سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: ابراهام لنڪن

 

صفحو:8 

[ 8 ]

هرفن مولا

]دوڪان جو ڏيوالو نڪري ويو. – ايب لنڪن[

ايندڙ پنجن سالن تائين ايب مختلف ميدانن ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريندو رهيو. اسٽور ڪيپر کان پوسٽ ماستر بنيو ۽ نيٺ مختلف ڌنڌا ڪندو پڇاڙِيءَ ۾ اچي وڪيل ٿيو. پهريون ڪم ڇڏي ٻيو ڌنڌو اختيار ڪرڻ تي کيس ڪاميابي نصيب ٿي، دراصل دڪانداريءَ سان سندس طبيعت ميل نه ٿي کاڌي. دوڪان شروع ڪرڻ مهل وٽس هڪ ٽڪو به نه هو. پر جڏهن هو 1837ع ۾ دوڪان بند ڪري ”نيو سليم“ کان اسپرنگ فيلڊ وڃڻ لڳو ته هو لڳ ڀڳ ڏيڍ هزار ڊالرن جو قرضي هو.

پر کيس واپاري بنجڻ جي سَڌ ڇو ٿي؟ اندازو آهي ته شايد کيس جيمس جنٽري، انڊيانا واري جي سماجي حيثيت جو خيال آيو. هو ڏسي چڪو هو ته جنٽري به هڪ دوڪاندار ئي هو. تنهنڪري هن به اهائي حيثيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ دڪاندار بنجڻ ٿي چاهيو. انهيءَ ڪم ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته کيس ڪيترن ئي قسمن جي ماڻهن سان ملڻ جلڻ جو موقعو مليو. جن کي هو پنهنجن قصن، ڪهاڻين، لٽڪن ۽ چٽڪن سان خوب وندرائيندو هو.

ايب اڪثر ذڪر ڪندو هو ته نيوسليم ۾ رهڻ ٿو چاهي. هو اتي جي ماڻهن کي گهڻو پسند ڪندو هو. هڪ ڀيري هن طئه ڪيو ته هو لوهارڪو ڪم سکندو. پوءِ هن قانون پڙهڻ جو ارادو ڪيو. پوءِ کيس خيال آيو ته وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ کانسواءِ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ڏکي هئي.

دوڪان بند ڪرڻ کان پوءِ ايب کي ٻيهر بيڪاري ۽ بُک کي منهن ڏيڻو پيو. پر خدا وڏو ڪارساز آهي. ڪونه ڪو وسيلو پيدا ڪري ٿو ڇڏي، تنهن ڪري ايب جي حيرت جي حد ئي نه رهي، جڏهن کيس معلوم ٿيو ته هڪ همراهه دوڪانداريءَ جو پيل پراڻو سامان هن جهڙي مفلس شخص کي اوڌر تي ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. انڌي کي ڇا کپي. هڪ اک! پر هن کي ته ٻئي پي مليون. ٻنهي ڄڻن سامان وٺي لاٿو ۽ گڏجي دوڪان کوليائون ۽ ٻئي وڌيڪ قرض ۾ ٻُڏي ويا.

انهيءَ دوڪان کُٽڻ جو ذڪر ايترا ته ڀيرا ڪيو ويو آهي، جو هاڻ اهو ايب جو سوانح ۾ افسانوي حيثيت حاصل ڪري ويو آهي. پر اها ڳالهه صحيح آهي ته لنڪن ۽ سندس ڀائيوار وليم بيري ٻئي حد کان به وڌيڪ ناڪام ويا. بيري هر وقت شراب جي نشي ۾ ٻُڏل رهندو هو ۽ ايب پنهنجي ڪتابن جي نشي ۾. دوڪان جي حالت ڏينهون ڏينهن پوئتي پوندي ويئي. تنهنڪري ڪجهه مهينن ۾ ئي ٻنهي ڄڻن دوڪان کي کٽائي ڇڏيو. پر ايب پنهنجي ايمانداريءَ جي ڪري قرض جي هڪ هڪ پائي ادا ڪري ڇڏي، پر اهو قرض ادا ڪرڻ جي لاءِ کيس سالن تائين سخت پورهيو ڪرڻو پيو.

رئلج جي سراءِ ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جي لاءِ ايب کي ڪنهن ڪم ڪار ڪرڻ جي سخت گهرج هئي. ڪاٺ چيرڻ، ان صاف ڪرڻ يا ايلس جي دوڪان تي منشي گيري ڪرڻ. 7- مئي 1833ع تي کيس نيوسليم جي پوسٽ ماستر جي جاءِ ملي ويئي. اها هڪ وقتي نوڪري هئي، جنهن ۾ کيس پنجاهه کان پنجهتر ڊالر تائين ساليانو ملي ويندا هئا. گڏوگڏ کيس اها رعايت به حاصل هئي ته هو ڳوٺ ۾ ايندڙ سڀئي اخبارون پڙهي سگهيو ٿي، لنڪن کي مقامي ۽ پرڏيهي سياست سان دلچسپي هئي، کيس جيتريون به اخبارون ملنديون هيون پڙهي ڇڏيندو هو. انهي زماني مان ”سينٽ لوئي“ مان نڪرندڙ ڪافي اخبارون کيس پڙهڻ جو موقعو مليو. اڪثر ائين ٿيندو هو ته ٽپال آفيس ۾ ڪا اخبار پئي هوندي هئي ۽ انهي جو ڪوبه مالڪ نه نڪرندو هو ته لنڪن اهڙي اخبار کڻي چوڪ تي هليو ايندو هو. جتي ڳوٺ جا سڀ واندا ۽ بي فڪرا گڏ ٿي ويندا هئا ۽ لنڪن کين زور سان اخبار پڙهي سُڻائيندو هو.

ائين ٿي لڳو ڄڻ ”نيو سليم“ جي وستي الف ليليٰ جي افسانوي شهرن جيان ڪنهن علاءالدين جي ڏيئي سان گسائي پيدا ڪئي ويئي هئي ۽ انهي وستيءَ جي قيام جو واحد مقصد فقط لنڪن جي ايندڙ زندگي جي لاءِ بهتر موقعا مهيا ڪرڻ هو. اها وستي لنڪن جي اچڻ کان ٻه سال اڳ ٻن ماڻهن گڏجي آباد ڪئي هئي ۽ جڏهن لنڪن اها وستي ڇڏي هليو ويو ته سندس وڃڻ کان پوءِ ٻن سالن جي اندر انهيءَ وستيءَ جو هن زمين تان نالو نشان ئي مٽجي ويو.

انهيءَ وستي جا رهاڪو ڀلي ڪيتري ئي ڊرامائي انداز ۾ ظاهر ٿيا هجن، پر جيستائين لنڪن اتي رهيو، انهن ماڻهن جي زندگيءَ تي ڏاڍا ديرپا ۽ ڏورس اثر پيا. هنن ايب کي ابراهام لنڪن بنجڻ ۾ مدد ڪئي. جهڙوڪ: پهريون ڀيرو ”سنگامون“ جي سرڪاري سرويئر ايب کي اها آڇ ڪئي ته هو سندس مددگار جي حيثيت سان رستن جي ماپ، ٻنين جي حدبندي ۽ نين وسندين جي آبادڪاريءَ ۾ سندس هٿ ونڊائي. ايب کي انهيءَ فن کان ڪابه واقفيت نه هئي. هو اسڪول ماستر گراهم وٽ ويو. وٽس رهي هو جاميٽري، زمين جي ماپ ۽ پئمائش جو فن سکيو. گراهم رات جو دير تائين آتشدان ڀرسان ويهي ايب کي اهي علم سيکاريندو هو. بعد ۾ گراهم پنهنجي شاگرد ايب جي باري ۾ چيو، ”مون پنهنجي ماستريءَ جي سڄي عرصي ۾ لڳ ڀڳ پنج هزار شاگرد پڙهايا هئا، پر ايب جهڙو ذهين، محنتي ۽ علم سان چاهه رکندڙ همراهه ڪڏهن به نه ڏٺم.“

بهرحال اها زمين جي پئمائش جي نوڪري ۽ ٻيون مختلف نوڪريون کيس قرض جهڙي مرض مان ڇوٽڪارو ڏياري نه سگهيون. ڏينهن گذرندا ويا، قرضين کيس تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. نيٺ انهن ايب جو گهوڙو، انهيءَ جو هَنو، زين ۽ ماپ جو سامان ضبط ڪري نيلام ڪري ڇڏيو. اهو ته اتفاق هو جو اها خبر ايب جي هڪ سنگتيءَ کي پئجي ويئي. هن اهي شيون نيلاميءَ مان خريد ڪري ايب کي واپس ڪري ڇڏيون.

1834ع ۾ لنڪن هڪ ڀيرو وري قانون ساز مجلس جي ميمبريءَ لاءِ چونڊ ورهڻ جو فيصلو ڪيو. ڊيموڪريٽ ۽ وگ ٻنهي پارٽين جي گڏيل امداد سان هو ڪامياب ٿي ويو. بائولنگ گرن ڊيموڪريٽن پاران ۽ جان ٽي اسٽوارٽ وگ پاران ايب جي حمايت ڪري رهيو هو، اسٽوارٽ خود، اسپرنگ فيلڊ جو بي حد سُٺو وڪيل هو ۽ اڳتي هلي به هن ايب جي گهڻي مدد ڪئي.

ونڊيليا ۾ جنرل اسيمبلي جي هيٺين ايوان جي اجلاس ٿيڻ وارو هو. پر ايب وٽ اهڙا ڪپڙا به نه هئا، جن کي پائي هو اجلاس ۾ شريڪ ٿي سگهي. تنهنڪري هن پنهنجي سنگتي ”ڪولهن اسموٽ“ کان ٻه سؤ ڊالر اڌارا ورتا. ۽ زندگيءَ ۾ پهريون گهمرو درزيءَ جو سبيل هڪ ڪوٽ سٺ ڊالرن ۾ خريد ڪيو. انهيءَ زماني ۾ صاف ۽ پڪا رستا نه هوندا هئا. ڌوڙ مان ڀريل گاڏيون، ڌٻڻين ۽ مٽي مان لنگهي ونڊيليا طرف اچڻ لڳيون. ٻن ماڙن واري ”ڪيپٽال“ بلڊنگ کانسواءِ، جنهن ۾ اسيمبليءَ جا ميمبر، رياستن جا نمائندا ۽ انهن جا گهر وارا لهندا نظر آيا. جيڪي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ونڊيليا آيا هئا. اها وسندي انهن نون آيل سياستدانن لاءِ بي رنگ ۽ غير دلچسپ ضرور هئي، پر لنڪن جي لاءِ اها ڇهن سؤ ماڻهن جي آباديءَ تي ٻڌل وسندي ترقي جي لاءِ پهريون ڏاڪو ثابت ٿي. لنڪن انهيءَ قانون ساز مجلس جو اٺن سالن تائين نمائندو رهيو. انهيءَ سڄي عرصي جو تفصيلي ذڪر نه رڳو غير دلچسپ ٿيندو، پر شايد غير ضروري پڻ. بهرحال ان عرصي دوران لنڪن وڏو اثر پيدا ڪري ورتو. هو اقليتي اڳواڻ مڃجڻ لڳو. هن جو شمار اسيمبلي جي بااثر نمائندن ۾ ٿيڻ لڳو ۽ جڏهن به ڪو قانون پاس ڪرائڻ چاهيندو هو ته بنهه سولائيءَ سان ٻين ميمبرن کي راءِ ڏيڻ جي لاءِ راضي ڪري وٺندو هو.

ان زماني ۾ آمريڪا جون سڀئي رياستون پنهنجي مواصلات جي داخلي نظام کي بهتر بنائڻ جي لاءِ بي چين هيون. کين پڪن رستن جي گهرج هئي، کين نون واهن کوٽڻ جي گهرج هئي، هنن اچ وڃ جي ذريعن کي بهتر بنائڻ ٿي چاهيو. انهن سڀني رٿائن جي لاءِ ڪروڙين ڊالرن جي گهرج هئي. رياستي خزانا صفا خالي هئا. ٻين رياستن جيان ”الي نواءِ“ ۾ به انهن مطالبن جي شدت سبب ڄڻ ديوانگي پيدا ٿي ويئي هئي ۽ اڄ جڏهن اسين انهيءَ زماني جي آمدني جي ذريعن، رياستي خزاني جي رقمن ۽ پوءِ انهن رٿائن جي لاڳت جو اندازو لڳايون ٿا ته اسان کي اهي مطالبا ناانصافيءَ تي ٻڌل لڳن ٿا. جهڙوڪ: الي نواءِ جي سرڪاري خزاني ۾ ڪل ٻه هزار ڊالر موجود هئا. هاڻ انهن ٻن هزار ڊالرن جي مقابلي ۾ اهڙين رٿائن کي منظور ڪرڻ، جن جي مڪمل ٿيڻ جي لاءِ ڪروڙين ڊالرن جي گهرج هجي، ڪٿي جي سياڻپ چئبي.

لنڪن، پنهنجي رڪنيت جي ٽي سال ۾ ئي پنهنجي ڏاهپ ۽ سياسي حڪمت عملي سان وڏي حد تائين انهن مطالبن تي قابو پائي ورتو هو. لنڪن جي چونڊ تڪ مان 9 ميمبر چونڊيا ويا هئا. اهي سڀ قد جا ڇهه فوٽ ڊگها هئا. پر لنڪن جو قد انهن مان ٿورو وڌيڪ ڊگهيرڙو هو. تنهنڪري ماڻهو کين ”نوَ ڊگها“ جي نالي سان سڏيندا هئا. لنڪن انهن سڀني جو اڳواڻ هو ۽ هُن انهن جي ئي مدد سان هوريان هوريان ايترو اثر قائم ڪري ورتو جو سڄي اسيمبلي ۾ سندس پارٽي جو راڄ قائم ٿي ويو ۽ هو باهمي مفاهمت سان جيڪو چاهيندو هو، اهو ڪري وٺندو هو. تنهنڪري هن الي نواءِ جي گادي وارو هنڌ ونڊيليا کان ”اسپرنگ فيلڊ“ منتقل ڪرائي ورتو. ٿيو هينئن جو ڊيموڪريٽ بهتر مواصلاتي نظام ٿي چاهيو ۽ هن جي پارٽي حڪومتي گادي جي هنڌ جي تبديلي جي خواهشمند هئي ٻنهي پارٽين پاڻ ۾ ٺاهه ڪيو ۽ ائين ٻئي مقصد پورا ٿي ويا.

اسپرنگ فيلڊ لنڪن جي ذاتي ڪوششن سان ”الي نواءِ“ جي گاڌيءَ جو هنڌ قرار ڏنو ويو هو. تنهنڪري اسپرنگ فيلڊ جي رهاڪن لنڪن جو آڌرڀاءَ ڪنهن قومي هيرو جيان ڪيو.

ونڊيليا ۾ ئي لنڪن جي ملاقات ”جيمس شيلڊز“ ۽ ”اسٽيفن ڊگلس“ سان ٿي، جيڪي اڳتي هلي سندس زبردست ۽ وڏا حريف ثابت ٿيا. جيمس شيلڊز لنڪن کي مُنهان مُنهن وڙهڻ جي لاءِ للڪاريو ۽ اسٽيفن ڊگلس سان کيس 1850ع جي آخر ۾ ڊگها تقريري مقابلا ڪرڻا پيا. سندس انهن تقريرن جو پڙاڏو سڄي آمريڪا ۾ هڪ سِري کان ٻي سري تائين ٻڌڻ ۾ آيو.

شيلڊز ۽ ڊگلس ٻئي غير متوازن ۽ وڏي حد تائين معقول انسان هئا. هڪ ڀيري اسيمبلي ميمبرن ۽ سياستدانن جي مان ۾ هڪ هوٽل ۾ هڪ دعوت رکي ويئي. ڊگلس ۽ شيلڊز بدمست ٿي ڊگهي ميز تي چڙهي پيا ۽ ميز جي هڪ سري کان ٻي سري تائين ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳا، ٻي ڏينهن شيلڊز کي ماني جي ڀڳل ٿانون جي قيمت ڇهه سؤ ڊالر ادا ڪرڻا پيا، ان زماني ۾ ايترن پئسن مان ٻني جو چڱو خاصو ٻارو خريد ڪري ٿي سگهجيو.

لنڪن عملي سياست ۾ وڏي ڪاميابيءَ سان حصو وٺندو رهيو، مواصلات جي نظام جي بهتري ۽ حڪومتي گاڌي جي هنڌ جي تبديلي ان جو چٽو ثبوت هو. پر ان جو مطلب اهو به نه هو ته هو رڳو انهن ئي معاملن ۾ گهيرجي سمهي پيو هو ۽ سندس جيڪي نظريا هئا، سي نظرانداز ڪري ڇڏيا هئائين. هو اڃا به عام ميڙن ۾ تقريرون ڪري غلامي جي خاتمي بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندو رهندو هو ۽ وڏي وضاحت سان پنهنجي ان راءِ جو اظهار ڪري رهيو هو ته غلامي جو بنياد عدم مساوات ۽ ناانصافي تي رکيو ويو آهي ۽ ان جي خلاف عملي قدم کڻڻ نهايت ضروري آهي. پر گڏوگڏ هو اهو به چوندو هو ته جن رياستن ۾ قانوني طور تي غلامي رواج پائي چڪي آهي، وفاقي حڪومت انهن رياستن ۾ مداخلت جو حق نٿي رکي، پر ڪانگريس گهٽ ۾ گهٽ ڪولمبيا جي ضلعي ۾ غلامي ٽوڙ قانون ضرور لاڳو ڪري سگهي ٿي.

اسيمبلي جي اجلاسن جي وچ وارو عرصو لنڪن ”نيوسليم“ ۾ پنهنجي گهر ۾ گذاريندو هو. هتي ئي ڀورن وارن ۽ نيرين اکين واري هڪ سُهڻي ڇوڪري رهندي هئي، جنهن جو  نالو ”اين رئلج“ هو، اين جو مڱڻون هڪ شخص ”نيڪ نيمر“ سان ٿي چڪو هو، ميڪ نيفر 1832ع ۾ پنهنجي ڪجهه گهرو مامرن جي نبيري واسطي اڀرندي علائقي ۾ ويو. طئي اهو ٿيو هو ته جيئن ئي مامرو نبرندو ته هو موٽي ايندو ۽ ٻنهي جو پرڻو ٿيندو. شروع شروع ۾ ته ميڪ نيمر جا اين جي نالي خط ايندا رهيا، پر پوءِ هڪدم اها خط و ڪتابت بند ٿي ويئي ۽ ٽن سالن تائين نيمر موٽي اچي ڪابه خبر چار نه ورتي. هاڻي ماڻهن کي خيال ٿيو ته پڪ نيمر جي نيت بدلجي وئي آهي ۽ هو اين سان پرڻجڻ نٿو چاهي.

ڇا ايب جي دل ۾ اين جي محبت ڏيئا ٻاري ڇڏيا هئا؟ ڇا ايب اين کي شادي جي درخواست ڪئي ۽ اين اها منظور ڪري ورتي؟ پوءِ 1835ع ۾ اين جي ڪُمهلي موت سان ايب کي ايڏو وڏو صدمون ڇو پهتو، جو هن جو ذهني توازن لڳ ڀڳ خراب ٿي ويو هو.

اهي سڀ سوال اهڙا آهن، جن جي جواب ۾ جديد سوانح نگار ايب ۽ اين جي رومان کي افساني کان وڌيڪ اهميت نٿا ڏين. سندن نظر ۾ ان قسم جي رومانس جون شاهديون، واقعا ۽ تاريخون نٿيون ملن.

اين جي سوانح نگارن جي ان انڪار جي باوجود به ايب جي سوانح حيات ۽ عوام جي لاءِ ٻيو ڪو واقعو ان کان وڌيڪ قبوليت جوڳو نٿو معلوم ٿئي.

اين جي قبر تي جيڪو ڪتبو لڳل آهي ان تي ”ايڊگرلي ماسٽرس“ جا جيڪي شعر لکيل آهن انهن ۾ پڻ ايب جو تذڪرو آهي. اڄ هيترو زمانو گذري ويو آهي پر ان ڳالهه جو فيصلو ڪرڻ ناممڪن آهي ته انهن ٻنهي جي دلين ۾ ڇا هو ۽ هو هڪٻئي جي باري ۾ ڪهڙي قسم جا جذبا رکندا هئا.

واقعا ۽ حالتون جيئن به هجن، ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ايب جي نيو سليم سان دلچسپي گهٽبي ويئي ۽ جڏهن هن اپريل 1837ع ۾ نيوسليم ڇڏي، اسپرنگ فيلڊ وڃي وڪالت ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته ان وقت سندس عمر اٺاويهه سال هئي. نيو سليم ۾ هو پنهنجي پويان ڪيترن ئي دلڪش ۽ ساهه سڌير ساروڻيون ڇڏي وڃي رهيو هو. ان دوڪان جي ياد، جنهن سندس ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو هو، پوسٽ ماسٽري، جنهن ۾ کيس ڀانت ڀانت جي اخبارن پڙهڻ جو موقعو ملندو هو، بنڊ چيرڻ، اَناج صاف ڪرڻ ۽ زمين جي ماپ جون يادون. زندگيءَ جي انهن تجربن ۽ يادن ۾ هڪ مفهوم، دلڪشي ۽ ڏکاري ياد ان ڇوڪريءَ جي به هئي، جيڪا نيوسليم جي مٽيءَ ۾ مدفون هئي.

ايندڙ ٻن سالن جي اندر ئي ”نيوسليم“ ڦِٽي، اُجڙي ۽ ڌرتي جي گولي تان گم ٿي ويو ۽ اڄ آمريڪا جي تاريخ ۾ ان جو فقط نالو باقي وڃي رهيو آهي.

[ 9 ]

اسپرنگ فيلڊ جا شروعاتي ڏيهاڙا

 

]مون قانون جو اڀياس ڪيو هو ۽ اسپرنگ فيلڊ وڃي وڪالت ڪرڻ جو ارادو ڪيو. - لنڪن[

جوشو ايف اسپيڊ، ڪنيٽڪي جو رهاڪو هڪ ننڍي وهيءَ وارو ۽ سُکيو ستابو واپاري هو. اسپرنگ فيلڊ ۾ هن جو دوڪان ڏاڍو سٺو هلندو هو. اڳتي هلي اهو شخص لنڪن جو مخلص دوست ثابت ٿيو.

اسپيڊ، لنڪن جي اسپرنگ فيلڊ ۾ اچڻ جو اڪثر ذڪر ڪندو رهندو هو، لنڪن هڪ ٽانگي تي چڙهي پنهنجي ڪل ميڙي چونڊي ٻه سامان جا ٿيلها کڻي اچي اسپيڊ جي دوڪان وٽ بيٺو ۽ اسپيڊ کان پڇڻ لڳو، ”هڪ هنڌ ۽ کٽولي جي قيمت گهڻي ٿيندي.“

جڏهن اسپيڊ حساب ڪري کيس ٻڌايو ته ڪُل سترهن ڊالر ٿين ٿا ته لنڪن چوڻ لڳو، ”سترهن ڊالر، ڪافي سستو آهي. پر في الحال مون وٽ قيمت ادا ڪرڻ جي لاءِ ايترا ڏوڪڙ ڪونهن، جيڪڏهن ڪرسمس تائين تون مون کي اهو سامان اوڌر تي ڏيئي سگهين ته ڏي ۽ جي هتي منهنجي وڪالت هلي پئي ته توکي پوري رقم ڏيئي ڇڏيندس، نه ته ٻي صورت ۾ شايد اها به ڏئي نه سگهان.“

اسپيڊ ان قد جي ڊگهي اجنبي شخص جي مُنهن ۾ ڌيان سان ڏٺو. اڪثر ماڻهن جو هن جي چهري جي باري ۾ چوڻ هو ته هنن، ان کان وڌيڪ ٻيو ڏکارو مُهانڊو سڄي زندگي ۾ نه ڏٺو. اهڙوئي ڪجهه تاثر اسپيڊ جو به هو، اسپيڊ جلد ئي پنهنجي ذهن ۾ فيصلو ڪري ورتو ۽ هن دوڪان جي ڪاٺ جي دخل تي جهڪندي ان ڏکاري وڪيل کي چيو.

”آئون ڏسان پيو ته ايتري معمولي رقم به تنهنجي لاءِ ڪيڏي نه اهميت ٿي رکي، تنهنڪري مون وٽ هڪ رٿ آهي ته جيڪڏهن تون قرض کان بچڻ چاهين ٿو ته مون وٽ هڪ وڏو ڪمرو آهي ۽ انهي ۾ هڪ وڏو بسترو به. جيڪڏهن تون مون سان رهڻ پسند ڪرين ته مون کي ڪوبه اعتراٰض نه ٿيندو.“

”اهو ڪمرو مٿي آهي؟“ لنڪن پڇيو.

”مٿي!“ اسپيڊ هڪ ڏاڪڻ طرف اشارو ڪندي چيو.

لنڪن پنهنجا ٻئي ٿيلها کڻي هڪئي وقت ٻه ٻه ڏاڪا چڙهندو مٿي هلي ويو. ٿوري دير کان پوءِ هو جڏهن هيٺ لٿو ته هن جي چهري تي اطمينان جي جهلڪ هئي، هن اسپيڊ کي چيو، ”مون کي تنهنجي ڳالهه منظور آهي.“

پنهنجي اچڻ کان پوءِ هڪ خط ۾ لنڪن پنهنجي اڪيلائيءَ جي شڪايت ڪئي آهي، پر حقيقت ۾ اسپيڊ نه رڳو کيس مفت ۾ رهڻ جي لاءِ هڪ ڪمرو ڏنو، پر اهو ڪمرو هڪ قسم جو ڪلب بنجي ويو هو. دوڪان جو اِهو مٿيون ڪمرو گهڻو ويڪرو ۽ آتشدان جي باهه سان هر وقت گرم رهندو هو. ان ڪمري ۾ اڪثر پڙهيل لکيل نوجوان اچي گڏبا هئا ۽ سياست ۽ ادب تي بحث ۽ مباحثو ڪندا هئا. اسپيڊ پاڻ به ايتروئي پڙهيل لکيل هو، جيترو لنڪن ۽ پاڻ لنڪن کان وڌيڪ سِکيا ورتل هو. انهن صحبتن ۾ اسپيڊ ۽ سندس ڪلارڪ ’بلي هرن ڊن‘ ته باقاعده شريڪ ٿيندا هئا. تنهن کان سواءِ انهن ڪچهرين ۾ اڪثر هڪ نوجوان ۽ ڪامياب سياستدان اسٽِيفن ڊگلس به شريڪ ٿيندو هو. لنڪن جي ابتڙ ڊگلس قد جو بندرو، ضدي ۽ ڊيموڪريٽ هو. لنڪن قد جو ڊگهو، صلح پسند ۽ سياسي عقيدن جي لحاظ کان وگ هو.

اڪثر اهي همراهه رڳو شعر شاعري ۽ ڳالهيون مُهاڙيون ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڊگلس ۽ لنڪن وڏي گرمجوشيءَ سان ڪنهن سياسي مسئلي تي وڏي سنجيدگي ۽ مدلل نموني بحث به ڪندا هئا، اهي ٻئي سٺا مقرر به هئا.

لنڪن، ڪجهه ٻين سببن جي ڪري به خوشقسمت چئي سگهجي ٿو، ان زماني ۾ جان ٽي اسٽوارٽ کيس پاڻ سان گڏ وڪالت ۾ شريڪ ڪري ورتو. اسٽوارٽ ئي لنڪن کي قانون پڙهڻ تي هُشڪاريو. ان فرم جي حساب ڪتاب جي ڪاغذن مان خبر پوي ٿي ته پهرين سال ان فرم رڳو 5 ڊالر ڪمايا، پر انهن ٻنهي وڪيلن جي دوستي برابر مضبوط ٿيندي رهي.

لنڪن اڳ ئي اسپرنگ فيلڊ ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪري ورتي هئي. جنهن ذهانت ۽ تدبر سان هن ”الي نواءِ“ جي گادي جو هنڌ ”ونڊيليا“ کان ”اسپرنگ فيلڊ“ منتقل ڪرايو هو. انهيءَ جو عوام تي تمام گهڻو اثر هو ۽ هو لنڪن جي صلاحيتن کان گهڻا متاثر هئا.

لنڪن جي اچڻ کان ٻه سال اڳ آدمشماري ڪئي وئي هئي. تنهنڪري اسين سولائيءَ سان اهو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته لنڪن جي اچڻ کان اڳ انهيءَ شهر جي آبادي ڏيڍ هزار ماڻهن تي مشتمل هئي. شهر ۾ ڇهه ديولون ۽ ڇهه پنساري، ٻارهن سيڌي سامان جا دوڪان هئا. ان کانسواءِ شهر ۾ چار هوٽلون، چار ميڊيڪل اسٽور ۽ چار ڪافي هائوس پڻ هئا. شهر مان ٻه اخبارون به نڪرنديون هيون. جن جي پاڻ ۾ ڏي وٺ ٿيندي هئي ۽ اهي ٻئي اخبارون ابراهام لنڪن ۽ سندس سياسي حريف ڊگلس جي نظرين جون علمبردار بنجي ويون.

سائمن فرانسس ”سنگامون جرنل“ جو ايڊيٽر ۽ لنڪن جو وڏو پُرجوش حامي هو ۽ اسٽيفن ڊگلس کي ”الي نواءِ ريپبلڪن“ جي ايڊيٽر جارج آر وير جي حمايت حاصل هئي، سڀئي آفيسون ۽ دوڪان مرڪزي چوڪ جي آسپاس هئا، رستن جي ٻنهي پاسن ڪاٺ جون ڪيبنون ۽ سرن جي ٺهيل اڌ پڪن گهرن جون قطارون هيون.

پر وڌندڙ وسنديءَ ۾ رستا سڀ ڪچا هئا ۽ اونهاري جي مند ۾ مٽي اُڏندي رهندي هئي ۽ مينهوڳي ۾ سڀ رستا ڪاري گپَ سان لت پت ٿي ويندا هئا. سوئر ۽ ٻيا جانور رستن ۽ چوڪ تي ڊوڙندا وتندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ته رستو اُڪرڻ به ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو هو.

انهيءَ نئين گادي جي هنڌ جي زندگيءَ جي اڪثر کاتن ۾ اڪثر ناهمواري، بي ترتيبي، ۽ افراتفري موجود هئي، پر ڪن حوالن سان هي نئون شهر ۽ ان جو نئون وڪيل ڪيترن ئي گُڻن جا حامل هئا. ان شهر کي اهو فخر حاصل هو ته انهيءَ ۾ هڪ ڪتابن جو دوڪان ۽ ڪيترائي اسڪول هئا. تعليمي ۽ ثقافتي لحاظ کان اڄ ڏيڍ هزار آباديءَ وارو شهر ڪو ايتري سرگرمي ڏيکاري نه ٿو سگهي، جيتري ان زماني ۾ سرحدي ”اسپرنگ فيلڊ“ پنهنجي حلقي ۾ پيدا ڪري ڇڏي هئي. هتي ٿيسپيئن سوسائٽي، ۽ ٻيا ثقافتي ۽ تعليمي ادارا به هئا، اڪثر مشهور ماڻهو جهڙوڪ: ڊينيئل ويبسٽر وغيره تقريرون ڪرڻ جي لاءِ ايندا هئا.

اسپرنگ فيلڊ ۾ فيشن ايبل طبقي جو سربراهه نينين ڊبليو ايڊورڊ ۽ سندس زال ايلزبيٿ (ٽاڊ) ايڊورڊ هئا، اهي ڏاڍا شائسته، تعليم يافته ۽ خوش پوشاڪ هئا. انهن ماڻهن به لنڪن کي وڏي خوشيءَ سان پنهنجي حلقي ۾ شامل ڪري ورتو. هو جان ٽي اسٽوارٽ جو ڀائيوار ۽ رياستي اسيمبلي ۾ وگ پارٽي جو اڳواڻ به هو. ايب جڏهن به اهڙين محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو ته پنهنجي اڍنگي لباس جي باوجود به هو سڀني جي ڌيان جو مرڪز بنجي ويندو هو ۽ فيشن ايبل نوجوان، ڇوڪرين سان رقص ڪرڻ جي بدران هن جي چوڌاري مِڙي ايندا هئا ۽ سندس ڳالهيون ٻُڌندا هئا.

ميري ٽاڊ سان ايب جي ملاقات هڪ دعوت ۾ ٿي، عام طور تي اها روايت مشهور آهي ته اسپرنگ فيلڊ ۾ اسيمبلي ميمبرن جي اعزاز ۾ هڪ وڏي شاندار پارٽي ڪئي ويئي. سڀ مهمان مرد ۽ عورتون هال ۾ گڏ هئا. ميڻ بتين جي روشنيءَ ۾ گلن سان ٺهيل جڙيل ڪمرو ڏاڍو وڻندڙ لڳي رهيو هو. انهيءَ سڄي ميڙ ۾ سڀني کان وڌيڪ سُهڻي ڇوڪري مسز ايڊورڊ جي ڀيڻ ميري ٽاڊ هئي. هونئن ته ايب هر ميڙ ۾ ڌيان جو مرڪز بنجي ويندو هو ۽ پنهنجن ٽوٽڪن، لطيفن ۽ ڳالهين جي ڪري سڄي ميڙ جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺندو هو. پر ميري ٽاڊ کي ڏسي هو ڄڻ گم ٿي ويو. هن جون نظرون ميري ٽاڊ تان هٽيون ئي نٿي. ميري جيڪا ڊيل جيان سڄي ڪمري ۾ ٽيلارا ڪري رهي هئي، سا ڪنهن مهل جيمس شيلڊز يا وري ڪنهن ٻئي نوجوان سان رقص ڪري رهي هئي. ايب ڪافي دير تائين همت گڏ ڪندو رهيو ته جيئن ميريءَ سان ڳالهائي، پر کيس همت ئي نه پي ٿي. نيٺ همت ٻڌي هو ميري ٽاڊ وٽ پهتو ۽ کيس رقص ڪرڻ جي آڇ ڪيائين، جيڪا ميريءَ قبول ڪري ورتي.

بس اها هئي ميريءَ سان سندس پهرين ملاقات.

دنيا ۾ شايد ئي ڪي ٻه انسان ايترا مختلف هجن، جيترا ميري ۽ ايب هئا. لنڪن جو ڪل تعليمي سرمايو هڪ عام اسڪول ۾ هڪ سال جي پڙهائي هئي. پر ميري ٽاڊ اُن زماني جي رواج موجب اعليٰ تعليم حاصل ڪئي هئي. هيءَ ٻن نجي اسڪولن ۾ پڙهي هئي، کيس فرانسيسي زبان به ايندي هئي. ان کان سواءِ کيس ادب، آرٽ، ڊرامي، ناچ ۽ موسيقي ۽ ٻين مجلسي عملن تي عبور حاصل هو. پر لنڪن هڪ غريب گهراڻي سان واسطو رکندو هو ۽ هنيڪس جو گهراڻو جنهن سان سندس ويجهي مائٽي هئي، ڪو گهڻو نيڪ نام نه سمجهيو ويندو هو، انهيءَ جي ابتڙ ميري ٽاڊ جو گهراڻو ڪنيٽڪي جي اعليٰ گهراڻن ۾ ڳڻيو ويندو هو، لنڪن آرام پسند، فراخدل، بردبار ۽ درگذر ڪندڙ شخص هو. جڏهن ته ميري نفاست پسند، فيش ايبل، گهڻ خرچائو، تيسر ۽ ڪڏهن به معاف نه ڪندڙ هڪ انتهاپسند عورت هئي. لنڪن جون خواهشون محدود هيون. هو ترقي جو خواهشمند ضرور هو، پر هڪ حد تائين، پر ان جي ڀيٽ ۾ ميري ٽاڊ جي شوبازي ۽ عروج پسنديءَ جي ڪا حد نه هئي.

هنن ٻنهي جي دوستي پهرين ملاقات کان پوءِ سال کن تائين ته خوشگوار بنيادن تي هلندي رهي ۽ 1840ع ۾ ميري جي ڪن مائٽن جي مخالفت جي باوجود ٻنهي جي مڱڻي ٿي ويئي. ايڊورڊ جي گهر وارن جو خيال هو ته ميري ۽ لنڪن جو ڪوبه جوڙ ڪونهي. انهيءَ کانپوءِ سال ٻيو به گذري ويو ۽ ان وچ ۾ ڪهڙا واقعا پيش آيا ۽ هنن ٻنهي جي دلين ۾ ڪهڙو انقلاب پيدا ٿيو، تنهن بابت ڪير به ڪجهه چئي نٿو سگهي. سياري جي موسم ويجهي ايندي ويئي ۽ ائين پي لڳو ته لنڪن جا جذبا سرد ٿيندا پي ويا. تنهنڪري پهرين جنوري 1841ع تي لنڪن پاڻ نسبت ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

انهيءَ کان پوءِ ٻه سال مصيبت، مايوسين ۽ تڪليفن ۾ گذريا. انهيءَ عرصي ۾ ٻئي پريشان رهيا. لنڪن پنهنجي سڀاءُ ۾ اڳ ۾ ئي غم پسند هو. انهيءَ واقعي مٿس تمام گهرو اثر ڇڏيو هو ۽ خاموش رهڻ لڳو. هو اڪثر هفتن جا هفتا پنهنجي ڪمري مان ٻاهر نه نڪرندو هو. هو انهيءَ عرصي ۾ هن هڪ مختصر پر ناڪام عشق هڪ معمولي شڪل ۽ صورت واري ڇوڪري ”ميري اونن“ سان به ڪيو. انهيءَ واقعي لنڪن کي اڃا به وڌيڪ مايوس ڪيو. هن جي پنهنجي فيصلي جي قوت جواب ڏيندي معلوم ٿيڻ لڳي. هن جي سمجهه ۾ نه پي آيو ته هو ڇا ڪري؟

سندس همدرد اسپيڊ به واپس پنهنجي وطن ڪنيٽڪي وڃي چڪو هو. لنڪن اسپيڊ سان صلاح سُولي ڪرڻ جي لاءِ ڪنيٽڪي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. اسپيڊ پنهنجي شهر جو هڪ سهڻي ڇوڪري سان مڱجي چڪو هو. پر لنڪن وانگر هو به شادي جي معاملي ۾ ٻڏتر جو شڪار هو، لنڪن اسپيڊ کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس ٻڏتر اجائي آهي. ائين ٿو لڳي ته اسپيڊ کي قائل ڪرڻ جي دوران خود ايب کي به اهو خيال پيدا ٿيو ته ميري سان شاديءَ جي معاملي ۾ هن جيڪو رويو اختيار ڪيو هو، اهو پڻ چريائپ ئي هو.

پوءِ جڏهن اسپيڊ لکيس ته هن شادي ڪري ڇڏي آهي ۽ سندس ازدواجي زندگي خوشين سان ڀرپور آهي، ته ايب چواڻي، ”کيس ايتري ته خوشي ٿي، جيتري جنوري 1841ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نه ٿي هئي.“

پوءِ شايد ”سنگامون جرنل“ جي ايڊيٽر ”سائمن فرانسس“ جي زال جي ئي ڪوششن سان ميري ۽ ايب هڪ ڀيرو ٻيهر هڪٻئي جي ويجهو اچي ويا. هن انهن ٻنهي کي گهُرائي پنهنجي گهر ۾ ملايو ۽ پوءِ ٻئي اڪثر ڪري انهيءَ ئي گهر ۾ ملندا رهيا ۽ پوءِ هتان کان ئي ”لاسٽ ٽائون شپ“ خطن جو سلسلو شروع ٿيو. جنهن ۾ شايد لنڪن کي پنهنجي زندگيءَ تان به هٿ ڌوئڻا پون ها.

ايب کي ننڍي هوندي کان ئي لکڻ جو شوق هو. هو اڪثر طنزيه نظم ۽ مضمون لکندو هو. اسپرنگ فيلڊ ۾ ”سنگامون جرنل“ جي ايڊيٽر سان سنگت ٿي ويس ۽ هن انهيءَ اخبار ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيو، جيڪو هو مختلف قلمي نالن سان لکندو هو، انهن مان هڪ جو نالو ”سمپس هوسٽ“ به هو، انهن ڪالمن ۾ هو پنهنجي سياسي مخالفن تي زوردار حملا ڪندو هو.

ميري ۽ ايب، ميريءَ جي هڪ ساهيڙي ”جولياجين“ جي مدد سان فرضي خطن جو هڪ سلسلو هڪ فرضي شهر ”لاسٽ ٽائون شپ“ مان ائٽ بيڪا جي فرضي نالي سان شروع ڪيو. انهن خطن جي زبان ڏاڍي تيز، سخت ۽ طنزيه هوندي هئي. انهن خطن جو نشانو ايب جو سياسي مخالف، سرڪاري ڪارندو ”جيمس شيلڊر“ هو.

اصل ۾ لنڪن ۽ سندس پارٽيءَ جيڪا پاليسي اختيار ڪئي هئي، انهيءَ جي ڪري سڄي رياست قرض جي بار هيٺان دٻجي ويئي هئي، پر لنڪن پنهنجي انهيءَ غلطي جي ذميداري شيلڊز تي وجهي ڇڏي ۽ سرڪاري خزاني جي خالي هئڻ جو الزام شيلڊز تي هنيو، جيتوڻيڪ شيلڊز کان وڌيڪ هو پاڻ ئي ان جو ذميدار هو.

پوءِ هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جو لنڪن جي لاءِ ڊوئل وڙهڻ کانسواءِ ٻي ڪا واهه هئي نه بچي، ٿيو هينئن جو لنڪن جي پُرپُٺ کيس ٻڌائڻ کان سواءِ ميري ۽ جولياجين هڪ نهايت تيز ۽ توهين وارو خط آنٽ بيڪا جي نالي سان ڇپرائي ڇڏيو. شيلڊز للڪاريو ته انهن خطن جو  ليکڪ سامهون اچي ساڻس ’منهان منهن وڙهي، آنٽ بيڪا جواب ۾ هڪ ٻيو خط لکيو ته جيڪڏهن شيلڊز ’مهان منهن وڙهڻ ٿو چاهي ته پوءِ انصاف جي تقاضا اها آهي ته هو يا ته پيٽي ڪوٽ پائي اچي يا نه ته هو مرداڻي پتلون پائي وڙهڻ جي لاءِ اچي.

تنهن تي شيلڊز زور ڀريو ته ايڊيٽر اصل لکندڙ جو نالو پڌرو ڪري. جڏهن ايب ڏٺو ته معاملو ڊگهو ٿيندو پيو وڃي ته هن معاملي کي ٽارڻ جي لاءِ انهن سڀني خطن جي ذميداري پنهنجي سِر کڻي ورتي ۽ چيو ته، اهي سڀ خط مون لکيا آهن ۽ پوءِ ڪوشش اها ڪئي ته منظر تي اچڻ کانسواءِ معافي گهري معاملي کي لئه مٽي ڪري ڇڏجي، پر شيلڊز نه مڃيو ۽ نيٺ ايب کي مُنهان مُنهن وڙهڻ تي راضي ٿيڻو پيو، قاعدي موجب ايب کي هٿيار جو نالو به تجويز ڪرڻو هو. هن پهريون گهوڙيسوارن جي استعمال جي ڊگهي تلوار جو نالو ورتو، شيلڊز ان قسم جي هٿيارن جو نگران رهي چڪو هو. جيڪڏهن ايب هٿيار بدلائي نه ڇڏي ها ته شايد هو انهي مقابلي ۾ مارجي وڃي ها. ٻنهي ڄڻن جن شرطن تي مقابلي جي حامي ڀري، اهي عجيب ۽ کل جهڙا هئا. طئه اهو ٿيو ته زمين ۾ ڪاٺ جو هڪ تختو کوڙيو وڃي ۽ ٻئي ڄڻا انهيءَ تختي کي اڳتي نه وڌن. اهڙي طرح پويان هٽڻ جي به هڪ حد مقرر ڪئي ويئي ۽ اها حد هڪ تلوار جي ڊيگهه ۽ وڌيڪ ٽن فوٽن جي برابر هڪ ليڪ ڪڍي وڃي. انهيءَ جي پويان ڪوبه هٽِي نه ٿي سگهيو ۽ انهيءَ حد جي اندر رهي هڪٻئي تي حملا ڪرڻا هئا.

هاڻ شيلڊز جي پنهنجي سڄي ڄاڻ ۽ تجربي جي باوجود سندس ايب سان وڙهڻ ۽ کٽڻ ڏاڍو ڏکيو هو، ڇو ته ايب جون ٻانهون شيلڊز کان ڪافي ڊگهيون هيون ۽ هو سولائيءَ سان اڳيان وڌي شيلڊز تي حملو ڪري ٿي سگهيو. اصل ۾ اها باهه ٻين جي ٻاريل هئي ۽ اتان جا شرپسند ماڻهو هنن ٻنهي کان وڌيڪ انهيءَ معاملي ۾ دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا هئا، پر ٿيو هينئن ته جڏهن هو ٻئي ”الي نواءِ“ جي هنڌ آلٽن جي ڀرسان ”مِسي.سي.پي درياهه“ جي ڪنڌي تي مقابلي جي لاءِ مُنهان مُنهن ٿيا ته وڙهڻ کانسواءِ ئي سڀئي اختلاف دور ٿي وين.

ان ويڙهه جا گهٽ ۾ گهٽ ٻه خوشگوار نتيجا سامهون آيا، هڪ اهو ته پوءِ وري ايب ڪڏهن به گمنام يا فرضي نالن سان تحريري حملا نه ڪيا، ٻيو اهو ته هن ’ميري ٽاڊ‘ کي مصيبت کان بچائڻ جي لاءِ سڄو الزام پاڻ تي کنيو ۽ پنهنجي نه ڪيل گناهن جي باوجود سِر تريءَ تي رکي دوبدو وڙهڻ جي لاءِ راضي ٿي ويو. ايب جي انهي ڳالهه جو ميريءَ تي وڏو اثر پيو ۽ هوءَ هڪدم ساڻس پرڻجڻ جي لاءِ تيار ٿي ويئي. تنهنڪري 4 نومبر 1842ع تي ٻنهي جي شادي ٿي ويئي، ان موقعي تي سندس مخصوص دوستن ئي شرڪت ڪئي.

 

[ 10 ]

سياستدان ۽ وڪيل

 

]1846ع ۾ آئون ڪانگريس جي هيٺينءَ ايوان جو ميمبر چونڊجي ويس. – ايب لنڪن[

پنهنجي سڄي وڪالت جي دوران لنڪن ٽي ڀائيوار بنايا. پهريون جان ٽي اسٽوارٽ، پوءِ اسٽيفن ٽي لوگن، ٽيون ۽ آخري ڀائيوار وليم ايڇ هرنڊن هو. جڏهن 1841ع ۾ لنڪن ۽ اسٽوارٽ ڌار ٿيا ته لنڪن، لوگن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لڳو، سڄي الي نواءِ ۾ لوگن سڀني کان اعليٰ قانوني دماغ رکندڙ هو ۽ هو ننڍي قد، ڀريل بُت، مٿي تي ڳاڙهي وارن جو جُهنڊ ۽ لٽي ڪپڙي ۾ لنڪن جيان ئي لاپرواهه هو، پر پنهنجي ڪيسن جي تياري جي سلسلي ۾ وڏي محنت ڪندو هو. هن لنڪن کي به شوق ڏياريو ته ڪيس جي تياريءَ ۾ پوري محنت ڪري، قانوني ڪتابن جو اڀياس، نقطن ۽ حوالن جي ڳولا ڦولا لاءِ ڪيس جي مختلف پاسن تي غور ۽ ويچار ڪرڻ گهرجي. تنهنڪري لنڪن هاڻ وڌ ۾ وڌ پنهنجي ڪيسن تي محنت ڪرڻ لڳو ۽ هڪ وڪيل جي حيثيت سان سندس سٺو اثر قائم ٿي ويو. لنڪن جي باري ۾ لوگن جو چوڻ هو ته هو چڱو موچارو وڪيل هو. پر سندس قانوني ڄاڻ گهڻي نه هئي.

1843ع ۾ لوگن پنهنجي پُٽ کي پنهنجو پارٽنر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، هاڻي لنڪن ٻيهر اڪيلو ٿي ويو، تنهنڪري هن 26 سالن جي بلي هرڊن کي پنهنجو پارٽنر ٿيڻ جي آڇ ڪئي. اها آڇ واقعي به فياضيءَ واري هئي. پر لنڪن اهو فيصلو بنا ڪنهن سوچ ۽ ويچار جي نه ڪيو هو، بلي هرڊن هڪ وڪيل جي حيثيت سان بلڪل نئون هو. پر شهر جي وڏي حلقي تي سندس گهڻو اثر هو ۽ انهيءَ اثر جي ڪري هو ڪنهن به چونڊ ۾ حصو وٺي سگهيو ٿي. هن جو تعليمي معيار به لنڪن کان سٺو هو. ٻين علمن کانسواءِ کيس فلسفي تي به ڪافي عبور هو. انهن سڀني ڳالهين کانسواءِ شايد هڪ ٻيو نفسياتي سبب به هو ته هيستائين لنڪن جن به ماڻهن سان ڪم ڪندو رهيو هو، انهن ۾ سندس حيثيت ثانوي هئي. تنهنڪري هاڻي هن ڪنهن ٻئي کي ثانوي حيثيت سان شريڪ ڪري، پاڻ اولين حيثيت ۾ رهڻ ٿي چاهيائين.

بلي سڄي زندگي ايب جو دوست رهيو، بلڪه هن جي دوستي پرستش جي حد تائين پهچي ويئي هئي. هو ايب کي سدائين مسٽر لنڪن جي نالي سان مخاطب ٿيندو هو ۽ لنڪن بي تڪليفي ۽ محبت مان کيس فقط بلي چئي سڏيندو هو.

لنڪن پنهنجي ڪپڙي لٽي جي معاملي ۾ سدائين لاپرواهه رهندو هو. اُن جي ابتڙ بلي ڏاڍا صاف سٿرا ڪپڙا پهريندو هو. نفاست پسندي ۽ خوش پوشاڪي مٿس اچي دنگ ڪندي هئي. ٻئي وڏي ڇٽي وارا هيٽ پائيندا هئا. ايب جو هيٽ ميرو ۽ پراڻو هوندو هو ۽ بليءَ جو نئون ۽ سُٺو هوندو هو، لنڪن جي وفات تائين اهي ٻئي هڪٻئي جا جانثار سنگتي رهيا. ٻنهي جي وچ ۾ ڪوبه لکت ۾ معاهدو نه هو. پر ٻنهي ۾ ڪڏهن به ڪو اختلاف پيدا نه ٿيو. ٻئي پنهنجي سڄي آمدني ورهائي ڇڏيندا هئا. جيتوڻيڪ لنڪن جي زال ميري ۽ هرن ڊن ۾ سدائين جهڳڙو پيو ٿيندو هو، پر اها دشمني ڪڏهن به بلي ۽ مسٽر لنڪن جي وچ ۾ رڪاوٽ نه بڻي.

لنڪن جي لاءِ بلي جو ساٿ غنيمت هو، ڇو ته لنڪن جا نجي معاملا گهڻا تڻا خوشگوار نه هئا. ڪجهه خط ۽ تارون جيڪي مليون آهن، تن مان اهو پتو پوي ٿو ته ميري ۽ ايب هڪٻئي کي گهڻو چاهيندا هئا. هو هر معاملي ۾ هڪٻئي جا ساٿي ثابت ٿيا، دماغي صلاحيتن جي لحاظ کان به ٻنهي جو ساٿ هڪٻئي جي لاءِ سُٺو ثابت ٿيو. پر ميري جي چيڙاڪ طبيعت، زبان جي تکاڻ ۽ بدمزاجيءَ جي ڪري اڪثر گهر جي فضا خراب رهندي هئي. هوءَ سدائين ايب جي ڳوٺاڻين عادتن ۽ مزاج پسنديءَ تي ڇتي تنقيد ڪندي رهندي هئي. پر ايب ڪڏهن به ان مان بيزار نه ٿيو، شادي کان پوءِ شروع ۾ هو اسپرنگ فيلڊ ۾ گلوڊ جي سراءِ ۾ چار ڊالر في هفتي واري مسواڙي ڪمري ۾ رهيا، اتي ئي سندن پهريون ٻار رابرٽ ٽاڊ لنڪن آگسٽ 1843ع ۾ پيدا ٿيو. ٻئي سال هنن ڏيڍ هزار ڊالرن ۾ هڪ گهر خريد ڪيو، اڳتي هلي انهيءَ ۾ واڌارا ڪيا ۽ 1861ع ۾ ايوان صدر ۾ منتقل ٿيڻ تائين هو ان نئين گهر ۾ رهيو. ان ئي اسپرنگ فيلڊ واري گهر ۾ سندس ئي ٻيا ڇوڪرا 1846ع ۾ ايڊورڊ بيڪر، جنهن جو جو نالو ايڊي هو. 1850ع ۾ وليم بليڪ پيدا ٿيو ۽ 1853ع ۾ سندن آخري ٻارڙو ٽامس پيدا ٿيو. جنهن کي پيار مان ٽاڊ چوندا هئا. انهن سڀني ٻارن مان فقط رابرٽ ٽاڊ لنڪن ئي جيئرو رهيو.

انهن ٻارن جي جنم وٺڻ سان ميري ۽ ايب جي وچ ۾ اختلافن ۾ ڪافي گهٽتائي ٿي، ٻنهي کي پنهنجي ٻارن سان وڏي محبت هئي، ان لاڏ ۽ پيار جي نتيجي ۾ سڀ ٻار بگڙي ويا.

آچر واري ڏينهن جڏهن ايب انهن ٻارڙن کي آفيس وٺي ويندو هو ته بلي هرن ڊن انهن جي شرارتن سبب تنگ ٿي پوندو هو، هو چوندو هو ته مسٽر لنڪن انهن ٻارن کي صفا کاري ڇڏيو آهي.

ايب ته ڪو ڪتاب کڻي زور زور سان پڙهڻ شروع ڪندو هو ۽ آسپاس جي ماحول کان صفا بيخبر ٿي ويندو هو. هيڏانهن سندس ٻارڙا ڪمري جي سڀني شين کي اونڌو اُبتو ڪري ڇڏيندا هئا. ڪتاب الماڙين مان ڪڍي پکيڙي ڇڏيندا هئا. ميزن جي خانن مان ڪاغذ پٽ ڪڍي هيڏانهن هوڏانهن ڪري ڇڏيندا هئا. قلم جا نِبَ، آتشدان ۾ گرم ڪري بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. مس پنن تي هاري ڇڏيندا هئا. ڪمري ۾ قلم پکيڙي ڇڏيندا هئا. ۽ پوءِ انهن شين تي خوب ٺينگ ٽپا ڏيندا هئا.

بل چوندو هو ته انهن جي عادتن کي سڌارڻ جي لاءِ انهن جي ڪافي مرمت جي ضرورت هئي. پر ايب ۽ ٽاڊ ٻئي ان ڳالهه تي راضي نه ٿيندا هئا. ان جو سبب شايد اهو هو ته ايب جو ننڍپڻ وڏي تڪليف ۽ مصيبت ۾ گذريو هو ۽ هن اڪثر پنهنجي پيءُ جي هٿان مارون به کاڌيون هيون، تنهنڪري هو پنهنجن ٻارن تي ڪا سختي ڪرڻ نه چاهيندو هو، اجائي نرميءَ جي نتيجي ۾ ٻارڙا بگڙي ويا. لنڪن انهن سڀني ٻارن تي وڏو مهربان هو. هو ٻارن جو وڏو دوست هو. اڪثر واقعا ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا.

لنڪن ڇهه فوٽ ۽ چار انچ ڊگهو هو، جڏهن هو هيٽ پائيندو هو ته اها ڊيگهه ڪجهه انچ اڃا به وڌي ويندي هئي. ٻارڙا اها شرارت ڪندا هئا ته رستي تي ست فوٽ مٿاهين تي رسي ٻڌي ڇڏيندا هئا، جنهن مان ٻيا واٽهڙو ته سولائيءَ سان گذري ويندا هئا، پر جڏهن لنڪن اتان لنگهندو هو ته سندس هيٽ اُن رسي سان ٽڪرائجي ڪري پوندو هو ۽ هيٽ ۾ رکيل ڪاغذ رستي تي ٽڙي پکڙي ويندا هئا. ٻارڙا جيڪي ٻوڙن ۾ خاموشي سان لِڪا ويٺا هوندا هئا، سي ٽهڪ ڏيئي ٻاهر نڪري ايندا هئا ۽ ٺينگ ٽپا ڏيئي ايب تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ايب انهن جي ٺينگ ٽپن ۽ معصوم شرارتن تي ڏاڍو خوش ٿيندو هو.

لنڪن، وڪالت کي پنهنجو ذريعو معاش قرار ڏنو، پر سندس دلپسند مشغلو سياست هو. اٺ سال مقامي قانون ساز اسيمبلي ۾ رهڻ کان پوءِ کيس خيال ٿيڻ لڳو ته هاڻ کيس ڪانگريس جو ميمبر چونڊجڻ کپي. تنهنڪري هن ٻه ڀيرا ڪوشش ڪئي ته سندس وگ پارٽي جا ميمبر کيس نامزد ڪن، پر هر ڀيري ناڪاميءَ کان پوءِ هن هڪ ٻي ضلعي جي وگ پارٽي جي ميمبرن کان نامزدگي جو وعدو ورتو ۽ پنهنجي مخالف ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي نمائندگي کي شڪست ڏني. ائين هن ڊسمبر 1847ع ۾ ”ايوان نمائندگان“ ۾ پنهنجي لاءِ جڳهه حاصل ڪئي. واشنگٽن وڃڻ جي لاءِ الي نواءِ جي ان ڊگهي قد واري ميمبر ۽ سندس زال دخاني ٻيڙي ۽ ريل جي وسيلي واشنگٽن جو سفر طئي ڪيو.

ان وقت قومي گادي جي هنڌ جي آبادي چاليهه هزار هئي. ان ۾ ٽيهه هزار ڳورا ۽ ڏهه هزار شيدي هئا. جن جو لڳ ڀڳ پنجون حصو غلامن تي مشتمل هو. ان وقت واشنگٽن ۾ غلامن ۽ انهن جي وڪري جو سڀ کان وڏو مرڪز ”ڪيپيٽل بلڊنگ“ مان نظر ايندو هو.

1847ع ۾ حڪومت ان عمارت ۾ ڪاٺ جو هڪ عارضي گنبد جوڙايو هو ۽ هاڻوڪيون ٻه ٻانهون به تعمير نه ٿيون هيون. وائيٽ هائوس جي لان تي بحري ٻيڙي جو بينڊ اڱاري ۽ آچر جي شام جو وڄايو ويندو هو. دريا ۽ ايگزيڪيوٽو مينشن جي وچ ۾ ڪافي ڌٻڻ هئي، جتي مليريا جا ڪيترائي مڇر موجود رهندا هئا. پنسلوانيا ايوينو جو فرش کهرن پٿرن سان ٺهيل هو، جنهن تي امير ميمبرن جون گاڏيون لڏنديون هلنديون هيون. ان قومي گاڌي جي هنڌ جا باقي سڀ رستا ڪچا هئا ۽ اسپرنگ فيلڊ جي رستن جيان مِٽي ۽ ڌڌڙ سان ڀريل هوندا هئا. هنڌ هنڌ تي ڪچري جا ڍڳ لڳا پيا هوندا هئا. هتي به رستن تي بدڪون، سوئر ۽ ٻيا جانور وڙڪندا وتندا هئا ۽ هنڌ هنڌ تي پيل گند ڪچري جي ڍڳن کي ڪُڪڙيون پنهنجي پيرن ۽ چهنبن سان ڦلهورينديون پيون هيون. وڏا وڏا شاهي گهر ۽ گنديون جهوپڙيون گڏوگڏ بيٺل هيون.

لنڪن کان وڌيڪ ميري کي حڪومتي گادي جي هنڌ جي خراب حالت سبب سخت مايوسي ٿي. هن جي ڪڏهن خواب ۽ خيال ۾ نه هو ته واشنگٽن شهر جي حالت ڪا اهڙي بڇڙي هوندي. ميري پنهنجي شهر ۾ سوسائٽي جي زندگي سمجهي ويندي هئي. پر هتي کيس بنهه گهٽ تقريبن ۾ دعوتيو ويندو هو.

ميري ۽ لنڪن ٻيئي هڪ مسواڙي ڪمري ۾ رهندا هئا، اها جاءِ ان هنڌ تي هئي، جتي اڄڪلهه ڪانگريس لائبرري ٺهيل آهي.، لنڪن جلدئي پنهنجن ساٿين ۾ مقبول ٿي ويو. هن جي زنده دلي، لطيفي گوئي، ٽوٽڪي بازي ۽ ڳالهين کي جلدئي سندس ساٿي پسند ڪرڻ لڳا هئا، پر ميري پنهنجي ڪمري ۾ بند رهندي هئي. رڳو مانيءَ مهل ٻاهر نڪرندي هئي، باقي سمورو وقت ڪمري ۾ پوري ويٺي هوندي هئي. ٽن مهينن جي اندر ئي هوءَ ان شهر ۽ ان جي زندگيءَ کان بيزار ٿي پئي. ڪانگريس جي اجلاس ختم ٿيڻ ۾ اڃا گهڻو وقت هو، تنهنڪري هوءَ ايب کي واشنگٽن ۾ ڇڏي ڪنيٽڪي هلي ويئي ۽ اتي ئي هوءَ لنڪن جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳي.

جدائي جي انهن ڏينهن ۾ جيڪي خط ميري ۽ ايب هڪٻئي کي لکيا، انهن مان خبر پوي ٿي ته طبيعتن جي اُبتڙائپ جي هوندي به هو هڪٻئي سان گهڻي محبت ڪندا هئا. انهيءَ عرصي دوران جيڪي خط هنن هڪٻئي کي لکيا، انهن مان ميري جو هڪ خط ۽ ايب جا چار خط زماني جي دستبرد کان محفوظ رهجي ويا. انهن ۾ ٻارن جي ذڪر مان وڏي محبت پئي بَکي. ايب بار بار ٻارن جا نالا وٺي انهن جو ذڪر ٿو ڪري. ميري کي به لکي ٿو ته مون کي هي ڪمرو اڪيلائي سبب کائڻ ٿو اچي. مون کي پڪ آهي ته توکي هاڻ مٿي جي سور جي شڪايت نه هوندي، تون پاڻ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪر.“ ان قسم جا اڪثر جملا سندس خطن ۾ ملن ٿا، جن مان خبر پوي ٿي ته هو ٻئي هڪٻئي کانسواءِ اڪيلائي محسوس ڪندا هئا.

ڪانگريس جي ٽيهين اجلاس ۾ جڏهن لنڪن پهريون ڀيرو شرڪت ڪئي ته هن جي سيٽ سڀني کان آخر ۾ هئي. سڄي ايوان ۾ شايد هوئي سڀني کان گهٽ مشهور ميمبر هو. ان ايوان ۾ ڪي اهڙا ناليوارا شخص به موجود هئا، جن آمريڪي تاريخ تي گهرا اثر ڇڏيا  آهن. انهن مان سڀني کان ناليوارو آمريڪا جو اڳوڻو صدر ’جان ڪوئنسي آدم‘ هو، جيڪو ايب جي وگ پارٽي جو ميمبر هو، ان وقت آدم جي عمر اسي سال هئي. هن پنهنجي دور ۾ وڏيون نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون هيون. هو غلاميءَ جي مخالفت ۾ ايب کان به ٻه هٿ اڳتي هو ۽ ايب کان وڌيڪ دليريءَ ۽ وڏي واڪي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو هو. پنهنجي سيٽ تي ويٺي ويٺي لنڪن ٿورو ڪنڌ ڦيري جارجيا جي اليگزينڊر ايڇ اسٽيفنس کي ڏسي سگهيو ٿي، جيڪو بعد ۾ نائب صدر مقرر ٿيو. سندس ڀرسان ئي ٽينسي جواينڊريو جانسن ويٺل هو، جيڪو لنڪن جي صدارت جي زماني ۾ سندس نائب صدر چونڊيو ويو. ان اجلاس ۾ ڊيوڊ ولموٽ به هو، جنهن غلاميءَ جي خاتمي لاءِ مضمون لکيا هئا.

انهن سڀني ناليوارن ۽ عظيم سياستدانن کي شايد اها خبر نه هئي ته انهن مان سڀني کان عظيم  ۽ سڀني کان ناليرو شخص هنن جي پٺيان ويٺو آهي، جيڪو پنهنجي اڍنگي لباس ۽ پنهنجي ڊگهي قد جي ڪري اڪثر پريشان ٿي ويندو هو. هن کي سمجهه ۾ اهو نه ايندو هو ته هيڏن وڏن هٿن پيرن جو ڇا ڪري. انهن کي ڪٿي لڪائي؟

ڪانگريس جي ان ٽيهين اجلاس ۾ ڪيترائي اهم ۽ پريشاني ڪندڙ مسئلا هئا. هڪ ميڪسيڪو جي لڙائي جو مسئلو هو ۽ ٻيو اختلافي مسئلو غلاميءَ جو هو. ان مسئلي ميمبرن ۾ ڪيترائي اختلاف پيدا ڪري ڇڏيا هئا.

جنهن وقت لنڪن ڪانگريس جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو هو، ان وقت آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي جنگ ختم ٿي چڪي هئي. پر جنگ کانپوءِ جا اثر اڃا باقي هئا، ان جنگ جي دوران ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو پوڪ آمريڪا جي صدارت تي فائز هو. ڊيموڪريٽڪ هئڻ جي ڪري پوڪ وگ پارٽي ۾ نامقبول ٿي ويو هو.

ڪانگريس ۾ ان اجلاس جي دوران لنڪن گهٽ ۾ گهٽ ٻن ضروري ڪميٽين ۾ رڌل هو. انهن ماڻهن جو مقصد اهو ثابت ڪرڻ هو ته ان جنگ ۾ جنهن سرزمين تي سڀني کان پهرين رت وهيو، اها ميڪسيڪو جي سرزمين هئي. تنهنڪري ان جنگ ۾ دراصل آمريڪين تشدد پسنديءَ جو ثبوت ڏنو هو. ان سلسلي ۾ لنڪن اسپاٽ قرار داد به پاس ڪرائي ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ميڪسيڪو سان جنگ ڪري آمريڪا سخت جارحاڻي ڪاروائي ڪئي آهي ۽ ان معاملي ۾ جنگ ڪندڙن جي حمايت نه ڪرڻ کپي. ان مان مقصد فقط اهو هو ته صدر پوڪ پنهنجي دور ۾ هڪ غير منصفاني جنگ جي ڪري بدنام ٿئي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ سندس جاءِ تي وگ پارٽيءَ جو ڪو همراهه صدر بنجي سگهي.

ان جنگ ۾ ايب جا ڪيترائي پاڙِيسري، دوست ۽ ديس واسي مارجي ويا هئا يا زخمي پيا هئا. تنهنڪري هن ان قرارداد جي ذريعي هڪ فوري ردعمل سامهون آيو، سو اهو ته ايب نه رڳو ڪانگريس ۾ نامقبول ٿي پيو، پر خود سندس تڪ ۽ رياست ۾ به ڪافي مخالفت ٿيڻ لڳي.

بلي هرن ڊن برابر پنهنجي دوست جي حمايت ۾ مضمون لکي ايب جي سخت حملن کي متوازن بنائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. پر ايب ان لڙائي جي خلاف، صدر پوڪ جي خلاف  ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي خلاف برابر پروپيگنڊه ۾ رڌل هو.

بظاهر ته ائين ٿو لڳي ته لنڪن دل ۽ جان سان عملي سياست ۾ مصروف رهيو ۽ پنهنجن نظرين ۽ لائحه عمل کي خيرباد چئي ڇڏيو، پر ائين نه هو. هو غلامي جي خاتمي جي لاءِ لڳاتار ڪوششون ڪندو رهيو، هن پُرامن طور تي غلامي جو خاتمو ڪرڻ ٿي چاهيو. تنهنڪري هن هڪ بل لکيو، جنهن جي آڌار تي هوريان هوريان ڪولمبيا ضلعي ۾ غلامن کي آزادي ملي وڃي ها، پر اهو بل منظور ٿي نه سگهيو.

ڪانگريس جو ٻيو اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ لنڪن ٻيهر اسپرنگ فيلڊ موٽي آيو ۽ پنهنجي زال ۽ ٻارن سان پنهنجي معمولي گهر ۾ رهڻ لڳو. کيس اميد هئي ته هن ڀيري کيس مناسب نوڪري ملي ويندي، پر جڏهن کيس رياست اوريگن جي سيڪريٽري جي جاءِ ملي ته ميري ايترو پري وڃي رهڻ پسند نه ڪيو ۽ ايب کي انڪار ڪرڻو پيو. هن نيٺ پنهنجو ڌنڌو وڪالت اختيار ڪيو. ايٽ جي ڊيئنل ڊسٽرڪٽ جي سرڪٽ ڪورٽ ٻارهن هزار ميلن جي علائقي تي ٻڌل هو. تنهنڪري کيس پنهنجي تڪ ۾ ڪم ڪرائڻ لاءِ ايب کي خوب گهمڻو ڦرڻون پوندو هو. هو ڌٻڻين ۾، برساتين ۾ ۽ برفباريءَ ۾ گهوڙي تي چڙهي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين گهمندو رهندو هو ۽ ائين کيس گهر کان هفتا ته ڇا پر مهينا پري رهڻون پوندو هو.

مختلف ڳوٺن ۽ وستين ۾، جتي جتي به عدالتون هونديون هيون، هو جتي عام ماڻهن ۽ ٻين هم پيشه وڪيلن سان ملندو هو. سڀ هن جي ٽوٽڪن ٽڙن ۽ ڪهاڻين مان مزو ماڻيندا هئا. هو انهن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ادب ۽ شعر و شاعري ۽ سياست تي ڳالهائيندو رهندو هو. اهڙِين محفلن جي لنڪن جان سمجهيو ويندو هو. ڏسڻ ۾ ته هو بيحد ڏکارو ۽ خاموش نظر ايندو هو، پر ڪنهن ڪنهن مهل هو اوچتو اُٿي بيهي اهڙا لطيفا ٻڌائيندو هو. جو ماڻهو کلي کلي کيرا ٿي پوندا هئا ۽ هن کانسواءِ محفلون ٻُسيون ٻُسيون لڳنديون هيون.

عدالت ۾ جرح جي دوران هو پنهنجا ڪيس اهڙي ته سادي ۽ منطقي انداز سان پيش ڪندو هو، جو سندس دليلن کي قبول ڪرڻو پوندو هو، جنهنڪري هو اڪثر ڪيس کٽي ويندو.

مالي لحاظ کان لنڪن اڃا تائين پنهنجي وڪالت جي عروج تي نه پهتو هو. ڪيترن ئي سالن کان پوءِ هن الي نواءِ ريل روڊ کان پنج هزار ڊالر محنتاڻو وصول ڪيو. اها هن جي سڀ کان وڏي في هئي، پر کيس غريبن جا ڪيس محنت سان وڙهڻ ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي هئي. ڪنهن چالاڪ شخص هڪ بيواهه جي پينشن جي اڌ رقم هضم ڪري ورتي هئي، لنڪن ان بيواهه جو ڪيس مفت ۾ وڙهيو. هڪ ٻيو ڪيس جنهن ۾ هن هڪ ٽڪو به وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، اهو ڊف آرنر اسٽرانگ جي خلاف قتل جو ڪيس هو.

ڊف آرنر اسٽرانگ لنڪن جي پراڻي پر دلي سنگتي جيڪ آرنر اسٽرانگ ۽ سندس زال حنا جو پُٽ هو، جنهن تي هڪ شخص  جيمس ميزڪر جي قتل جو الزام هو.، اکين ڏٺن شاهدن ۾ هڪ رنگ ساز ايلن نالي شخص به هو،  جنهن عدالت ۾ حلف کڻي بيان ڏنو ته مون چنڊ جي روشني ۾ ڊن کي ميزڪر تي حملو ڪندي ۽ کيس قتل ڪندي ڏٺو آهي.

لنڪن هونئن به گهڻو هوشيار وڪيل هو ۽ اهڙن موقعن تي ته سندس ذهانت جا جوهر اڃا به کلندا هئا، هن شاهدن ۽ خاص ڪري ايلن جو بيان ٻڌڻ کانپوءِ عدالت ۽ جيوري کي مخاطب ٿي چيو:

”آئون اجهو دليلن سان اها ڳالهه ثابت ڪندس ته ايلن جو بيان ڪوڙ جو ٿهو آهي، هن هرگز ڊف کي ميزڪر تي حملو ڪندي ۽ کيس چنڊ جي روشنيءَ ۾ قتل ڪندي نه ڏٺو آهي. ڇو ته جنهن رات اهو همراهه مارجي ويو، ان رات آسمان تي چنڊ سِري کان موجود ئي ڪونه هو.“

لنڪن هڪدم عدالت جي سامهون هڪ جنتري پيش ڪئي ۽ ڏينهن، تاريخ ۽ وقت جو تعين ڪندي دليلن سان اها ڳالهه ثابت ڪئي ته جنهن رات ميزڪر کي قتل ڪيو ويو هو، ان رات چنڊ آسمان تي نه هو. اها اونداهي رات هئي، تنهن ڪري اکين ڏٺي شاهد ايلن جو اهو بيان ته هن چنڊ جي سُهائي ۾ ميزڪر کي قتل ٿيندي ڏٺو آهي، غلط ۽ بي بنياد آهي.

پنهنجي جرح ۽ بحث کي سهيڙيندي هن سڀني بيانن جو هڪ ڀيرو ٻيهر جائزو ورتو ۽ جيوري کي مخاطب ٿيندي چيو.

”معزز دوستو! مون هي ڪيس بنا ڪنهن اجوري جي خواهش يا انعام جي لالچ کانسواءِ هن عورت خاطر وڙهيو آهي.“

ايب ڪنڊ ۾ ويٺل ڊف جي ماءُ حنا ڏانهن اشارو ڪندي چيو، جيڪا سڏڪا ڀري روئي رهي هئي.

”جنهن منهنجا ميرا ڪپڙا ان زماني ۾ ڌوتا آهن، جڏهن مون وٽ ڌلائي جي لاءِ هڪ ٽڪو به نه هو.“

پوءِ لنڪن پنهنجي نيوسليم جي قيام ۽ حنا ۽ آرمسٽرانگ جي مهمان نوازي ۽ دوستي جو تذڪرو ڪيو ته ڪيئن انهن ٻنهي نيڪ ۽ نفيس انسانن بنا ڪنهن جُوف جي رڳو خدمت جي جذبي هيٺ هڪ مفلس نوجوان جي خدمت ڪئي، کيس رهڻ جي لاءِ گهر ۽ پيٽ ڀرڻ جي لاءِ ماني ڏني. لنڪن زوردار لفظن ۾ چيو،

”مون کي پوري پڪ آهي ته ههڙن نيڪ سيرت انسانن جو پُٽ قتل جو ڏوهه هرگز نٿو ڪري سگهي.“

ايب جي تقرير ۽ دليل ڏاڍا سگهارا هئا. سڀني ماڻهن چيو ته ڊف تي قتل جو غلط الزام هنيو ويو آهي ۽ جڏهن جيوريءَ ڊف جي باري ۾ بي گناهيءَ جي فتويٰ ڏني ته ايب چيو.

”پالڻهار کان منهنجي دعا آهي ته اهو سبق هن جي لاءِ ۽ سڀني ٻين ماڻهن جي لاءِ بهتري جو سبب بڻجي.“

1850ع جي شروعاتي ڏيهاڙن تائين ماڻهن کي ”جنتري وارو قتل“ ياد رهيو، ايب برساتن ۾ گَپ ۽ ڌٻڻين ۾ گهوڙي تي چڙهي، وڏي پتلون پائي، سرائن ۾ قيام ڪندو هڪ شهر کان ٻي شهر تائين ۽ هڪ ڳوٺ کان ٻي ڳوٺ تائين ڦرندو رهندو هو.

سندس شهرت سگهارن بنيادن تي قائم ٿي رهي هئي، ذهني طور تي به منجهس پختگي پيدا ٿي رهي هئي، جيڪا کيس هڪ بيمثال ۽ ناقابل فراموش سياستدان بنائڻ ۾ مفيد ثابت ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org