سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سچل سرمست جو سنڌي ڪلام

صفحو :14

 

 

متفرق ڪلام

دوها

 

شَي آهيان ڪاڪيون ڪهڙي، جا سمجهي نه ڄاڻان!

بعضي ڀايان پُتلي، يا آهيان گُڏيءَ ڏور،

يا گوءِ آهيان هٿ يارَ جي، يا وانگيءَ وانگر زور

يا تا محل آهيان، جنهن ۾ شهنشاه،

ٻوليون ڪري ڪيتريون، ٿو در نئون داناه.

يا تا گهوڙو آهيان، جو هَلائي هَوار.

يا تا موج درياهَ جِي، جا ٻوڙي ٿي ٻاهار.

يا مِهنديءَ گل تا آهيان، جنهن اندر لالائِي،

يا آهيان گل گلاب جو، جنهن سِر ۾ سرهائي.

يا تا چشمو آهيان، جو اَبر ڀَريو آب،

تنهن ۾ سايو سج جو، يا پاڇوئي مَهتابُ.

يا تا پاڇوئي حق جو، آءٌ اَصل کَون آهيان،

جنهن ۾ ڳالهه ناهِ تا، سوڀي تا ناهيان.

ڳالهه ”سچوءَ“ تا سَمجِهي، کَون هاديءَ اِها ئِي،

تا غير خدا جو ناهيين، آهين صاحب سدائي.

هدايت 1

رمزان سي هاديءَ جون، مينا، جيڪي چيائون مون کي سي سَلَڻ ناهن،

هوءِ هوءِ—ڌريون آهن دل تي!

ڳالهيون ڪري ڳُجهه جون، ٿا صاحبَ سَمجهائِين،

”لااِلٰه“ کَون اڳنان ٿا هادي هلائِين،

سَمجهڻ ”سَمع بَصَر“ جو ٿا فائِق فرمائِين.

”خوديون خاص نه ڀائنجو هِي نِت نِت نمازان،

ڄاڻو ڀَلي ڳالهڙي هِي سوز و گدازان،

اَٿَو اَنَاالحق جا اِهي عِبرت آوازان.“

هَي هَي هِڪڙي ڏينهڙي، ٿا هادي اِئين چَون،

”جن نه سمجهِي هِت ڳالهڙي سي سُڀان گهڻو رون،

جَن سُڃاتو هتهين، سي هُت ڀِي اِئين هُون“

”جيڪي ڀَليون ڳالهڙيون، اُنهن پُڄَڻ پَري آهه،

ڪوڙا قصا ڪُهه پئا يار-سُڃاڻ سَواءِ،

پُرجهڻ آهي پاڻ کي، ٻي ڀَلي بات نه ڪاءِ.“

هاديءَ حقيقت جي، يار، موٽِي هيئن چيو:

”آقا آهي هيءُ ادا آهيڪو نه ٻيو،

جي ئِي لنگهيا سَڀَ کَون، يارُ مقصد تن ٿيو،

سائين ساڳيو سو اَٿَو، جو وجودؤن ويو.“

 

 

هدايت 2

مرشِدَ هادي رهنما، ٿا سَمجهائِن اِئين:

”هُو تُون ڄاڻج پاڻ کي، متان هيءُ ٿئين،

”وحدت جي چوَگان ۾، اِها گوءِ نِئين.

”سچو“ ساڻ يقين جي، هِي حال ڏي هِئين.“

 

هدايت 3

هادي ويڙهي آيو، هاڻي سائينءَ هِيئِن سمجهايو، والِي ويڙهي آيو!

”ڪڏهن ٿيو ڪونڪو، عاشقِن آرام، ميان،

”راتو ڏينهان تن اُتي محبت جو ماتام، ميان.“

”خاڪَون هَلج خاص خاص ٿي ڪر پاڻيءَ کَون پرواز، ميان،

”چڙيءَ چَنبو ماريُئي، ٿي شاهِين ۽ شهباز، ميان.“

”جيڪو اَصل آهي، ٿيو هاڻي سو سلطان، ميان،

”گهوري چڙهندم گم ٿيو، اُڀريو گردغبار، مينا.“

”آيو بحر جوش ۾ تڏهن موج پَئي ٻاهار، ميان،

”هَي هَي آيو نانءَ ۾، ٿيو ساوڻ جو سينگار، ميان.“

”لُڙَ منجهَون ٿيو اَڇو ڪارو، اَصل سو درياه، ميان،

”بيحد رنگ گهڻا ٿيا ٻاهر، هرڪو ٿيو گمراه ميان.“

”سانوڻ لٿو، هڪ ٿِي، تڏهن پاڻي موٽيو پوءِ، ميان،

”ڪارواڇو لُڙ ٿيو، اهو سارو سمونڊوءِ، مينا.“

”نانءَ لَهِي ويا ٻاهريان، اهو باقي رهيو نام، مينا،

”ڪوران، ڪَسيان، واهڙان، هت ڪلي ٿيا گمنام، ميان.“

”هِت سَڀيئِي درياه ٿيو، ٻيو ڪوڙا لٿا نانءَ، ميان،

”اول آخر هڪ ٿيو، ويا وچائون گنا، ميان.“

”اصل جيڪي هوس آءُ آهيان ڀي سو، ميان،

”آخر ٿيندس وڃي اُهو ئي، هڏ آهِيان ڪو نه ٻيو، ميان.“

”اکيون اکڙين ۾ رکي، تون پنهنجو پاڻ سُڃاڻ، ميان،

”پوي نظر جت تانهنجي، تت پنهنجو چشم چال، ميان.“

”اکيون اکڙين ۾ رکين، تا هِت هُت ’تو هين ’آءٌ، ميان،

”جي خبر اکين جِي لَهين، تا تون نرالو نانءُ، ميان.“

”اکين مون معلوم ٿئي اِهو صورت جو سينگار، ميان،

”سچو“ سارو سچ ٿيو، ٻيو ناهي تفاوت وار، ميان.“

 

ڪافي 1

اَڄ تون اسان وٽ آءُ، تون مينهن والَ ميهارَ، ميان!

پاڻي اُپڙڻُ نا ڏئي، هڪ ويريون ۽ ٻيو واءُ، ميان.

ڪاري، ڪُن لَهريون لسان، دورَ وڏي درياءُ، ميان.

ساهَڙَ سببون تانهنجي، سَرتيون ڏين نقه ساءُ، ميان.

پِرين وڙئُون پانهنجي، ”سچوءَ“ لَهُه سماءُ، ميان.

 

ڪافي2

لُڙ وهي لوهاڻو، يارَ، وي!

سا ڪيئن ترسي تار ۾، جيءَ جنهين جهوراڻو.

ڪاهيو پووي ڪُنن ۾، ڏِنس عشَ اوراڻو.

ساهَڙَ ٻاجهون ساهَ کي، ڪيو ورهَ ويڳاڻو.

سانولُ سدا آهِه مُون، اوهِين سڀِيئي ٿيون ڄاڻو.

پڇندو اَچي پاڻقَهين، ”سچل“ يارُ سِياڻو.

 

 

 

ڪافي 3

ساٿي ڙي ديسَ دلبر جا، سِگهو وڃ پار پرين جي؛

خَبر ڪا خيرَ جي آڻين، آهي خوش خاص سو مَظهر!

پانڌي پيغامَ هي ني تون، سنڀاري دوست کي ڏي تون،

ڳالهيون ڪر ياد ڀِي ڪي تون، آهينم تون دل گهريو دلبر.

عاشق ايڏهن نهاري ٿو، تو لئه گوندر گذاري ٿوپ،

سَڄَڻ تو سَرس ساري ٿو، اَوهان لڳه آهِه مُنتظر.

زياده ٿو ڪري زاري ڪيائين سَؤ ڳَچيءَ ڳاري،

مَ ڪج تنهن کَون تون بيزاري، ڏسي ڏوهن سندو دفتر.

دردَ دل ۾ بَجانو ٿيو، اُتي يَڪدل يِگانو ٿيو،

وٺي نياپا روانو ٿيو، رسيو رتاروءِ وڃي رهبر.

اڳيون ڀِي ٻاجَهه هوت پيئي، وائي تا هجر جي ويئِي،

دلاسا دوست ڪيا ڪيئي، لِکڻ کون هِن اُهي ٻآهر.

آهي سڀ خيال هِي منهنجو، اوڏنهن ويو حال هي منهنجو،

”سچُو“ ري سوالُ هي منهنجو، حضوريءَ ۾ ٿيو حاضر.

 

ڪافي4

آکوڙي ڙي! آءٌ ڪير آهيان، ذات نه ڄاڻان ڪير!

سَهي ڪَري ڪين سگهان ٿو، ڀينَر پنهنجو ڀيرُ.

ڪاٿَؤن ٿِي آءٌ ڪاٿي آيس، پر تَؤن پاتم پيرُ.

ساڳيوئي سو رانجهو آهيان، تنهن ۾ ڦندُ نه ڦيرُ.

پاڻؤن ڄاڻي پير گهمايَم. سُرهو ڪَيَڙم سيرُ.

جوڳي ٿي ڪَرَ جوڳ پچايم، ڏاڍو ڪِيُم اَنڌيرُ.

مَڪي مَنجهه مَسيت بڻايَم، جڻيو جيسلمير.

”سچو“ نانءُ ته آهي منهنجو، هَڏِ نه آهيان غير.

ڪافي 5

هِيِءَ غريب نماڻي، ڪيئَن بيراڳِڻِ ڪَيَئه!

معاف مدايون ڪَر تَنهين تَون، الهه لڳ آرياڻي،

پيش اچي جا پَيَه.

بِيٺِي آهيان يار انهيءَ تي، حُب منجهؤن هوتياڻِي،

ڳالهه چُڪِيءَ جا چيئه.

هڪ خيال نِي دل تي تنهنجو، تنهن ڪَيَس جوڳياڻِي،

خيال ٻيا سڀ کَنَيئه.

وعدن واري ڳالهه اَسان سان، هوتَ ڪَيَهءِ جا هاڻي،

ڪِيئَن وسري سا ويَئه.

ڏکَ ڏوراپا ڪهڙا توسان، پرين سا ڪَيئَه پُڄاڻي،

ناله نماڻِي نه نِيَئه.

ڀَري نوڪَ نَيهن جِي سائين، ”سچوءَ“ کي نِي سُڃاڻي،

هوت ڀَري جا هَنيَئه.

 

ڪافي 6

راَ ٿئين وڃي ياڪي، متان هيءَ وسارين، ميان!

ٻيو سَڀو مو وسريو، برهُ رهيو هڪ باقي.

تنهنجي طالب آهيان، محبَ مون تا ميثاقي.

ڪم منهنجو ڪيچَ، ۾ هاڙهو سڀُ هَلاڪِي.

لاهج پنهنجي لطفَ سان، گوليءَ کون غمناڪِي.

ڪَر پاڄاڻي پنهنجي ”سچُو“ هيءَ ڪساڪِي.

 

 

 

ڪافي 7

تنهنجي چشمن چيٽَڪ لايو، آءٌ هاڻي ڪئن ڪريان!

ڪَلَ نه مون کي ڪا هئي، عشق اَچانڪ آيو.

دل اسانجڙيءَ لعل لپيٽيو، رمزن جو رنگ لايو.

سدا گُهرجي ”سچوءَ“ کي، محبت جو نِي مايو.

 

ڪافي 8

عِشق اسان وٽ آءُ، اچي تو تا سانوڻ لايا!

چئنچل چيهل ٿي چوڌاري، مينهن رات ڪئي موچاري،

عزت لڌي آسمان، پِرين اچِي پير گُهمايا

بوندَ بِره جي بَرسي باري، جوشَ اکِيَن مون جَرَ ٿيا جاري،

بيحد ٿيا بارانَ، اصل کون راهَ وهايا.

گل ڦل گاهن ڪئِي گلزاري، مَڃيائون سارنگ جي سرداري،

سَهسين ٿيا سامان، اَکين اچِي آگَم لايا.

يار ”سَچَل“ چَئي مُحب مِليا سي، بيشڪ دل جا دردَ لٿا سي،

شاهِي رکيائُون شان، اچي تَن حُڪَم هَلايا.

 

ڪافي 9

جيءُ آئين ڀَلي آئين تون، ڪنهن منزل مون پهچائٖين تون،

ٿو موٽي سِرُ وڌائٖين تون!

سرمَدَ کي ڏيئِي لَتَ ڪهايئِي، سوريءَ تي مَنصور چڙهايئي،

شيخ عطار جو سِرُ وڍايُئي، هاڻي هيڏي پنڌَ پُڇائٖين تون.

زڪريا ساڻُ ڪَرٽَ چِيرايئي، يوسف کي مَنجهه کَوه وجهايئي،

شمس مُلن جٖي هَٿئًون مارايُئي، عاشِقَ ٿو آزمائٖين تون.

جڻيو ڪفر صنعان وجهايئي، بُلي شاه کي ذبح ڪرايئي؛

جعفر کي درياء پوڙايئي، تن کي پار لنگهائِين تون.

گهاڻي ۾ بلاول پيڙايئي، عنايت ميدانَ مارايئي؛

ڪرمَل کي هِنَ حُڪم هِلايئَي، ڦيرُوؓ ڪَنڌُ ڪَپائٖين تون.

قاسِم دُرّن ساڻ سَٽايئي، موسيٰ کي بٖي سُهاڳَ وٺايئي،

اڪيداسَ تَعزير ڏِوايئي، سو اَڄُ ساڳيو آهٖي تون.

”سَچو“ سَندءِ پَنڌَ پُڇائي، گهوريو پنهنجو سِر گُهمائي،

نِيهن واري ڳالِهه ڳالهائي، عاشق ٿي فرمائين تون.

 

ڪافي 10

عِشق پنهنجي جي خَبڀَر، جي ڪَنهِن اَدا عاشِق،

مُشرڪ ۽ مُتَد آهي، توڙي اهو تارڪ آهي.

جو ٿيو گُم يار م، پاڻ ئِي کون لا تعلقّ آهي،

پانهنجي هُوَڻَئون اُهو، هَر فعل فارق آهي.

ڪُفر ۽ اسلام کون، لاڙو اُنهيءَ لاشڪ آهي،

رمز تا هِن راز جي، سَمجهي سوئي سالڪ آهي.

دائم دُوئيءَ وارن نظر، هڪ خلق ٻيو خالق آهي،

اُپٽٖي جو عبرتَ جوناکيون، تنهن کي مڙيوئي مالڪ آهي.

جِيئن هاديءَ فرمائيو، سوئي سَڀو برحق آهي،

سو ”سچوءَ“ مُشد سچو، جو پير عبدالحق آهي.

 

ڪافي11

حڪم تنهنجو ٿو هلي،—پَر ڏوه پاڻ ئي کي ڏيان!

آهي ”فَعّال لّما يُريدُ،“ نانءُ هِيءُ ڪاڏي نِيان؟

آهي ”وَبي يَنطِقُ وَيُبصِرُ“، تر نه تو ريءَ جيان.

جاڏهن اَچي ظاهر ٿئين، هَل هٖيجَ مَون تاڏي هيان.

”يَرجِعُ اِليٰ اَصلِهٖ“، سُڻُ مامَ هِيءَ مُون هان مِيان.

گمنام غمزي ۾ ڪرين، ساڳيو ”سَچو“ سُوئِي ٿيان.

 

ڪافي12

دِل چَپَن سان جٖي چُمٖين، پير مُغان جو آستان،

محَبت سچٖي محبوبً جِي، بانڪا وڃي تون باس تان.

ڪٖي ڏينهن مون دلدار لئه، ورد ۽ وظائف ٿٖي پڙهيا،

جڏهن شوق مون شامل ٿيو، ٻيو خيال خاطر کون ويو،

هڪ واسطو تنهنجو رهيو، وسري ويون ٻِيون واسطان.

راهون سڀئي گمراه ٿيون، جٖي مون پڇين تون ڳالهڙي،

ڪر گُذر ٻٖي گوڙ کان، اَٿَئِي راهَ رب جي راستان.

رنگ روح کي جيڪو لڳو، دنيا ۽ عُقبيٰ ڀئه ڀَڳو،

غمڙي تنهين گم ڪُل ڪيو، وهَواه ٻيا وسواس تان.

عشقَ جي ڙي جيڏيون، ناهي تمامِيّت ادا،

چاهون چوائي ٿو گهڻو، هِي درد مون کي داستان.

”سچو“ سدا سِڪَ ۾ رهٖين، متان تون جهَلٖين روئڻيوُن اَکيون،

هت درد وارن جي پرين، پاڻهِين ڪرن ٿا پاس تان.

 

ڪافي 13

ڪَنهِن سان ڪَيَمِ نه ڪَلَ، جو سودو آندم پاڻَ سان.

سودو ڪَنهِن نه پُڇيو، آيس م مشڪل.

گران قيمت کَون سَڀَئي، موٽيا تنهن مَهَل.

سودي ههڙي جي اُتٖي، لاهن سڀ نقل.

مٖيڙو موڙن تي ڪري، عالَمَ ڪَئِي اُڇَلَ.

حال ڏسِي تا هُنَ جو، جِئَڙو منجهه جَنجَلَ.

ڏوه نه مون کي ڪو ڏيو، پئِي خَلقَ منجهه خَلَل.

”سچوءَ“ سَرفَراز ڪيو، آڻٖي سو عشقِ اَجهَل.

 

ڪافي 14

صحيح سڃاتو تٖي، هاڻي اَصل اسان جو تون آهٖين!

عاشقَ متان اوتيين، پِنبِڻَين مَون پاڻي.

ڪڏهن اسان جي ڳالهه کون، عذر متان ڪو آڻي.

عاشق مِٺي ڳالهه جي، ميان، وَري ٿا ڏين وراڻِي.

ڏينهن ئون نئين آهي سا، ميان، ناهي سا پرت پُراڻِي.

تن ۾ تنهنجٖي اصل اَسان جي، ”سچو“ ري سِڪَ سَماڻِي.

 

ڪافي 15

آهيان اوهانجَڙو اُئين،- دوست چَوين ڪير آهين؟

پِرين ڏسج تون پاڻَ ڏي، آءٌ ٻانهو تون سائين.

پنهنجي درئون سُپرين، پٖير منهنجي در پائين.

ڳچيءَ پائي ڪپڙو، ميان، پِرينءَ کي کي پَرچائين.

آءٌ اَوهانجڙو آهيان. چِت نه مان تَون چائين.

ديدان کَڻُ تون مَٿي الله لَڳ، ميان ”سچوءَ“ کي سَرچائين.

 

ڪافي 16

جيڏيون مون کي ڇو ٿيون جهليو، وينديس پرينءَ جي پار!

هُنَ ڀَر ڀيرا ٿي ڪريان، جون هُتِ روح رَليو.

ڏانهُن گهڻا ڏينهَڙا، مون ٿٖي عِشق اَليو.

روح پريان جي پارَ ڏي، وٺي سا حُبَّ هَليو.

پِريان سندي پارَ ڏهون، پاڙيچيون نه پَليو.

”سچوءَ“ جو ڙي سَرتيون، محبَتَ مَن مَليو.

 

ڪافي 17

منهنجو هِنئڙو وڃي پيو، پرينءَ جي پار، وو!

سپيريان ڏي سرتيون، مون کي نِيهڙي نيو.

ڳُڻين ڳالهين يارَ سَڄَڻ جي، سوگها ساه ڪِيو.

پاڻون پائي اڱڻ اَسان جي، لالن شال لِيو.

جَڙ لڳي هُيَو جيڏيون، ته ڪِيئن مون ڏوه ڏيو؟

سُپريان جي سِڪَ ۾، مون سان ٻيلي ڪو نهَ ٻيو

سڱُ سڄڻ سان سگ ”سچوءَ“ جو، جيڏيون جيءُ ٿيو.

 

ڪافي 18

دل جا دلبر يار، سگهو سگهو اِيندو رهين!

اسان نماڻن جي نانءَ سائينءَ جي، لهين تون سار سَنڀارَ.

پار اوهان جي ڪيئي مڪاسين، قاصد سَوَ هزار.

اوهان ٻاجهون يار پيارا، اَچن ٿا اُوٽار.

سي تون پاڙج پرين پانهنجا، ڪَيَو جي قول قرار.

هوءَ جا هيڙي مٿي تي، ڪرين سا معاف ميار.

”سچو“ اوهان لئه يار سياڻا، روئي سو زارون زار.

 

ڪافي 19

وهيان وساريان ڪيئين، جيڏيون جي لنءُ لائي ويا!

گهوري ڇڏيم هي گهر جايون، بره بهيران پٺيءَ لايون،

پير نه پوءِ واريان، وري سنڀاريان ڪيئين؟

شهر ڀنڀور کان ٿيم آزادي، ڪيچ ويندي ئي ڏٺيم شادي،

تنهن سان نيهن نباهيان، پوءِ نهاريان ڪيئَن.

پور پِرينءَ جي ڪئي پڌرائي، اوڙي پاڙي وڇُٽي وائي،

ڇا کي عِشق ڇپايان، هُڻ گهر گهاريان ڪيئن.

ڪيچيڙن جي ڪم اَچان جي، رنگ ڀَريَن جي رنگ رچان جي،

”سچو“ ري ڳُڻ ڳايان، هي سُر واريان ڪيئن.

 

ڪافي 20

مڙس ٿي منصور چئه، نه ته ڪيم چئه منصور هان،

منصور جي منزل اتي، ڏاڍا تماچا تهتمان.

سگهه نه جي ساري سگهين، منهن رکين تنهن تي متان.

ڇو ڇوڪراڻيءَ ۾ پئِي، رانديون روين راتو ڏيهان.

احوال سڀ اسرار جو، سائين عشق کي آهي عيان.

ٺَڙڪو ٺڳيءَ ۽ ٺاه جو، ناحق ڪرين ٿو ناتوان.

هِن کي چيو هُن کي چوين، ”آهيان لاهوتي لاطمع“!

منصور جي تنهن ملڪ تي، آهن سدا نوڪان نوان.

سُڻ ”سچو“ تون سمجهه رک، تو کي چڱائي ٿو چوان.

 

ڪافي 21

پڇو نه منهجڙي ذات، جوئي آهيان سوئي آهيان!

اچڻ اَسان جو ٿيو اُتاهين، جاتي ڏينهن نه رات.

ظآهر آهِه زبانون منهنجي، ”الاقرب“ سندءِ ڪلمات.

”سچو“ سِر سهِي ڪر پنهنجو، عشق منجهون عِشقات.

 

 

 

ڪافي 22

اوهين پنهنجو پاڻ آهيو، ننگَ نباهڻ وارا!

هيءَ نماڻي عيبَن هاڻي، هٿ مَٿئون مون نه لاهيو-

نٖيڻ وهايائِن نارا.

عاشق سندوَ آهن اُداسي، چاه منجهون سي چاهيو-

جي وره ڪيا ويچارا.

مٖيلائٖي جو مشتاقن سان، ٺاهه ڪو سِگهڙو ٺاهيو-

مَر تا ڪرن نظارا.

اَصل لاڪون آهن اوهان تي، پاڻ پِرين نباهيو-

ڪَم ”سچوءَ“ جا سارا.

 

ڪافي 23

ٿي تون رهبر راهي، پِريان سندي پار ڏي.

ڏيهه انهيءَ جي ساٿي تون سگهڙي، آءُ لهي آگاهي.

تِر نه هڪڙو ترس اِتاهين، والي آهي تنهنجو واهي.

هِن نماڻيءَ سان نانءَ سائينءَ جي، ڪرين تون هيءَ همراهي.

درد اسان جي جِي اڳيان دوستن، ڏيندا هي نيڻ گواهي.

يار مسافر سگهو ”سچوءَ“ سان آڻي تون ميڙ اِلاهي.

 

ڪافي 24

جاني جدائيءَ ماريو، ڏينهن ڏهلا سي گهوريا!

اَصل لاڪون آهيان اوهان جي، ويچاريءَ نه وساريو.

نانءِ سائينءَ جي اسان نماڻن سان، اَچي سو گڏ گذاريو.

مشتاقن ڏي مهر پئي تا کڻي نيڻ نهاريو.

پري نه پاڻَون يار ڪريجو، پنهنجيءَ وٽ ويهاريو.

سَگ ”سچو“ آهي در تنهنجي جو، پنهنجي سو ڪَڍ قطاريو.

 

ڪافي 25

ٿورا ڪيڏا مون سان لايا، يار سانگِيڙي ميان!

جيئن چيوسٖي تيئن مڃيائون، موٽي نه تن موٽايا.

چُپ چپاتي ويڙهي اسان جي، اَڄ اَچانڪ آيا.

دل سان لايم هو جي دلبر سچا سخن فرمايا.

ڏکن سکن ڏي ڪين ڏٺائون، توڻي عاشقَ ٿي آزمايا.

”سچو“ هئاسٖي اُداسي جَن لئه، سي موليٰ محب ملايا.

 

ڪافي 26

اڄ جو جوڳي آيو، نانءُ تَنهن جو نه ٿي ڄاڻان!

سر جهٽائون جوڳن واريون، لڱين تنهن بسمو لايو.

ذري جوڳي، ذري سنياسي، تنهن ساميءَ نانءُ سڏايو.

ذاتِ اِنهيءَ جي نه ٿي سڃاڻان، ڇندين پاڻ ڇُپايو.

ڪڏهن نه ڏٺم ڏيهه اِنهيءَ ۾، موليٰ سو آڻي مِلايو.

ڏسڻ سان تنهن جوڳيءَ جي، مون ڏاڍو پور پرايو.

سيرين بازارين گِهڻ گِهڻ گهنگهرو، ڇم ڇَم تنهن ڇَمڪايو.

سوئِي ساڳيو رانجهَنُ هُيَڙو، ”سچوءَ سِرّ سُڻايو.

 

ڪافي 27

هُتئَون هَلِي هِت آئٖين، ڪَرڻ واپار ڙي وڻجارا!

وچ بازار جي چوسُولَ وچ ۾، پِڙي پِرت جي پائين.

شاهَ پنهنجي سان وعدو جو ڪَيڙءِ ڏينهن سمجهي چت لائٖين.

شاهوڪاريءَ جي ڪوٺي جا پاتَئي، سا ويهج ڪِيمَ وَسائين.

وڻج وره جو ٿئي موتي لعَلان، ٻي گهور سا ڪيِمَ گُهمائين.

سودو سَچَ جو آهي ”سَچو“ هِي، ڪوڙَ ڪَنگَڻ ڪَچ کائين.

 

ڪافي 28

حُجَ ڦِٽِي ڪِيَم هَاڻي، ماريس تنهنجي ماڻي،

الله ڄاڻي!

تنهن ڏينهن لاڪوُن يار اَوهان سان، لايو نِيهُن هِن نماڻٖي،

الله ڄاڻي!

ويٺي ڏسان واٽ اوهان جِي، آءُ ڀَلا هِن ڀائٖي،

الله ڄاڻي!

جٖيهي تٖيهي آهيان اوهان جي، سائين تو ن پاڻَ سڃاڻٖي،

الله ڄاڻي!

راتيان ڏينهان يارَ سَڄَڻ مِيان، تَن توئي ڏي تاڻٖي،

الله ڄاڻي!

ڏوڙا طالع ٿِيَن ”سَچوءَ“ جا، الله جي توکي آڻٖي،

الله ڄاڻي!

 

ڪافي 29

حال اَچي ڏس هاڻي، وَهٖي ٿو پنبڻيئون پاڻي.

پاڻ ڄاڻين.

آءٌ ڪنيزڪ مُلهه خريدڻ، سائين تون پاڻُ سُڃاڻين،

پاڻ ڄاڻين!

سُڌ لَهِج تون سِگهَڙي تنهن جي، جاني ڪَيَو جوڳياڻِي.

پاڻ ڄاڻين!

ڏيئِي ڏيکاري پاڻ ڇُپايُوَ، ڀلي اِها تو کي ڀاڻي،

پاڻ ڄاڻين!

روز ازل کون درَ تنهنجي والِيءَ سا هِيءَ وڪاڻي،

پاڻ ڄاڻين!

سيني اندر يارَ ”سَچوءَ“ جي، سِڪ سَندءِ ساماڻي،

پاڻ ڄاڻين!

 

ڪافي 30

مُلڪَ جا مالڪ ٻيا هِن، تون وِچَون بيٺِين بَڻِي،

هَي ڪَنهِين هِن حالَ ۾، توکي وڌو هَستِيءَ هڻِي.

سير لِلّٰهِ، سير باللّٰهِ، سٖير مون الله گهر؛

سير في الله لاهِه تون، خود کون وڃي مَنزل کڻِي.

هِي جِيَڻ آهه عاريت، جن جو آهي تن کي وڻي؛

ڪَڍ وچَون تون پاڻ کي، اَندر ٻاهر آهي ڌڻِي.

آهين اَمانت ٻِيَن جي، تون آهين ڪاٿي ڪِينڪِي.

سِرُّ هِيءُ سارو سهي ڪَر، ’هڪ  ٻه ٽي، ڇو ٿو ڳڻين؟

انسان جو اولو ڪَري، سَؤ رَنگَ ڪَرين سقنسارَ ۾.

چاهه کي هِيءَ ڳالهڙي، وَهَ واهَ جا ”سَچُو“ وڻِي.

 

ڪافي 31

ڪم نه عاشِقَ سو ڪرين، جقنهن ۾ تنهنجي تعريف ٿئي،

کَڻُ ملامت ڪا مٿي، مَرُ ڏيه تو طعنا ڏئي.

بِرهَ ۾ بَدنام ٿيءُ، ٻيو ڪِين ٿئي ڪَسبَن ڪِئي،

عشقَ جي درياه جي، ڇولِي ڇِڪي مَرُ تو نِئي.

پوءِ تا ساري خبر دوست جٖي هِنَ پَنڌَ پَئي،

راه گم ڪر پانهنجي، وَئون وکَ نه ڪَنهِن ٻَهڳُڻَ ٻئي.

ڀَڃ حِجابان پڌر پَئه لوٺيو تو کي ڪهڙي لِئي،

ڇا ٿيندو پوءِ تا ”سَچُو“ هَي هَي اِنهيءَ وره وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org