سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: دک جي نه پڄاڻي آ

صفحو :9

 

 وايون

هر سچي شاعر کي پنهنجو الڳ Diction، نئون لهجو ۽ نِڪور رِدم هوندو آهي. ان آڌار تي ئي هُو پنهنجي همعصرن ۾ منفرد حيثيت ماڻيندو آهي. اياز گل پنهنجي دؤر ۾ اهڙي حيثيت ماڻي چُڪو آهي.

ــــ  امداد حسيني

 

 

هر سچي شاعر کي پنهنجو الڳ Diction، نئون لهجو ۽ نِڪور رِدم هوندو آهي. ان آڌار تي ئي هُو پنهنجي همعصرن ۾ منفرد حيثيت ماڻيندو آهي. اياز گل پنهنجي دؤر ۾ اهڙي حيثيت ماڻي چُڪو آهي.

ــــ  امداد حسيني

 

*

اَندرَ ۾ هي آدمي

مندرَ ۾ ڀڳوانُ

ڪيڏو تنها ٿي ويو!

سوچي سوچي پاڻَ تي

پاڻَ ئي ٿئي حيرانُ

ڪيڏو تنها ٿي ويو!

ڪُوڙ پُڄي ويو ماڳَ تي

رستي ۾ ايمان

ڪيڏو تنها ٿي ويو!

هيڏيون جوڙي رونقون

آخرِ ۾ انسانُ

ڪيڏو تنها ٿي ويو!

تون وئينءَ ته آءٌ ڇا

گهرُ سڄو ئي جان!

ڪيڏو تنها ٿي ويو!

انَدرَ ۾ هي آدمي

مندرَ ۾ ڀڳوانُ

ڪيڏو تنها ٿي ويو!

 

*

اَڃا تائين سپنا

کولي نيڻنِ- دَرَ

توکي ڳولنِ ٿا!

ناهي مَرهَم آسرو

گهايل جذبا پَر

توکي ڳولنِ ٿا!

مون سان آڌيءَ رات جو

اُٿي روز اکرَ

توکي ڳولنِ ٿا!

جيئڻَ جو آسون کڻي

مُئل هي منظرَ

توکي ڳولنِ ٿا!

خوشحالي!، هر ڳوٺَ جا

سارا ڪچا گهرَ

توکي ڳولنِ ٿا!

شهرَن ۾ گم ڇوڪرا!

ڪَسِيون ٻَنيون، هَرَ

توکي ڳولنِ ٿا!

اَڃان تائين سپنا

کولي نيڻنِ- دَرَ

توکي ڳولنِ ٿا!

*

هيڏي تِکيءَ اُسَ ۾

ڪَچن رنگن سان

ڇا لئه تون نِڪتين پرين!

ٻاهر هر پل حادثو

مُنهنجن نيڻن مان

ڇا لئه تون نِڪتين پرين!

تارَن راتِ پُڇيو پئي

پاڇَن جي پويان

ڇا لئه تون نِڪتين پرين!

سوچي سوچي ٿَڪجان ٿو

ٿَڪجي ٿو سوچيان

ڇا لئه تون نِڪتين پرين!

هيڏي تِکيءَ اُسَ ۾

ڪَچن رنگن سان

ڇا لئه تون نِڪتين پرين!

 

*

ڇڏِ کڻي او يارڙا!

مون کان مُنهنجون تون

ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پُڇين!

ڄڻ ته ڊائنامائيٽ جي

مٿان ويٺا هئون

ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پُڇين!

جيونُ هونئن ئي مسئلو

ويتر هي دورُيون

ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پُڇين!

تون ناهين ته هانوَ ۾

چُهنڊيون- چانڊوڪيون

ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پُڇين!

چاهُه به تن جو چَهڪَ جيان

ميٺا! ماڻهُن جون

ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پُڇين!

ڇڏِ کڻي او يارڙا!

مون کان مُنهنجون تون

ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پُڇين!

 

*

تُنهنجي وئي کانپوءِ

مُنهنجي اَندر ۾

راتِ رهي پئي آهي!

انڌين اکيُن لاءِ ته

هر ڪنهن منظرَ ۾

راتِ رهي پئي آهي!

ويندي ويندي ڀي وري

دردَن سان دَرَ ۾

راتِ رهي پئي آهي!

ساري جڳَ ۾ سوجهرو

پنهنجي ئي تَرَ ۾

راتِ رهي پئي آهي!

صديون گُذريون رُوپلا!

پر تُنهنجي ٿَرَ ۾

راتِ رهي پئي آهي!

 

*

گوري!، گَجري ۾

ڪاٿي آ مَهڪارَ؟

تُنهنجي ٽَهڪن جي!

جيونَ، جيونُ ٿيڻ لاءِ

ورتي آهي اُڌارَ

تُنهنجي ٽَهڪن جي!

آءٌ اُتي ئي آهيان

ڏاڍي ڏُور اُڏارَ

تُنهنجي ٽَهڪن جي!

اکيون آگمَ ٿي ويون

جڏهين آئي سارَ

تُنهنجي ٽَهڪن جي!

آءٌ مسافرُ دردَ جو

ڳوليان ٿو وڻڪارَ

تُنهنجي ٽَهڪن جي!

گوري!، گجري ۾

ڪاٿي آ مهڪارَ؟

تُنهنجي ٽَهڪن جي!

 

*

هوءَ جا مُنهنجي زندگي

پري وئي مون کان

تبديلي چاهي پئي!

ڄڻ ته پُراڻو هُن جو

وڳو آهيان مان

تبديلي چاهي پئي!

چئي وئي، هُن شَهر ۾

ٻيهر نه ڏسجان

تبديلي چاهي پئي!

هڪڙي پل ۾ ٿي ويس

مان ڄڻ پٿرَ جيان

تبديلي چاهي پئي!

آءٌ جيئان ٿو، يا مَران

هُنَ کي ڇا تنهن سان؟

تبديلي چاهي پئي!

هوءَ جا مُنهنجي زندگي

پري وئي مون کان

تبديلي چاهي پئي!

 

*

توکي چاهڻَ جي

نينهُن نِڀائڻَ جي

لائق ئي ناهيان رهيو!

تُنهنجا، نيڻن ۾ پرين!

خوابَ سجائڻَ جي

لائق ئي ناهيان رهيو!

ڄاڻان ٿو هِن موڙَ تي

ڪنڌُ ورائڻَ جي

لائق ئي ناهيان رهيو!

توکي روڪڻَ لاءِ مان

هٿُ وڌائڻَ جي

لائق ئي ناهيان رهيو!

ڇا واقعي مان تُنهنجو؟

پيارُ سڏائڻَ جي

لائق ئي ناهيان رهيو!

توکي چاهڻَ جي

نينُهن نِڀائڻَ جي

لائق ئي ناهيان رهيو!

 

*

پرين!، هيڏو چاههُ

هڪٻئي تي ويساههُ

ڇا سڀ ڪُوڙ هيو!

تو هٿاران ٿي ويو

هڪڙو شخصُ تباهُه

ڇا سڀ ڪُوڙ هيو!

تون وئينءَ يا ويو هليو

چورائي ڪو ساهُه

ڇا سڀ ڪُوڙ هيو!

ٻوڙي ويئڙو هر خوشي

دَردن جو درياهُه

ڇا سڀ ڪُوڙ هيو!

پرين!، هيڏو چاههُ

هڪٻئي تي ويساههُ

ڇا سڀ ڪُوڙ هيو!


 

*

مُرڪي مايا سان

ناتو جوڙين ٿي

ڏاڍو تون پڇتائيندينءَ!

تنهايُن جي سمنڊَ ۾

جيونُ ٻوڙين ٿي

ڏاڍو تون پڇتائيندينءَ!

سچ پُڇين ته رُڃَ ٿئي

جنهن ڏانهن ڊوڙين ٿي

ڏاڍو تون پڇتائيندينءَ!

ڇا ملندءِ جو مون کي

ايڏو ٽوڙين ٿي

ڏاڍو تون پڇتائيندينءَ!

مُرڪي مايا سان

ناتو جوڙين ٿي

ڏاڍو تون پڇتائيندينءَ!


 

*

جاڏي ڪاڏي تون

مون وڃايو پاڻَ کي!

سوچِڻ کان نِڪري ويو

ساريون ئي سوچون

مون وڃايو پاڻَ کي!

ڪاٿي عشقَ اڳيان ٿيون

هَلن تدبيرون؟

مون وڃايو پاڻَ کي!

توبِن سانوَڻ ڏينهڙا

هيڏيون برساتيون!

مون وڃايو پاڻَ کي!

جيونُ، دَٻيل شهر جون

ٻه ٽي نِشايون

مون وڃايو پاڻَ کي!

تون به ڏيندو ئي رهين

ٺلهيون تجويزون!

مون وڃايو پاڻَ کي!


 

*

تُنهنجي يادِ جو دِل ۾

ديپُ ڪو جلائڻَ سان

زندگيءَ سان پَرچي ويس!

تُنهنجو پنهنجِن سرتيُن ۾

مُنهجِي ئي سڏائڻَ سان

زندگيءَ سان پَرچي ويس!

خوفَ کي وِڇوڙي جي

مَنَ مان لڏائڻَ سان

زندگيءَ سان پَرچي ويس!

ڪنهن اُجاڙ مَندر جي

گِهنڊَ کي وَڄائڻَ سان

زندگيءَ سان پَرچي ويس!

تُنهنجي يادِ جو دل ۾

ديپُ ڪو جلائڻَ سان

زندگيءَ سان پَرچي ويس!


 

*

ياد- ڪتابن تي

سارن خوابن تي

دَزَ چڙهي وئي آهي!

تو آڏو چُپ چاپ مان

هَڙَ جوابن تي

دَزَ چڙهي وئي آهي!

توکان مان وڇڙي ويس

نينهن- نصابن تي

دَزَ چڙهي وئي آهي!

گونگي، ٻوڙي ديسَ ۾

گيتَ- گُلابن تي

دَزَ چڙهي وئي آهي!

چَمڪن پيا هٿيارَ ۽

قلمَ، ڪتابن تي

دَزَ چڙهي وئي آهي!

يادِ- ڪتابن تي

سارن خوابن تي

دَزَ چڙهي وئي آهي!


 

*

ڏاتِ بنان جيئن ڏانءُ

ڄڻ ڪو خالي ٿانءُ

ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!

هر گوليءَ ۾ ڳولي ٿي

پنهنجو گُم ٿيل نانءُ

ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!

سوچي پِيئي: ”پُهچندسِ

آخر ڪاٿي آنءُ؟“

ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!

پيڙائُن جي پنڌَ ۾

هارايل ڪو هانءُ

ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!

ڏاتِ بنان جيئن ڏانءُ

ڄڻ ڪو خالي ٿانءُ

ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!


 

*

توکان ٿيندي ڌارَ

کِليندي کِلندي يارَ!

لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

تُنهنجي پويان ڪيرُ اسانجي

سپرين!، لَهندو سارَ؟

لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

ساهَه ۾ تُنهنجِن ساهنِ جي

اَڃا ڀي آ، مهڪارَ

لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

راتِ کُٽي ۽ باکَ ڦُٽي وئي

جنهن پل ويڙهيئي وارَ

لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

پاڻيءَ تي ڄڻ لِيڪا ها

تُنهنجا قولَ قرارَ

لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

وري ملڻَ جي مهلَ وري

شالَ هينئين جا هارَ!

لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

توکان ٿيندي ڌارَ

کِلندي کِلندي يارَ!

لُڙڪَ لَڙي پيا لارَ ڪري.

 

*

توکي ۽ تُنهنجن

يادُن کي ڇاهي؟

ڀوڳيون يارَ اسان ٿا!

نِنڊون ئي ويندا کَسي

سپنن کي ڇاهي؟

ڀوڳيون يارَ اسان ٿا!

پِٿون پيرَ ويا ٿي

رستن کي ڇاهي؟

ڀوڳيون يارَ اسان ٿا!

توڙي تيزِ ترارَ جيان

لفظن کي ڇاهي؟

ڀوڳيون يارَ اسان ٿا!

چنڊُ گُهرن ٿا راندِ لئه

ٻارن کي ڇاهي؟

ڀوڳيون يارَ اسان ٿا!


 

*

گُهگهَه جي گهيرَنِ ۾

گهور انڌيرنِ ۾

ڏِيئا ٻاريان ٿو!

پنڇي راهَه نه ڀُلجن جيئن

مان آکيرنِ ۾

ڏِيئا ٻاريان ٿو!

اُجرن گيتن جا پيو

اندرَ ميرنِ ۾

ڏِيئا ٻاريان ٿو!

مان ڏِياريءَ جي ڏينهنَ تي

پرينءَ- پيرنِ ۾

ڏِيئا ٻاريان ٿو!

گُهگهَه جي گهيرنِ ۾

گهور انڌيرنِ ۾

ڏِيئا ٻاريان ٿو!


 

*

آءٌ امر انسانُ

ماري موتَ نه سگهندين!

اونداهي ڪمري جو مان

آهيان روشن دان

ماري موتَ نه سگهندين!

گُلَ مُرجهايا پوءِ ڀي

چَمڪي ٿو گُلدانُ

ماري موتَ نه سگهندين!

ڏُکَ اسان جي ڏيهَه ۾

ڏينهنَ ٻه ٽي مهمان

ماري موتَ نه سگهندين!

کنڊرَ چهرنِ جي پُٺيان

پَسجي پيو طُوفانُ

ماري موتَ نه سگهندين!

 

*

آءُ اسن وٽ هيلَ

جهولِ کڻي رابيل

برکا رُت جي بانوري!

موٽُ مورَ ڙَي!، مري نه پئي

ڊوڙي ڊوڙِي ڊيلَ

برکا رُت جي بانوري!

ڏاڍنِ جون ڏاڍايون سائين!

پوياڙيءَ جا کيل

برکا رُت جي بانوري!

ڦَڙِڦَڙِ، ڦَڙِڦَڙِ ڳاڙها جهنڊا

باکَ ڦُٽيءَ جي ويلَ

برکا رُت جي بانوري!

ڳاٽَ اُوچي سان ٿيندا رهندا

مِٺڙنِ سان پيا ميلَ

برکا رُت جي بانوري!

 

*

ڇاهي ٿي ڪڏهن اَلاءِ

اوکيءَ سوکيءَ لاءِ

لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!

ساري دنيا دانهَن آ

تَنهن ۾ ٽَهڪَ وِرهاءِ

لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!

ٿورو ٿورو خرچُ ڪر

وڇڙڻَ ويلي تاءِ

لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!

خوابَ کڻي وڃُ پانهنجا

موهُه سندم موٽاءِ

لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!

ڏينَهن ٿيڻ کان اڳ ئي

ڏِيئا ڪين وساءِ!

لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!

ڇاٿي ڪڏهن اَلاءِ

اوکيءَ سوکيءَ لاءِ

لُڙڪَ سنڀالي رک تُون!

 

*

دلبرَ! ديرِ سويرَ

ماڻينداسين ماڳَ کي!

ڪين پِٿون ٿيا پنڌ ۾

پٿرَ پنهنجا پيرَ

ماڻينداسين ماڳَ کي!

ڏاڍي ڇڏيو ڏاڍُ ڄڻ

ٻَٻرُ ڄڻيا ٻيرَ

ماڻينداسين ماڳَ کي!

قسمت پنهنجيءَ راهه ۾

ٿيندي آهي ڪير؟

ماڻينداسين ماڳَ کي!

ڪين اسان جي هانوَ کي

هارائڻ جي هيرَ

ماڻينداسين ماڳَ کي!

 

*

ناهي ديرِ سويرنِ ۾

راتِ وڃي ٿي رِڙهندي رِڙهندي!

باکَ- ڦُٽي ٿي کاٽُ هڻي

يارو! گُهگهه اَنڌيرنِ ۾

راتِ وڃي ٿي رِڙهندي رِڙهندي!

ڪُوڙ سموري دنيا جو

هوندو پنهنجن پيرنِ ۾

راتِ وڃي ٿي رِڙهندي رِڙهندي!

ماڻڪَ، موتي، لعل، ڪنولَ

ڦاٽَل ڪپڙن ميرنِ ۾

راتِ وڃي ٿي رِڙهندي رِڙهندي!

ڄاڻُ پرين! ڦَڙڦوٽ پئي

تُنهنجي غَمَ جي گهيرنِ ۾

راتِ وڃي ٿي رِڙهندي رِڙهندي!

 

*

واهَه وڻي ٿو گُل

وينگسِ وارنِ وچ ۾!

اُڏريو پکي پيارَ جو

تنهن ڏانهن ڏيئي بُل

وينگسِ وارنِ وچ ۾!

ڇِرڪي اَمُن اُڏامندو

ڪين ڪيو ڪو هُل

وينگسِ وارنِ وچ ۾!

پيارُ سمورو سچُ آ

ڪُوڙ ٻيو آ ڪُل

وينگسِ وارنِ وچ ۾!

سسئي بڻجي سوچَ! تون

راهون راهون رُل

وينگسِ وارنِ وچ ۾!

ڏکڻَ! منهنجيءَ ڏات جا!

گُهل گهڙي کن گَهُل

وينگسِ وارنِ وچ ۾!

 

*

گُلن جيان چَهرا

ماڪَ- ڦُڙا ڄڻ موهيڙا!

نفرتَ ڏئي ٿي نينهن کي

گهاوَ گهڻا گَهرا

ماڪَ- ڦُڙا ڄڻ موهيڙا!

ڊهندا، لَهندا نيٺ هي

پيارَ مٿان پَهرا

ماڪَ- ڦُڙا ڄڻ موهيڙا!

دٻيل، هِيسيل هانوَ ۾

اُلڪا – اُٻهرا

ماڪَ- ڦُڙا ڄڻ موهيڙا!


 

*

جيونُ جهڙي جُٺِ

پل پل پُور نوان!

پيٽَ بُکئي لاءِ ڀُڳڙن لَپَ آ

ڄن ڪي موتينِ مُٺِ

پل پل پُور نوان!

مسڪينن جو جيئڻ ڪهڙو؟

جيئري پيئڙا بُٺِ

پل پل پُور نوان!

ڇِيهان ڇِيهان سورهيه ڇاتي

ڪانئرَ گهايل پُٺِ

پل پل پُور نوان!

 

*

سانوڻَ رُتِ ۾ سارَ

آئي تُنهنجي يارَ!

ڦُٽيا گؤنچَ غمن جا!

تنهنجو هر پل ٽهڪڙا

منهنجو لڙڪن لارَ

ڦُٽيا گؤنچَ غمن جا!

چپَن وانگيان چِتَ تي

ڇانيل آ ماٺارَ

ڦُٽيا گؤنچَ غمن جا!

ايڏا سورَ سهون ڪيئن؟

ناهيون ڪي اوتارَ

ڦُٽيا گؤنچَ غمن جا!

گهڙيون گڏجي گهارجن

هيلَ ته ڪر هاڪارَ

ڦُٽيا گؤنچَ غمن جا!

 

*

سانگيئڙن کي سارِ

ڌاريا ڪهڙا دوستَ ڙي!!

آيلَ پنهنجي اَنَ تان،

ڪُڙمي! ڪانگَ اُڏارِ

ڌاريا ڪهڙا دوستَ ڙي!!

ريٽي رَتُ جو ريجُ ڏئي

سونو سِجُ اُڀارِ

ڌاريا ڪهڙا دوستَ ڙي!!

ڏُکن سُکن سان پرين!

گڏجي سڏجي گهارِ

ڌاريا ڪهڙا دوستَ ڙي!!

 

*

سچلُ، سامي يا لطيفُ

نانوَن ۾ ڇاهي؟

سچُ ته سچُ آهي!

سورجُ سدا لاءِ ڪوئي

ڪين سگهيو لاهي

سچُ ته سچُ آهي!

مُورکَ بَڪ بَڪ ڪنِ پيا

ماٺِ ڪئي ڏاهي

سچُ ته سچُ آهي!

دلبر!، پنهنجي ديسَ ۾

ڇا نه ٿيو آهي؟

سچُ ته سچُ آهي!

ڪيڏا ڏينهنَ رهي سگهبو

واريءَ- گهر ٺاهي!

سچُ ته سچُ آهي!

ظُلم ختم ٿي ويندو؟

تون جي چئين: ناهي

سچُ ته سچُ آهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org