي، جا برهه تنهنجي بندي.

جيهي تيهي حال آهيان، ”سچو“ صاحب سندي.

 

ڪافي 15

ڇڏي هوتَ حُجتّ، ميان ڙي، ٿيس آءُ نانءِ نماڻي!

اچي مون کي ڪينڪي، ڇڏي لوڪ لذت، ميان.

وڌو آهي مامري، مون کي تان محبت، ميان.

ويا نِڌر کان نڪري، اوٺِي رات اَچٽ، ميان.

سُورَ تُنهنجا سپرين، رُڳائِي راحَت، ميان.

مون کي ٿيلَڻ آئيا، بيرن سان بَربَت، ميان.

”سچو“ سِڪ اوهان جي، واڳيو ۾ وحدت، ميان.

 

ڪافي 16

ٻانهي ٻاروچل جي آهيان، وي آهيان!

پريان سندي پار ڏنهُن، آسرو هڏ نه لاهيان، وي لاهيان.

صورت وارا سپرين، آءُ نِماڻي ڇاهيان، وي ڇاهيان.

هوُ تان سائين، آءُ تان گولِي، سَڱُ نه ساڻن ساهيان، وي ساهيان.

ڏينهن لنگهيم هِت ڪيترا، ڪيچ وڻن ڏي ڪاهيان، وي ڪاهيان.

هُئڻ ”سچوءَ“ جو آهي تنهين سان، اُنهن ٻاجهون ناهيان، وي ناهيان.

ڪافي 17

ڙي جيڏيون هاڻي شال ٿئي، منهنجو پاڙو پرينءَ سان!

مان مُئِي تان گهورِي، جاني شال جِئي.

هِنَ تان پُورُ پِرائيو، هاريون هوتَ وِئي.

ٻاروچي ڪا ٻاجهه پَئي، هِيءَ تا نال نِئي.

سارو مطلب مون ٿِئو، پُٺِيءَ هوت پِئي.

شال ”سچوءَ“ کي سُپرين، ڏوراپو نه ڏئي.

 

ڪافي 18

آءُ ڪيچ ڪندي، وڃي پورهيو پِرينءَ سان، ڙي جيڏيون!

جيهِي تيهِي يارَ سڄڻ جي، چڱِي توڙي مَندي.

آءُ تَنِين جِي آهيان، بِرهَه جَنِين جِي بَندي.

چونديَس حالُ حبيب کي، ڳِچيءَ پاتي گندي.

اَڻ مُلِهه ٻانهي آهي، سَڀ کوء سائِن سندي.

”سچو“ ساريائي دلڙي، رَمز ٿئين جي رِندي.

 

ڪافي 19

ڙي جيڏيون، آءُ تان حالُ پُنهل سان ڪندي!

اصل لاڪون آهيان سائين، بَلوچاڻي بَندي.

وَسُ ناهم وارَ جو سائين، آهيان سائِن سَندي.

ڪَندي وِڃي ڪيچ ۾، دانهون سي دردمَندي.

سُڌ لهندا سي وري، بِرهَه جَنين جي نِي بَندي.

”سچو“ اَڳئؤن سڄڻين، ڳچيءَ پائي گَندي.

 

 

ڪافي 20

سارو ڏينهن روان ري، هيس جيڪي هوت پنهونءَ سان وعد.

ٻُڌڻ وارو ناهه ڪو، جنهن کي حال چوان، ري.

قاصد اچي ڪو اوڏاهون، پيرين تَنهن پَوان، ري.

ڏکايو تان ڏيل کي، اَديون اڄ اوهان، ري.

اُنهن ٻاجهون سَرتيون، نِت نِت سورَ نوان، ري.

ماريوُن محبوبن جي، طلب ناهي توهان، ري.

غرض نه رکجان لوڪ جو، هِڪُ سائين هُئڻ سُوان، ري.

”سچو“ ٻاجهون سوزَ جي، ٻيون لاتيون ڪين لَوان، ري.

 

داستان ٽيون

سسئي

 

(1)

ڏکن مَنجهان سُک، مُون تا لَڌا جيڏيون؛

ڏوريندي کي ڏُک، سُونهان ٿيڙا سَڄڻان.

 

(2)

هَن سَهانگا سُک، جي ساري عالم آئيا؛

ڏور مهانگا ڏک، جي ورتا وِرهه وارئين.

 

(3)

سينڌيون جي سُکن، تنين گوندر گهوريا،

ڏنم ڪاڻ ڏکن، هي سِرُ سارو سَٽِ ۾.

 

(4)

سُکيون ڪوه پُڇن، سنديون ڏکن خبران؟

سي هِن وهانءِ وڃن، ڏِيل ڏکايل جن جا.

(5)

ڏکيون پُڇن ڏک، سکيون پڇن سکڙا؛

هن کي حاصل جو ٿيو، جيڪي منجهان جُکَ؛

نيهن وارن جي نُکَ، لڳي لوريءَ وارئين.

 

(6)

گوندر ڪيئن گهوريان، جنهن ڪيَس سينڌي سڄڻين،

جان تِڪ پئي توريان، تان ڏک موچارا سُک کَؤن.

 

(7)

جي گوندر گوشِ نه ڪن، کُهه پيون سي سرتيون،

جَن سنگت ساڻ سُکن، سي پاڻؤن هوتَ پري ڪيون.

 

(8)

گوندر گهمي جي لهان، تان سُک سَوين ساڙيان؛

آءُ پُڻ ڪيئن پاڙيان، ڏک سکن سان سرتيون.

 

(9)

جنين گوندر گوشُ“ آءُ گهڻو تَنِ نهاريان؛

جال اُنهن ۾ جوش، سدا آهي سرتيون.

 

(10)

جي سارو پُڇان لوڪ، تا گوندر وارو نه لهان؛

ههڙو ڀَلو ٿوڪُ، ڪهين ڀاڳ پرائيو.

 

(11)

گوندر ڏينهن گذار، جان تون جئين جِندڙا،

سوئي عهد پار، جوئي ڪَيُي پرينءَ سان.

 

(12)

سُکن واريون سَوءَ، ڪا ڪا ورهُ وارئي؛

ترت انهيءَ کان تَوءَ، ڀڳيون آتڻ واريون.

 

(13)

آتڻ واريون آئيون، ٿيون آتَڻُ اُجارين؛

جي گوندر گذارين، آتَڻُ تن اُوَک ٿيو.

 

(14)

سارو لوڪ سُکن، پوءِ رهايو پرينءَ کؤن؛

ڏسو واهَ ڏکن، هوتُ وهاريو هنج ۾!

 

ڪافي 1

سرتيون منهنجو ساهه، هاڙهي سي هوت وٺي ويا!

ڪونه ڪميڻيءَ جو ٿئي، هاديءَ ري همراهه.

ڀينر شهر ڀنڀور ۾، آڻيندن الله.

هَنڌئُون جنهين هوت ويا، روئي چمان سو راهه.

پرڏيهي تي ناهه ڪو، وريتيون ويساهه.

آهي رفيق رُڃن ۾، سندو سوزِ سپاهه.

ناهيم ٻئي ڪنهن لوڪ جو، پاڙيجون پرواهه.

معاف ”سچوءَ“ کي سي ڪندا، جيڪو ڏوهه گناهه.

ڪافي 2

اَچي ڪونه ايڏاهون، ماڻهو شهر ڀنڀور ۾!

منهن ڪري اُنهينءَ پار ڏي، ميان، ويٺي ڪيم اَلاهُون.

ڏسي حال حقير جو، ميان، اَچن مانَ اَڳاهُون.

ڪو پَلُ پاڄائيءَ کؤن ، پَري ٿي نه پَراهُون.

ٿَر ٿَڪائي آهيان، ميان، پَکا اَڏج اوراهُون.

سُڻِي موٽ ”سچوءَ“ جون، ميان، آرياڻي آهُون.

 

ڪافي 3

وڻي ٻاروچي ٻولي، سدا تان ساهه منهنجي کي.

هُئي پناه ۾ يار سڄڻ جي، ٻاروچي جي ٽولِي.

ٻاروچاڻي ذات جي، گولن جي آهيان گولِي.

ڪاڪيون ويندس ڪيچ ڏي، ڏونگر ڀايان ڏولِي.

”سچو“ سامَ اُنهيءَ جي، آهيان عيبن اولِي.

 

ڪافي 4

ڪي ايندا، هيڏي ايندا، اَلو، وهنيان ٻاروچا؟

ساٿي مون کي سچ جؤ، دوست دلاسو ڪو ڏيندا؛

هوندا ڪي مون وٽ هميشه، وري ڪي پوئتي ويندا؛

هيڪَندَ شهر ڀنڀور ۾، ساڻ ٿَڪيءَ اچي ٿيندا؛

ٻاروچا سي ٻاجهه پَئِي، آءُ چَڱي ڪي چِيندا؛

سورَ ”سچوءَ“ جا سرتيون، نال پنهنجي ڪي نِيندا؟

 

 

 

ڪافي 5

اڙي جيڏيون، مون کي ڇوٿيون پِرينءَ ڏنهُن جهليو!

ويهان ڪيئن ڀنڀور ۾، جو روح اُنهن سان رليو.

ساڻُن ٿيندس سنگتي، جو هوت هاڙي ڏي هليو.

پِريان سندي پارَ ڏنهن، پاڙيچُون نا پَليو.

سڄڻ سارو پانهنجو، سِرّ  ”سچوءَ“ کي سَليو.

 

ڪافي 6

پانڌي، دلاسو ڏي مون، ايندا آرياڻي ڪي اوڏا!

آڌيءَ رات جو، وو، ڪيائون سانڀاهو، حال ڪيا تَن هي مون،

- ويا تا تِرڪي توڏا.

ڪيو قبول، وو، پنهونءَ ڪارڻ، ڏک سوين نِي سي مون،

- لَڪ ڏئي لک لوڏا.

محبت کؤن تان مُنهن نه موڙيان، پرزا ٿيان هِت جي مون،

- گَسي وڃن توڙي گوڏا.

سر تان صدقي، وو، آهه ”سچوءَ“ جو، ڪا ڪيون چَون هِت ڪي مون،

درد ڏيندو سو ڌوڏا.

 

ڪافي 7

آءُ وڃان تو تؤن گهوري گهوري، ميان!

ڏونگَر رهيس ڏاکڙا، تنهنجي ڪارڻ ڏوري ڏوري.

تو ٿڪائِي، وي، آهيان، اَچج آرياڻيءَ تون اوري اوري.

ڀلا هن ڀنڀور ۾، نه رهنديس توري توري.

مون کي وڌو مون پرين، جهڻڪ اوهانجڙيءَ جهوري جهوري.

”سچوءَ“ جو ني سُپرين، هنيڙو نيو هوري هوري.

ڪافي 8

ٻيو ڪَير حامي منهنجو ٿيندو، لَکي ٻاروچَلَ ٻاجهون!

دردمنديءَ جي دل انهيءَ کي، پاڻؤن دلاسو ڏيندو.

ڪين ڇڏيندو ڇپرين، سوئي نال نِماڻِي نيندو.

اَکڙين سان سَڀيئي ڏسنديون، اَڱڻ آرياڻيءَ سو ايندو.

پاڻ پنهنجو يار پيارل، ساڻ غريبِ گڏيندو.

ڏنگاين ڏي ڪين ڏسندو، بديون تان بخشيندو.

مِهَر پنهنجيءَ ساڻ ڪنهن ڏهاڙي، ”سچو“ سو نانءُ سَڏيندو.

 

ڪافي 9

آءُ ويندي پُنهل جي پار، ميان، ٿَڪيِس ڪِين ٿَرن ۾!

مون مَن گڏي گوندرين، ڪيچي ٿِيمَ قرار.

ذات جتن جي جيڏيون، جيءُ وڌو آهي جار.

ڪندي وڃي ڪيچ ڏي، ڪنِيزاڻِي ڪار.

آهي ڪاڻ قريب جي، وڃڻ مون وڻڪار.

پُرڻ اٿم پنڌ ۾، دوست پُٺِيءَ درڪار.

سارو ڪم ”سچوءَ“ جو آهي، اُنهن جي اِختيار.

 

ڪافي 10

اڄ اهو ساڳِي مون سڃاتو آهي، ٻَڙيون، ٻاروچو!

اصل لاڪُون آهي اُنهن سان، هن نماڻيءَ جو ناتو.

اچي ڏٺم اوچتو، پيچُ جَنهن مُون سان پاتو.

ڦِريس ڦيريدار جان، ڄاڻ نه مون هيئن ڄاتو.

لٿو لحظي هڪ ۾، اديون ڙي اوراتو.

صدقو ”سچو“ تَنهِن اُتون، عشق جنَهِن سان تو لاتو.

ڪافي 11

وڃي ڏيهه پرين، ڙي ساٿيو، منهنجو ڏيجو سنيهو!

اوهان ٻاجهون سُپرين، ڏکيا ڏينهن لنگهن.

ويٺا ڏسون واٽَڙيُون، اڱڻ مانَ اچن.

ڪونه ورندي ٿو ڏئي، وندر جي ڀي وڃن.

ڏکيا اُهي ڏينهڙا، جي پاسي کان پِرين.

ڀينر شهر ڀنڀور ۾، شال ڀيرو ڪن.

ويچاريءَ نه وساريو، جا لڳي ساڻ لَڪن.

جيهو تيهو آهي ئي، ”سچو“ سگ سندن.

 

ڪافي 12

ڪيچن جي ڪَڍِ ڪاهِ متان ويهين کِين وساري!

ڏسندينءَ ڏونگر چوٽِئين، بَلوچاڻي باه.

ڦولج پاڻ فقير ٿي، وندر جي وڻراه.

ساري شهر ڀنڀور جا، لاڳاپا سڀ لاهِ.

متان ويهين ماٺ ڪري، ڏونگر ڏورج ڏاهِ.

عرض وڃي ڪر روبرو، ٻيا ساٿي ڪِيم سَنڀاهِ.

ٻانهي ٿج ٻروچ جي، ڪو تون سَڱُ نه ساهِ.

روح رهي هِت هوت ريءَ، ”سچو“ ڪنهن نه صلاح.

 

ڪافي 13

ٻيو ڪير پڇي ٿو حال منهنجو، خان ٻاروچل ٻاجهون!

تو ريءَ آهيان يار سڄڻ، ميان اُداسي اَهنجو.

جَنهن ڪَنهن سان پيچ پاتوسين، غرض رکي سو نه ڪنهن جو.

خيال اسان ڏي آهي جنهن جو، آءُ ڀِي سو آهيان تنهنجو.

اَسان ڄاتو صحيح سُڃاتو، عاشق آهين توُن اَسان جو.

درؤن پيهِي پاڻ پُڇندو، آهين ”سچو“ توُن ڪِي سَهنجو.

 

ڪافي 14

اَکَڙيُن اِسرارُ، مون کي ڪوجو ڪيو، ميان!

اُنهن تان ڏيکاريو، ڪاڪيون ڙي ڪوهيار.

تِنهِين ڏهاڙي ڪيو، بِرهَه بي اختيار.

ڏونگر ٿو ڏورائي، چشمن جو چمڪار.

نازنيڻن جو سَرتيون، ووڙائي وڻڪار.

سوز سڄڻ جو سَرتيون، ”سچوءَ“ کي سينگار.

 

ڪافي 15

يار پُنهلَ پيغامي، ڪڏهن مُڪو ڪونه مون ڏي!

روز اَزل کَؤن يارَ  اوهان کي، منهنجو ساهه سلامِي.

اَوهين نه ايندؤ، اَسين اينداسي، اِها اَسان جي اَنجامي.

پِرين ڏسجو وَڙَ پنهنجي ڏي، آهن عيب اسان ۾.

جان جُٽِي، جان ڪِي، ٿيندي نه طلب تمامي.

ڳالهيون اوهان جون ٻارڻُ ٻارن، وينديون سي ڪين وسامي.

ڏيئِي اسان کي ڦَٽ فراق جا، ٿئين تون يار آرامي.

دَرَ اوهان جِي يارَ ”سچوءَ“ تان، مَڃِي آهي غلامي.

 

ڪافي 16

پوءِ هت ڪيئن ڪندي، ٻاجهون يار جي آءُ!

پيرين پَوندي پِرينءَ جي، ڳچيءَ پائي گَندي.

وُهي ٿي واڪا ڪيون، نيڻن مَنجهَؤن نَي.

سڀ پَر سَنديَن آهيان، چَڱي توڙي مَندي.

دل ”سچوءَ“ جي سرتيون، بِرهَه تَهِين جِي بندي.

 

ڪافي 17

آءُ وري تون تان ويهُه، سڄڻ آءُ تان تنهنجڙي آهيان!

آهون عاشق جون سُڻي، ڇڏ پرين پَرڏيهُه.

پکي پاڇيائين جي ميان، آءُ پرين تون پيهُه.

اَصل لاڪون آهي ئي، هِي ڏاها تنهنجڙو ڏيهه.

”سچو“ جو ئي سپرين، آءُ ساري ساڻيهه.

 

ڪافي 18

گولن جي آءُ گولِي، خان ٻاروچا تنهنجي!

آءُ نه ڪنديس ڪڏهين، ٻانهپ ريءَ ٻولِي.

سُڌ اچي لهه سِگهَڙي، آهيان سا عين اونِي.

هِن ڏُهارڻ جهڙي ڪا، لهندين ڳوٺن مون مس ڳولِي.

نانءُ سائينءَ جي يار سڄڻ ڙي، ڪر ”سچوءَ“ سان سولِي.

 

ڪافي 19

ساٿ سلامت آيو، پکي ٻاروچل جو.

ڏينهن فراق جا لنگهيا اسان تؤن، واليءَ ورق ورايو.

وَڙَ پنهنجي ڏي پاڻ ڏٺائون، ويڙهو هي يار وسايو.

ميرا لاهي اڇا ڪيا سي، هوتن تان نينهن نباهيو.

ڏيو مبارڪون سڀئي ”سچوءَ“ کي، جو سورن اڄ سِڌايو.

 

 

 

داستان چوٿون

سسئي

 

(1)

مَتان وسارين، ووءِ ڪَر وندرَ ۾؛

جي گوندر گذارين، سي تو چڱا ڏينهرا.

 

(2)

چڱو گوندر غَمُ، جي مون پڇو جيڏيون؛

مَنجهه ڪشالي ڪَمُ، آهي وِرهَه وارئين.

 

(3)

گوندر آهي غَرضُ، جي مُون سُڻو سَرتيون؛

فنا سڀ فَرضُ، ڪري سو سُنَّتَ سين.

 

(4)

گوندر جن گُذاريو، ڪاٿَؤن سي لَهان؟

هڪڙي رات رهان، وڃي وِرِهه وارئين

(5)

گوندر جَن گُذاريو، ڪاٿَؤن لهان سي؟

حال پنهنجو هي، وڃي ڏَسيان ڏکَن وارئين.

 

(6)

گوندر جن گذاريو، آءُ تَنِين گولي؛

هِنيَڙي ۾ هولي، هوندي ڏکن وارئين.

 

(7)

گوندر جن گذاريو، سُورَ پُڇَن سي ئي؛

پِرهه جِي پيِئي، تَنين مَٿي ماٽَڙي.

 

(8)

گوندر جن گذاريو، پيهي سي پُڇان؛

اُنهن لَڳ لُڇان، گهڻو آءُ اُٻاڻِڪِي.

 

(9)

گوندر جن گذاريو، آءُ پکي تن پيهِي؛

وٽانئُن ويهي، وٺان واسُ وِرِهه جو.

 

(10)

گوندر جن گذاريو، آءُ تِنين گهوري؛

سدا مون جهوري، آهي ورهه وارئين.

 

 

(11)

گوندر جن گذاريو، مُنهن تَنِين مَشعلَ،

ڪا مون پوي ڪِلّ، اُنهن جي افسوس جي.

 

(12)

گوندر جن گذاريو، مُنهن تَنِين مَهتاب،

سنديون نيهَن نواب، آهن ورهه واريون.

 

ڪافي 1

آڏو مانَ اَچن، وو، ڏسي منهنجو حال - ڀَلو!

هو جي ڪيڙم ڪاف ۾، ڪاڪِيون، تان رهبر واٽ رسن.

خبران ڏکن سنديون، اڳيون پاڻ پڇن.

ٻاروچان ٻاجهه پئي، چڱي آءُ چون.

پنڌَ ڪريندي پرينءَ ڏي، مَرُ پُرزا پيرَ ٿين.

”سچو“ پنهنجي ساٿ سان، نماڻي به نِينَ.

 

ڪافي 2

آءُ ٻانِهِين جي سا ٻانهي، آهيان عيبدار، ميان!

عمر سڄيائي ڪوڙ ڪمايَم، بخش اُهو مون کي جاني.

روز اَزل کؤن اَبد تائين، آهي ڳچيءَ منهنجي ڳاني.

ڏوهه ڏنگايون ڏس نه منهنجيون، محب ڪرين مهرباني.

ڪيئن ”سچوءَ“ جي دل سا دلبر، دوست ڪَيَو ديواني.

 

 

 

ڪافي 3

مون کي نال نئين، ني، اِهو ڪيچِيَڙن جو قافلو، ميان!

اَڱڻ شال، نِي، اهو سپرينءَ جو ساٿڙو،ميان!

پٺيءَ هوت پنهونءَ جي، ميان، هلڻ سان هنئين، ني.

پُڄاڻان پرين جي، ميان، جِند ڪيئن جيئين، نِي.

وڏي ٻاجهه ٻروچ کي، ميان، اُتي چوَن اِئين، نِي.

”سچو“ چون سُڌير ٿي، ڀلو، پوندي مَهِر مِئين، ني.

 

ڪافي 4

مانَ اچن اُهي ڪائُون، مُئي ويا جي ماري!

سپريان ريءَ سرتيون، آهيان اُٻاڻي آئُون،

ــــــ ويهان سي ڪيئن وساري.

پِرين ڏِس، وو، پاڻ ڏي، ميان، آهيان ڏهارڻ آئون،

ـــــ نِيندا سي نال قطاري.

اچي اسان وٽ سپرين، ميان، اديون ري شال اُوڏاهون،

ـــــ مانَ ڪو ڏينهن گذاري.

آيا قاصد ڪيچ جا، ميان، ائين سو مون کي اُتائون،

ـــــ يارُ سڄڻ توکي ساري.

آڌيءَ رات اُٿي ڪري، ميان، جَتَ ويا هُئم جائون،

ـــــ تائون سا نِتُ نهاري.

هاري تو سان هوءِ جي، ميان، ڪي جي قول ڪيائون،

ـــــ پرين اُهي سڀ پاري.

ويهين  وساري وو اِنهين، هيءَ نِڪار چيَائون،

ـــــ ”سچو“ دوست سنِڀاري.

 

ڪافي 5

ڏاڍو جدائيءَ جَلُ، ميان، ووءِ، ووءِ، ووءِ،

ـــــ مون وٽَئُون هوتَ مَ هَلُ.

اَچي ويهُه اَکِن ۾، پاسي ٿيءُ نه پَلُ.

ڪيچ وڻن ڪم ڪهڙو، ڳالهه سانول اِها مَلُ.

مئي کان منهنجا پرين، چوريءَ يار نه چَلُ.

ڪري ڪشَالا ڪاف ۾ لڍم ڪوهيارل.

”سچوءَ“ جي ئي ساهه سان، هُيا سي رلمَل.

 

ڪافي 6

ڪندي سا ڪيئن قرار، جيڏيون،

جنهن جو جيئڙو جَتَن سان!

وِرهه وارن کي سرتيون، ويجهو آهي وڻڪار.

ٻَڙيون، ٻاروچَل جو، نيهُن لڳم نروار.

محبت ڳِڌي نه لَڀي، خرچين لک هزارُ.

ڏسنديس اکڙين سان، ڪاڪيون ڙي ڪوهيار.

ڇڏي لاڳاپا لوڪ جا، عشق ڪيم اِختيار.

سدا آهي ”سچوءَ“ کي، ڀينر برهه بهار.

 

ڪافي 7

هلان پنهل تو ساڻ، ساڻ هلي تنهنجي گولي گذاريندس.

ڇُلي پِيَس ڇَپرين، سَڱُ ته توئي ساڻ.

ڪوجهي ڪاري هان تنهنجي، پنهل پاڻ سڃاڻ.

تو ري توريندؤ ڪيترو، محبت وارو مارڻ.

توڙ نباهج تون ڌڻي، سهڻا ”سچل“ ساڻ.

ڪافي 8

ڳالهيون ڳُڻَ تنهنجا يار سَڄڻ، مون کي روز رئارن ٿا!

سِرَ تي سوز فراق جا، باري چاڙهيئي بار، سڄڻ،

ـــــ ايڏانهن نيڻ نهارن ٿا.

منهنجو اندر اَڌَ ڪيو، جانب تنهنجي جارَ، سڄڻ،

ـــــ مون کي ماڻا تنهنجا مارن ٿا.

پرين پاڙج پانهنجا، جي ڪَيَڙءِ قول قرار، سڄڻ،

ـــــ منهنجو جيءَ جيارن ٿا.

ماڻهو شهر ڀنڀور جا، مِهڻا لَک هزار، سڄڻ،

ـــــ مون کي ڏيهَه کَؤن ڏيارن ٿا.

قاصد چون، وو، ڪيچ جا، تو هُت سار سنڀار، سڄڻ،

ـــــ تو کي ”سچو“ پاڻ سنڀارن ٿا.

 

ڪافي 9

ڪنهن کي حال چوان هي، اَديون ڙي، واويلا، وو!

ڏيرن ڏيئي ڇڏيا، موٽِي سور نوان هي.

مهڻا محبوبن جا، ڏنا پاڻ اوهان هي.

سُکَن اُتي سرتيون، ڏيان نه سور سنوان هي.

 

ڪافي 10

مون کي دوست ڏنيون دلداريون،

جِيسَ آءُ تان، ني، وو جيڏيون!

ٻاجهه ٻاروچا تو پوي، سُڻِي ضعيفِ جون زاريون.

سئين سڀيئي سڄڻن، عاجزِ جون آرِيون.

لٿا فلڪ فراق جا، آءُ تا گڏ گذاريون.

توکي تان تِرَ جيترو، وار نه وساريون.

سي ئي ”سچو“ آئيا، جن لءِ جُهونگاريون.

 

ڪافي 11

مون کي محب ويو ماري، ڪنهن در ڏيان هيءَ دانهڙي!

سوزَ تُنهنجو سُپرين، ڪوڪان ٿو ڪاري.

هوت نماڻيءَ هِنَ کي، ويهَه نه وساري.

نيو پورهيت پاڻ سان، پنهنجي ڪَڍَ قطاري.

ويو ٻاروچو نڪري، عاشق هيءَ آزاري.

راتو ڏينهان سُپرين، ”سچو“ سَگ سنڀاري.

 

ڪافي 12

مون کي آڌر ڏي، ميان، سُهڻا ساٿيڙا، ڙي!

وڃي چَئج پرينءَ کي، حال منهنجو هي.

پريان سندي پار ڏهُون، قاصد اَچن ڪي.

وعدا پاڙج پنهنجا، جاني ڪِيَڙءِ جي.

هو جي ڪَيَو ڳالهڙيون، ساهه نه وسرن سي.

”سچو“ سنگت پانهنجي، نانوَ ڌڻيءَ جي ني.

 

ڪافي 13

ڏونگر ڇو ٿو ڏکائين، پير پياديُن جا، ميان!

پنڌ ڪَرن جي هوت پنهونءَ ڏي، تَن ڇو ورهَه رهائين.

اِهو ڏوراپو ٿيندءِ اوڏاهين، ڇو طالِبَ ٿو ترسائين.

هيئن تو گهرجي عاشقن سان، ميان ڪا مدد ڪرائين.

ڪَر ڪو ٿورو سڱ ”سچوءَ“ سان، مُحبَن ساڻُ مِلائين.

 

 

 

 

 

 

 

داستان پنجون

”سسئي“

 

(1)

ڪيچَؤن آيو قافلو، مون ڪَر پُڇيائون؛

ڪَرم ڪيائون، هن مون نِماڻِيءَ تي.

 

(2)

ڪيچَؤن اچي قافلو، مون وٽ ٿيو مِهمان؛

”سچل“ ساري ساٿ جو، هو آرياڻي اڳوان؛

موليٰ مهربان، نِڌر نماڻيءَ تي ٿيو.

 

(3)

ڪيچَؤن آيو قافلو، رات موچاريءَ روءِ؛

مڙيوئي خوشبوءِ، ٿيو سارو شهر ڀنڀور جو.

 

 

 

(4)

ڪيچَؤن آيو قافلو، کڻي کٿوريءَ بار؛

هر ڪَنهِن هَنڌ هُٻڪارَ، ڪِيئين سارو شهر ڀنڀور جو.

 

(5)

ڪيچَؤن آيو قافلو، روءِ موچاريءَ رات؛

سنديءَ جَتَن جاتِ، واسيو شهر ڀنڀور کي.

 

(6)

ڪيچَؤن آيو قافلو، کڻي عطر عنبيرُ؛

تنهن سَرهائيءَ تاثير، ڪيو ساري شهر ڀنڀور کي.

 

(7)

ڪيچؤن آيو قافلو،  کٿوري کڻي؛

تنهن جي هُٻ هَڻي، واسيو شهر ڀنڀور کي.

 

(8)

ڪيچؤن آيو قافلو، خوب ٿيس خوشحال؛

چڱو ٿِيَڙُم حالُ، پَسَڻ ساڻ پرينءَ جي.

 

(9)

ڪيچؤن آيو قافلو، ڀِينَرُ منجهه ڀنڀور؛

هيءَ ڪميڻي ڪمزور، پر پرينءَ پنهنجو وڙُ ڪيو.

 

 

(10)

ڪيچيڙن مون ڪالهه، دم دم دلاسا ڏنا؛

هَي هَي منهنجي حال، جي ويهي هِت وساريان.

 

(11)

شال نه وسرِين هوتَ، ٻيو سڀو مون وسري؛

مون کي تائين موت، هئين اکڙين ۾.

 

(12)

ويُم نڪري قافلو، آءُ مٿي راهه رهي؛

ٻاروچا ٻَهي، هِت ٿي وڙهُه وسائيان.

 

(13)

ويم نڪري قافلو، هاڻي ڪيئن ڪريان؟

ويٺي ڏک ڏريان، پرين ريءَ پرڏيهه ۾.

 

(14)

ويم نڪري قافلو، ڏاڍو ڏيئي ڏک؛

ويٺي ساريان سُک، جو هيڪَند هيس هوت سان.

 

(15)

ويم نڪري قافلو، ڪائي نه پيئي ڪَلّ؛

سيني اَندر سَلّ، اَٿم آريءَ ڄام جا.

 

 

(16)

ويم نڪري قافلو، اَديون آڌيءَ رات؛

ٻاروچاڻي ذات، ڏسان شال اَکين سان.

 

(17)

ويم نڪري قافلو، ڪَل نه مون پيئي؛

حال سندم هيئي، مانَ ٻُڌي ٻاروچو وري.

 

(18)

ويم نڪري قافلو، آءُ مٿي راهه رهياس؛

جيڏيون آءُ جِياس، جي مُنهن ٻاروچي ڏسان.

 

(19)

ويم نڪري قافلو، آيل، چُپ چُپات؛

ٻاروچاڻي ذات“ مانَ مون سين ڪو وڙ ڪري.

 

(20)

ويم نڪري قافلو، آءُ پيرين پيادي؛

ٿئي مُون شادي، جي منهن ٻاروچي ڏسان.

 

(21)

ويم نڪري قافلو، آءُ پُڻ کڻان پيرَ؛

ڏک ڏيئي ويا ڏيرَ، مانَ ٻاروچو ٻاجهه ڪري.

 

 

(22)

ويٺي ورهه وسائيان، ڪانڌَ، اچي لهه ڪَلّ؛

جانِي تنهنجي جَلّ، منهنجو اَندر اڌ ڪيو.

 

(23)

منهنجو اَندر اڌ ڪيو، فَنا هِن فراق؛

مري ٿي مُشتاق، ڪا ڪر ور ولهيءَ جي.

 

ڪافي 1

مون ڏي واڳ ورائيندا، سرتوين، سِگهَڙا ٻيلَڙا ڪوهيار!

پَکا پَکن سامهون، اوري آڻي اَڏيندا.

ڀينر هن ڀنڀور جا، وري ڀاڻ وسائيندا.

سڀيئي ڏسنديون سرتيون، روندي هوت کلائيندا.

پاڄياڻيءَ جا پاڻهين، پکا پاڻ پُڇائيندا.

سور ”سچو“، ڙي، هوت سان، هِيءَ غريب گڏائيندا.

 

ڪافي 2

آءُ هَلي ڏس حال، منهنجو ٻاروچل ڙي، ميان!

راتو ڏينهان روح ۾، تنهنجو خاص خيالُ.

اَوهان ٻاجهُون سُپرين، ساعت ڀايان سالُ.

مون تا نماڻيءَ سان، ڪر ڀلائي ڀالُ.

سارڻُ سِڪَڻُ اَن جو، مون کي ملِڪِ آئون مالُ.

مرشد سارو مَڃيو، ”سچوءَ“ جو به سوالُ.

 

 

ڪافي 3

پُڇون ڪِينَ پِرن، ميان، حال منهنجي جون خبران،

ساٿيو ڙي، پانڌيو ڙي!

آهي ٻاجهه ٻروچ کي، مٿي معذورن، ميان.

ساهه سِڪي ٿو جن لءِ، سي مون ڪي سارن، ميان.

هِن دم دلاسا ڏنا، سرتيون مون ساٿِن، ميان.

تون هِت ڪهڙيءَ ڳالهه ۾، تو هُت ياد ڪَرن، ميان.

تون جنين جي آسري، سي تو ڪٿي ڇڏنِ، ميان.

”سچو“ سَنگت پانهنجي، مانَ غريبَ گڏنِ، ميان.

 

ڪافي 4

ڪيچي ويڙم ڪالهَه، آءُ ٿي ورهه وسايان!

مانَ نماڻيءَ هِن جِي، سِگهِي لَهَن سنڀال.

ڀيَنر آهي ڀَنڀورَ ۾، جِيَڻ منجهه جنجال.

جَن لءِ ڏونگر ڏوريان، سي ئي ڏسان شالَ.

آءُ پيادي نه پُڄان، ڏاڍا ڪافَ ڪشالَ.

مون جِياريو جيڏيون، سَندن خوابَ خيالَ.

ساڻ ”سَچوءَ“ ڪَنِ سُپرين، ڀلائيءَ جا ڀالَ

 

ڪافي 5

ٻاروچي لَؤن لائِي، وو مِيان، ڪوهياري لؤن لا ئِي!

ڳالهه نه ڳَرهڻ جهڙي، ڏاڍي سُورَ سَلائي.

سرتيون مون سان سورَ ۾، ڀينر ڪا نا ڀائِي.

هِيرَ وڻي سا هانوَ کي، ڏانهُن عَجِيبن آئِي.

سِر ڏيوڻ سڄڻ کي، ”سچو“ آهي سَچائِي.

ڪافي 6

اُهي ڪاڪيون ڪوهيارا، اَڄُ اَڱڻ  منهنجي آيا!

پيهي پاڻهي آئيا، جَن ڏور ٿي ڏَسايو؛

هَٿؤن جَنِين هنيڙو، اَديون مون ٿي کَسايو؛

جَن جي ڪارڻ جيڏيون، مون ٿي پانڌي پُڇايا.

هُيس جَنِين ڪاڻِ آءُ، آيَل اُٻائون؛

دل ۾ درد منديءَ جي، وڏو ورهُه وڌائون؛

پوٿيون پَٽايَم جَن لءِ، اُهي مَوليٰ مِلايا.

وعدا پانهنجا سرتيون، اُهي پاڻهي پاڙيائون؛

نِماڻيءَ جي نجهري، اَچي پَکا اَڏيائون؛

اُنهن ڪارڻ ڪاڪِيون، مون ٿي وِرهه وَسايا.

ڪَرم ڪيائون پانهنجو، هاڻي حال ڏسي هيئي؛

وائِي فلڪ فراق جي، هاڻي وچَؤن ئي ويئي؛

”سچو“ گَڏيو سَڄَڻا، جنهن ٿي ڪانگ اُڏايا.

 

ڪافي 7

مُڪا دلاسا ڏيئي، ري سڄڻ مُون ڏي!

دوستن دلداريون ڏنيون، حال ڏسي تان هيئي.

پَسي عيب اسان جا، مِهَر پنهونءَ کي پيئي.

وريو ورق وصال جو، وائي هِجر جي ويئي.

ماريون ملاقات جا، وس ڪيا هم ڪيئي.

”سچو“ سي ئي آئيا، جيءَ گُهريا هم جيئي.

 

 

 

ڪافي 8

آهي منهنجو سَڱُ، تان پُنهل توئي ساڻ!

آءُ اوري تون وڃ نه پري، ساهه وٺي وڃ ساڻ.

هوت جي ني هلڻ جو، ڪونه پيم اُهڃاڻ.

ڇُلي پِيس ڇپرين، سَڱَ پنهل تنهنجي ساڻ.

لڳو آهي دل کي، ٻاروچل تنهنجو ٻاڻ.

سِر ”سچوءَ“ جو يار اَوهان تَؤن، ڪوڙين ٿئي قُرباڻ.

 

ڪافي 9

جنهن جي آهيان عشق اندوهي، تنهن ٻاروچي کي ٻاجهه پوي!

آءُ حال چونديس روئي، تَنهن ڪوهيارل کي ڪَهَل پوي!

سا نه ڇڏيجو ڇپرين، جا لَعَلن تو سان لوئي.

پِريان سَندي پار ڏنهُن، قاصِد اچي ڪوئي.

سوئي ايندم سُپرين، جانب جيءَ جو جوئي.

پورهيو ڪنديس پرينءَ جو، ڳچيءَ پائي اوئي.

سَمَر ٿيڙيم سُڃ جا، حُبّ َ تو ئي سان هوئي.

اکيون عجيبن ڏي، بيٺيون جُهڙ جهوئي.

”سچو“ سَگ اوهان جو، پور وڌا جنهن پُوئي.

 

ڪافي 10

آءُ اوهان تَون گهوري، اَڙي ڪيچيو، ساڻ نيجو؟

راتو ڏيهان روح کي، آهي اوهان جي جهوري - اڙي ڪيچيو!

دائِم وڌيَوَ دل کي، هِن ڏکَن جي ڏوري - اڙي ڪيچيو!

ويهان ويهَڻ نه ٿئي، ڏاڍي سا لايَوَ لوري - اڙي ڪيچيو!

ڪرڻ مناسب ناهي تان، ساڻ ضَعِيفن زوري - اڙي ڪيچيو!

ڪافي 11

مون کي هيئن نه ڇَپَر ڇَڏ، ميان، اڙي ڀلو پُنَهَل يار!

پرين پاڄياڻي پانهنجي، گولِي گولِن گَڏ، ميان.

تون تا صاحب سُپرين، هيءَ ڏهارڻ ڏڏ، ميان.

آءُ اوهان جي آهيان، هُؤن هُؤن هڏ، ميان.

تُنهنجي صاحب سُپرين، شال نه سِڪان سڏ، ميان.

جايون جانبَ پانهنجيون، اکَڙين ۾ اَڏ، ميان.

 

ڪافي 12

ڪندي، آءُ ڪوهُه رهِي رهِي، جيڏيون هِت هوتَن ريءَ.

اَندر ورهه وٿاڻ ڪيَا، لَؤن لَؤن مَنجهه لَهِي لَهِي.

ڇڏي شَهر ڀنڀور کي، وينديَس ڪيچ ڪَهِي ڪَهِي.

ڪونهي مُنهنجو ڪوهيارلَ ريءَ، سرتيون هِت سَهِي سَهِي.

قول پاڙيندو نِي پانهنجا، ٻاروچَل ٻَهِي ٻَهِي.

”سَچو“ گڏيم ساٿَ جا، پَنڌن مَنجهه پَهِي پَهِي.

 

ڪافي 13

آءُ ڪِي تان اوڏي آئِي، جهاڳيا مون سي جَبل جالَ.

سَل ڙي ساٿِي، ”ڪيچُ ڪاٿي ٿيو“،

ڪَلَ الله لَڳِ ڏي تون ڪائِي.

اوٺي ادا ڙي ٻُڌيئي ڪا، وري ورڻ جِي هيڏي وائي.

شهر ڀنڀور ڏي ڀيرو ڪندا ڪو، ڏاڍي اسان سان هوتَ لائي.

اڱڻ تنهنجي، سڻ ”سچو“ ڙي، ميان، جانِي اَچي ٿو رات جائي.

 

 

ڪافي 14

ٻانَهڻ ڙي پَرڏيِهي، ناهي ايذائِڻُ توکي:

ناهي واجب پَرڏيهي، ادا، اِيذائڻ توکي!

ڏيندءِ ڏوراپو يار اسان جو، وٽ توئي جي ويهي.

پير ڦيهين ٿو نِتُ نماڻيءَ جا، ڳالهه ڪريان ٻي ڪيهي!

هيءُ اميد، وو، هِئي نه تو ڏنهن، جبل ڪيئي مون سان جيهي.

جيهي ڪندين ڪوهَه! اسان سان، ڳالهه ڪنديس هُت تيهي.

”سچو“ سڃاتو سنڱ تو ئي کي، آهي عادت تو ايهي.

 

 

ڪافي 15

حيلا ڪيم هزارين، مانَ ٽِڪَن مون وٽ رات.

ڪَرهه قطاري هليا، بودا پلاڻي پِرڀات.

آءُ سُتي هو هُليا، توڏن جي ڪيؤن تات.

سورَ ڏنائون سوکڙيون، ڏک ڏنائون ڏات.

پرين ساري موڪلِي، ڏانهن ”سچو“ سوغات.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org