سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات خادم

صفحو :5

رديف س

آهه دنيا بي بقا، الله بس باقي هوس
ڪر سدا ياد خدا، الله بس باقي هوس
زندگي آهي هتان جي، کهنبي جي چٽڪي جيان
تون نه سمجهين ٿو اڃا، الله بس باقي هوس
هي محل ماڙيون سندءِ جي، آسمان سان ٿيون گسن
نيٺ سي ٿينديون فنا، الله بس باقي هوس
غور ڪر جيڏا ۽ سرتا، تنهنجا هوُ ڪاڏي ويا
موت ڪيا توکان جدا، الله بس باقي هوس
آهه! هوُ چوسر حبيبن جي نه اڄ باقي رهي
کين وئي کائي قضا، الله بس باقي هوس
چند روزه زندگيءَ تي ڀروسو ”خادم“ نه ڪر
آهه هلڻو اڄ سڀان، الله بس باقي هوس
                        (شڪارپور، 1917ع)

 

*

يا رسول الله مون کي تنهنجو آ خوش نام بس
ڇا ڪندس گلشن ڏسي، مون لاءِ تون گلفام بس
انت شافع ڪل عالم يا شفيع المذنبين
ڪج شفاعت ڪارڻي مان تنهنجي آهيان سام بس
ياد آيو دمبدم آ ورد تنهنجو اسم پاڪ
شل پسايو پاڻ سائين، مان چمان اقدام بس
نفس ۽ شيطان مون کي چوطرف ويڙهيو اٿم
تون ڇڏائيندين اُنهن کان جن وڌو آ دام بس
رحمـة اللعالمين آ خاص تو کي رب سڏيو
اسم تنهنجو بشارت، آهين رحمت عام بس
ور سگهو ورنهه، ڪندي واڪا ويا ڪيئي ورهيه
بخش بديون پرچ پانــِـوَ، قرب ڪر اڪرام بس
هي ”امام بخش“ اُمتي اميد ڪامل ٿو رکي
وقت دم سڪرات جي ايمان ڏيو انعام بس

 

______*****______

 

رديف ش

عشق جي سوغات کي دلدار بخش
جنهن ۾ راضي ٿئين سڄڻ، اُو ڪار بخش
خلق کي حرص و هوس جي آ طلب
مون کي شوق ۽ جذب جو جنسار بخش
ڪين دنيا جي کپي ڪوڙي خوشي
پنهنجي الفت جو اَ مٽ آزار بخش
جام جم جي آرزو مون کي نه آهه
ڪيف پنهنجي قرب جو هر بار بخش
منهنجي ناداري ڏسي منهن ڪين موڙ
پنهنجي رحمت جو ڀريل ڀنڊار بخش
خام، ”خادم“ جي آهي سڀ آرزو
پختگي ڏيئي، تون پنهنجو پار بخش

 

*

ڪالهه ميخاني جي در تي، هيئن چيو ٿي مي فروش
هو ڪڪر آيو چڙهي، رندو اُٿو، ٿي ناؤ نوش
زندگي بي ڀروسي، دنيا جو واڌو فڪر و غم
هان! پيئو آ ساترالعيوب پنهنجو پرده پوش
محتسب اڄ ڏي اجازت، جيئن فراغت سان پيئون
مينهن جي ڪڻ ڪڻ ۾، ساقي مست آ مينا بدوش

 


 

خرخسا دنيا جا گهٽبا ڪينڪي ڄاڻين به ٿو
ڇڏ پيالي تي پيالو پي وڃايون خرد و هوش
وئي اَچي پيري آ ”خادم“ جام وٺندي هٿ ڏڪن
پر تپش اڄ ڀي آ ساڳي گهٽ نه ٿيو جوش و خروش

 

رديف غ

*

تو کي ڏسي اي جان من دلڙي کــُـلي ٿي باغ باغ
اي سيم تن سيمين ذقن دلڙي کـُـلي ٿي باغ باغ
ٿيا دور منهنجي دل تان ڏک، تنهنجي ملئي ٿيا سڀئي سـُـکَ
ماپي نه ٿي جان دربدن دلڙي کـُـلي ٿي باغ باغ
ڏک تو سـِـوا مون ٿي ڏٺا، تنهنجي ڏٺي سک مون مليا
ڏک سڀ ڀڳا رنج ۽ محن دلڙي کـُـلي ٿي باغ باغ
جن ٿي جهليو توکي عجيب، سي رد ٿيا رهزن رقيب
عيدون ٿيون منهنجي صحن دلڙي کـُـلي ٿي باغ باغ
”خادم“ ڪري ٿو زاريون، پائي ڳچيءَ ڳل ڳاريون
مهرؤن ڇڏايو ڏنهن غمن دلڙي کـُـلي ٿي باغ باغ

 


 

رديف ف

*

سورهِّ والليل آهن، تنهنجا هي دلدار زلف
مشڪ عنبر کان زياده ڪن ٿا هي هٻڪار زلف
گنج ماڻهو اُت چون ٿا، نانگ جاتي ٿا رهن
مان ڏسان اُو گنج رخ جو، کڻ مٿي هي مار زلف
چنڊ لڪجي ٿو ڪڪر ۾، ٿو ڏئين جڏهين ڦڻي
بي سبب ڇا کون وجهين ٿو، منهن تي مـه رخسار زلف
آرزو آهي مون کي، دل ۾ پسڻ جي روز و شب
آ لــُـٽي دلڙي منهنجي، تنهنجي سڄڻ سينگار زلف
هاڪ تنهنجي حسن جي، هر جاءِ هر ڪو ٿو ڪري
واهه، واکاڻيل وري، تنهنجا چوان منٺار زلف
حشر جي گرميءَ کان ڇا جي لئه ڊڄون اي ”خادما“
اُت پناهه آهن هڪيا حضرت جا سايه دار زلف

 

*

هيءَ اَجائي عمر ويئي آهه حيف
ٿي پڇان پيريءَ ۾ پيئي آهه حيف
قدر ڄاتم ڪين لائق حق جا
ٿي سنڀاريان هاڻ سي ئي آهه حيف
با حضورِ دل نه حق کي ياد ڪيم
ويا اَجايا وقت ڪيئي آهه حيف
جن مئن کي ٿي جياريو ديد سان
ويا لڏي هيءِ هيءِ سي ئي آهه حيف
 عمر گذري روئندي ۽ واڪا ڪندي
دور ٿيا سٻنڌ سي ئي آهه حيف
”خادما“ دمدم پيو ٻاڏاءِ تون
ڪنهن نه ڪنهن دم هُو سڻيئي، آهه حيف

 

رديف ل

*

ڪيو گلشن خزان جي ســُـڃ، نه رهه ناشاد اي بلبل
بهار ايندو، چمن کلندو، ٿيندينءَ تون شاد اي بلبل
ڪيئه صياد جي سوگهو، وجهي پڃري ڏکن جي ۾،
ڏکن پٺيان ســَـرن ٿا سک نه ڪر فرياد اي بلبل
آهين ڪو وقت قسمت جو، نه رڙ تون ماٺ ۾ ئي رَهــُـه
نه رهندو نيٺ هي پڃرو نه ڪي صياد اي بلبل
ويو مجنون گذاري وقت، هاڻي دور آ پنهنجو
هتي پنج ڏينهن هر ڪوئي، چون تعداد اي بلبل
ڀــُـرن سان آ ٽڪر ٽڪڻو، گهڻو مشڪل چون ٿا عشقن
برهه شيرين جي ۾ ڏس، فنا فرهاد اي بلبل
ڪڏهن هو شاهه رانجهن ڏس، هزاري شهر جو مالڪ
فقيري عشق ڏيکاريس، کڻي نڙ ناد اي بلبل
”امام بخش“ تون آهين بلبل، مدح گو باغ پنجتن جو
ڪندءِ ڪونين ۾ واهر، ڏينديءِ اِمداد اي بلبل
*

ڪر قبول هي عرض منهنجو، اي خداي ذوالجلال
لطف سان هيڪر پسائين غوث اعظم جو جمال
جنهن جي شفقت ۽ عنايت آ مريدن تي مدام
روز و شب تــَـنهن جو رهي ٿو روح ۾ مون کي خيال
صاحبِ والا ڪرامت، ساري جڳ جو فيض بخش
تنهنجو آ محبوب سو مشهور سچ سج جي مثال
غوث اعظم پير پيران ڪل ولين جو ولي
ڏي محبت اُن جي مولا، جنهن کي بخشيو ٿي ڪمال
 ڪر عطا نعمت محبت غوث اعظم جي ڌڻي
آستان بوسيءَ سان اُن جي ٿئي مون کي حاصل وصال
هت قفس ۾ بند آهيان، دور ناهموار کان
ڏي آزادي تان اڏامان، دور ڪر دک جو دوال
ڪر ”امام بخش“ جي ميسر مدعا حاصل سدا
حب ڏي محبوب پنهنجي جي اِهو آهي سوال

 

*

دل ۾ دلبر آهه مون کي، خاص تنهنجو ئي خيال
مهر سان هيڪر پسايو، دلربا جلوه جمال
توڙي آهيان مان گندو ناپاڪ، تو ۾ آ اُميد
تو ڀــَـلو آهين ڀــَـلا، مون سان ڀـــَـلائي ڪر ڪو ڀال
پيش تنهنجي ماهرو، آندو اٿم تحفو غريب
عاجزيون، زاريون، ادب، جانا، نازيون ۽ سوال
منهنجي تربت تي ڄمندو لالي جو گــُـل آ يقين
داغ دل تي ٿو رکان تنهنجو پسي دلدار خال
جي خزان گلشن خزان ڪيو، ڏس اِجهو آيو بهار
ڏک پٺيان سک ٿو ڪري، الله سدائين ذوالجلال
“خادما” قدرت خدا جي آهه بي پايان عميق
رات ڏينهن ڪيئن ٿو ٿئي ۽ ڪيئن ڦري ٿو ماهه و سال

 


 

رديف م

هجر تنهنجي کان ٿيو آرام رم
جي ٿيا سرمست تنهنجي شوق ۾
برهه تنهنجي ۾ مِٺَل بيتاب ٿيس
اچ مسيحا، ڪا مئل جي لهه خبر
 

روڄ ۾ اکڙيون ٿيون پينام نم
ڪهڙي ڪم جو آهه تن وٽ جام جم
هاڻ هي سـُـک من وٺن اندام دم
ڏي حياتي کول اي گلفام فم ڇڇڇ

عرض هي توکي ”امام بخش“ جو اَٿي
دلبرا پورا ڪيو ناڪام ڪم.

 

 

نعمت

يا محمد ڪر مدد منهنجي ڪريم
ماهه ڪيو آ تو اشاري سان دونيم
رحمت اللعالمين تنهنجو اسم
تو دران لکين ڇــُـٽا آهن سقيم
بحر آهين علم جو منبع حڪم
فيض ورتو توکان فائق هر حڪيم
آهين معدن جود ۽ مخزن ڪرم
ڪوهه وانگي حلم ۾ آهين حليم
مون کي ويڙهيو چوطرف رص وهوا
ڏيو خلاصي قلب ٿئي منهنجو سليم
تنهنجي اُمت مان هئڻ لئه ٿي سڪيا
سڀ نبي، عيسيٰ هيو يا ڪي ڪليم
تنهنجي اُمت جو لقب خير الامم
تنهنجو اعليٰ عز ڪيو رازق رحيم
ٿو رکان تو ۾ شفاعت جي اُميد
تو ۾ آسايا سڀيئي ٿيا آثيم
يا رسول الله منهنجي ڪر مدد
آهين بيشڪ صاحبِ خــُـلقِ عظيم
سڀ مرادون منهنجي من جون سڀ پڄن
عرض هي ”خادم“ جو آ تو درعليم

 

*

يا رسول الله تو تي لک صلواتون لک سلام
دمبدم هر جا پڙهن ٿا سڀ خوشيءَ سان خاص و عام
سيد الڪونين، ختم المرسلين، شافع امم
حق طفيلي تو مـَـنڊيو جڳ اي نبين جا امام
ڏينهن محشر جي پــُـڪاريندا سڀئي نفسي ڪري
تون هوندين آزاد خوش دل، سڀيئي پوندا تنهنجي سام
تون ڇڏائيندين سڀن کي، ٿي اجابت ۾ دعا
شوق مان اُمت کي ڪوثر جا پياريندين تون جام
سيدا ديدار ”خادم“ کي ڪريو پنهنجو نصيب
پڻ شفاعت ڪا ڪجو، مرسل مٿي ”خادم“ غلام

 

*

آهه تنهنجو دلبرا انعام عام
پاڙ پنهنجا جي ڪرين انجام جام
در زنجيرِ زلف تـِـو آهيان اسير
بند ڪيا جنهن بــَـندَ ۽ اندام دام
جي جپن ٿا توکي عاشق روز و شب
ڏي اچي تن کي سگهو آرام رام
حسن تنهنجو مون ڏٺو جنهن ڏينهن کان
سڀ ڇڏيم هڪدم ٻيا گلفام فام
تون ملاذا، ماءمن و ملجاء آنهن
پيا اچي تنهنجي سڀئي اجسام سام
هي سدائين آهه ”خادم“ جي صدا
شل پڄائين حاڪم الحڪام ڪام

 

نعت

يا مصطفيٰ ڪو فضل ڪر، تو تي صلواتون سلام
سڀ کان آهين تون سروسر، توتي صلواتون سلام

 

هي آسمان توڙي زمين، روشن ڪيا تنهنجي جبين
توکان خجل خور ۽ قمر، توتي صلواتون سلام

 

سڀ انبيا ۽ اوليا، توکان ڪرامت ياب ٿيا
سچ تون اُتم آهين اپر، توتي صلواتون سلام

 

هي رات ڏينهن توکان ٿيا، تنوير زلف ۽ رخ ٿيا
روشن ز تو بر و بحر، توتي صلواتون سلام

 

 

ٿيندو جڏهن يـَـومُ الحساب، پڇبو جتي سوال و جواب
توريءَ نه اُتِ ٻي آهه ڀــَـِـر، توتي صلواتون سلام

 

ياسين و طاها شان ۾، آيو آهي فرقان ۾
ساراهه تنهنجي سربسر، توتي صلواتون سلام

 

 

سڪرات جي ويلي رسج ۽ مهر مان ڪلمو ڏسج
حامي اُتي ٿج راهبر، توتي صلواتون سلام

 

”خادم“ اوهان جي شوق ۾، زاريون ڪري ٿو ذوق ۾
تنهن کي پسايو رخ هيڪر، توتي صلواتون سلام

 

نعت

مون تي مهر ڪر، يا نبي الڪريم
عنايت ۾ تنهنجي اميدون اٿم
بچائين زماني جي دولاب کان
نبين ۾ توکي خدا آ ڪيو
عليڪ الصلواهِ وعليک السلام
اٿم سڪ روضي پسڻ جي گهڻي
”امام بخش“ جو ننگ توتي مدام

رهان تازه تر، يا نبي الڪريم
هان عاصي اگر، يا نبي الڪريم
آهيان بي خبر، يا نبي الڪريم
سڳورو ۽ سر، يا نبي الڪريم
به شامَ و سحر، يا نبي الڪريم
سڏين پنهنجي در، يا نبي الڪريم
اي حامي حشر، يا نبي الڪريم

 

*

دمبدم دانهون ڪريان ٿو، يار تنهنجي ياد ۾
پر ڏسان ٿو ڪو نه ڪو، تاثير ڪنهن فرياد ۾
آ فلڪ ڏاڍو ستايو، آهه بيشڪ بيوفا
قاتلِ عشاق آ، ڪا مهر ناهه جلاد ۾
دام کي مخفي وجهي، لالـچ جا داڻا ٿو ڇٽي
مرغ دل جو ٿو وٺي، جادو آهي صياد ۾
اي فريبي آسمان، وعدا تون پنهنجا ياد ڪر
ڇو فراموشي ڪرين ٿو ڇڏ نه درد آباد ۾
مان ته هي تنهنجا ستم، ٿو سر مٿان هر دم سهان
پر اچي توکي مزو ڇو بي سبب بيداد ۾
دور غربت ۾ گذاري ٿو سندءِ ”خادم“ غريب
 هوت اُن کي رس اچي، هيڪر هن حيدرآباد ۾

 

رديف ن

*

عجب دور گردش قمر ٿو ڏسان
محبت محبن ۾ اڄ ڪانه آهي
مروت ۽ نيڪي ته گم ٿي وئي
عجب چال چوڏهين صديءَ آ رکي
اڳيان واٽ ڪاري، ٻجهي واٽ سخت
اُتي رب ڪو ڪج ڪرم مون اُتي
دنيا بي بقا آهه، اي دل سنڀال

جو جت ڪٿ بپاشور و شر ٿو ڏسان
همه يار خواهان زر ٿو ڏسان
ڏهاڙي زمانو بتر ٿو ڏسان
ڪه شورش پسر با پدر ٿو ڏسان
نه ڪي پاڻ وٽ ڪو سمر ٿو ڏسان
سندءِ فضل ڌاران نه ڀر ٿو ڏسان
چڱو هاڻ ”خادم“ حذر ٿو ڏسان

 

*

ڇو ڏسين ٿو جاءِ پنهنجي لامڪان
توکي محرابن ۾ ساجن ڳوليم
هاڻي ميخاني کي ڦوليان تنهنجي لئه
دل اڳيئي، دين هاڻي يار نيو
ناصحا ڇڏ، خوف دوزخ جو نه ڏي
”خادما“ بازي بڻائي آهه يار

ليڪ جاڳهه تنهنجي هر جا ٿو ڏسان
نا لڌم توڙي دعائون ٿو گهران
ٿو ٿيان ٻانهو وڃي پيرِ مغان
طعنو هڻ تون ڪين زاهد، ڇا چوان
يار ڌاران ڪين گهرجي ٿو جنان
آهه حيرت ۾ سندس سارو جهان

 

*

سال ٿيا توکي سنڀاليندي پرين
هان ملڻ جو ڪو مٺل ڍارو ڍرين
زلف جي زنجير ۾ سوگهو ڪري
ميءِ محبت مان پياري ڪو قدح
پــُـر اَدا پانڌي پرين جي پار ڏي

لاهه دوري هاڻ ڪر مون کي قرين
سڏ سڻي منهنجا سگهو وارث ورين
هاڻ دلبر ناز ماڻا ٿو ڪرين
عشق پنهنجي ساڻ منهنجو من ڀرين
سوکڙي “خادم” جو سر قدمين ڌرين

 

 

*

فضل دمدم ٿو پنان تنهنجي دران
ڪڪ ڪيو آ، نفس ۽ شيطان گڏ
منهنجي قسمت ڪر عرب ڏي خيرسان
پڻ اتيئي منهنجا پورا ٿين پساهه
سن تيرهن ســَـؤ آ گذريو، ڇا مٿي
آهه نازڪ وقت آيو، ڪر بچاءُ
هيءَ سدائين آهه ”خادم“  جي صدا

يا خدا تون بخش مون کي لطف سان
رحم سان ڏي رب تون مون کي آمان
ذوق الفت ساڻ ما شلَ حج وڃان
جنت البقيٰ ۾ يا رب پورجان
ڪج رحم، جي حادثا ٿيندا نوان
پنهنجي هلندي رب منهنجا شل هلان
تنهنجي شوق ۽ عشق ۾ شل مان مران

*

ڪٿ ڪري ٿو ڏس تنبورو رون ۽ رون
صاف ويچارو چوي ٿو تون هين تون
اُٿ سڄڻ کي سڏ دلا! غافل نه ٿي
آنهن دنيا ۾ فقط تون ڏينهن ڏون
هاڻ يوسف ڇڏ کڻي زندان کي
ٿا رکن تولاءِ سڀ شايق سـَـڌون
رحم ڪر يوسف زليخا تي سگهو
جنهن جون سڙيون هجر ۾ تنهنجي رڳون

 

تنهنجو مشڪل نيٺ ”خادم“ ٿيندو حل
عرض ڪر مولا عليء کي هٿ ٻڌون

 

*

جاني آهين، تون پيارو ساهه کان
من کسي وئين محب منهنجو ميڇ سان
داهون دمدم ٿو ڪريان مان عجز سان
مون ڏکويل کان پرين پاسي نه ٿي
استقامت واٽ پنهنجيءَ تي ڏئي
آ ”امام بخش“ خوف خطرو هي فضول
.

حــُـسن تنهنجو آهه احسن ماهه کان
ٿو ڊڄان تنهنجي قريبا ڪاهه کان
وصل تنهنجو ٿو گهران الله کان
ڊڄ سندم هن سوز واريءَ آهه کان
تون بچائين يا خدا بد راهه کان
گهر مدد سرور محمد شاهه کان
.

*

وه زماني جي عجائب چال نياري ٿو ڏسان
طرز نئين تعليم ۾، گم سمجهه ساري ٿو ڏسان

 

ڪن جي لئه آهي فراست، ڪن جي لئه آ فهم فن
آءٌ ته هن ۾ روشنيءَ بدران انڌاري ٿو ڏسان

 

نوع بنوع احباب هت، اڄ اوچتو آهن مليا
پر محبت پاڻ ۾ ڄڻ ڪي اڌاري ٿو ڏسان

 

ڇا لڳي پوئين وهي ۽ ڇا لڳي سکيا وٺڻ
چهل ساليءَ بعد طفلي، نوشعاري ٿو ڏسان

 

جي ڪچي ورندا ڪنا، سي ڪيئن پڪي ورندا ڀـَلا
هي عجائب چيستان پڻ اضطراري ٿو ڏسان

 

طالب و اُستاد وٽ اڄ نا رهيو اخلاق ڪو
هر طرف اي علم تنهنجي مان خواري ٿو ڏسان

 

هي ڪتابن جو رڳو آ ڍير طوطي جان رٽڻ
تربيت آ ڪانه پر تعليم جاري ٿو ڏسان

 

نا اُميدي ڪفر آ، پر ”خادما“ منهنجي اڳيان
علم جي هوندي به اوندهه، رات ڪاري ٿو ڏسان

 

تاريخ وفات محمد قاسم ”قاسم“ هالائي

 

افصح الفصحاءِ قاسم لئه عيان
ٿو روئي هي نيلگون اڄ آسمان
جو ٿيو هوندو ميان جو مجلسي
 تنهن کي هوندو نانءُ اُن جو ورد جان
شاعرن سڀني جي لئه هو تاج و زيب
سنڌ ۾ ثاني سندس ورلي ڏسان
پارسي، عربي، سنڌي توڙي هندي
ڪونه هوندو اُن مثل شيرين زبان
 ويو ڇڏي فاني سرا کي ڏنهن بقا
رب عطا اُن کي ڪري خلد و جنان
جنوريءَ جي ارڙهين، منگل جو ڏينهن
سال ارڙهن سـَـؤ اِڪاسي هو روان
”خادما“ آمين پڙهه ۽ ماٺ ڪر
ڪين سگهندين تون ڪري وصفش بيان

 

______*****______

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org