سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات خادم

صفحو :7

ڪافيون

(1)

پنهنجي نوبت جا نغارا، ويا وڄائي وِير ڪيئي

ڪيئي عالم عامل فاضل، ڪيئي عارف سالڪ ڪامل

 

عجب انهن جا هــُـئا اِشارا

ڪيئي ظالم ظلم جا باني، جن ڄاتو نه ٿي ڪو پنهنجو ثاني،

 

اَبتر حال ٿيا اُهي آوارا

 

ڪن تي جواني جوڀن غالب، جي هئا دائم عيش جا طالب،

 

نيٺ ڇڏي ويا سڀئي نظارا

حاجي ”امام بخش“ عبرت وٺ تون، هر ڪو هلندو آخر هتڙون،

 

ڇڏڻ چڱو هي پوءِ پسارا

 

(2)

رس، رسي سڻ حال  منهنجو مصطفيٰ!

سڀ سڄڻ سنسار جا، ثاب پوندائي تڏهن.

جڏ ڪندين تون مهر تن تي، نا ته ٻي ڪا واهه نا

”والشمس“، تنهنجي شان ۾، اَحسن آهين دلبر عجيب،

”ليل“ زلفون يار تنهنجا، ڏند دُر موتي ٿيا

دوست تنهنجا چار آهن، يار جاني هڏ جگر،

جي مڃن ٿا سان محبت، تن کي ڪونهي ڊپ ڊا

هي ”امام بخش“ سگ اوهان جو، در اوهان جي تي پيو
ڪج شفاعت شاهه اُن جي، مهر جو طالب هـُــــو آ

 

(3)

مهر ڪئي آ مولا، ٻاجهه ڀرئي مالڪ مون سان!

حمد هزارين پاڪ ڌڻيءَ جا، جنهن لاٿا اندر جا اولا

ڏيئي دين پاڪ نبيءَ جو، ڀڳائين ڪفر جا ڀولا

پسندس شال پرينءَ کي، جنهن جي ڪريان ٿي ڳولا

ڪندو ڪرم ڪريم سدائين. جت تــُـرندا تــُـرين ۾ تولا

هادي وقت حشر جي، ڦولي شال نه ڦولا

”خادم“ ٿيندي مهر اسان تي، ٿيندا ڪم سڀ سولا

(4)

خاوند خوشي ڏي خير جي، لاهــِـه دل جا درد سڀ!

 

رحم ڪر ڪو فضل ڪر، لطف ۽ احسان وڙ،

صاحب بڻائي ڏي سبب

بيواهن جي واهه تون، بيڪسن جو شاهه تون،

توسوا ٻيو ڪونهي رب

سڃ کي وسندي ڪرين، بينوا کي بادشاهه

ناهه تنهن ۾ ڪو عجب

نور ۽ ايمان ڪامل، ڏج ”امام بخش“ کي الله،

وقت جنهن ٿيان جان بلب

(5)

ٻئي سان منهنجو ڪهڙو مطلب، منهنجو راڻو ملائيندو مون کي رب!

 

ٻاٻيها ملڪ ۾ ٻيا ڀي گهڻائي، منهنجو لالن لاليءَ لب

خاص جنهن کي خلقيو خالق، نبي ولي ڏسي آڻن عجب

داغ اِنهيءَ جي درد برهه جو، آهي روز ۽ شب

آخر ”امام بخش“ هٿئون اُن جي، ملندو دارون ڊب

 

(6)

اُٰڀريو عشق جو آفتاب، تاب تارن جو گم ٿي ويو آ

 

شمس شعاع ڪيو آ چوڌاري، روشن ٿي آ دنيا ساري،

ڇا جو هئڻ حجاب

سج جي نڪتي چنڊ ۽ تارا، ڇــُـپيا ڇڏي سڀ تيز ويچارا،

وجهي نفيءَ جو نقاب

نيهن وارن اڄ عيد ڪئي آهه، اوندهه دوئي جي ڍڪجي وئي آهه،

واهه واهه نيهن نواب

”خادم“ خطرا خام ڇڏي ڏي، هوئي سندا هيءَ دام ڇڏي ڏي.

دنيا خيال ۽ خواب

(7)

سڄڻ سائين ڪري شفقت، ڳنڍيو مون ساڻ ڪا محبت

کسين ٿو دل ڪري ماڻا، مارين ٿو مفت نماڻا
سڃاڻي پاڻ کي راڻا، ڪريو صدقؤن اچي صحبت

 

ڇڏي ڏي يار ڏاڍايون ملڻ جون محب ڪر وايون
اکين  ۾ مان ڏيانءِ جايون، مڃي اچ يار تون منت

 

حيراني آهه ٻاجهون تنهنجي، پرين ايندين اڱڻ منهنجي،
ٿورو ڪندين لائق پنهنجي، ڌڻيءَ لڳ لاهه هيءُ فرقت

 

”امام بخش“ ٿو ڪري آهون، ٻڌي هٿڙا ٻڌي ٻاهون
رُٺو آهين يار تون ڇاهون، ڇڏي ڏي ناز ۽ نخوت

 

وزير آباد

(1886ع)

 

(8)

مديني ڏي ٿئي قسمت، پسان روضو  مبارڪ شل

اُڏامي مان وڃي جيڪر، هجن مون کي جي کنڀ ۽ پر،

 

چمان در روضي جو هر هر، وسي جت روز ٿي رحمت

 

سڄڻ لئه ٿيان سنياسي مان، آهيان جنهن لئه اُداسي مان،

 

پسڻ جي لئه پياسي مان، مَتو آهه مَـنَ ۾ مچ محبت

 

پرين جو پــُور پيوآهي، نهوڙي نيهن نيو آهي

اُچي هي خيال ٿيو آهي، وڃان هتڙون ڪري هجرت

 

اُتي جي خاڪ آهي تخت، اُتي جي بيک آهي بخت

 

نظارو نور جو هر وقت،اُتي جو رهڻ آهه جنت

 

 

گذاريان اُت جيان جان ڪي، وڃي دوريءَ جي غمناڪي،

 

اُتي ٿئي موت بس باقي، بقيع ۾ ٿئي تربت

 

 

”امام بخش“ ڪر سگهو سعيو، ڇڏي ڏي نفس جو رايو،

 

همت ۽ شوق ڪر مايو، لهين دارين ۾ راحت

 

(9)

پردو ڍڪج پير سچا غوث جيلاني!

ڏاتر توکي ڏات ڏني آهه ميرن مڙني جا مير

 

ويرين واهڙ ڏاڍا وهايا، پار لنگهائين پير

 

ڪتا ڪاهيندا ڪڍ اچن ٿا، هڻ تنهن کي تير
ڏئي دلاسو دل کي آٿت، کنڊون کارائين کير
هن ڇيهن کان مون کي ڇڏائي، ڏجو اندر کي ڌير

 

حاجي “امام بخش” سڪي اوهان لئه، اٿس اور اڪير

 

(10)

غوث سڀن جا پير تنهنجي سامَ پيو هان!

ڏاڍيون لهرون سمنڊ ٻڌان، ٿو تــُـرهو عمل جو ڪونه رکان ٿو،

 

تون ئي لنگهائين سير

مئاجياريئه ساڻ حڪم خدا جي، اچي پيس در تو داتا جي،

 

مهر ڪريو ڪا مير

 

ڪلبئه آحزان ڪر منهنجو گلشن، پاڻ پسايو خوش ٿئي تن من،

 

ڏي اچي من ڌير

 

حسني حسيني مير مدد ڪر، اچي ”امام بخش“ پيو آ تو در،

 

واهر ڪرين ڪا وير

 

(11)

وڃ نه تون وڻڪار، ميان، پرجهه پرين سچ پاڻ ۾!
الف رکج تون دل جي اندر، ڇڏ رلڻ جي ڪار
هيڏانهن هوڏانهن آهه اهوئي، نــِـر تون نيڻ نهار

 

واحد هڪڙو سمجهه صحيح ڪر، ناهي دوئي درڪار
هوريان ڏاڍيان هل، “امام بخش” دور نه آهه دلدار

 

(12)

عمر ساري ڪيم پــُـڪار، ڪونه ڪو سڏڙو ٻڌو تو!
ڪيئن ورچان يار جاني، تنهنجي سڏڙن کان سڄڻ،

 

سڏ ٻڌي ڏي ڪو قرار

گولي گندري ڏوهه سان پــُـر، آهه پرتي تو پرين،

 

نيٺ لهندين تون سنڀار

رات ڪاري، سمنڊ آڏو، ٻيا درندا خوفناڪ،

 

مـِـهر ڪر منهنجا ميهار

 

درد کان دانهون ڪري، ”خادم امام بخش“ روز شب

 

ستر رک اُن جو ستار

 

(12)

رات ساري ڪـَـيـَـمَ نهار، ڪونه ڪو پانڌي مڪو تو!

 

عيبن آهي ڪيو اُگهاڙو پڻ گناهن ۾ گتل،

 

ڪر ڪرم پنهنجو ڪو يار

 

هيڏانهن هوڏانهن پيو نـِـهاريان پر تسَلي نا ملي،

 

آ اندر ۾ انتظار

 

هٿ ٻڌي آزيون ڪريان ٿو عرض سـُـڻ عاجز سندو،

 

وصل جي ڪا واڳ وار

 

عاصي “امام بخش” گولڙو خادم اوهان جي در سندو،

 

ڪر قرب پنهنجو قربدار

(13)

مارو تون ميلِ، اَميرَ، ساهه جـَـنن کي ٿو ساري!

 

راتو ڏينهان مون کي مارن جي عاقل آهه اڪير

 

موهي من وڌو آهه ماري

 

کاڄ کيڻ هت ريءَ مارن جي وِ ههُ ڀايان ٿي وير،

 

ڏيل ڏکن وڌو آهي ڏاري

 

سرتيون منهنجون ڀـِـٽـُـنِ، ڀر آهن، محبت تن جي مير،

 

راتيان ڏينهان ٿي رئاري

 

چوي ”امام بخش“ نانءُ الله جي ڪڍ زور آور زنجير،

 

واڳ وطن ڏي وڃان شل واري

 

(14)

ڪر ڪرم تون رب ڪريم،هن نماڻي گهٽ گهڻي تي!

 

شرڪ کان سائين بچائين وسوسا سڀئي وڃاءِ

 

قلب منهنجو ڪر سليم

 

عشق تنهنجي طلب آ، هوڏ هستي کي هٽاءِ،

 

ٻي طلب آ منهنجي ڪيم

 

سڪ اندر آ راتو ڏينهان، آرزو منهنجي پڄاءِ،

 

تون بچائين ڏنهن جحيم

 

حاجي ”امام بخش“ کي نه گهرجي، دوست تنهنجي ريءَ سواءِ،

 

رحم ڪج تنهن تي رحيم

 

(15)

وسرن ڪين سنگهار، ملير ا  باڻا شاد وسن ٿا

 

کيج کـِـنوڻ جا ڏسندي ڏورون، نيڻين وهن  ٿا نار،

 

ڏيهي ڏاڏاڻا ياد پون ٿا

آمر قضا جي هـِـت آ آندو، بيوس ٿيل لاچار،

 

خوش اُهي جي آزاد گهمن ٿا

ڪانگ لنوي جي ڪوٽ تي ويهي، قلب ڪري ڪوڪار،

 

نيڻ سندم ناشاد ٽمن ٿا

“خادم” اُنهن سان ٿئيم ميڙائو، جن جي طلب تنوار،

 

نيٺ ته ملندي داد چون ٿا

 

مولود

تنهنجي پئي آهيان سام، سيدا، در سڀ ڇڏي ٻيا!

 

گلبدن گلفام گلگون تون آهين گلشن سڄو،

 

لڙهه لڳو آهيان تنهنجي لام

مئي محبت عشق جي ميان پــُـر ڪري مهرون مٺل،

 

ڪي پياريو مون کي جام

جاءِ جوڙي ڏيان اکين ۾ شاهه خوبان اچ اڱڻ،

 

عرض سڻ ڪو رب جي نام

عاصي “امام بخش” ڇا ڪري سگهندو تنهنجي سارهه ثنا،

 

توتي صلواتون سلام

*

مير محمد شاهه ڪر ولهي جي واهه ور وسيلا وارث

 

حال مڙوئي منهنجو اَٿوَ سڀ آگاهه

واٽ ڏنگيءَ کان رک تون، سئين ڏيکارين راهه،

 

حال مڙوئي منهنجو اَٿـَـوَ سڀ آگاهه

سال سيڏائي لنگهيا سڪ اٿم منجهه ساهه،

 

حال مڙوئي منهنجو اَٿـَـوَ سڀ آگاهه

 

ماد ڪرين سڀ مدعي، جيڪي ٿين بدخواه،

 

حال مڙوئي منهنجو اَٿـَـوَ سڀ آگاهه

شافع آهين ڪل عالم جو، اي تون شاهنشاهه،

 

حال مڙوئي منهنجو اَٿـَـوَ سڀ آگاهه

آزيون سڻين تون منهنجو سيد عالي جاهه،

 

حال مڙوئي منهنجو اَٿـَـوَ سڀ آگاهه

ڍڪين ڍُٽائون منهنجون، بخشين سڀ گناهه،

 

حال مڙوئي منهنجو اَٿـَـوَ سڀ آگاهه

 

نظر ڪر ڪا رحم جي، مــَـٿي، “امام بخش” ڏاهه،

 

حال مڙوئي منهنجو اَٿـَـوَ سڀ آگاهه

 

(14)

غوث الاعظم شاهه، منهنجي ڪا مير مدد ڪر!

هادي هاڻي ٿي تون راضي معاف ڪرين تون ڏوهه منهنجا ماضي

 

بخشين سڀ گناهه

 

آهيان عاجز بلڪل بيوس، سڏڙا سڻي راحم تون رس

 

والي ڪر ڪا واهه

 

منهنجو وسيلو تون ئي آهين، ڏکڙا منهنجا سڀيئي لاهين،

 

اٿئي سڀ آگاهه

سڏ ۾ ساڻي ٿي اچي ميران، من منهنجي کي ڏي ڪي ڌيران،

 

پنهنجي ڏينم پناهه

 

سڏ سڻ منهنجا آهيان سوالي، شيرسخي، تون ڇڏ نا خالي،

 

ڏي ڪجهه نانءُ الله

آهين بالله عارف واصل، آمون”امام بخش“ جون ڪرتون حاصل،

 

رک ڪا نيڪ نگاهه

(15)

قلندر مير واهر ڪر، سچا شهباز سيوهاڻي!

سڄي سنڌ جا سڀئي تعلق، ڪيا تو ساڻ سچ خالق،
مون کي ڏي فيض تون فائق، حقيقت حال ٿو ڄاڻي

 

سچا سيد ڏي دلداري - مهر ڪر شاهه هڪواري،
اَٿو معلوم سڀ ساري، نه ياور آهه نا ساڻي

 

سدائين آس منهنجي آهه، لاهين دل تان تون گوندر گاهه،
سوا تنهنجي وسيلو ناهه، ڏسان ٿو ڏيهه سڀ ڏاڻي

حسيني باغ جو تون گــُـل، مدح گو تنهنجو مان بلبل،
“امام بخش” کي حقيقي مــُـل، پياريو پرت جو پاڻي

 

(16)

آيم بوءِ بهاري، واهه واهه رت بسنت جي آئي؟

قادر ڪڍيو سي ءٌ سياندو، ٿيو آ قلب قراري
سڀ جاءِ ساوڪ سبزي ڏسجي، ٿيڙا مينگهه ملهاري
گــُـل ڦل ٽڙيا باغ بهاريا، چٽيا چمن چوڌاري
مڙئي ٻور جهلي ٿا ٻهڪن، هرڪا برهه ڦلاري
بلبل چڻڪن، ڀؤنرا ڀڻڪن، طوطن، لات تنواري
خير جو ڀاڱو خلق کي مليو، هر هنڌ ٿي هٻڪاري
آهه “امام بخش” سائل تو در، صاحب ڪر ستاري

 

(17)

اُٿيا اندر اُڌ ماٽَ، ٻيجل جيڪا تانَ ٻــُـرائي!

ساز ســُـرندو تنهنجو سيبائي چارڻ تنهنجي چاٽَ،
                ڳالهه ڳجهي  ڪا مون کي ٻڌائي

جيءُ آئين تون ڀلي ڪري آئين، تنهنجي ڏٺم ٿي واٽ،
                ڪئي اچڻ سان تو ڀلائي

ساز تنهنجي جا سهسين شايق ڳورا اچو ڏين ڳاٽ،

 

تار تنهنجي آ، موج مچائي.

“خادم” ڏياچ ڏنو سر گهوري قرب واري هيءَ ڪاٽ،

 

رهندي ياد جــُـڳان جڳ جائي.

(18)

وڃي ٿي وڇوڙي ۾ سڀ زندگاني،
پوئي مهر مرسل پسايو پيشاني.

 

گهڻا سال گذريا، تنهنجي لاءِ سڪندي،

 

ڪندي آهه و زاري نپي زندگاني.

 

 

وڇوڙي جدائيءَ ۾ گذري حياتي،

 

اندرئي اندر آهه، تو لئه حيراني.

 

نه مــَـٽ تنهنجو پيدا ٿيو آ نه ٿيندو،

 

ڏسان ڏيهه ۾ ڪونه تنهنجو ڪو ثاني.

 

اچي عمر آخر ٿي آهي حبيبا،

 

ڏيو ڏاڻ، تنهنجو ڏسان ڏيهه ڏاني.

 

ٿئي شال سڪرات خادم جي سؤلي،
وئي خادم ننڍپڻ، اجائي جواني.

 

 

----***----

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org