سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: دک جي نه پڄاڻي آ

صفحو :3

 

غزل

اياز گل هي شاعريءَ کي هڪ انوکي خوشبوءِ آهي، جا نِمُ جي ٻُر ۾ ٿيندي آهي ۽ ان کي هڪ الڳ رنگُ آهي، جو پڪل پيرُن ۾ ٿيندو آهي.

ــــ شيخ اياز

 

*

ڪنهن ٻالڪَ جي اندرَ وانگي

ماڻهو آ هُو مندرَ وانگي

 

پيارُ اسانجو شيشي وانگر

ماڻهو ماڻهو پٿرَ وانگي

 

سانئڻ!، اڄڪلهه ڇوٿي وئي آن

جُون ۾ ٻرندڙَ سکرَ وانگي

 

نيڻَ ڪري ويو گهايل گهايل

خوابُ هيو ڪو خنجرَ وانگي

 

آءٌ سدائين توسان رهندُس

منظرَ سان، پَس منظرَ وانگي

 

هُو طوفان ڪو سامونڊي، مان

آهيان ڪيٽي بندرَ وانگي

 

ڪڏهن ڪڏهن جيونُ لڳندو آ

يارَ! ڳِچيءَ ۾ سنگهرَ وانگي

 

*

سياڻو ٿيءُ، ڇو خُون ڪرڻ ٿو چاهين تون!

مون کان پنهنجي يادِ کسڻ ٿو چاهين تون!

جيونَ! هڪڙو پيارُ نئون آڇي مون کي

شايد مون سان ڀوڳُ ڪرڻ ٿو چاهين تون!

لهجو تُنهنجو روزُ وڃي خنجرُ ٿيندو

چئين ٿو، مُنهنجا گهاوَ ڀرڻ ٿو چاهين تون!

رستا ڇا، مان شهرُ ڇڏن لئه راضي هان

ڇا لئه هي الزام کڻڻ ٿو چاهين تون!

سوچ کڻي تُنهنجي دنيا آ، مان ناهيان!

تنهن کان ڇو ائين دُور رهڻ ٿو چاهين تون!

ساڀيائون ڀي اهم ٿين ٿيون جيوَن ۾

ڇو آخر پوءِ خواب ٿيڻ ٿو چاهين تون!

هُوءَ وينگسِ ڪنهن سمنڊَ جيان آهي پيارا!

ناوَ بِنا جو پارِ ڪرڻ ٿو چاهين تون!

جو مُنهنجي حصّي ۾ اچڻو ئي ناهي

ڇو اهڙو اعزاز ٿيڻ ٿو چاهين تون!

وقتَ! قدُر ڪر ديوانن جو، ائين نه ڪر:

پنهنجو ٿي ۽ پيرَ ڪڍڻ ٿو چاهين تون!

 

*

بَسنتِ رُت ۾ به، پِيلاڻ ٿي ويو آهي

هُو شخص عشقَ جو اُهڃاڻ ٿي ويو آهي

 

جڏهن به توسان مليو آهيان، ائين لڳو آهي

سڄو وجودُ ئي سُرهاڻ ٿي ويو آهي

 

بَدن جا عيبَ سمورا انهيءَ ۾ ڍَڪجي ويا

هي پيارُ اهڙو ته پَهراڻ ٿي ويو آهي

 

سمورو ڳوٺُ ٿو پنهنجيءَ ته سونهَن سان ٻوڙي

هُو ڄڻ آگسٽ ۾ مِهراڻ ٿي ويو آهي

 

اکيون رڳو نه، هُو وِڇڙيو ته پنهنجي شعرنِ جو

اکر اکر ئي ته آلاڻ ٿي ويو آهي

 

ملڻَ مان، لَهجي مان، ڪيڏو لڳي پرائو ٿو

ائين ته ڪونه هو، جيئن هاڻ ٿي ويو آهي!

 

ڪي ٿورا ڏينهن اڳي، مان سندس حياتي هوس

جو مُنهنجي نانوَ کان اڻڄاڻ ٿي ويو آهي

 

*

يادگيريون سنڀال، ڪم ايندءِ!

ڪنهن وِڇوڙي جي سال، ڪم ايندءِ!

 

راهَه اوندهِه، اڳيان حياتيءَ جي

پيارُ ڏِيئي مثال، ڪم ايندءِ!

 

هُن کان پُڇجانءِ: ”گڏ هلي سگهندينءَ!“

هڪڙو ننڍڙو سوال، ڪم ايندءِ!

 

تو وِساري ڇڏيو، چڱو ئي ڪيئه

ڪهڙو برباد حال، ڪم ايندءِ؟!

 

ماڻِ لمحا مِلڻ جا، پر دل ۾

ڪي جُدايون به پال، ڪم ايندءِ!

 

مان نه هوندُس جڏهن، تڏهن ڏِسجانءِ

جڳَ! مُنهنجو مثال، ڪم ايندءِ!

 

کيس چنبڙي پئين ته ڇا ملندءِ!

ڇڏِ ماضي ته حال، ڪم ايندءِ!

 

*

ڇرڪُ ڀري ائين اندرَ جاڳي پوندا هِن

هوءَ جي مُرڪي منظرَ جاڳي پوندا هِن

 

ياد ائين، جيئن هوريان هوريان گهِنڊَ وڄن

ذهنَ ۾ ڄڻ ڪي مندَر جاڳي پوندا هِن

 

جڏهن ٿَڪجڻ لڳندي آهي تنهائي

لفظ، قلمُ ۽ ڪاڳَر جاڳي پوندا هِن

 

سولائيءَ سان وِڇڙي سگهبو آهي، پر

نيڻن ۾ ڪي ساگَر جاڳي پوندا هِن

 

جذبا سَرد ٿيڻ لڳندا آهن جڏهين

رِشتن ۾ ڪي خنجرَ جاڳي پوندا هِن

 

جڏهن به گڏبو آهين، توکي ڏِسندي ئي

اندرَ ۾ ڪي اوڳرَ جاڳي پوندا هِن

 

هونئن ته پنهنجو پاڻَ ۾ پُورا هوندا هِن

ديسُ ڏکيو ٿي، شاعرَ جاڳي پوندا هِن

 

*

نَڪو ملي ٿي، نه ئي نيڻَ ٿي پڙهڻ ڄاڻي

هُو ڇوڪري به رڳو، سُور ٿي ڏيڻ ڄاڻي

انهيءَ کي ڪهڙي خبرَ، لفظ ڪيئن مارِن ٿا!

جا ڳالهِه ڳالهِه ۾ بس، طنزَ ٿي ڪرڻ ڄاڻي

عمل، نه سوچَ، نه ڪوششِ، تباهه ٿي ويندو

هُو روئڻو، جو ٿڌا ساهَه ٿو ڀرڻ ڄاڻي

سمورا سڱ ڇِني وئينءَ ته خير آ سانئڻ!

هي دل ٿي آسَ جا لاشا سدا کڻڻ ڄاڻي

حياتي کيس ٺڳيندي الائي ڪيڏو اڃا؟

جو شخصُ پيار رُڳو پيارُ ٿو ڪرڻ ڄاڻي

اسان جا خوابَ ورائي ڏئي ته کيس مَڃون!

جو پنهنجي پَرِ ۾ کڻي معجزا هلڻ ڄاڻي!

کٽڻَ جي ڳالهِه اُنهي لاءِ آهه به معنيٰ

سدائين هارَ مان جو حوصلو وٺڻ ڄاڻي

ايازُ ڪيئن پري پاڻَ کان ڪري سگهندؤ؟

اوهان جي دل ۾ ٿو احساسَ جيان رهڻ ڄاڻي

سڀنِ سان مُرڪي ملي ٿي، ملي وَڻڻ ڄاڻي

هُو ڇوڪري به رڳو تِيرَ ٿي هڻڻ ڄاڻي

 

*

گهڙي گهڙي گولِي ٿي ڀاسي

ويرِين جي ٽولِي ٿي ڀاسي

 

ٿو بِن هيءَ حياتي، ڦاٽَل

اوڏڻِ جي چوِلي ٿي ڀاسي

 

توسان چارِ گهڙيون ڇا گهاريم!

هر پاسي هولِي ٿي ڀاسي

 

هوءَ ڪڏهن پنهنجي ۽ ڪڏهين

ڌاري ڪا ٻولِي ٿي، ڀاسي

 

گهارِ حياتي، پوءِ پُڇندو سانءِ!

توکي جي سوِلي ٿي ڀاسي

 

سارو زور وِڃائي ويهندي

ڇوري جا ڇولِي ٿي ڀاسي

 

*

هيءُ سڄو سنسار، جيئرو آ پرين!

جيسيتائين پيار، جيئرو آ پرين!

 

توسان گڏجڻ لاءِ ٿو کيٽو ڪري

مَنَ ۾ هڪ ٻار، جيئرو آ پرين!

 

پنڊ- پَهڻ رهندا سدا جذبا اگر

وچ ۾ انڪار، جيئرو آ پرين!

 

ذهنَ ۾ تُنهنجو تصور ايئن رهي

مُئلَ جو حقدار، جيئرو آ پرين!

 

زندگيءَ جي جيت آ، هر حالَ ۾

جيسين ڪو فنڪار، جيئرو آ پرين!

 

گهرَ کان آفيس، گهر، آفيس، گهر

سو ته ڄڻ لاچار، جيئرو آ پرين!

 

 

*

مَنَ ۾ ڪو مهمانُ، ضروري آ پيارا!

دردَن جو درمانُ، ضروري آ پيارا!

 

دِل روئي پر مُرڪَ چَپن تي رکڻي آ

دُشمنَ تي دهمانُ، ضروري آ پيارا!

 

هوريان هوريان هُن کان دُور هليو وڃبو

سُورن جو سامانُ، ضروري آ پيارا!

 

بيشڪ سارا روپَ رکو ڀل ماڻهوءَ جا

اَندرَ ۾ انسانُ، ضروري آ پيارا!

 

ڪڏهن لِڪائي رکجي پيارُ زماني کان

ڪڏهن اهو اعلانُ، ضروري آ پيارا!

 

ڄاڻان ٿو مشڪل آ، گڏجڻ ۽ پرچڻ

رکجي پر اِمڪانُ، ضروري آ پيارا!

 

دردَ، دِلاسا، اُلڪا، آسون، سانڍڻ لئه

دِل جهڙو گُلدانُ، ضروري آ پيارا!

 

*

خوابَ، نه عڪسَ، نه پيارَ گُهرن ٿا

نيڻَ رُڳو ديدارَ گهُرن ٿا

توکي سارو جيونُ اَرپي

ٿورا ڪي اختيارَ گُهرن ٿا

ساري جڳَ کان جِيتي ڀي هُو

توکان هر هر هارَ گهُرن ٿا

لفظَ چيا جي ناهن چَپڙنِ

شايد ڪي اِقرارَ گهُرن ٿا

جيئڻَ ڪاڻِ اُجهاڻلَ لمحا

تُنهنجي سُندَر سارَ گهُرن ٿا

تو تائين پُهچڻ لئه سپنا

نيڻن کان سهڪارَ گهُرن ٿا

روزُ ئي گڏجن ٿا هڪٻئي سان

روزُ ئي قولَ قرارَ گهُرن ٿا

اَهنجن کان آجو آئيندو

او انسانَ!، هي ٻارَ گهُرن ٿا

پيارَ، اَمُن جو اوچو جهنڊو

ٻيو ڇاهي فنڪارَ گهُرن ٿا؟

ڌرتيءَ کي دوزخُ ٺاهيندا

هُو جيڪي هٿيارَ گهُرن ٿا

 

*

سڀُ رستا، ڌِڪارَ جا رستا

ڳولِ پيارا! ڪي پيارَ جا رستا

 

دردَ جي ديسَ ڏي وٺي ٿا وڃن

سُورَ آهن هِي سارَ جا رستا

 

يادِ ناهي ڪٿي وِڃاياسي

هلندي هلندي ها يارَ جا رستا

 

مون کي جيڪي مليو، اکين تي دوستَ!

توکي پَرتا بهارَ جا رستا

 

پيارَ وارن جي لاءِ هونديون هِن

دُوريون ڀي ته دارَ جا رستا

 

سڀُ رستا کُٽي وڃن ٿا نيٺ

خوفَ جا يا خُمارَ جا رستا

 

*

پيارَ ۾ ڏِسُ ڪمالَ ٿي ويا هِن

ماٺِ ۾ ئي حوال ٿي ويا هِن

 

قُربتُن، فاصلا وڌايا پئي

۽ وِڇوڙا، وِصالَ ٿي ويا هِن

 

ڪنهن کي سمجهي سگهان نٿو هاڻي

ماڻهو مشڪل سوالَ ٿي ويا هِن

 

پاڻَ کي پاڻَ اجنبي ٿو لڳان

تو بِنا اهڙا حالَ ٿي ويا هِن

 

بي رُخي تُنهنجي ڄڻ ته حملو، ۽

لُڙڪَ، نيڻن جي ڍالَ ٿي ويا هِن

 

هڪڙو هفتو ملڻ ٿيو ناهي

ايئن لڳي ٿو ته سالَ ٿي ويا هِن

 

راتِ، اڌ راتِ ٿا پُڄن تو وٽِ

ڪيڏا ڇُڙواڳ خيالَ ٿي ويا هِن!

*

صرف او پيارا!، لکڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟

سورَ واڌارا، لکڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟

 

تُنهنجي دل تائين پُڳا ته لکَ ٿيا

گيتَ هونئن سارا، لکڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟

 

ڳالهه جي هرڪا ٻُڙي، عملي طرح

ڀِت تي نعرا، لکڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟

 

ذهنُ زخمي، خوابَ ڄڻ شيشا ڀڳَل

۽ ڦَٽيل تارا، لکڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟

 

روز ٿو ڪنڊا وِڇائين راههَ ۾

خطَ ۾ ”پيارا“، لکڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟

 

روءُ، باسُون، باسِ، ڏِيئا موههِ ڪي

”موٽُ وڻجارا!“، لکڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟

 

*

توکي رُڳو جو ڪورو، ڪاڳر لڳي پيو

مون کي صفا ٿو پنهنجو، اندر لڳي پيو

 

هُو جيڪو مُنهنجي دوستَ جي ناتي سُڃاپجي

ڪنهن ڪنهن مهل ٿو هاڻي، خنجر لڳي پيو

 

هُو پهروين سالُ پيارَ جو گهاري پيو اڃا

هر شخصُ کيس، پنهنجو ئي دلبر لڳي پيو

 

سجَ وانگي مان انهيءَ ۾ لَهان ۽ ٻُڏي وڃان

تُنهنجو وجود مون کي ساگر لڳي پيو

 

توکان جو ڌارَ آهي ته ڪيڏو ڀڳل، ٽُٽل

هُو ڄڻ اُجاڙ شهرَ جو، منظر لڳي پيو

 

هُن کي ڇڏي هلي وئي، ڇنڇرَ جو ڏينهنُ هو

هر ڏينهُن کيس هاڻي، ڇنڇر لڳي پيو

 

هي ديسُ سنڌ آهي، سنڌي ٿا سڏنِ کيس

پنهنجي ئي گهرَ ۾ جيڪو، بي گهر لڳي پيو

 

*

تون آن کڙڪو ڳالهائي ٿو

دل جو ڌڙڪو ڳالهائي ٿو

 

تون ڀل سانتِ هجين پر تُنهنجو

بُلو، گجرو ڳالهائي ٿو

 

تيز تَرارن ڀي شرمايو

هڪڙو پنهنجو ڳالهائي ٿو

 

پيارا ماڻهو!، ماٺِ نه آهيون

ڳوڙهو ڳوڙهو ڳالهائي ٿو

 

”توکي، توکان ڌارَ ڪندُس مان!“

هڪڙو سپنو ڳالهائي ٿو

 

”هاڻي تون وٽ پنهنجو ڇاهي؟“

خالي ڪمرو ڳالهائي ٿو

 

مون ڏي ئي موٽي اچڻو ٿئي!

گهرَ جو رستو ڳالهائي ٿو

*

چَنڊُ نه آهي، ڇاهي؟، تارا جاڳن ٿا

بلبَ گِهٽين جا، رستا سارا جاڳن ٿا

 

اوسيئڙن جي مُندَ پِيئا!، آئي آهي

آسُون، نيڻَ، ڏِيئا ۽ جارا جاڳن ٿا

 

سنجها کان ئي ڌُوڙ، ڌُڌڙِ کان آجا ٿي

چانڊوڪيءَ جي چاهَه ۾ چارا جاڳن ٿا

 

تون سمجهي ئي ڪين سگهين ٿو او مورکَ!

خاموشيءَ ۾ ڪيڏا نعرا جاڳن ٿا؟!

 

سالن کان طوفان ڪي روڪيون بيٺاهِن

کاڄي ويا هِن، پر ڪنارا جاڳن ٿا

 

ڦاٽَل ڪپڙا، ٿڌيون چُلهيون، ڪيئن سُمهن؟

جهُوپي ٻاهران ڪيڏا پارا جاڳن ٿا؟

 

راتِ سندن نيڻن ۾ ڊاٻو ڪيو آ، پر

سُتا نه آهن، سنڌڙيءَ وارا جاڳن ٿا

 

*

هر لمحو شمشانَ جيان آ

جنگي ڪنهن اعلانَ جيان آ

هڪڙو سپنو رهجي ويئڙو

نيڻن ۾ سرطانَ جيان آ

هر الزام نِرڙ تي مُنهنجي

سجدن جي نِشانَ جيان آ

تو وٽ هاڻي جوڀَن پيارا!

اعزازي مهمانَ جيان آ

اکِ- پُڇڙَ ۾ ڦاٿل ڳوڙهو

دَر تي ڄڻ دربانَ جيان آ

هيڏن چهرن ۾ هڪ چهرو

دردن جي درمانَ جيان آ

سانئڻ! تُنهنجو هرڪو واعدو

سرڪاري اعلانَ جيان آ

عُمرِ جي اونداهي ڪمري ۾

پيارُ ڪنهن روشندان جيان آ

سوچُن جي ويڙهاندِ، ذهنُ ۽!

کَرڙيءَ جي ميدانَ جيان آ

پيٽَ بُکئي لئه هڪڙي ماني

سرڳَ جيان، ڀڳوانَ جيان آ
*

ڄارُ، هو ڄاڻَ ۾، يارَ! ڦاسي وئين!

هائو تون پاڻَ ۾، يارَ! ڦاسي وئين!

 

تون ته تلوارَ هئين ڪا تِکي او پرين!

وقتَ جي مياڻَ ۾، يار! ڦاسي وئين!

 

ننڊَ، سپنا، نِهارون ئي وسري ويئه!

ڪهڙي ڇڪتاڻَ ۾، يارَ! ڦاسي وئين؟!

 

هيءَ حياتي ته ٿوري هئي پيارَ لئه

ڇو رَتوڇاڻَ ۾، يارَ! ڦاسي وئين؟

 

تو ڏيڻ ۽ ورهائڻَ جو سوچيو نه بس

آڻ ئي آڻ ۾، يارَ ڦاسي وئين!

 

ڪيترو پئي لڳين، منفرد، مختلف!!

تون به واکاڻَ ۾، يار! ڦاسي وئين!

 

ڳوٺَ کي جو ڇڏي، شهر ڏي پنڌِ پئين

ڪيڏي مانڌاڻُ ۾، يار! ڦاسي وئين!

 

*
مُنهنجي نظر هلي وئي آهي، تُنهنجي گاڏي سان

پليٽ فارم تي بيٺو آهيان، انڌن وانگي مان

توکي وڃڻو ئي هو تُنهنجي، ڪا مجبوري هوندي

ڪهڙي پوءِ شڪايت توسان، ٽِرين سان، سگنل سان!

جيونُ اَڄ به خالَ، سوالَ، عجب نشانين جهڙو!!

پاڻ کي سمجهي ڪين سگهيو هان، توکي ڇا سمجهان؟

هِن ڳليءَ کان هُن ڳليءَ ڏي، ذري ذري ڀٽڪان ٿو

وقت جي تيز هوائن ۾، اخبار جي ٽُڪري جيان

ٻاهران توکي دوستَ!، برابر ٺيڪ ٺاڪ لڳندو هوندس

اندران آءٌ اڏوهيءَ کاڌل ڪاٺيءَ جيان آهيان

ماڻهن جي هٿَ ۾ بندوقون، مون کي ڪا پرواهَه؟!

مون کي خوف اچي ٿو ته تُنهنجي، هٿ جي پٿر کان

هونئن ته ڏينهنِ کان دروازو کُليو هي ناهي پَر

تون ٿورو کڙڪائي ڏس ته، شايد کُلي پوان

ويندي ويلي تُنهنجي نرمل نيڻن ۾ موتي

هر هر ساڳيو ساڳيو منظر، ڏسان لُڇان، ڦٿڪان

سنجها کان ئي تنهنجو، تُنهنجن ڳالهين جون يادون

سنجها کان ئي مَن ڏاڍو بيزار آ، دنيا کان

 

 

*

دوستَ!، نه ٿيءُ آزارن وانگي

دشُمن جي هٿيارن وانگي

دردَ به دل جو ساٿ ڇڏي ويا

راڄَن جي غدارن وانگي

تُنهنجي گهر ۾ پاڻُ لڳي ٿو

گورن وچ ۾، ڪارن وانگي

پڙهي ڪري اُڇلايو ويو هان

ڪالهوڪين اَخبارن وانگي

تُنهنجا نيڻَ چُمڻ ٿو چاهيان

ٽيهنِ ئي سِيپارن وانگي

دُنيا ڀي بيزار ڪيو آ

ٽي- ويءَ جي اشتهارن وانگي

ذاتِ پاتِ جا ويڇا آهن

ڏارَ پيل ديوارن وانگي

قسمتَ ساڻ اچين ٿي تون ڀي

عيدُن ۽ تهوارن وانگي

ڌيان طلبَ سان ڀريو پيو هان

سنڌيءَ جي اخبارن وانگي

رات به ننڊَ اَچي وئي آخر

روئندي روئندي ٻارن وانگي

*
جنهن جي سامهون سُرت ۽ ساڃهَه، ساٿُ نه ڏيندي آهي

ڪائي ساڀيا، سپني کان ڀي، سُهڻي ٿيندي آهي

 

سونَهن جڏهن ڪي عڪسَ اکين ۾ اوتيندي آهي

ننڊَ اَسُر جي، هِيرَ ڏکڻ جي، وسري ويندي آهي

 

ڪڏهن هنئين جي حالتَ، هوندي آهي ايئن، جيئين

سُڃَ شهرَ ۾ آڌيءَ رات جو، ٽرين ڇڏيندي آهي

 

مان هِن کي ٿوريءَ جهٽَ ۾، بيزار ڪري وجهندو آهيان

هيءَ حياتي توسان ئي پر، بور نه ٿيندي آهي

 

رات ڪنهن بيواهه عورت وانگي، چنڊُ شرابيءَ جيان!

يادِ ڪَڙِي ڪا اوجاڳن جا، ڪَنَ ڀريندي آهي

 

فون تي پُڇندو آهي، هڪڙو يادِ ڪرڻ وارو:

”توکي ڀي او جيڏا! منهنجي يادِ ڪا ايندي آهي؟“

 

*

هر زهر کي پِي وئي آ زندگي

مَس- چُٽي جيان ٿي وئي آ زندگي

 

هُوءَ جڏهن ڀي موڪلائي گهر وئي

ايئن لڳو، وڇڙي وئي آ زندگي

 

مُنهنجي باري ۾ ڀي، تون ئي سوچ ڪُجهه

مُنهنجي، تُنهنجي ٿي وئي آ زندگي

 

منهنجي ڀاڪُر ۾ اچي سُمهندي رهي

راتِ ۾ گُذري وئي آ زندگي!

 

تنهنجي مُکَ تي مُرڪَ جا پوپٽَ ڏسي

مِنٽ ۾ پَرچي وئي آ زندگي

 

ٽائرن جا گِهرا لِيڪا، تيز رَڙِ!

روڊَ تي چِٿجي وئي آ زندگي!

 

هر طرف جهنڊا ٿا ڦَڙڪنَ موتَ جا

جڳَ کان وِسري وئي آ زندگي

 

ڪُوڙَ جي ڪارنهن، ڌماڪنِ، دردَ جي

ڌُوڙِ ۾ لَٽجي وئي آ زندگي

 

 

*

اوهانجي درَ تي ايئن بيٺا رهياسي

گهٽيءَ جي نانوَ جو ڄڻ بورڊ هياسي

 

هليا ڳولڻ هُياسي آئيندي کي

شهر جي گوڙَ ۾ گُم ٿي وياسي

 

ڪَچي مِٽيءَ مان جوڙي زندگيءَ کي

تِکي برسات ۾ نِڪرن پياسي

 

اَسان تُهمتَ کنئي ۽ هُن پٿرَ

زماني سان نوان ناتا ڳنڍياسي

 

اُهي اکڙيون به، اکڙين جهڙيون اکڙيون

اسان جن جي مُهابي جِي سگهياسي

 

*

دُکَ جي نه پُڄاڻي آ

هر شخص ڪهاڻي آ

 

تون، مان ئي اَياڻا هئون

دنيا ته سياڻي آ

 

هر پيارَ کي ٻوڙي ٿو

رسمون، اُهو پاڻي آ

 

ڏِيئي کي سلامت رکُ

جي لاٽَ اُجهاڻي آ

 

اِحساس بنان ماڻهو

اَخبار پُراڻي آ

 

سڀ ڌُوڙ ڪري ويندي

جا ڌُوڙِ اُڏاڻي آ

 

هُو، مان ۽ رُڳو ڳوڙها

ناولَ جي پُڄاڻي آ

 

”مون لاءِ مري وئين تون“

هُنَ تارَ اُماڻي آ

 

*

ڳالهيون ڄڻ مهڪارون آهن

تُنهنجا ٽَهڪَ بهارون آهن

ملين، نه ترسين، ڳالهائين نه!

تو ڏي کوڙَ ميارون آهن

تُنهنجا ئي ڪَنَ ٻُڌن نٿا هونئن

پنهنجون تيزِ پُڪارون آهن

هو به اُن جو ئي ٿي ويندو

جنهن وٽ بنگلا، ڪارون آهن

پيارُ وٺڻ تون نڪتو آهين!

ساريون سُڃَ بَزارون آهن

ڪنهن سان ڪنهن سان مِلبو هاڻي

دَرَ تي دردَ، قطارون آهن

پاڻ جيهَن لئه کُهريون کُهريون

ڳالهيون ڄڻ تلوارون آهن

مان اِنسان رهيو ئي ناهيان!

شاهد سڀ اخبارون آهن

نيٺ ڳلنِ تي انڊلٺِ لهندي

هاڻِ جي لُڙڪن لارون آهن

*

شاعَر جي جذبن جون ڳالهيون

سنڌوءَ جي جوڀَن جون ڳالهيون

توکي ڀي بس ياد رهن ٿيون

منهنجي ئي ڏوهنَ جون ڳالهيون

اَڄ جي ٽَهڪنِ ۾ ڀُلجي ويس

ڪالهوڪنَ لُڙڪن جون ڳالهيون

تون ئي هڪرو سمجهي سگهندين

اوجاڳيلَ اکڙين جون ڳالهيون

اسڪولن ۾ پڙهيا آهيون

ڪُوڙن ئي سپنن جون ڳالهيون

 

توسان پيارُ ڪندڙ ڇا ڄاڻي؟

سرڪاري تَمغن جون ڳالهيون

روز ئي ٻُڌڻيون پونديون آهن

تُنهنجي گهر وارن جون ڳالهيون

ڪيئن ڪرڻ بي قومؤ ڏيندو

ڌرتيءَ ۽ قومن جون ڳالهيون؟

سنڌُ، سنڌين جي ڳالهه ڪيون، ڇڏِ

عجمنِ ۽ عربن جون ڳالهيون

*

جيئري آ، جذبن جي ڳولا

لُڙڪن ۾، ٽَهڪن جي ڳولا

ننڊَ- نگرَ کان ڏوُر وٺي وئي

نيڻن کي سپنن جي ڳولا

ڪربلَ جي زخمن کي آهي

واهُر ۽ ٽاڪَن جي ڳولا

سچايُن کي سگهه ڏئي ٿي

سينن کي گهاوَن جي ڳولا

جُهوپَن کي ڊاهي وجهندي آ

مايا ۽ محلن جي ڳولا

هي مزدورَ، ڪلارڪَ، هاري

جيونَ ۾ جيون جي ڳولا

تُنهنجي در تي آندو آهي

چاهتَ کي چَهڪن جي ڳولا

تون درياهُه ته آن پيارا! پر

پياسَ کي آ، سمنڊن جي ڳولا

گُلَ!، هُن جي گڏجڻ آهي ٿيو

گونگي لئه، لفظن جي ڳولا!

 

*

امنَ ۽ آشتيءَ جيان آهين

شاهَه جي شاعريءَ جيان آهين

 

راهَه ۾ روشنيءَ جيان آهين

ڪنهن اَڄاتلَ خوشيءَ جيان آهين

 

توکي مان ڪيئن ٿو وِساري سگهان؟

گهرَ واريءَ گهٽيءَ جيان آهين

 

هونئن تون ڇَٽُ، پر ڪڏهن شُهرتَ!

ديسَ سان دُشمنيءَ جيان آهين

 

عشقَ،! تون آجپي جي ويڙِهن ۾

سوڀَ جي خاطريءَ جيان آهين!

 

ڪو جي مقصد نٿي ته پوءِ جيونَ!

ڄڻ ڇِڳلَ ڪنهن جُتيءَ جيان آهين

 

سنڌُ خاطر ملين، ته موت اَڙي!!

تون به ڄڻ زندگيءَ جيان آهين

*

سوچون ساريون هارايَل سردارن جيان

خوابَ پيا ها پيرنِ ۾، تلوارن جيان

چَپَ اوهان جا پنهنجا، لفظَ پراوا هِن

يارو! آهيو ڊرامي جي ڪردارن جيان

کِلندا، روئندا، ٻُڌندا، ڪُجهه چوندا به نيٺ

ڇو سمجهو ٿا ماڻهن کي، ديوارن جيان؟

**·

رستا هونئن ته اُڻٽيهن جي انڌيارن جيان

توڏي ايندي چانڊوڪيءَ جي چارن جيان

جيونَ جي هِن موتَ سمان خاموشيءَ ۾

تُنهنجا نِرمل نيڻَ لڳن ٿا نعرن جيان

دُکَ جي ڪاري رات هئي چوڌاري ۽

تُنهنجا مُنهنجا لُڙڪ ٿي ٽِڪميا تارن جيان

ڪيئن الائي ٿيندو آهي ماڻُهن کان؟

شعر رچڻ ۽ پيارُ ڪرڻ وانگارن جيان!

رات سڄي مان جاڳي ڏينهنُ ڪندو آهيان

جڏهن به لڳندي آهين، دنيا وارن جيان

*·

نينهُن نيڻن ۾ ۽ تُنهنجا چارا هُجن

سڀ لِڦون پيرَ جون ڄڻ ستارا هُجن

نيڻَ وِچَ سِيرَ ۾، ٻوڙِ ٻوڙان ۽ چَپَ!

ڄڻ ڪنارا هُجن

چهڪَ، چانڊوڪيون، ٽهڪَ، اونداهيون

گڏُ گُذارا هجن

پيارَ وارا جتي به هُجن يا خدا!

سوڀيارا هُجن

زندگيءَ جي هَٿنِ ۾ ڏيئي هٿَ هلون

پهرَ پيارا هُجن

لفظَ بارود ٿي ٿا سگهن دوستؤ!

جي هُو نعرا هجن

سنڌُ وارؤ! ڪڏهن سَرد ٿيڻو نه ٿَو

توڙي ’پارا‘ هُجن

مُنهنجي ڌرتي ڪڏهن هيکلي نه ٿئي

ڀل ته هِيڻا سهي، پر سهارا هجن

*

سوچَ جو قتلِ عام آ، جيونُ

هڪڙو اُبتو نظام آ، جيونُ

 

جنهن کي آقا کي رولڻو آهي

اهڙو باغي غُلام آ، جيونُ

 

ڊسڪو جو دؤر ۾ اسان جو ڄڻ

عارفاڻو ڪلام آ، جيونُ

 

جنهن کي سانڍڻ به مسئلو آهي

پيارا! اهڙو انعام آ، جيونُ

 

منهجي نِوڙتَ سان پيارُ ٿي ويو ٿَس

آءٌ نوري ۽ ڄام آ، جيونُ

 

پاڻ کي آ، جتان جدا ٿيڻو

دوستَ! اهڙو مقام آ، جيونُ

 

ڪَنهن هِيڻي جو پاڻَ ڏاڍي کي

چاپلوسي سلام آ، جيونُ

 

*

رات جو پويون پَهرُ، مان هُيس ۽ چنڊُ ٿڪلُ

هوا ڳِراٽڙي پائي چيو: ”اُٿي، گهرِ هلُ“!

 

اسانجي جُهوپي جو هڪ ڪَکُ نه رهيو باقي

اوهانجو ڪَرَ کڻي بيٺو رهيو سدا جيان محل

 

هُو شخص، ڪيڏي نه بدبوءِ هيس خيالن ۾

سڄو وڳو ئي هيو، جنهن جو سينٽِ سان مَهڪيل

 

ڪالهَه جو ٽهڪُ ڏنم، دوستن سان گڏجي ڪري

لڳو اُڌار تي سو ٽهڪ ڀي ڪٿان ورتل

 

مِٺي!، ملي جي نه آهين تون، ٻن مهينن کان

نه ڪو ڪتاب ٿو پڙهيو ٿئي، نه لِکجي غزل

 

ڪمري ۾ گِهڙندو جي آهيان، ته ماري وجهندو آ

تُنهنجي تصوير بنان، ميز تي فريم پيل

 

زمانو مون کي ڪڏهن هوشَ ۾ لڳو نه، ۽

زمانو مون کي سدا سمجهندو رهيو پاڳل

*

مون جي اکڙُين ۾ خوابَ پوکيا هِن

رُڃَ ۾ ڄڻ گلابَ پوکيا هِن

 

توکان سڀ ڏُکَ کسي وٺڻ جا خيالَ

مَن ۾ بي حسابَ پوکيا هِن

 

سونهَن لئه، سچَ لئه، محبت لئه

وقت ڪيڏا عتابَ پوکيا هِن

 

هر فصُل ۾ وڃڻ ٿا مَٽجِي هُو

چهري چهري نقابَ پوکيا هِن

 

پوءِ به پڪ آ،گُناهَه ئي لُڻندس

توڙي هيڏا ثوابَ پوکيا هِن

 

ڪجهه عملَ ڏي به سوچ او ڏاها!

تو ته خالي خطابَ پوکيا هِن

 

نيٺِ تُنهنجي سوالَ کي رَسندا

سنڌُ! مون جي جوابَ پوکيا هِن

 

*

ڳليءَ ڳليءَ ۾ حشر آهي، ڪربلائون هِن

زبانون خُشڪ، اندر ۾ رُڳو صدائون هِن

ڪوئي نه آهي جو، عيسيَ جي ٿي سُڃاڻپ اَڄُ

صَليبَ ڪيڏا نه هيکل ڙي! چوڏِسائون هِن

نه ڪنهن رسولَ، پيمبَر جو آهي پاراتو

اَسانجي قومَ کي اَزلي ڪي بَددُعائون هِن

ائين نه سوچو ٿا، طوفانَ جي علامتَ آ

اوهان ٿا خوش ٿيو، دَٻجي ويون صدائون هِن

اُصول پسند، وفا شُعار ۽ زمين پرستَ

اَسانجون دوستَ! برابر گهڻيون خطائون هِن

الائي ڪاٿئون اَچي، بي رُخين ڪيو ديرو

اوهانجا نيڻَ به هاڻي ته ڄڻ سزائون هِن

اوهانجي پيارَ کان مليل، اَسان کي ورثي ۾

اَوهانجي يادِ ۽ کيسي ۾ ڪجهه دوائون هِن

اَسان جي ڀاڳَ جا لِکيا، وڻينِ جيئن لکنِ

اوهانجي گهرَ ۾ ته رهندا ئي ديوتائون هِن

هُو جيڪي گُلَ ڪٿي دُور ها، ٽِڙيا، تن جي

سُڳنڌ آيون کڻي، پاڻ وٽ هوائون هِن

*

ڪڪريون ٿَرَ ڏي به وينديون دوستو!

بارشون آخر ته ٿينديون دوستو!

 

ڇا ٿيو جي ”اَڄُ“ اوهانجي وَس آ

ڪي گهڙيون پنهنجون به اينديون دوستو!

 

حالتون، هٿَ ٺوڪيون رَسمون، رواجَ

ڇا سڀو ڪُجهه ئي کسينديون دوستو!؟

 

جي ڪُڇڻَ تي بندوشون پئجي ويون

خامِشيون نغما رچينديون دوستو!

 

هيکلايون ماءُ جيان ٿيون پيارُ ڪن

رونقون آهن ڏنگينديون دوستو!

 

مُحبتون هڪ هڪ ڪري وينديون رهيون

مون کي راهُن ۾ ڇڏينديون دوستو!

 

صرف ديوارون ٻُڌي سگهنديون ئي هِن

ڪين ڪجهه آهن سلينديون دوستو!

 

 

*

مون کي ماري پناهَه ۾ رکجانءِ!

ڪا ته نيڪي، گُناهَه ۾ رکجانءِ!

 

ڪوئي هڪ شخص ناهي ڏوهاري

شهر سارو نِگاهَه ۾ رکجانءِ!

 

ڪنهن نه ڪنهن موڙَ تي ته ملنداسي

آسَ پوئين پساههَ ۾ رکجانءِ!

 

ڪنهن مُنافق جي راڄَ جا ماڻهو

ربَ منهنجا!، پناهَه ۾ رکجانءِ!

 

ڪوڙَ، اوندهَه سان ٺاهُه ڪين ڪبو

اهڙو نُڪتو به ٺاهَه ۾ رکجانءِ!

 

پويان، اوندهِه جي وَر چڙهي نه وڃن

ديپُ ٻاري ڪو راهَه ۾ رکجانءِ!

 

*

يا خُدا! زهر اَنڌيرن جو پکڙبو ٿو وڃي

تُنهنجي تخليقَ جو هر نقش اُجڙبو ٿو وڃي

 

ماڻهو ماڻهو آهي ڄڻ، هيڊَ جي درياءَ ۾ ٻُڏل

دردُ، ٽي- بيءَ جيان جِسمن سان وِچڙبو ٿو وڃي

 

ڏينهنَ جو کيرَ جيان اُجرو ۽ مقدس چهرو

راتِ جي تيز نَنهنِ ساڻ رهڙبو ٿو وڃي

 

چوڏهن سؤ سال اڳي وارو ئي منظر ساڳيو

ڦٽُ جيڪو به سِبيل هو سو اُڊڙبو ٿو وڃي

 

سونهن، سچائي، اَمن، هاڻي ڪتابي ڳالهيون

پيارَ جو پيرُ به ڌرتيءَ تان اُکڙبو ٿو وڃي

 

*

وڻي وڃن ٿا چهرا ڪي دڳَ ويندي ڀي

هر جذبي کي سگهبو ناهي نانءُ ڏئي

 

دلبرَ!، هيڏا ڏينهن اوهان کان دُور رهي

گهرُ ڀي ڪين وڻي ٿو مونکي هاڻِ سچي

 

جنهن ماڻهوءَ کي تنهنجو پيارُ مليو آهي

تنهن ماڻهوءَ کي ڪهڙي دولتَ گُهرجي ٻي؟

 

جنهن ۾ ڪنهنجي ماٺِ به موهي وجهندي آ

حدَ نه هوندي آهي اهڙيءَ چاهتَ جي

 

ڪوئي ڪم ڪرڻ کان ٻاهر ناهي هونئن

ڳالهه سڄي هوندي آ، جاني! همتَ جي

 

ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڏُک روئاريندو ناهي

ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڀوڳَ تي پئبو آ روئي

*

جنهن کي پنهنجو نه ڪنهن ڪيو هوندو

خالي گُلدانَ جيان پيو هوندو

 

توسان گڏجڻَ اچي سگهيو ناهي

ڪيڏو مجبور ٿي ويو هوندو

 

ڇا روئڻَ جو سبب ٻُڌايانءِ دوستَ!؟

اکِ ۾ ڪَکُ ڪو پيو هوندو

 

توکي مونکي ئي پرکَ ڪرڻي آ

پاڻَ کي ڪنهن بُرو چيو هوندو؟

 

منهنجون ڳالهيون، عجيب ڳالهيون هِن

پنهنجي مُنهن پڪَ تو کِليو هوندو

 

هڪ هنڌَ تي اچي پُڄاڻي آ

پيارُ توڙي جي اَڻمَيو هوندو


· ٻٽو غزل؛ مٿئين غزل ۾، ساڳئي بحر وزن ۽ ساڳي قافيي ۽ رديف وارن ٻن غزلن کي ڳنڍيو ويو آهي. ٻئي غزل موضوع، احساسن ۽ ڪيفيت جي حوالي سان الڳ الڳ آهن. تنهنڪري هن غزل کي ”ٻٽي غزل“ جو نالو ڏنو اٿم.

· مُنو غزل: مٿئين غزل ۾ نئون تجربو ڪندي. مطلع ۽ مقطع کي عام غزل جيان ڪيو ويو آهي. باقي هر بند جي ٻي سِٽ، اڌ ڪري وائيءَ جي وراڻيءَ وانگي رکي وئي آهي. غزل جي هر بند ۾ جيئن ته چئن بدران ٽي پد آهن، تنهن ڪري هن کي ”مُني غزل“ جو نالو ڏنو اٿم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org