سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: ڪجهه ڏيئي وينداسين

باب:

صفحو:11

هتي هنن سٽن ۾ ”تنوير“ ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ ۽ نج سنڌي موضوعن ۽ احساسن لاءِ لفظ ”اوپرا“ استعمال ڪيو آهي. جڏهن ته اڳتي هلي پنهنجي مضمون ”جديد سنڌي شاعري“ ۾ فارسيت زده ٻولي، ڌارين موضوعن، سٽيل ڪٽيل تشبيهن ۽ اصطلاحن مان اها اوپرائپ محسوس ڪندي ”اڄ جي شاعر“ لاءِ هو چوي ٿو ته:

”هو پنهنجي پڙهندڙ جو ڌيان اهڙين شين ڏانهن ڇڪائي ٿو، جيڪي لکندڙ ۽ پڙهندڙ ٻنهي جون ڏٺل وائٺل ۽ ڄاتل سڃاتل آهن.“(2)

اُن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ نج سنڌي لهجو، ٻولي، موضوع ۽ احساس ادب ۾ اوپرا، اڻ سڌريل ۽ غير معياري ليکيا ويندا هئا. شاعر انهن کي اختيار ڪرڻ جي ”جريت“ جي باوجود به ان لاءِ ”تاويل“ ڏيڻ ضروري سمجهندا هئا، جيئن تنوير اڳتي هلي چئي ٿو:

”اهي موضوع شعر لاءِ ته اوپرا آهن پر سنڌ جي ماڻهن جا ڏٺل وائٺل ۽ ٻُڌل آهن.“(3)

۽ ان موڙ تي اچي، تنوير عباسي سنڌ، سنڌ جي ماڻهن، انهن جي مسئلن، نج سنڌي ٻولي ۽ سنڌي احساس- (جنهن کي تنوير پنهنجي مضمون ”جديد سنڌي شاعري ۾ قومي مزاج (1)National temperament  ڪوٺي ٿو) سان پيوندجي ٿو. انهيءَ دَور ۾ تنوير جيڪي شاندار شعري ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، اُهي ساهتڪ اتهاس جو لازوال ۽ روشن باب آهن.

اهو هڪ وڏو انقلاب هو جنهن سنڌي ٻولي، ادب ۽ شاعريءَ کي هڪ نئين رڱ ۾ رڱي ڇڏيو.

 

مددي ڪتاب

(1) ايم ڪمل، ماچيس ڪٿي آ، ڪمل ڪتاب گهر، الهاسنگر 1985ع

(2) تنوير عباسي، تنوير چئي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1989ع

(3) تنوير عباسي، رڳون ٿيون رباب، سنڌي ڪتاب گهر، حيدرآباد 1958ع

(4) تنوير عباسي، سج تريءَ هيٺان، نذر سنز حيدرآباد 1973ع

(5) ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل، ادب ۽ تنقيد، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد 1975ع

(6) نارائڻ شيام، روشن ڇانورو، ڪهاڻي پبليڪيشن، حيدرآباد 1961ع

(7) ماهوار ”پروڙ“ (آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر)، لاڙڪاڻو 1990ع

(8) مهراڻ (ٽه ماهي) 4-3، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1965ع

 

تنوير عباسيءَ جي خاڪانگاري هڪ جائزو

 

ڊاڪٽر ادل سومرو

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي سڃاڻپ جو اهم حوالو ته شاعري آهي، پر تحقيق، لطيف شناسي ۽ سفرنامن جي نسبت سان به سندس انفرادي سڃاڻپ آهي. ادبي حلقن، تنوير عباسيءَ جي انهن نثري ڪمري جي به واکاڻ ڪئي آهي ۽ خاص طور شناسيءَ واري سندس ڪم کي، مٿانهون درجو ڏنو ويو آهي. مجموعي طرح سندس نثر جي اڪثر تعريف ئي ٿي آهي.

تنوير عباسيءَ مختلف شخصيتن جا خاڪا به تحرير ڪيا آهن، جيڪي به سندس ٻين لکڻين وانگر منفرد، ۽ دلچسپ آهن. ڪنهن به شخصيت بابت لکيل خاڪو نه صرف واسطيدار شخصيت جي مختلف پاسن کي اُجاگر ڪري ٿو، پر هڪڙي دؤر جي نسبت سان، ماضيءَ جي يادگار واقعن، ميڙاڪن، سياسي ۽ سماجي حالتن کي محفوظ ڪرڻ جو به هڪ وسيلو بڻجي ٿو.

تنوير عباسيءَ جن به شخصيتن جا بيت پورٽريٽ يا خاڪا لکيا آهن، اُنهن سان سندس دوستي، وابستگي ۽ خُلوص نمايان نظر اچي ٿو. هُن خاڪي لکڻ لاءِ اهڙين شخصيتن جي چونڊ ڪئي آهي، جن جي سماجي ۽ نجي گهريلو زندگيءَ کان هو چڱيءَ ريت واقف هو ۽ هُن پنهنجي بي تڪلف ۽ پنهنجائپ واري اظهار وسيلي اِها ڪوشش ڪئي آهي ته پڙهندڙن کي واسطيدار شخصيت جي خوبين توڙي خامين بابت ڄاڻ ڏئي.

تنوير عباسيءَ جن شخصيتن جا خاڪا لکيا آهن، اُنهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، پير حسام الدين راشدي، غلام محمد گرامي، مقبول ڀٽي، رشيد ڀٽي، نسيم کرل، عابده پروين، ڏاڏا شاهه، مائٽ لعل، ڊئزي، عمر بورچي ۽ ڪينٽين جو مئنيجر شامل آهن. اِهي خاڪا، مختلف رسالن ۾ ڇپيا ۽ ”منهن تنين مشعل“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا. مخدوم طالب الموليٰ بابت به سندس هڪ نامڪمل خاڪو لکيل هو. علامه قاسميءَ واري خاڪي ۾ ڪجهه سِٽون اهڙيون آهن، جو شايد ئي ڪو ايڊيٽر ان کي جيئن جو تيئن شايع ڪري سگهي.

علامه آءِ آءِ قاضي هڪ بااُصول ۽ بيباڪ عالم هئڻ سان گڏ انتظامي معاملن ۾ مصلحتن کان ڏُور هڪ خوددار فرض شناس انسان هو. سندس حوالي سان، تنوير عباسي لکي ٿو:

”هڪ ڀيري، مشتاق احمد گُرماني، جو اُن وقت اولهه پاڪستان جو گورنر هو، يونيورسٽيءَ پئي آيو، علامه صاحب کي چيو ويو ته گُرماني سخت مزاج جو ماڻهو آهي ۽ ٻيو ته اوهان وائيس چانسلر به آهيو. اوهان اسٽيشن تي هلي سندس استقبال ڪريو. ته علامه جن فرمايو ته بيشڪ مون کي نوڪريءَ مان ڪڍيو وڃي، ليڪن اِهو منهنجي مزاج جي خلاف آهي، ته مان گورنرن جا استقبال ڪندو وتان. بعد ۾ علامه، گورنر کي يونيورسٽيءَ جي دروازي تي رِسيو ڪيو.“

اهڙن خوددار انسانن جي ڪري اسان جي علمي ادارن جو تقدس ۽ وقار بلند هو. هنن پنهنجي مقصد کي هميشه اوليت ڏني ۽ ڪرسيءَ کي ڪڏهن به پنهنجي ڪمزوري نه بڻايو. موجوده سنڌ جي تعليمي ادارن جي سربراهن جو ڪردار به اوهان جي سامهون آهي. اهوئي سبب آهي، جو سنڌ ۾ تعليمي زوال بابت سيمينار ڪوٺائڻ جي ضرورت پيش اچي ٿي. اسان جي سامهون سنڌ جا اهڙا آئيڊيل ڪردار موجود آهن، پر اُنهن جي رستي تي هلڻ کان اسان لنوايون ٿا.

شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي حوالي سان تنوير عباسي لکي ٿو ته؛ ”ون يونٽ قائم ٿيو ته اسان نوجوان ڪجهه مايوس ٿي وياسين ته هاڻي ڇا ٿيندو؟ سنڌ جي صدين جي تهذيب، تمدنُ. زبان، سَڀُ ختم ٿي ويندو، پر جڏهن شيخ صاحب سان ملياسين ۽ هُن سان پنهنجن جذبن جو اظهار ڪيوسين ته هنن پنهنجي روايتي انداز ۾ کلندي چيو:

”هي به هڪ دؤر آهي. سنڌ تي اهڙا ڪيئي دؤر آيا ۽ گُذري ويا. هي به گُذري ويندو.“

نوجوانن کي همت ۽ حوصلو ڏيندڙ اهڙن پراُميد اڳواڻن جي موجودگيءَ سبب ئي، سنڌُ اُنهيءَ ڪاري دؤر مان پار پئجي وئي.

ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، برطانوي دؤر ۾ مئجسٽريٽ جي نوڪري ٺُڪرائي، ڪل وقتي ڪارڪن بڻجي ويو هو. هُن پنهنجي سڄي حياتي، هارين لاءِ وقت ڪري ڇڏي هئي. چين جو وزيراعظم چُو. اين لائي، جڏهن حيدرآباد آيو هو ته ڪامريڊ کي خصوصي پيغام اُماڻي، هُن ساڻس نهايت پنهنجائپ واري ملاقات ڪئي هئي. ڪامريڊ تي لکيل خاڪي ۾، تنوير، ساڻس پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو ڀرپور اظهار ڪيو آهي.

ڪامريڊ کي جيل ۾ سدائين سِي ڪلاسَ ۾ رکندا هئا ۽ هُن ڪڏهن به اَي يا بَي ڪلاس لاءِ ڪوشش نه ڪئي. ايوب خان، ون يونٽ جي مخالفن جو دشمن هو. سندس دؤر ۾ ڪامريڊ کي سياري ۾ مچ جيل ۾ رکيو ويوهو، جتي سياري ۾ سخت سيءُ هوندو آهي. ايوب خان جڏهن لاڙڪاڻي آيو هو ته ڪنهن هُن کي چيو هو هو ته ڪامريڊ کي ڪنهن به ڏوهه کان سواءِ جيل ۾ رکيو ويو آهي، ته ايوب وراڻيو هو ته:

”حيدربخش جتوئيءَ جو، ون يونٽ جي مخالفت ۾ دماغ گرم ٿي ويو آهي، مون سندس دماغ کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ هُن کي مَچ جيل ۾ رکيو آهي. هُن کي ٻه ڪمبل ڏين ٿا، پر هاڻي هُن کان هڪ ڪمبل واپس وٺنداسين ته جيئن سندس دماغ جلدي ٿڌو ٿئي.“

ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي پنهنجي ديش سان سچائي ۽ پنهنجي مقصد ۽ نظريي سان سچي وابستگي، سنڌ جي سياسي تاريخ جو هڪ اعليٰ مثال آهي.

پير حسام الدين راشدي تاريخ ساز شخصيت هو. هُو روايتي سنڌي پيرُ نه، پر هڪ روشن خيال ۽ وسيع القلب تاريخدان ۽ عظيم انسان هو. ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ لاءِ ريسرچ ڪندڙ محققن جو رهنما هو، ۽ پي. ايڇ ڊيءَ جي اعزازي ڊگري به کيس ملي، پر ڪڏهن به اُن تي ڪو گُهمنڊ نه ڪيائين.

تنوير عباسي لکي ٿو ته: ”ممتاز حسن، ڊاڪٽر شوڪت سبزواري، جميل الدين عالي، رئيس امروهيءَ جهڙا مشهور عالم ۽ اديب سندس حلقي ۾ رهيا. ان کان سواءِ ڪيترائي شاگرد به وٽس ايندا رهندا هئا. ڪنهن کي ڪو حوالو گُهربل هوندو هو ته ڪنهن کي وري ڪنهن قلمي نسخي جي ڳولا هوندي هئي ۽ پير صاحب مهمان نوازيءَ جا سڀئي فرض سرانجام ڏيندو رهندو هو. پهرين ئي ملاقات ۾ هُو مون کي روشن خيال، بي تعصب ۽ وطن دوست محسوس ٿيو. هُو هر معاملي ۾ مهذب شخص هو. اُٿڻ ويهڻ کائڻ پيئڻ. لکڻ پڙهڻ، مطلب ته هر معاملي ۾ هو، شائستگيءَ ۽ رک رکاءُ جو اهتمام ڪندو هو ۽ ٻين مان به مُهذب ٿيڻ جي اُميد رکندو هو.“

موجوده نئين ٽهيءَ جا دوست، جن فقط راشدي صاحب جي باري ۾ ٻُڌو آهي، تن کي تنوير عباسيءَ جو هي خاڪو ضرور متاثر ڪندو ته اهڙا عظيم انسان به سنڌ ڌرتيءَ تي موجود هئا، جن پنهنجي سڄي زندگي علم ادب کي ارپي ڇڏي. تاريخ ۽ تحقيق جهڙي خُشڪ مضمونن سان لاڳاپيل هوندي به هُو پنهنجي رويي ۾ ڪيترا نه ٻاجهارا هُئا. افسوس آهي ته راشدي صاحب جي ڪيل تحقيق ۽ تاريخ واري ڪم سان ڪو سِلسلو جُڙي سگهيو.

نامياري عالم ۽ اديبَ مولانا غلام محمد گراميءَ جون سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ڪيل خدمتون سدائين ياد رهنديون. ترقي پسند شاعريءَ جي حمايت ۾ سندس لکيل طويل مقالو ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ هڪ فڪر انگيز تحرير آهي. گرامي صاحب تي لکيل خاڪي ۾، تنوير عباسي لکي ٿو: ”1952ع جو زمانو هو، منهنجي عمر تقريباً 17 سال هئي. مرحوم شيخ عبدالله، منهنجن ڪجهه شعرن جي اصطلاح ڪرڻ بعد، مون کي ڏيندي چيو ته مان توکي اهڙي شخص سان ملايان ٿو، ڪاش مان به جيڪر هُن کان اصلاح وٺان ها. آئيندي تون پنهنجا شعر گرامي صاحب کي ڏيکاريندا ڪريو.“

مقبول ڀٽيءَ تي لکيل، تنوير جو خاڪو به دلچسپ آهي، هوُ شاعر موسيٰ ‘رازَ‘ جو پٽُ هو. ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو اهمُ ۽ سرگرم ڪارڪن هو. شاعريءَ ۾ ’دانش‘ تخلص استعمال ڪندو هو. هن خاڪي ۾ مقبول ڀٽيءَ جي حوالي سان تنوير، ڪجهه واقعا به بيان ڪيا آهن: هڪ ڀيري مقبول، تنوير عباسيءَ کي، بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ کان بچايو هو. تنوير لکيو آهي ته جيڪڏهن مقبول ڀٽي ڪوشش نه ڪري ها ته هُو شايد زنده نه بچي ها. مقبول، سنڌي ڪتاب جي وڪري جي کوٽ کي محسوس ڪندي، هڪ بُوڪ اسٽال ’سنڌي ڪتاب گهر‘ جي نالي سان حيدرآباد ۾ قائم ڪيو هو، جيڪو فقط ڪتاب گهر نه، پراديبن ۽ شاعرن جي رابطي جو به مرڪز هو. ڊاڪٽر خليل، محمد عثمان ڏيپلائي، ظفر حسن، مظفر حسين جوش، منظور نقوي، سرور علي سرور، غلام محمد گرامي، عبدالله خواب، عبدالقيوم صائب، شمشيرالحيدري، نياز همايوني مصطفيٰ قريشي، ۽ ڪيئي سُڄاڻ ماڻهو، اديب، شاعر ۽ وڪيل، انهيءَ ڪتاب گهر تي ايندا رهندا هئا، جتي ڪتاب به ملي ويندا ته اديبن ۽ شاعرن سان ملاقات به ٿي ويندي هئي.

مقبول ڀٽيءَ جي تحقيقي ڪم جي حوالي سان تنوير لکي ٿو ته:

”مقبول ڀٽيءَ، ڪافيءَ جي بادشاهه مصري شاهه تي جيڪو ڪم ڪيو آهي، اُهو هڪ يادگار ڪم آهي ۽ اَڄُ تائين، مصري شاهه تي ان کان بهتر ڪم نه ٿيو آهي. مقبول جنهن نموني، مصري شاهه جي ڪلام ۽ سندس سوانح حيات حاصل ڪرڻ جون ڪاوشون ڪيون آهن، اُنهن کي ادبي تاريخ نويس ۽ نقاد ڪڏهن به وساري نه سگهندا.“

اسان جڏهن ٻين ڪيترن اديبن ۽ شاعري وانگر مقبول ڀٽيءَ کي به وساري ويٺا آهيون ته پوءِ ڪير مقبول ڀٽي ته ڪهڙو مصري شاهه تي ڪيل سندس ڪم؟!

رشيد ڀٽي، تنوير عباسيءَ جو تمام ويجهو ساٿي هو. 1955ع ۾ رباني، تنويرَ، حفيظ ۽ رشيد جي دوستي، ادبي دنيا جي هڪ مثالي دوستي هوندي هئي. حفيظ لاڏاڻو ڪري ويو، رباني اسلام آباد ۾ رهيو، ليڪن تنوير ۽ رشيد جو تعلق، رشيد جي وفات (1988ع) تائين قائم رهيو. رشيد ڀٽي، هڪُ ڪميٽيڊ ادب هو. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي حقن خاطر هُن جيل جون سختيون برداشت ڪيون، پر ڪڏهن به مايوسيءَ يا اُميديءَ جو شڪار نه ٿيو.

وفات کان هڪ هفتو پهريان، جڏهن تنوير عباسي، امرجليلَ سان گڏجي. رشيد ڀٽيءَ جي عيادت لاءِ اسپتال ويو هو ته هُو اسپتال ۾ به، ڪنهن ڪتاب جي ترجمي ڪرڻ ۾ مصروف هو. تنويُر، اڪثر ڪري ساڻس سکر ملڻ ويندو هو. سندس باري ۾ تنوير، لکي ٿو ته:

”منهنجي خيالَ ۾ رشيدُ ڀٽي، سنڌي اديبَ لاءِ هڪ ماڊل هجڻ گهرجي، ته ڪيئن هو پنهنجي ضمير کي قائم رکندي، مرڻ تائين، پنهنجي ٻوليءَ ۽ عوام لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهيو. سياسي ڪارڪنن جي حيثيت ۾ به هُو هڪ بهادر انسان هو.“

رشيد ڀٽي هڪ اهڙو ارڏو انسان هو، جنهن ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. پنهنجن لکڻين توڙي ڪردار ۾ هو هڪجهڙو هو. جڏهن ته اسان اديبن ۽ شاعرن جي گهڻائي اهڙن تضادن جو شڪار آهي.

نسيم کرل ۽ تنوير عباسي پاڻَ ۾ ڳوٺائي هُئا. تنوير چواڻي ته شڪل صورت ۽ عادتن مان هُو وڏيرو لڳندو هو. ڪوئي کيس ڏسي ته پڪَ ئي نه ٿئيس ته هي ڪو ڪهاڻيڪار به ٿي سگهي ٿو. نسيم کرل تي لکيل تنوير جو خاڪو مختصر، مگر ڀرپُور آهي ۽ تنويرَ هُن جو مڪمل پين حلقن ۾ نالي جي ڪري، هرڪو کيس خاتون سمجهندو هو. تنوير جي ذهن ۾ به، ملاقات کان پهريان نسيم بابت اِهو ئي تصور هو.

هُو لکي ٿو ته:

”ڪراچيءَ ۾ پير حسام الدين راشديءَ وٽ ويٺو هوس، ته هنن نسيم کرل جي ڪنهن افساني جي تعريف ڪئي ته مون سوچيو ته پير صاحب ته تاريخ نويس آهي، انهن کي افساني جي ڪهڙي خبر؟ جڏهن سنڌي ادبي سنگت خيرپور جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾، نسيم کرل پنهنجو افسانو ’ڪافر‘ پڙهيو ته حسام الدين راشديءَ جي افسانه شناسي ۽ نسيم کرل جي افسانه نگاري، ٻنهي جو قائل ٿي ويس.“

نامور فنڪاره عابده پروين سان، تنوير عباسيءَ جي گهڻي پنهنجائپ هئي. جڏهن هوَ فن جي دنيا ۾ نئين نئين آئي ته تنوير عباسيءَ سندس ڪافي همت افزائي ڪئي هئي. 1983ع ۾ جڏهن سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران ڪراچيءَ ۾ عابده پروين سان شام ملهائي وئي ته ان موقعي تي تنوير عباسيءَ سندس فن ۽ شخصيت بابت انگريزيءَ ۾ مضمون پڙهي، کيس وڏي مڃتا ڏني هئي. انهيءَ شام ۾ فقط تنوير عباسيءَ جو ئي هڪڙو پيپر عابده بابت رکيل هو، جنهن ۾ سنڌي موسيقيءَ جي روايتن کان وٺي عابده جي فن ۽ آواز جي اؤسر تائين، جو ذڪر ٿيل هو ته ڪيئن عابده پروين مختلف مرحلن مان گُذري، انهيءَ مقام تي پُهتي هئي.

عابده پروين جي باري ۾ تنويرُ هڪ هنڌ لکي ٿو:

”ڪلام جي چونڊ به بهتر ڪري ٿي، سندس خيالَ ۾ ڪلام معنيٰ خيز ۽ گهرو هئڻ گهرجي، هلڪو ۽ بازاري نه هجي. ڳائڻ وقت هُوءَ لفظن ۾ جان پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، هُوءَ منفرد فنڪاره آهي، جنهن، شاهه لطيف، سچل سرمست، بُلهي شاهه، خواجه فريد، نبي بخش قاسم، خيرمحمد هيسباڻيءَ، شاهه نصير، مير سانگي، ٻُڍل فقير ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام کي ڳايو آهي.“

ڏاڏا شاهه خيرپور جي ڄاتل سُڃاتل ۽ هڪ انوکي شخصيت هئي. هُن جي باري ۾ تنويرَ نهايت محبت سان لکيو آهي ۽ سندس ڪردارنگاري ڪجهه اهڙي ريت ڪئي اٿائين، جو خاڪو پڙهندي ايئن محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ ڏاڏا شاهه رُوبرو ويٺو هُجي. ڏاڏا شاهه کي خيرپور ۾ پنهنجي سئنيما هئي. هڪ دفعي هن کي تاريخي قصي مومل راڻي تي فلم ٺاهڻ جو شوق جاڳيو. ڏاڏا شاهه جي فرمائش تي، تنوير عباسيءَ فلم جي ڪهاڻي ۽ گانا لکيا. فلم جا گانا ٻين فنڪارن کان سواءِ نُورجهان ۽ مهدي حسن جي آواز ۾ به رڪارڊ ٿيا، جيڪي گهڻو مقبول ٿيا ۽ اڃا تائين ريڊيو تان نشر ٿيندا رهن ٿا.

تنوير عباسي لکي ٿو ته:

”ڏاڏا شاهه کي، فلم جي ڪهاڻي، ڊائلاگ ۽ گيتَ زباني ياد ٿي ويا هئا. فلم جي لاءِ ڪيترائي ڊائريڪٽر آيا. فلم جي ڪهاڻي پڙهي، ڪجهه هدايتون ڏئي، ايڊوانس وٺي غائب ٿي ويندا هئا، ۽ پوءِ ڏاڏا شاهه وري ڪنهن ٻئي ڊائريڪٽر جي ڳولا ۾ رهندو هو. اهڙيءَ ريت ٽن فلمن جيترو خرچُ ٿي ويو، پر ’مُوملَ راڻو‘ فلم مڪمل نه ٿي سگهي ۽ ڏاڏا شاهه جي وفات کان پوءِ اِهو بابُ ئي بند ٿي ويو.“

لعلُ جوڻيجو، لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي سانوري نرس ڊئزي، عمر بورچي، مست الڻ شاهه، سج ورني ۽ ڪينٽين جو مئنيجر، اِهي سڀُ اهڙا ڪردار آهن، جن جي ڪجهه خُوبين کان متاثر ٿي تنوير اُنهن جا خاڪا تحرير ڪيا. اُنهن خاڪن ۾ ميڊيڪل ڪاليج وارن ڏينهن جون يادون ۽ شرارتون به محفوظ آهن. ڪينٽين جي مئنيجر سان ڀوڳُ ڪندا ته هُو، سندس سالگره ملهائيندا ۽ پوءِ سالگره جي موقعي تي مئنيجر جوئي چورايل ڪيڪ ڪاٽين ٿا. ڪينٽين تي اوڌر تي کاڌو کائڻ ۽ پوءِ مئنيجر کي ستائڻ، سورج ورنيءَ جي عشق ۾ شفيق کي مار کارائڻ الڻ شاهه مست سان ڀوڳ چرچا ڪرڻ ۽ کيس مدهوش ڪري، سندس پئسا چورائڻ. الڻ شاهه مست واري خاڪي ۾ تنوير لکي ٿو:

”اسين سَڀُ پنهنجي سموري زندگي، الڻَ شاهه جي فقط هڪ ڏينهن وانگرُ گذاريندا آهيون. خالي هٿين روئندا ايندا آهيون ۽ مرڻ تائين مالُ ميڙيندا آهيون ۽ جڏهن حياتيءَ جي شامَ ٿيندي آهي ته سڀڪجهه کسجي ويندو آهي. جڏهن زندگي اسان سان ڀوڳُ ڪندي آهي ته اسان ۾ الڻ شاهه جيترو به حوصلو ناهي هوندو، جو اسان زندگيءَ جي سِتم ظريفيءَ تي کلي سگهون.“

عمرُ بورچي هڪ معمول ڪردار آهي، پر هُو ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ آهي، سنگيت ۽ سُرتال جي باري ۾ ڄاڻي ٿو.

تنوير عباسي لکي ٿو ته:

”مون کي سُرن سان واقفيت ميوزڪ ڊائريڪٽر غلام نبي ۽ عُمر بورچيءَ ڪرائي- عمَر ”راڻي“ ۽ ”سورٺ“ جا اهڙا آلاَپ ٻُڌايا، جو جڏهن مون اُهي آلاپَ عابده پروين کي 1979ع ۾ ٻُڌايا ته هُن کي به پسند آيا ۽ اڃا تائين اُهيئي آلاپَ ڪندي پئي اچي.“

مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي شخصيت بابت لکيل پنهنجي اڻ ڇپيل خاڪي ۾ تنوير عباسيءَ عقيدت جو اظهار ڪندي، کيس تمام وڏو روشن خيال عالم ۽ مذهبي رهنما مڃيو آهي. قاسمي صاحب جي باري ۾ تنوير ڪيتريون ئي ڳالهيون لکيون آهن ۽ ڪجهه واقعا به بيان ڪيا آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو ڪيترو نه وڏو انسان هو. هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي، تنوير عباسي اِن خاڪي ۾ لکي ٿو ته: ”هڪ ڀيري علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جن، الطاف عباسيءَ جي تعزيت لاءِ وٽ خيرپور آيا. چوڻ لڳا ته سکر وڃي مولائي شيدائيءَ جي به تعزيت ڪرڻ کپي. مولائيءَ اُنهن ئي ڏينهن ۾ وفات ڪري ويو هو، اُتان ٿي، اسان رشيد ڀٽيءَ وٽ وياسين، جنهن فتاح ملڪ کي فون ڪري سڏائي ورتو. فتاح ملڪ پاڻ سان گڏ بوتل به کنيو آيو ۽ ان کي کوليندي چوڻ لڳو:

”مولانا صاحب! معاف ڪجو، اسان ڪجهه گستاخي ڪنداسي.“ ته مولانا قاسمي صاحب مُسڪرائيندي نهايت فراخدليءَ سان فرمايو ته:

”ادا معاف ته اوهان مون کي ڪريو، جو مان اوهان جو ساٿ نٿو ڏيان.“

انهيءَ جملي مان علامه صاحب جي زنده دلي ۽ روشن خيالي ظاهر ٿئي ٿي.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ تي لکيل نامڪمل خاڪي جي شروعات، تنوير عباسي هنن لفظن سان ڪري ٿو:

”ماکيءَ جو مٺاڻ، مکڻ جي نرمي، ماڪَ جي تازگي ۽ مکڙيءَ جي مُسڪراهٽ، انهن سڀني کي ملائبو ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي شخصيت اُڀري سامهون ايندي.“

اِنهن لفظن مان ظاهر ٿئي ٿو ته تنوير عباسي خود ڪيترو نه فراخدل انسان هو. ان دؤر ۾ سنڌي غزل جي جيڪا صورتحال هئي، ان بابت هُو لکي ٿو ته:

”شاهه لطيف جي وائي ڪڏهن ڪڏهن ريڊيو تان ٻُڌڻ ۾ ايندي هئي، نه ته سنڌي غزل ئي نشر ٿيندا هئا. اُهي غزل، اڪثر قوالَ ۽ سندس ساٿين جي آواز ۾ ٻڌندا.“

اَڄُ دنيا ۾ ناول کان پوءِ آتم ڪهاڻين ۽ سوانح عمرين جا ڪتاب، گهڻي دلچسپي سان خريد ڪيا ۽ پڙهيا وڃن ٿا. خاڪو به سوانح عمري جو هڪ حصو آهي. تنوير عباسيءَ جا خاڪا نهايت دلچسپ ۽ ڄاڻ ڏيندڙ آهن. سندس ٻولي، سادي ۽ سُهڻي آهي. سندس تحريري انداز موهيندڙ آهي. ڪنهن به دؤر جو پاڙهو، جڏهن به تنوير جي خاڪن جو مطالعو ڪندو ته ذڪر ڪيل شخصيتن کي پنهنجي سامهون ئي ويٺل محسوس ڪندو.

 

تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ علامتون ۽ اهُڃاڻ

 

اياز گُل

جوزف ٽي.شپلي لکيو آهي: ”غلامت (Symbol) ڪنهن حقيقت جي هڪ سطح کان ٻيءَ سطح تي آيل حقيقت سان لاڳاپي کي چئجي ٿو.“ (1)

’اُهڃاڻي يا علامتي شاعريءَ (Symbolic Poetry) جي سموري ڳولا اها رهي آهي ته اظهار جو اهڙو طريقو حاصل ڪيو وڃي، جنهن جي ذريعي بيان کان ٻاهر حقيقتن کي بيان ڪري سگهجي. (2)

ڏِٺو وڃي ته علامتون يا اُهڃاڻَ، شاعر جي علمَ،ڏاهپ، تجربن، مشاهدن ۽ تصورن جو ئي روپُ ٿين ٿا، شاعريءَ ۾ انهن جو استعمال، شعر کي وڌيڪ وسيع، گهرو، ڳُوڙهو ۽ سوچڻ لاءِ آماده ڪندڙ بڻائي ٿو، اهو ائين ئي آهي، جيئن راڳَ ۾ مُرڪن، مِينڍُن ۽ آلاپن جي جَڙت، راڳَ کي رَس- ڀريو، وزنائتو ۽ مَن- ڇُهندڙ بڻائي ٿي.

’لفظ اُهڃاڻ يا علامت جي وسيع معنيٰ ۾ سڄي شاعري اَچي وڃي ٿي، ڇو ته هر ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ ڪنهن احساس، ڪنهن حقيقت، ڪنهن آئيڊيا جو اظهار هوندو آهي ۽ اهو اظهار اَڻ سِڌو هوندو آهي. اهو اَڻ سِڌو اظهار هوندو آهي، ڪن حقيقي شين جي ذريعي، جن کي ان احساسَ، حقيقت يا آئيڊيا سان مشابهت هوندي آهي.‘ (3)

ائين اُهڃاڻن جي آڌارَ تي، شاعريءَ ۾ اَڻ سڌي اظهار جي شروعات ٿي، شروعاتي دؤر ۾، مغربي شاعريءَ ۾، سويڊن بورگ (1688ع- 1772ع) ۽ سينٽ مارٽن (1743ع- 1783ع) ۽ اڳتي هلي فرانسيسي شاعريءَ ۾ اسٽيفن مئلارمي ۽ پال ورلائين، 1885ع ۽ 1895ع واري زماني جي وچ ۾، ان سلسلي کي اڳتي وڌايو. جيتوڻيڪ کانئن ڪجهه سال اڳ فرانس ۾ پاڻ کي پارناسي (Parnasse) سڏائيندڙ شاعرن جو هڪ ٽولو موجود هو، جيڪي پنهنجي ڳالهه کي سڌو سنئون پيش ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندا رهيا هئا ۽ جن اَڻ سڌي علامتي اظهار کي درست نٿي سمجهو. ’فرانس ۾ مئلارمي ۽ اُن کان پوءِ جي اُهڃاڻي شاعرن، شعوري طور اُهڃاڻي شاعريءَ جي تحريڪ شروع ڪئي ۽ پوءِ اڳتي هلي،ا ن جو پڌرنامو جاري ڪيو. اڻ شعوري طور مٿي ڏنل حوالي موجب، دنيا جي هر ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾، اُهڃاڻ ذريعي حقيقتن ۽ احساسن جو اَڻ سڌو اظهار موجود آهي. خود مغرب جي صوفي شاعرن توڙي رومانوي شاعرن وٽ آُهڃاڻ جي استعمال جو ڏَس پتو ملي ٿو.

سنڌي شاعري، خاص ڪري ڪلاسيڪي شاعري، اَڻ سڌي اظهار سان ڀري پئي آهي. سنڌيءَ ۾ اُهِڃاڻي شاعري، تڏهن کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن کان نيم تاريخي داستانن جو ذڪر ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ آيو. اهي ڪردارَ اڻ سڌي جو هڪ بهترين ۽ مرغوب ترين ذريعو ٻڻجي پيا. (4)

ائين سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن، قاضي قاضن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري ۽ شاهه عنايت رضويءَ کان اُهي ئي شاعريءَ جون روايتون، شاهه لطيفَ کي ورثي ۾ مليون ۽ اها تخليقي وراثت کانئس پويان ايندڙ ڪيترن اَهم شاعرن کان ٿيندي، شيخ اياز، تنوير عباسي، نياز همايوني، شمشيرالحيدري، امداد حسينيءَ ۽ ٻين تائين پُهتي. انهن شاعرن نه رڳو پنهنجن پيشروئن جي ورثي ۾ مليل روايتن کي چُمي چشمن چائيو، کين قائم رکيو، پر اُنهن کي اَڃا به، سنواري سينگاري پيش ڪرڻ ۾ اهم ڪردار پڻ ادا ڪيو.

تنوير عباسي، پنهنجي ٽهيءَ جي سگهارن شاعرن واري سٿَ جو هڪ اهم نالو آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ کي، هڪ ئي وقت ڪلاسيڪيت ۽ جديديت سان ڳنڍيل رکيو. سندس شاعريءَ، جتي اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي پُختين پاڙُن سان، وسعت، گهرائيءَ ۽ سدا سائي رهڻ جو سنگ نه ڇنو، اُتي هُن سڄي عالمي ادب جي، فڪري ۽ فني لاڙن، روايتن ۽ تخليقي تبديلين سان به، پنهنجي شاعريءَ جي آبياري پئي ڪئي آهي. پنهنجي شاعريءَ جي ابتدائي دؤر کان وٺي، سنڌي شاعريءَ جي ڪمال جو استعارو بڻجڻ تائين، هُو هڪ صحيح معنيٰ ۾ باشعور، گهڻ- پڙهيو ۽ ڀرپور تخليقي سگهه رکندڙ شاعر رهيو آهي. وٽس فَن ۽ فڪر جا سڀ رنگَ، عڪس ۽ احساسَ، نِت نَون گهاڙيٽن جي قالب ۾، پوپٽَ جي پَرَن جيان نازڪ، نفيس ۽ خوبصورت رُوپَ ۾ موجود رهيا آهي، نيڻن ۽ ذهن جي آڱريُن سان ڇُهڻَ تي، جن جا رنگَ جيئن جو تيئن اُتي ئي رهجي وڃن ٿا. تنوير جي شاعري سڌي سادي اظهار ۽ علامتي اَڻ سڌي اظهار جو وڻندڙ ۽ دل- ڇُهندڙ سنگم آهي. اُها رڳو چارلس بودليئر جي لفظن ۾ ڪائنات کي ’علامتن جو جهنگل‘ (5) ثابت نٿي ڪري، پر اُن کان به اڳتي، کيس پنهنجن لفظن جي جادوءَ سان هڪ خوش رنگ باغَ ۾ لهجي جي نرميءَ سان، چانڊوڪيءَ ۾ وَهندڙ درياههُ بڻائي ٿي ڇڏي.

تنوير عباسيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ علامتن جو غير ضروري استعمال نه ڪيو آهي، پر سندس انداز ڏاهپَ ڀريو، مهلائتو ۽ سوچ سمجهه سان ڀرپور رهيو آهي، هُن پڙهندڙن کي علامتن جي جهنگ ۾ ڀٽڪائڻ بدران، اِدراڪ ۽ فهم ذريعي، وَرن وڪڙن جي آگاهي ڏيندي، مونجهارن مان ٽپائي پار پُڄائڻ لاءِ رهبري ڪئي آهي. شاعريءَ ۾ علامتن جي استعمال جي سلسلي ۾ به، هُو هڪ خبردار، باصلاحيت ۽ ڪامياب شاعر رهيو آهي. ’علامت نگاري، شاعريءَ ۾ ڪا نئين شيءِ نه آهي، بلڪ اظهار جو هڪ اسلوب ۽ جائز اسلوب آهي، پر اُن جي ڪاميابيءَ جو انحصار، شاعر جي صلاحيت، موزون استعمال ۽ موقعي توڙي ماحول تي منحصر آهي.‘ (6) ڊاڪٽر سيد عبدالله جا هي لفظ ڄڻ ته، سندس ڪاميابيءَ ۽ صلاحيت جي تصديق ٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته تنوير وٽ اڪيچار اُهڃاڻ، پنهنجي مناسب ۽ وقتائتي استعمال سان موجود آهي:

تُنهنجي گيتن کي سڀ ڏيندا، پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ،

سڀڪو توسان گڏُ ڳائيندو، هيڪل آن پَلَ لاءِ.

تون ئي اَڪيلو ڳاءِ چارڻَ،

تون ئي اَڪيلو ڳاءِ!

                                (شعر- صفحو: 68)

مٿين شعر ۾ ’چارڻ‘ لوڪ ادب ۽ شاعريءَ جي روايتي ڪردار ’چارڻ“ کان سواءِ علامتي طور تي هڪ رهبر، اڳواڻ ۽ انقلابيءَ جي رُوپ ۾ موجود آهي، شعر جي ظاهري معنيٰ هڪ فنڪار/ گائڪ کي مايوسيءَ جي ڌُٻڻ مان ڪڍڻ ۽ ايندڙ وقت ۾ سندس قدر ٿيڻ جي نشاندهي ڪري ٿي، پر علامت طور اها ايندڙ وقت تبديلين جو پتو ڏئي ٿي ته، ’چارڻ‘ جي پيغام کي، عوام هِئنين سان هنڊائيندو ۽ تبديلين جي راههَ تي ساڻس پيرُ، پيرَ ۾ پائي هلندو.

اهو 100 سيڪڙو درست آهي ته، شاعر جيڪڏهن پنهنجي ماحول کي سامهون رکي، شعر ۽ علامتن جو استعمال ڪندو ته پڙهندڙ سندس نِت نين علامتن کي، آسانيءَ سان پنهنجي ذهن ڪوڙڪيءَ ۾ قابو ڪري سگهندو ۽ گهڻي حد تائين، شاعر جي تصوراتي سطح کي ڇُهي سگهندو.

اُڻويهين صديءَ جي فرانس جي ’پارناسين‘ وانگر، نظر ايندڙ شين جي تصوير ڪشي ڪرڻ ئي ڪافي نه آهي، پر نظر ايندڙ حقيقت سان گڏُ، شين جي تَههَ ۾ لِڪل حقيقتن کي به کوٽي ڪڍي، ظاهر ڪرڻ ئي ڪمال آهي. ڏِٺو وڃي ته علامت نگار شاعرئي، ڪُوزي ۽ سمنڊ کي بند ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، سنڌي شاعريءَ ۾ ان جو سڀ کان وڏو مثال آهي لطيف سائين- جنهن سنڌ جي نئين کان نئين شاعر تائين، کين اهڙو بنياد فراهم ڪيو آهي. تنوير عباسي سندس هڪ سُٺو پارکو به آهي، ته پوئلڳ به!

 

مارئي! جنتَ مان اَڄُ، پنهنجي وطن ڏي ڪر نظرَ،

جنهن جي لئه حيران رهين ٿي، ڪوٽَ ۾ شام سحر.

هاءِ صد اَرمان سندءِ اَهلِ چمن کي ڇا ٿيو؟

سنڌيُن جي جذبهء حُبِ وطن کي ڇا ٿيو؟

-

تُنهنجي آڏو خود حڪومتَ جو جُهڪي ويو گردن،

۽ هنن ڪُرسين جي لئه، ايمانُ ڀي وڪڻي ڇڏيو!

-

قيدڊ ۾ هوندي به توکي، يادِ هئي مارُن جي ريِت،

هي وطنَ ۾ هوندي ڀي ڳائن پيا غيرن جا گيت.

                        (رڳون ٿيون رباب- صفحو: 39)

’مارئي‘ سنڌُ جي هڪ اهم نيم تاريخي قصي جو، اڻمِٽ ڪردار آهي، جنهن وقت جي حاڪم جي، هر قسم جي لالچ ٺُڪرائي ۽ دڙڪي داٻَ کي نظرانداز ڪري، پنهنجي مارَن جو مانُ مٿانهون ڪيو. شاهه جي شاعريءَ ۾ اچي، اهو هڪ عام ٿَري نينگريءَ جو ڪردار، حُب الوطنيءَ جو هڪ لازوال اهڃاڻ بڻجي ويو. تنوير پنهنجي مٿين نظم ’مارئيءَ ڏانهن‘ ۾، علامتي طور تي ’مارئي‘ سان مخاطب ٿيندي، پنهنجي دؤر جي حالتن، سماجي ڀڃ ڊاهه، باحيثيت ماڻهن جي بي حسي، ڪردار جي پامالي ۽ وطن تي نانءَ ۽ ناڻي کي اوليت ڏيڻ واري عمل کي نِنديو آهي. سندس شعري مجموعي ’رڳون ٿيون رباب‘ ۾ اهڙن علامتي نظمن جي هڪ پُوري سيريز آهي، ’ٻيجل ڏانهن‘، ’سُهڻيءَ ڏانهن‘، ’سُسئي ڏانهن‘، ’نئين مارئي‘، ’ڀٽائيءَ ڏانهن‘ ۽ ’موهن جو دڙو‘. انهن سڀني نظمن ۾ تنويرَ، نهايت ئي فنائتي نموني، تاريخي ڪردارن ۽ ماڳن کي ٻيهر جيئاريو آهي ۽ اَڻ سڌي اظهار ذريعي، سڌِي ۽ سمجههَ ۾ ايندڙ ڳالهه ڪئي آهي.

علامتي يا اُھڃاڻي شاعريءَ جو هڪ ڪمال اهو به آهي، ته اُن ۾ پيش ٿيندڙ ڪردار، ماڳَ ۽ ٽاڻا توڙي حدون، بظاهر ڪنهن به خاص علائقي، قوم يا ماڻهن سان واسطو رکندڙ هجن، پر شاعَر ۽ سندن شعرَ پنهنجن حالتن ۽ ڪيفيتن سان ڳنڍجي، هر علائقي، هر قوم ۽ سندس عوام جي نمائندگي ڪن، کين مونجهارن مان نڪرڻ جو گَسُ ڏسين ۽ زخمن تي پيار جا پَها رکن.

’ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، جو ادب، خاص ڪري شاعريءَ ۾ ڪو لفظ ڪنهن معنيٰ ۾ ايڏو ته استعمال ٿيندو آهي، جو اُن لفظ جي معنيٰ ئي اُها ٿي ويندي آهي، جنهن معنيٰ ۾ هڪ شاعر يا ڪن شاعرن بار بار استعمال ڪيو هوندو آهي. ڪو لفظ، ڪنهن معنيٰ ۾ مستعمل ٿي، ڄمي، مروج ٿي، جاري ٿي وڃي ته، اُهو ٿي پوي ٿو اُهڃاڻ- جيئن چنڊُ ۽ گُلَ، سونهن جو اُهڃاڻ آهن، تيئن چڪور ۽ بلبل عشق جا اُهڃاڻَ آهن، بهار خوشيءَ جو اُهڃاڻ آهي، ته سرءُ ڏَکَ جو اُهڃاڻ آهي، صبح اُميد جو اُهڃاڻ آهي، ته شامَ نااُميديءَ جو.‘ (7)

پنهنجي راڳن سان رڳَ رڳَ ۾، ڪو ميٺاج ملائين ٿو،

 دُکَ ۽ درد جا نانگَ هزارين، پيارَ منجهان پرچائين ٿو.

جن کي پنهنجي تَن جي تارُن تي هي ناچُ نچائين ٿو،

مُرليءَ جي ميٺاجَ سان تنهن جي، زَهرَ جو زور وڃائين ٿو،

اهڙن زهريلن جي دل ۾، جادُو ڪيئن نه لڳائين ٿو،

پنهنجي دشمن تي ڀي، حاڪم بنجي حُڪم هلائين ٿو.

هِن دنيا جي رِڻ ۾ تُنهنجي مُرلي ڄڻ مينهوڳي،

                          او مُرليءِ وار جوڳي!

                        (رڳون ٿيون رباب- صفحو: 58)

هن شعر جو ’جوڳي‘ ۽ ’دُکَ ۽ درد جا نانگَ‘ علامتون آهن. جوڳيءَ جو ڪردار، نانگن کي پڪڙي، پالي، نپائي، کيس پنهنجي مُرليءَ جي ڌُن تي مست ڪري پنهنجي مرضيءَ مطابق لهرا ڏيارڻ ۽ سندس زَهر جو ترياق ڳوليندڙ ماڻهوءَ جو آهي، پر تنوير جي نظم ’جوڳي‘ ۾ اهو هڪ خيالن جو جادو پکيڙيندڙ ۽ مُئل لفظن کي جيئرو ڪندڙ ’شاعر‘ ۽ ’فنڪار‘ جو ڪردار آهي، جيڪو ڏُکين حالتن ۾ به، مايوسيءَ ۽ فراريت جو شڪار نٿو ٿئي ۽ روشن آئيندي لاءِ ڏِٺل پنهنجي اکين جا خوابَ، جڳَ جي اکين جا خواب بڻائي ڇڏي ٿو. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾، قاضي قاضن ۽ شاهه لطف الله قادريءَ وٽ ’جوڳيءَ‘ جي تمثيلَ، روحاني رهبر ۽ راهه ڏسيندڙ جي هئي، اهو ئي ’جوڳي‘ تنوير وٽ هڪ نئين رُوپ ۾ ’شاعر‘ ۽ ’فنڪار‘ جي علامت آهي.

هرڪو مَنُ مکڻَ جو چاڻو،

هر چهرو آهي چانڊاڻ،

هرڪو ماڻهو موتيءَ ڌاڻو،

هرڪا دِل هِيرن جي کاڻِ.

                                (شعر- صفحو: 11)

هِن شعر ۾، انسان جي عظمتَ کي چٽيو ويو آهي، هر خرابيءَ جو خول لاهي، انسان جي چهري جي خوبصورتيءَ کي پڌرو ڪيو ويو آهي. ’چانڊاڻ‘ علامت آهي، اکين کي وڻندڙ عڪس، سڪون ڏيندڙ احساسَ جي ۽ ’مَنُ- مکڻَ جو چاڻو‘ انسان جي اندر جي اَڇاڻ، نرم ۽ نازڪ سڀاءَ ۽ نزاڪت کي ظاهر ڪري ٿو. اکين تان بغض ۽ حسد جا کوپا لاهي، صاف دِليءَ سان ڏسبو ۽ پرکبو ته، هر ماڻهوءَ جي اهميت ۽ قدر، قيمتي هيرن ۽ موتين جي برابري ڪندو. انسان کي انسان ٿي ڏسبو ته هُو صحيح معنيٰ ۾ ’اشرف المخلوقات‘ ئي نظر ايندو. تنوير پنهنجن شعرن ۾ نه رڳو استعمال ٿيندڙ يا مروج علامتن جو استعمال ڪيو آهي، پر مٿين شعر وانگي نين علامتن کي به جنم ڏنو آهي، اُهي علامتون، ايتريون عام، ساديون ۽ سمجهه ۾ ايندڙ آهن، جو اُهي ڪنهن به قسم جو ابهام يا مونجهارو پيدا نٿيون ڪن، پر علامت نگاريءَ جي درست وصف مطابق، ڪيل ڳالهه کي وڌيڪ واضح سهڻو ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ ڪري پيش ڪن ٿيون. هونئن به سچو ۽ ڪامياب شاعر اُهو آهي، جيڪو پنهنجا رستا پاڻ ٺاهي ۽ پراين پيچرن تي هلي، ورجاءَ جي ڌُڌڙ ۾ لَٽجڻ کان پاڻ کي بچائي وٺي.

ڪن ماڻهن جي سانتِ ستارن وانگي هوندي آهي،

ٻَهڪي ٻَهڪي، چمڪي چمڪي، چُپ چُپ ۾ ڳالهائنِ،

سانت سانت ۾، ڀانتِ ڀانتِ جا سوين سنيها آڻنِ،

اهڙن ماڻهن ڏي ڏسندي ئي دِل خوشي ٿيندي آهي،

ڪنهن ماڻهن جي سانت ستارن وانگي هوندي آهي.

                                (شعر- صفحو: 19)

هي شعر پڙهبو ته، ’خاموشي‘ هڪ وڏي واڪي جي علامت بڻجي سامهون اچي ويندي، هتي ظاهر ۾ ڏينهن رات بَڙ بَڙ ۾ گُذاريندڙ، بي عمل ماڻهن کي، چُپ چاپ ۾ تاريخن کي بدلائيندڙ، عملي انسانن آڏو بنهه ننڍڙو ڪري پيش ڪيو ويو آهي. هي سِٽون ڄڻ ته شاهه سائينءَ جي بيتَ، ’سي سُتا ئي سونهن، بنڊَ عبادت جن جي‘، جو سنواريل ۽ وڌايل روپ آهي. ڪنهن به عمل کي، منزل تائين رسائڻ لاءِ پڙهو ڏئي ’ڍم ڍم‘ ڪرڻ غير ضروري آهي، حاصلات ڌيان ڌري، مَنَ ۾ محبت پائي، وهم گُمان وساري، هڪ الله ڪري ڪم ڪرڻ سان ئي ملي ٿي. پنهنجي ذات ۽ ڪارڪردگيءَ جي اجائي تشهير ۽ ’واهه واهه!‘ کان سواءِ ئي ڪيل ڪم به هزارين ”هوءِ هوءِ“ ڪندڙن جي ڪم تي ڀاري ٿي سگهي ٿو. اهو ئي تاريخي سچُ آهي ۽ نظر انداز نه ڪري سگهجندڙ حقيقت آهي:

اوهان به پارس ناهيو سپرين!، اسين به پارس ناهيون،

پياڙ ڇُهي ويو پاڻَ ٻنهي کي، سونا ٿي پيا آهيون.

                                (شعر- صفحو: 33)

’پارس‘ لوڪ قصن جو اُهو ڏند- ڪٿائي پٿر آهي، جنهن سان گسجڻ سان لوههُ، سونُ ٿي وڃي ٿو، مٿئين شعر ۾ ’پيار‘ کي علامت طور ’پارس‘ ڪري آندو ويو آهي، جنهن جي ڇُهڻ سان، ٻه نينهن جي ناتي ۾ ڳنڍيل جيوَسونا ٿي ويا آهن. عام حالت ۾ پٿر هڪ بي وقعت ۽ بيڪار شيءِ آهي، پر جڏهن کيس ’پارس‘ جي حيثيت ملي ٿي، ته نه رڳو سندس اهميت ۽ قدر و منزلت ۾ واڌارو ٿي وڃي ٿو، پر اُن سان نسبت رکنندڙ شيون به قيمتي ٿي وڃڻ ٿيون، هتي پيار کي اهڙي ئي انمول شيءِ ڪري پيش ڪيو ويو آهي. ڪنهن لفظ کي علامتي معنيٰ ۾ رائج ڪرڻ، ڏُکيو ڪم آهي، پر هتي تنوير اهو ڪمال آسانيءَ سان ڪري ڏيکاريو آهي.

هَٿن پيرن ۾ ڪَڙيون روشن آهي ضمير،

فڪر نه ڄاڻي ڦندَ ڪي، عشق نه ٿئي اَسير

ذهن جا زنجير، ڪنهن نه گهڙيا آهن اَڃا.

                                (شعر- صفحو: 116)

تنويرَ جو، چوٿين مارچ جي تاريخي ڏهاڙي واري پَس- منظر ۾ لکيل هي بيت، هڪ پُوري دؤر جي علامت آهي، ون يونٽ واري قهري دؤر ۾، سنڌ جيڪي ڪجهه سَٺو، اُهو دنيا جي ڏاڍ جي تاريخ جو حصو آهي، تنوير ان تحريڪ جو نه رڳو، اکين ڏٺو شاهد هو، پر ’سنڌي ادبي سنگت‘ سان وابستگيءَ ۽ هڪ باضمير ۽ وطن ۽ وطن دوست شاعر جي حيثيت ۾ سڌيءَ طرح ان جو حصو  به رهيو ۽ اُهو ڪجهه ڀوڳيو، جيڪو سڄي سنڌ اِن دؤر ۾ ڀوڳيندي رهي، بظاهر هي بيتُ هڪ واقعي کان متاثر ٿي لکيو ويو آهي، پر پنهنجي وسيع معنيٰ ۾، هي بيت آفاقي، لازوال ۽ فيلسوفيانه خيال جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ ڏاهپ کي زنجيرن ۾ جڪڙڻ واري هر دؤر ۽ هر سرڪاري جي رستي- روڪ ڪري ٿو. قيد ۽ بند ۾ هجڻ جي باوجود، ڏاڍ سان مُهاڏو اٽڪائڻ واري حوصلي جي بلندي، پنهنجي قومي ذميدارين جو احساس، ۽ ڏاڍ ڪندڙ جي، فڪر کي قيد ڪرڻ ۽ ذهنن تي زنجير وجهڻ واري بيوقوفيءَ تي، شاعراڻي چٿر، هِن بيت ۾ ماهراڻي نموني پيش ڪئي وئي آهي. هي بيتُ ڪن به ڏُکين سياسي حالتن ۽ عشق جي راههَ ۾ ايندڙ نازڪ مرحلن تي ٺهڪائي سگهجي ٿو.

باهه نه ساڙِ علمَ کي، علمُ ته خود ئي آڳَ،

وڌندي رهندي سنڌڙي، هرپل پنهنجي ماڳ،

تن لئه آهي نڀاڳ، جيڪي روڙا راههَ جا.

                        (سجُ تِريءَ هيٺان- صفحو: 31)

هي بيتُ به، هڪ مخصوص واقعي جي عڪاسي ڪري ٿو، جڏهن سنڌ جي علمي مرڪز، سنڌالاجيءَ کي ڪن مُنهن ۾ ڌوڙ پاتل کَرَن، باهه ڏني هئي ۽ ان ۾ موجود سڄو علمي ۽ ادبي ذخيرو سڙي رَکَ ٿي ويو هو، ڪنهن خاص وقت تي ٿيل، ان المناڪ واقعي جي حدَ رڳو ايستائين ناهي، پر هي بيت صديون اڳ ارغونن ۾ پٺاڻن هٿان ٿيل اهڙي ئي سخت لفظن ۾ نندڻ جوڳي عمل جي يادِ پڻ تازي ڪري ٿو. مٿين بيت ۾ علم کي ’نه ختم ٿيندڙ روشنيءَ‘ سان ڀيٽيندي ويرين جي وارَ کي ورائي سندس مُنهن ۾ هنيو ويو آهي، ان صورتحال ايندڙ وقت لاءِ خبردار ٿيڻ جي پيغام کي به پاڻ ۾ سموهي رکيو آهي.

مان تنوير به آهيان، سائين! مان تنوير به ناهيان،

پنهنجي پياري کي پُهچڻ لئه، ڇا ڇا ٿيندو آهيان

                (سجُ تِريءَ هيٺيان- صفحو: 39)

’آهيان‘ ۽ ’ناهيان‘ جو هي تڪرار، سنڌُ ۾ صدين کان موجود صوفيت جي علامت آهي، جنهن مطابق پنهنجي وجود جو انڪاري ٿي ئي، پرينءَ کي پَسڻ ۽ پائڻ کي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو، هونئن ته رُوپ مٽائڻ ساراهه جوڳو عمل نه آهي، پر پرينءَ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ تعريف لائق عمل بڻجي وڃي ٿو. اهو عمل، عارضي حيثيت وڃائي، دائمي حيثيت ماڻڻ جي علامت آهي. ائين ئي سندس هيٺ ڏنل مختصر نظم ۾، ”انسان جي پاڻ سُڃائڻ واري عظمت“ جو پرچار ڪيل آهي، جنهن ۾ پڻ انسان جي ’سڀ ڪجهه هئڻ‘ واري صوفياڻي خيال کي هٿي ملي ٿي، هي نظم دَردن ۾ دٻيل، هيڻن، بي حوصلي، لاچار ۽ بي حيثيت انسانن لاءِ، بي اَنت حوصلي ۽ حيثيت جو اُهڃاڻ آهي:

نه ڏِسُ آسمان ڏي،

نه ڏِسُ آسمان ڏي،

ملائڪَ نه لهندا،

نبي ڪونه ايندو،

هي دُکَ جو اسان تي،

آنازل ٿيو، اُن جو،

ڪو عيسيٰ اچي ۽ مسيحا نه ٿيندو،

اسان پاڻَ پنهنجا مسيحا،

اسان پاڻ پنهنجا پيغمبر،

اسان پاڻ ئي قافلو، پاڻ سرواڻَ آهيون،

اسان پاڻَ ئي پنهنجا نرواڻَ آهيون،

اسان پاڻَ آهيون، پِرههَ جا پيغمبر،

اسان پاڻَ رهبرَ

اسان پاڻَ رهبرَ.

(سجُ تِريءَ هيٺان- صفحو: 44)

دردُ آهي مسيحا،

’قُم باذني‘ چئي اُٿاري،

ٿو ڪيئي مُردا جيئاري،

دردُ پيغمبر- اُنهيءَ جو معجزو آهي سُجاڳي!

                        (هيءَ ڌرتي- صفحو: 30)

مٿيون نظم مڪمل طور تي علامتي نظم آهي، جنهن ۾ ’درد‘ کي تڪليف، پِيڙا، ۽ سُورَ واري ڪيفيت ۽ احساس واري معنيٰ کان هٽي، سجاڳي آڻيندڙ عمل جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. جنهن جي پسمنظر ۾ ’ڏک سُکن جي سونهن‘ وارو شاهه سائينءَ جو لافاني خيال موجود آهي. اهو درد ئي آهي، جنهن جي شدت، غفلت، ڪاهلي ۽ غير ذميدارين جي احساسَ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي اچي ٿي ۽ ماڻهو بهتريءَ جي تبديليءَ لاءِ، سوچي سمجهي پاڻ پتوڙي ٿو. اهو ائين آهي، جيئن چيو ويندو آهي ته ماڻهو ايستائين ماٺِ هوندو آهي، جيستائين ڳچيءَ ۾ هٿ نه پوندا اٿس. دردُ ئي آهي، جيڪو پنهنجي شدت جي مرڪزيت تي آڻي، ماڻهوءَ ۾ خالي هٿين وڙهڻ جو حوصلو پيدا ڪندو آهي. جڏهن ته آرام ۽ سُڪون بخشيندڙ ننڊَ کي، علامتي طرح هتي ’موت‘ سان ڀيٽيو ويو آهي، جنهن سان ناتو ڳنڍي ماڻهو (خاص طور تي اُسرندڙ ملڪن جا ماڻهو) غفلت، ڪاهليءَ، نشي ۽ هڏ حراميءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ ”سلطاني- سهاڳ“ ماڻڻ جي سگهه وڃائي ويهن ٿا. هي نظم ۾ سڀ تصورَ (Concepts) علامتي هوندي به، سوچڻ تي مجبور ڪندڙ ۽ ڪاميابيءَ جي ماڳَ ڏي وٺي ويندڙ آهن.

ائين ڪيترائي نظم، جهڙوڪ: ’هوا‘، ’هي لنوائيندڙ گهڙيون‘، ’سينواريل تلاءُ‘، اناالحق‘، ’هيءَ ڌرتي‘ ۽ تنوير غزل توڙي گيت، سندس شعري مجموعي ’هيءَ ڌرتيءَ‘ ۾ اُهڃاڻن ۽ علامتن جي ٽِڪن سان جڙيل موجود آهن. اهڙا ئي ڪيترا علامتي نظم، غزل ۽ هائيڪا، تنوير جي آخري شعري مجموعي ’ساجن سونهن سُرت‘ ۾ ڀريا پيا آهن، صحيح معنيٰ ۾ هي ڪتاب، سندس علامتي (Sambolic) شاعريءَ جو ڀنڊار آهي:

سِج اڪيلو هوندو آهي،

سِجُ اڪيلو ٿيندو آهي،

چنڊُ اڪيلو هوندو آهي

چنڊُ اڪيلو ٿيندو آهي.

                (ساجن سونهن سُرت- صفحو: 79)

وڏو ٿيڻ سان رُڳو اهميت پلئه نٿي پوي، پر وڏو ٿي، معزز ۽ معتبر ٿي، منفرد ٿي، ماڻهو پنهنجي سڄي ماحول کان ڪٽجي وڃي ٿو، اَڪيلو ٿي وڃي ٿو، هِن علامتي نظم ۾، اهڙي وڏائپ کان ڪٽجي، عام سان عام ٿي، پنهنجي وجود کي قائم رکڻ جي ڳالهه کي بيان ڪيو ويو آهي:

مان به اوهان جيان آهيان نماڻو مان ته اوهان جو ساٿي پُراڻُو،

مان ته اوهان جو آهيان يارو!، اوهان جيان ئي هڪڙو تارو

تاري لاءِ ڪروڙين اَربين ساٿي، سِجَ جي لاءِ نه ڪوئي ساٿي.

هتي انفراديت ۽ اجتماعت جي سوچ، عمل ۽ نتيجن کي پڻ علامتي انداز ۾ واضح ڪيو ويو آهي. نظم ’حضرت عيسيٰ‘ ۾، ساڳئي انداز ۾، موتمار هٿيارن خلاف نفرت جو اظهار ڪندي، انسان جو آئيندو؛ پُرامن سُکيو ستابو ۽ جنگين کان آجو هئڻ جي تمنا ڪئي وئي آهي، هن نظم ۾ شاعر جو شاعراڻو تخيل اُتم موجود آهي. نظم ’آڌرڀاءَ‘ ۾ ٻالپڻ، جوانيءَ ۽ ٻُڍاپي جي ازلي سچَ کي چِٽيو ويو آهي:

پوئي پهرَ جو ڏيئو آهان،

آءٌ وِهائو تاري جو،

آڌرڀاءُ ڪريان ٿو!

پوياڙيءَ جو پاڇو آهيان،

اِن لئه پِرههَ ڦُٽيءَ جو،

آڌرڀاءُ ڪريان ٿو!

مان آهيان ڪو ڇڻندڙ پَنُ،

چيٽَ جي ڦوٽهڙي جو،

آڌرڀاءُ ڪريان ٿو!

(ساجن سونهن سُرت- صفحو: 99)

هن نظم ۾، شاعر جي داخلي ڪيفيت، ايندڙ وقت ۽ نين جنم وٺندر شين جي آڌار تي، علامتي نموني بيانُ ڪيل آهي. ’پوئين پهر جو ڏِيئو‘، ’پوياڙيءَ جو پاچو‘ ۽ ’ڇڻندڙ پَنَ‘ ويندڙ وقت ۽ ’وهائو تارو‘، پُرههَ ڦُٽي‘ ۽ ’چيٽ جو ڦوٽهڙو‘ ايندڙ وقت جا اُهڃاڻ آهن. پُراڻين شين کي، نين شين لاءِ جاءِ خالي ڪرڻ آهي، پراڻي وقت کي، پنهنجي مٿي جو تاجُ لاهي، نئين وقت جي سِرَ تي رکڻو آهي، اهو ئي ارتقا جو اصول ۽ زندگيءَ جو فلسفو آهي اها ڳالهه سڀاويڪ آهي ته، اها تبديلي، پِيريءَ جي ذهني دٻاءَ ۾ رهندي، مجبور ٿي قبول ڪرڻ بدران کُليل دل سان، ان تبديليءَ جي آجيان ڪرڻ جو ساهس تنوير جهڙو باشعور، باهمت ۽ سچَ کي سمجهندڙ شاعر ئي ڪري سگهيو آهي. سندس حوصلي منديءَ، انسان دوستيءَ ۽ سڄي عالمَ جي آباديءَ جو پيغام پاڻ ۾ سمائيندڙ هڪ ٻيو نظم آهي: ”نئين ٽهيءَ ڏانهن“ جيڪو هُن پنهنجي پُٽ سرمد کي آڏو رکي، پنهنجي سڄي نئين نسل لاءِ لکيو آهي، اهو نظم قومي هوندي به، بين الاقوامي آهي ۽ علامتي هوندي به، حقيقت جو سڌو اظهار آهي:

شل جيئين شل جيئين،

گُلَ ءُلابيءَ جيان،

تون سدائين ٽڙين.

آءٌ آهيان جَڏو،

تون آن مون کان وڏو،

بارُ ڌرتيءَ جي گولي،

جو تُنهنجي مٿان،

۽ تون ان کي کڻي اڳڀَرو،

اڄ کان

شالَ روشن سُڀاڻي،

تي پُهچي سگهين،

شل جيئين شل جيئين.

ائٽمي دؤر آ،

نفرتن زور آ،

جنگِ جهڙو گهڻو،

سڀ ڪَڻو ۽ ڪڻو،

شل ڪَڻن کي گڏي،

ڪيچَ تن مان ڪرين،

شلَ جيئين، شل جيئين.

بُکَ، بيماري آ،

هِن صديءَ جي سُڃاڻَ،

تون سياڻو مِٺا!

تون ته آهين سُڄاڻ،

شال چيٽُن کي

ٽهڪنِ ۾ بدلي سگهين،

شل جيئين شل جيئين.

تون جيئين جي ته،

هيءَ سنڌُ توسان جيِئي،

تون مَرين شلَ!

انهيءَ کان اڳي مان مَران،

سنڌُ جي نئين ٽهيءَ لاءِ،

قُربان ٿيان،

تون وڌين مان ٺَران،

تون وڌين مان ٺران.

                     (ساجن سُونهن سُرت- صفحو: 103)

اَرسطو، پنهنجي جڳَ مشهور تصنيف ’بُوطيقا‘ ۾، شاعرن بابت بحث ۾ لکي ٿو:

”شاعر کي پنهنجي ورتاءَ ۾، چئن شين جو خاص خيال رکڻ گهرجي، سڀ کان پهرين ۽ ضروري ڳالهه آهي ته، هُو پنهنجي روين ۽ سيرت ۾ سُٺو هئڻ گهرجي.“ (8)


(2) تنوير عباسي، ”جديد سنڌي شاعري“ مهراڻ 3-4 : 1964 ص 275 سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

(3) تنوير عباسي- رڳون ٿيون رباب ص: 4

(1) تنوير عباسي- جديد سنڌي شاعري ص: 262- مهراڻ 3-4 1965

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org