سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: ابراهام لنڪن

 

صفحو:1

ابراهام لنڪن

سنڌيڪار: يوسف سنڌي

ارپنا

پنهنجو هي پيار جو پورهيو

پنهنجن نهايت پيارن ۽ اکين ٺار ٻچڙن

• اَرباز خان ]ڏُهٽو[

• حرم الزهريٰ ]ڏهٽي[

• اُفق فاطمه ]پوٽي[

جي نالي

جيڪي سنڌ جو ايندڙ نسل ۽ معمار آهن.

- يوسف سنڌي

ڇپائيندڙ پاران

هونئن ته آمريڪي تاريخ جا ڪيترائي پهلو آهن، جن تي گھڻو ڪجھ لکي سگھجي ٿو. پر ان جو هڪ رخ آمريڪي قيادت پڻ آهي. هنن وٽ پنهنجي خواهشن ۽ مفادن کان وڌيڪ پنهنجي ملڪ جي جمهوري روايتن جي پاسداري ڪرڻ رهيو آهي.

ابراهام لنڪن نهايت غريب گھراڻي ۾ پيدا ٿيو. حالتن کيس ڌڪي آمريڪي سياست ۾ آندو ۽ پاڻ آمريڪا جو سورهون صدر چونڊيو ويو. ابراهام لنڪن انساني تاريخ جو نهايت مقبول ۽ ڪامياب سياسي اڳواڻن مان هو. هن پنهنجي وقت ۾ لکين آمريڪي غلامن کي آزادي ڏياري.

هيءُ ڪتاب ”ابراهام لنڪن جھوپڙيءَ کان صدارت تائين“ اسٽرلنگ نارٿ جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو نامياري ليکڪ محترم يوسف سنڌي صاحب آسان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪري بورڊ جي حوالي ڪيو.

سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي ته، سنڌي ادب سان گڏ عالمي ادب ۽ دنيا جي مشهور شخصيتن جي سوانح حيات جا شهپارا سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرائي منظرعام تي آڻجن، ته جيئن سنڌ واسي پنهنجي ٻوليءَ جي ادب سان گڏوگڏ عالمي ادب کان به واقف ٿيندا رهن. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ طرفان نوان ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا آهن. ان کانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرريءَ ۾ رکيل مختلف موضوعن جي قلمي مخطوطن ۽ پبليڪيشن شعبي ۾ موجود اڻڇپيل مسودن جي اشاعت لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن.

عزتمآب جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن طرفان شروع ڪرايل هڪ سؤ پنجاهه صحفن واري اشاعتي اسڪيم تحت ڪتاب ”ابراهام لنڪن جھوپڙيءَ کان صدارت تائين“ جي اشاعت پڻ اِن سلسلي جي ڪڙي آهي. جنهن جو پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي نگرانيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

توقع آهي ته، سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش عالمي ادب سان دلچسپي رکندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.

 

19- جمادي الثاني 1444هه         سيد سڪندر علي شاهه

12- جنوري 2023ع                       سيڪريٽري

 

ڪنهن سان به بغض رکڻ کانسواءِ، سڀني لاءِ نيڪ جذبا رکندي، سچائيءَ تي ثابت قدم رهندي، اچو ته اهو ڪم پورو ڪريون، جيڪو اسان پنهنجن هٿن ۾ کنيو آهي. قوم جي زخمن تي مرهم رکون. جنهن به ماڻهوءَ جنگ ۾ سَٺو آهي، تنهن جي ۽ سندس رن زال کي ۽ سندس يتيم ٻار جي سارسنڀال لهون، اهو سڀ ڪجهه ڪريون، جنهن سان اسان هڪ انصاف ڀريو ۽ پائيدار امن قائم ڪري سگهون.

     ابراهام لنڪن

                 صدارتي افتتاحي تقرير مان ٽڪرو

 

سنڌيڪار پاران

 

گهڻا سال اڳ مون مشهور آمريڪي ليکڪ ڊيل ڪارنيگيءَ جو آمريڪا جي سورهين صدر ۽ آمريڪا مان غلاميءَ جو خاتمو ڪندڙ ابراهام لنڪن جي لکيل سوانح حيات پڙهي هئي، ان ڪتاب مون تي ايترو ته اثر ڪيو، جو لنڪن جي ڏکن ڀري زندگي جا اولڙا ڪيتروئي عرصو مون تي حاوي رهيا. ۽ پوءِ مون ڳولهي ڳولهي ابراهام لنڪن جي باري ۾ لکيل ڪتاب پڙهيم.

ابراهام لنڪن نه رڳو آمريڪي تاريخ جو پر انساني تاريخ جي نهايت مقبول ۽ ڪامياب سياسي سرواڻن مان هو. هن پنهنجي دور ۾ غلاميءَ جي خلاف قانون پاس ڪرائي 35 لک غلامن کي آزاد ڪرايو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ گهرو ويڙهه جو شڪار ٿيو ۽ ابراهام لنڪن نهايت ڪاميابي سان پنهنجي قيادت ۾ ملڪ کي گهرو ويڙهه مان ڪاميابيءَ سان اُڪاري پار ڪرايو.

ابراهام لنڪن هڪ نهايت غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. حالتن کيس ڌڪي سياست ۾ آندو ۽ ملڪ جو صدر چونڊيو ويو. آمريڪا هينئر دنيا جي وڏي اهم فوجي ۽ معاشي طاقت آهي. ان سطح تائين پهچڻ ۾ کيس ڪيترائي مرحلا طئي ڪرڻا پيا. آمريڪا جي ترقيءَ ۾ انهن ڪروڙين ريڊ انڊين ۽ آفريقي شيدي غلامن جي محنت ۽ سگهه به شامل آهي، ۽ اڄوڪي آمريڪا جي سپر پاور جي عمارت انهن جي هڏن مٿان ٻڌل آهي.

هونئن ته آمريڪي تاريخ جا ڪيترائي اهم پهلو آهن، جن تي ڌار ڌار لکي ۽ بحث ڪري سگهجي ٿو، پر ان جو هڪ رخ ”آمريڪي قيادت“ پڻ آهي. اها آمريڪا جي خوشنصيبي رهي آهي ته کيس پهرينءَ ئي ڏينهن کان اهڙي قيادت ملي، جنهن لاءِ سياست خدمت ۽ پنهنجي قوم جي خدمت رهي آهي. هنن وٽ ذاتي اقتدار، خواهـشن ۽ مفادن کان وڌيڪ پنهنجي ملڪ جي ترقي، جمهوري روايتن جي پاسداري ۽ تعليم جهڙا هٿيار رهيا آهن. جارج واشنگٽن آمريڪا جو پهريون صدر هو. کيس تاحيات صدر رهڻ يا بادشاهه جو لقب اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏني ويئي، پر هن پنهنجو صدارتي مُدو پورو ڪرڻ کان پوءِ اقتدار جي ڪرسي خالي ڪري، هڪ اهڙي روايت جو بنياد وڌو، جنهن اڳتي هلي آمريڪا جي جمهوري نظام کي سگهارو ڪيو. ٿامس جيفرسن آمريڪا جي Founding Fathers (قوم جي ابن) ۾ شامل آهي، سندس ڪارنامن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي. پر کيس جنهن ڪارنامي تي سڀ کان وڏو فخر هو، اهو ”يونيورسٽي آف ورجينيا“ جو قيام هو. سندس خواهش هئي ته سندس ديس واسي اهو نه وسارين ته هن هڪ يونيورسٽيءَ جو بنياد رکيو هو. اُن يونيورسٽيءَ جي عمارت به پاڻ ئي ڊزائين ڪئي هئائين. چرچ جي تسلط کان آزاد يونيورسٽيءَ ۾ داخلا جو معيار دولت ۽ ڌرم جي بدران فقط قابليت هئي. صدارت جو عهدو ڇڏڻ کان پوءِ هو سترهن سال جيئرو رهيو ۽ اهو سڄو وقت پاڻ يونيورسٽيءَ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هو هڪ عالم، فاضل ۽ مدبر اڳواڻ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ هو. سندس چوڻ هو ته ”آءٌ ڪتابن کانسواءِ جيئرو رهي نٿو سگهان. ڪتاب منهنجي لاءِ روشني به آهن ته خوشبو به.“ ٿامس جيفرسن جا لکيل هي لفظ هاڻ آمريڪي آئين جو حصو آهن، ”اسان چوڌاري نظر ايندڙ اُن سچائيءَ جو حصو آهيون ته سڀني انسانن کي برابر خلقيو ويو آهي. خدا کين خاص حقن سان نوازيو آهي، اِهي حق، جيڪي نه کسي سگهجن ٿا ۽ نه ئي وري اهي ڪنهن ٻي کي ڏيئي سگهجن ٿا، انهن ۾ آزادي ۽ خوشيءَ جي جستجو شامل آهي.“

آمريڪا جي تاريخ ۾ ٽي موڙ اهڙا آيا آهن، جڏهن ان وقت جي آمريڪي قيادتن جي درست فيصلن نه رڳو آمريڪا، پر عالمي تاريخ تي به گهرا اثر ڇڏيا.

آمريڪا جي سورهين صدر ابراهام لنڪن صدارت جي پهرينءَ دور ]1864ع – 1860ع[ ۾ غلاميءَ جي خاتمي جو اعلان ڪيو. انهن ڏينهن آمريڪا جون ڏکڻ واريون رياستون غلامي جي حق ۾ هيون. جڏهن ته اُتريون رياستون غلامي کي ناجائز سمجهنديون هيون. لنڪن جي صلاحڪارن جو خيال هو ته لنڪن جيڪڏهن ٻيهر چونڊ کٽڻ گهري ٿو ته پوءِ کيس اهو اعلان واپس وٺڻ گهرجي. لنڪن ڪيترائي مهينا سوچ ويچار ۽ ذهني ڇڪتاڻ ۾ رهيو، کيس ان قسم جو قدم پنهنجي اصولن جي ابتڙ لڳو. هن پاڻ کان سوال ڪيو، ”ڇا غلاميءَ کي جائز قرار ڏيئي سگهجي ٿو؟“ سندس دل جي گهراين مان انڪار جي صدا نڪتي ۽ نيٺ هن اهوئي فيصلو ڪيو، جيڪو هڪ باضمير شخص کي ڪرڻ گهرجي ها، هن ڏکڻ جي سامهون هٿيار ڦِٽا ڪرڻ کان انڪار ڪندي، غلاميءَ جي خاتمي جي اعلان کي برقرار رکيو، ان موقعي تي هن تاريخي لفظ چيا:

I.d rather be right being the President

وقت ڏٺو ته غلاميءَ جي لعنت جو به خاتمو ٿيو ۽ لنڪن ٻيهر آمريڪا جو صدر به چونڊجي ويو.

ٻيو مثال صدر روز ويلٽ جو آهي. 1940ع ۾ ’فرينڪلن ڊي روز ويلٽ‘ آمريڪا جو صدر هو. ان کان اڳ هو ٻه ڀيرا صدر چونڊجي چڪو هو ۽ هاڻ کيس ٽيون ڀيرو صدر بنجڻ جي خواهش هئي، سندس ساٿين جو چوڻ هو ته آمريڪا کي ٻي مهاڀاري جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي، پر روز ويلٽ جو خيال مختلف هو، هن چونڊن کان هڪ هفتو اڳ اهو تاريخي اعلان ڪيو، جنهن جي ڪري آمريڪا کي ٻي مهاڀاري جنگ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو مليو. روز ويلٽ چيو، ”آءٌ اهڙي ملڪ جو صدر بنجڻ نه ٿو گهران، جنهن جو دنيا جي سياست ۾ ڪو ڪردار نه هجي.“ پوءِ دنيا ڏٺو ته روز ويلٽ جي چونڊ کٽڻ سان نه رڳو آمريڪا ٻي مهاڀاري جنگ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي ڪيو، پر آمريڪا عالمي سياست ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ وقت گذرڻ سان گڏ آمريڪا سپرپاور بنجي ويو. جيڪڏهن روز ويلٽ ٻي مهاڀاري جنگ ۾ حصو نه وٺي ها ته آمريڪا جو عالمي سياست ۾ ڪوبه ڪردار نه هجي ها، ۽ دنيا جي ڇيڙي نبيري جرمني۽ جاپان جي هٿن ۾ هجي ها ۽ جنگ جي پُڄاڻي ڪنهن ٻي نموني ٿئي ها.

ٽيهن سالن کان پوءِ آمريڪي تاريخ ۾ هڪ ٻيو مرحلو اچي ٿو. 1963ع ۾ آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ورهائجي چڪو هو. صدر جان.ايف. ڪينيڊي کي ڪيترن ئي ملڪي ۽ بين الاقوامي مسئلن کي مُنهن ڏيڻو پيو. جن ۾ ڪيوبا ڪرائسس، برلن ڀت، خلائي ڊوڙ، سول رائٽس جي تحريڪ ۽ ويٽنام جنگ جي شروعات. هن ڪانگريس ۾ سياسي حقن جو بل پيش ڪيو ته ڏاکڻين رياستن جا لکين ووٽر سندس مخالف بنجي ويا. سندس ڀاءُ کيس چيو ته، ”سندس اهو قدم ايندڙ چونڊن ۾ کيس شڪست ڏيارڻ جو سبب بنجي سگهي ٿو.“ ڪينيڊي مُرڪڻ کان پوءِ فقط ايترو چيو، ”جيڪڏهن مونکي اصولن جي  بنياد تي شڪست ملي، ته اها قبول ڪري وٺندس.“ جان.ايف.ڪينيڊي آمريڪا جي تاريخ  ۾ سدائين ياد رکيو ويندو. هو 1960ع ۾ ”نڪسن کي شڪست ڏيئي آمريڪا جو صدر چونڊيو هو ۽ اڪيلو آمريڪي صدر هو، جنهن کي هڪ بهترين ڪتاب لکڻ تي Pulter award ڏنو ويو. Profiles of Laurage نالي اهو ڪتاب انهن آمريڪي اڳواڻن جي ذڪر تي مشتمل آهي، جن سياست جي لاءِ پنهنجي نظرين کي قربان ڪرڻ کان انڪار ڪيو. قومن جي تاريخ ائين ته ڪونه ٿي بدلجي. ان جي پويان سُٺي قيادت کانسواءِ عمل جو هڪ داستان به هوندو آهي، جان.ايف.ڪينيڊي چوندو هو، ”اهو نه پُڇو ته اوهان جي وطن اوهان کي ڇا ڏنو، پر اهو ضرور پڇو ته اوهان ان کي ڇا ٿا ڏيئي سگهو.“

ابراهام لنڪن، روز ويلٽ ۽ جان.ايف.ڪينيڊي ڪي غير فاني انسان نه هئا، هو ايترائي موقعي پرست ۽ چالاڪ سياستدان هئا، جيترا سندن ٻيا همعصر سياستدان هئا. انهن ۾ به پاڻ وڻائڻ، پاڻ پڏائڻ ۽ اقتدار جي حصول جي خواهش هئي، پر ان هوندي به هنن اهم موقعن تي سچائيءَ جو پلاند هٿان نه ڇڏيو. ان حد تائين جو پنهنجي سياسي زندگي ۽ صدارت به داءُ تي لڳائي ڇڏيائون.

جيڪڏهن لنڪن مُڙسي نه ڪري ها ته آمريڪا جا ڪيترائي ٽُڪر ٿي وڃن ها. روز ويلٽ جنگ کان لهرائي ها ته اڄ دنيا تي جرمني ۽ جاپان حاوي هجن ها. جان.ايف.ڪينيڊي انساني حقن جو بل پيش نه ڪري ها ته اڄ آمريڪا بدترين نسلي مَتڀيد جو شڪار هجي ها. هيستائين آمريڪا جا ڇائيتاليهه صدر بنجي چڪا آهن ۽ جڏهن به انهن ڇائيتاليهن صدرن مان ٽن عظيم صدرن جي چونڊ ڪئي ويندي آهي ته هر ڀيري ابراهام لنڪن، جارج واشنگٽن ۽ روز ويلٽ ئي چونڊيا ويندا آهن.  انهن مان ابراهام لنڪن کي پهرينءَ نمبر تي رکيو ويندو آهي. هر نئين سروي ۾ لنڪن جي مقبوليت ۾ واڌارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هو انهن ماڻهن جي فهرست ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جنهن جي عظمت جو راز هوريان هوريان آشڪار ٿيندو ٿو وڃي. آمريڪي آئين سان محبت ۽ قانون جي بالادستي جو عزم، اهي ٻه اهڙا گُڻ هئا، جن ۾ هو پنهنجي هم وطنن کان اڳرو هو. هو بهترين مقرر، فراخدل، بهادر، موقعي شناس، قومپرست ۽ سياسي جوڙ ٽوڙ جو پڻ ماهر هو، کيس آمريڪا جي تاريخ جي سڀ کان اهم دستاويز Declartion of Indepandent (اعلان آزادي) سان جنون جي حد تائين عَشق هو. سندس چوڻ هو ته آمريڪي آئين کي ان دستاويز جي روشنيءَ ۾ پڙهڻ گهرجي. سندس هي مشهور جملو اڄ به حوالي طور استعمال ٿئي ٿو:

Govt of the People, by the People, for the People.

قيادتن جو مطالعو منهنجو سدائين محبوب موضوع رهيو آهي، ان ئي بنياد تي ابراهام لنڪن جي زندگيءَ جي باري ۾ مون ڪيترن ئي ڪتابن جو مطالعو ڪيو. اسٽرلنگ نارٿ جي هن ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ هئڻ بيحد ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب ۾ ابراهام لنڪن جي زندگي نهايت سهڻي ۽ سيبتي نموني، دلپذير انداز ۾ بيان ڪئي ويئي آهي.

مون هن ڪتاب جو ترجمو گذريل صديءَ جي آخري سال 2000ع ڌاري ڪيو هو، ۽ خواهش هيم ته جلدي ڇپجي. بهرحال دير آيد درست آيد.... آءٌ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين محترم مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان، جنهن جي ذاتي دلچسپيءَ سبب منهنجي هيءُ محنت ڇپجي پڙهندڙن تائين پهتي آهي.

يوسف سنڌي

27 آڪٽوبر 2022ع

ذيل پاڪ، حيدرآباد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org