سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (منهنجا درسگاهه)

باب-1

صفحو :1

مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي(منهنجا درسگاهه)

اياز قادري

 

ڇپائيندڙ پاران

روسي ڪلاسيڪي ادب ۽ اُن جا سرجيندڙ پنهنجي ڏات، ڏانءُ ۽ غيرمعمولي تخليقي صلاحيتن ۽ گهري مشاهدي سبب دنيا ۾ نهايت ئي اعليٰ مقام رکن ٿا ليئوٽالسٽاءِ، فيدور دوستورسڪي، انتون چيخوف ۽ مئڪسم گورڪي وغيره پنهنجي شاندار لکڻين ۾ جنهن ڳوڙهائپ ۽ ويجهڙائيءَ سان سان زندگي ۽ اُن جي ورن وڪڙن جو جائزو وٺندي، لکڻ جي فن کي ارفع مقام بخشين ٿا. تنهن کي ڏسندي/ پڙهندي دل بي اخيار اُن عظيم شڪتيءَ مٿان ايمان ٿين تي مجبور ٿئي ٿي. جيڪا هن ڪائنات جو بنيادي سبب (Final Cause) ڳڻجڻ ۾ اچي ٿي. روس جي هنن عظيم ڪهاڻيڪارن، ناول نگارن ۽ ناٽڪ نگارن جي بيمثال تحريرن ۾ انتهائي سادن جملن جي طلسم ذريعي منظر نگاري، ڪردار نگاري، ٻولي فڪر ۽ پيغام جن بُلندي کي ڇهن ٿا، تن کي سچ پچ ته بيان نه پر فقط محسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.

        منجهانئن مئڪسم گورڪي انهيءَ ڪري به منفرد آهي، ته هن پنهنجين لکڻين سان نه فقط روس ۽ نه فقط ادب پر سڄي دنيا ۽ ان جي سياسي سماجي توڙي فڪري تحريرن ۽ تحريڪن تي لازوال ۽ اڻمٽ اثر ڇڏيا. سندس انقلابي ناول ”ماءُ“ کي ته ڪيترو عرصو دنيا جي ترقي پسند ادب/تحريڪن ۾ هڪ بنيادي دستاويز جي حيثيت حاصل رهي ۽ انهيءَ ڪتاب ويهين صديءَ جي ڪئين انقلابي تحريرڪن کي سگهارو ڪرڻ سان گڏ بيشمار انقلابي سورما پيدا ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو ٽين دنيا ۽ اُن جي محڪوم قومن جا سياسي ڪارڪن تقريبن اڌ صدي تائين انهيءَ ناول کي ساهه سان سانڍيندا رهيا.

مئڪسم گورڪي، پنهنجن شاهڪار ناولن، ڪهاڻي، تاثرن، خاڪن ۽ شاعريءَ کانسواءِ آتم ڪٿائي ادب ۾ به ڪو جوڙ نه ٿو رکي. ٽن جُلدن تي ٻڌل سندس جيون ڪهاڻي دنيا جي درجنين ٻولين ۾ ترجمو ٿي، ڪروڙين پڙهندڙن تائين پهچي کين روئاڙي کلائي حيران ۽ مطمئن ڪري چُڪي آهي. زندگيءَ جي انهيءَ منفرد وچور ۾ گورڪيءَ جنهن ڪمال سان حافظي، مشاهدي، ادراڪ ۽ احساس جا چٽ چٽيندي پنهنجي ننڍپڻ، جواني، انقلابي لاڙن، ذلتن، محرومين، عشقن، ناڪامين ۽ ڪاميابين جو تذڪرو ڪيو آهي، تنهن کي پڙهندي هر شخص آڏو حيرتن جا بيشمار جزيرا ظاهر ٿيندا وڃن ٿا. مان سمجهان ٿو ته فرانس جي مفڪر ياڪ روسو کانپوءِ هُو شايد ئي اولهه جو ٻيو اديب آهي، جنهن جي زندگيءَ جو قصو هڪ مڪمل عوامي دستاويز (Document) جو درجو حاصل ڪري چُڪو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ بظاهر تذڪرو ته پنهنجي ذات جو ڪيو آهي، پر اڌڙ جملن ۾ ڀريل معنيٰ خيز تجزيي ۽ پُراسرار اُداسيءَ جي تڙپائيندڙ ڪيفيت ذريعي. هن ڄڻ ته اڻويهين صديءَ جي سموري روسي سماج جي نفسيات جو تفصيل ڏيئي ڇڏيو آهي. شايد اهوئي سبب آهي جو گورڪيءَ سميت روس جي عظيم اديبن کي پڙهڻ کانپوءِ روس جي سياسي سماجي ۽ معاشي تاريخ جي مطالعي ڪرڻ جي ڪا گهڻي ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي.

مئڪسم گورڪي ۽ سندس آتم ڪهاڻيءَ جي انهيءَ اهميت کي پرکيندي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ نامياري اُستاد ۽ سنڌي ادب جي فدائي ڊاڪٽر اياز قادري صاحب 1950ع ڏهاڪي دوران هن ڪتاب جو ترجمون ڪرڻ شروع ڪيو ۽ 1960ع جي جولاءِ مهيني ۾ هيءَ رٿا خيرن سان پوري ڪئي. ڪتاب جو مترجم پروفيسر اياز قادري صاحب سنڌ ۾ نه رڳو محقق، مُعلم ۽ منتظم جي حيثيت ۾ امتياز کي ٿو. پر  سندس خانداني پسمنظر به ڳڻپ جوڳي خصوصيت جو حامل آهي. لاڙڪاڻي ۾ ايمپائر روڊ جي پويان قائم قادري محلي جو هي نيڪ انسان، خود به هڪ اهڙي فقير گهراڻي جو فرد هُئو، جنهن جو نثر، نظم، راڳ ۽ تصوف سان هڪ ڊگهي عرصي کان لاڳاپو رهيو آهي. اهڙي طرح چئي سگهجي ٿو ته علم ۽ ادب سان چاهه کيس خانداني وراثت طور مليل هُئو. جنهن ۾ هُن پنهنجي طرفان انسان دوستي ۽ ترقي پسندي جي مٺاڻ ملائي، پاڻ کي هڪ مهُذب، محنتي ۽ محبتي ليکڪ بنائڻ ۾ سرسي حاصل ڪئي. ڪتاب جو ترجمو پڙهندي محسوس ٿي سگهي ٿو ته قادري صاحب ڪيئن نه پنهنجي دل جو درد، اصل مصنف جي احساسي ڪيفيتن سان سلهاڙي هڪ دل لڀائيندڙ تحرير جو تحفو سنڌ واسين کي آڇيو آهي.

هن ڪتاب جا پهريان ٻه حصا ”ننڍپڻ“ ۽ ”تربيت“ سنڌي ادبي بورڊ طرفان جون 1977 ڪيا، پر هن ٽئين ۽ آخري جلد ”مهنجا درسگاهه“ کي ترجمون ٿيندي ڪئين سالن جو ڊگهو عرصو گذريو ويو. اها هڪ وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته لائق مترجم ٺيڪ 31 جولاءِ 1960ع جي ڏهاڙي ترجمو ڪري پُورو ڪيو، پر اهڙي بي بها تصنيف کي شايع ٿيندي تقريبن 45 سالن جو عرصو گذري چُڪو آهي. انهيءَ عرصي دوران ترجمي وارن نوٽبڪن جي ڪاغذ جو رنگ ئي سفيد ۽ ناسي نه بڻجي ويو. بلڪه اُهو ايترو ضعيف به ٿيل آهي جو ڪجهه نوٽبڪن جو پنو ورائيندي اُهي ڦاٽي رهيا آهن. اسان ماڻهن جي ادارن ڏانهن عام توجهه ۽ اجتماعي بيحسيءَ جو ان کان وڏو ثبوت ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. هڪ ته  پورهيت اديب جو پيار ڀريو پورهيو، حقيقت جو روپ وٺندي تقريبن اڌ صديءَ جو انتظار ڪري ۽ اُن وچ ۾ ناميارا ادارا ڪن فردن جون تفريح گاهون بڻيا رهن ٿا.

سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود ذميواري سنڀاليندي ئي، مون ماضيءَ ۾ ٿيل انهيءَ ”مجرمانه غفلت“ جو ازالو ڪندي ٻين ڪئين مسودن سميت هن ڪتاب جو زخمن ۾ چُور ٿيل مسودو ڪاغذن جي ڍير مان ٻاهر  ڪڍي. اُن کي ترجيحي بُنيادن تي شايع ڪرائڻ لاءِ اُپاءَ ورتا. ڪتاب جي اهميت کي محسوس  ڪندي، اهو نظرثاني لاءِ جناب محمد ابراهيم  جويي صاحب جي حوالي ڪيو ويو. جنهن صاحب نهايت ئي مختصر مدت ۾ مسودي جي ايڊيٽنگ ڪري اُن کي واپس بورڊ ڏانهن موڪليو. جنهن کانپوءِ اهو مختلف مرحلن مان گذاري، موجوده صورت ۾ پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.

هيءُ ڪتاب اوهان آڏو آڻي مون کي مختلف قسمن جي تسلي ۽ خوشي ٿي رهي آهي. مثال طور مون کي اطمينان آهي ته مون هڪ اهڙي مسودي کي ڪتاب جو روپ ڏياريي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو پنجن سالن جي عرصي ۾ لازمي طور ضايع ٿي چُڪو هجي ها، ان کان علاوه مون کي اها به سرهائي آهي ته هيءُ ڪتاب عالمي سماج جي هڪ اهڙي جينئس ۽ عام سنڌي پڙهندڙ جي وچ ۾ رابطي جي تند ڳنڍيندو، جنهن جي ذهانت ۽ لکڻين دُنيا جي ڪروڙين مظلومن جي قسمت بدلائڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي. مان ذاتي حوالن سان به نهايت مسرور آهيان. ڇاڪاڻ ته ڪتاب جو محترم مترجم نه رڳي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو هڪ اهم ڪردار هُئو پر هو صاحب منهنجي والد جو ويجهڙو دوست (Fast Friend) هُجڻ سان گڏ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو استاد پڻ رهيو هئو. اهڙي طرح هيءُ ڪتاب شايع ڪندي مان رڳو هڪ اهم سرڪاري ذميواري ئي نه نڀائي رهيو آهيان، پر ذاتي حوالن سان هڪ عزيز ۽ شاگرد جي حيثيت ۾ پڻ وڏو ثواب ڪمايو اٿم. اُميد ته هن ثواب جي ڪم ۾ پڙهندڙ به مون سان شامل ٿيندا ۽ هڪ لازوال مصنف ۽ بيمثال مُترجم جي محنتن منجهان وڌي لاڀ پرائيندا.

ڄام شورو                              انعام الله شيخ

2- ڊسمبر 2004ع                      سيڪريٽري

بمطابق 30 شوال 1425 هجري       سنڌي ادبي بورڊ

 


 

 

باب پهريون

 

 

        ۽ نيٺ به، ڪنهن گهٽ نه پر ڪازان جهڙيءَ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هوس.

        منهنجي دماغ ۾ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو خيال هڪڙي شاگرد نڪولاس ايورنيوف وڌو هو. هو هڪ سهڻو جوان هو ۽ هن جي اکين ۾ عورتن جهڙي ڪشش هوندي هئي. هو نانيءَ جي ڪوٺيءَ ۾ مسواڙ تي رهندو هئو ۽ اتي ئي منهنجي ساڻس واقفيت ٿي هئي. منهنجي هٿ ۾ اڪثر ڪتاب ڏسي هن جي مون ۾ دلچسپي وڌي ويئي هئي ۽ اهڙيءَ ريت اسين دوست ٿي ويا هئاسين. هن کي اهو يقين ٿي ويو هئو تهي مون ۾ غير معمولي ذهني صلاحيتون اهن. ۽ انهيءَ خيال کي منهنجي ذهن ۾ ويهارڻ لاءِ هن هرڪا ڪوشش ڪئي هئي.

        هو پنهنجي وارن کي هڪ هٿ سان پٺتي ڪندي چوند هئو. ”توکي قدرت انهيءَ لاءِ پيدا ڪيو آهي ته علم جي خدمت ڪر!“

        تڏهن مان سمجهي نٿي سگهيس ته ڪو سَهو ڀي علم جي خدمت لاءِ يونيورسٽي ۾ ڪارگر ٿي سگهي ٿو. ايورينيوف اها ڳالهه مون کي چڱيءَ طرح سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته يونيورسٽين ۾ مون جهڙن شاگردن جي ئي ضرورت هئي. هو مون کي لومونوسوف  * جو مثال ٻڌائيندو هو. جيڪو هڪ غريب گهراڻي جو فرد هو ۽ پاڻ پڙهي وڃي ايڏي رتبي تي پهتو هئو.

        ايورنيوف مون کي اها صلاح به ڏني ته مان هن سان گڏجي هن جي ملڪ ’ڪازان‘ وڃان، جتي هو پاڻ به پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هئو. هن مون کي اهو يقين ڏيارويو ته هڪ ٻن امتحانن کان پوءِ مون کي اسڪالر

شپ ملي ويندي ۽ پنجن سالن جي اندر مان باقاعدي تعليم يافته ٿي ويندس. اها ڳالهه ايورنيوف کي آسان لڳندي هئي ڇاڪاڻ ته هو اڃا فقط اڻويهن سالن جو هئو ۽ هن جي طبع قربائتي هئي.

        ايورنيوف جي وڃڻ کان پوءِ مان به ٻن هفتن اندر هن جي پٺيان روانو ٿي ويس. نانيءَ مون کي الوداع ڪندي، هيٺئين نصيحت ڪئي، ”ماڻهن سان شوخي نه ڪجانءِ تون ڏاڍو ڪاوڙيل ۽ جهيڙالو ٿي پيو اهين. پنهنجي ناني ڏانهن نهار، هن انهيءَ طبعيت مان ڇا وٽيو آهي! هُو سڀڪنهن تي ڪاوڙ ڪندو رهيو، جنهن ڪري بيوقوفن وارو انت ٿيس. هاڻي ڪوڏيءَ ڪوڏيءَ لاءِ محتاج آهي. هيءَ ڳالهه ياد ڪجانءِ، خدا ماڻهن جا آزمودا نه وٺندو آهي. اهو شيطان جو ڪم اهي. چڱو خدا حافظ!“

        پنهنجي مُرجهايل ڳلن تان ڳوڙها اگهندي چوڻ لڳي، ”اسين هڪ ٻئي کي وري ڏسي نه سگهنداسين، تنهنجي پيرن کي ٽڪاءُ ڪونهي، تون پري پري ملڪن ۾ گهمندو وتندين، ۽ مان هتي مري وينديس!“

        پوين ڏينهن ۾ مون هن مٺڙي نانيءَ کي ڇڏي ڏنو هو، ڪڏهن ڪڏهن ئي هن سان ملڻ ويندو هوس، ۽ هاڻي جڏهن هن جي ڳالهه ياد ٿي اچيم تڏهن محسوس ٿو ڪريان ته اهڙي ويجهائپ ۽ پنهنجائي نه ٻئي ڪنهن سان ٿي سگهندم نه ئي ڪو ٻير ماڻهو ڪڏهن پيارو لڳندم.

        مون کي ياد اهي، ته ڇڏڻ مهل کيس جهاز جي ڪٽهڙي تان ڏٺم ته هوءَ هڪ هٿ سان صليب جو نشان بنائي رهي هئي ۽ ٻئي هٿ سان پنهنجي پراڻيءَ شال جي پلاند کي جهلي ڳلن تان ڳوڙها اگهي رهي هئي. هن جي اکڙين ۾ ماڻهن لاءِ اٿاهه محبت ڇوليون هڻي رهي هئي.

        آخر مان نيم تاتاري شهر ڪازان ۾ وڃي پهتس. منهنجي رهائش هڪ ماڙ واري گهر ۾ ٿي، جيڪو ننڍين ڪوٺين سان ڳتيو پيو هو. اهو ننڍرو گهر غريبن جي محلي ۾ گهٽيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ هو. ان جي هڪ پاسي هڪڙي جڳهه هئي. جنهن کا باهه لڳي هئي ۽ اها سڄي سڙي وئي هئي. ان جي آس پاس سَرَ ڄمي ويا هئا. ان جاءِ جي وچ ۾ جي گهاٽا جهنگلي وڻ ۽ ٻوٽا ڄمي ويا هئا. انهن مان جاءِ جا ڊٺل پڪ سرا حصا ٻاهر پيا جهاتيون پائيندا هئا. مون کي ياد آهي ته ان شريل جاءِ جي هڪڙي ڪشادي ڪوٺي، جا اڌو گابري اڃان بچيل هئي، ان ۾ رولو ڪتا ۽ پاڙي جون ٻليون رهنديون هيون ۽ مري به وينديون هيون. اها جاءِ منهنجي لاءِ هڪ سکيا گهر هئي.

        ايورنيوف ڪٽنب، جنهن ۾ هڪ ماءُ ۽ ان جا ٻه پت هئا، سو انهيءَ رن زال کي ملندر ٿوريءَ پينشن تي گذر ڪندو هئو. پهرين ٿورن ئي ڏينهن ۾ جڏهن هوءَ بازار مان سودو وٺي ايندي هئي ۽ خريد ڪيل سامان کي رڌڻي جي ميز تي کولي رکندي هئي، ته مون هن جي پريشانيءَ جو اندازو لڳائي ورتو. مون کي هن جي اُداس چهري تي، اهو سوال صاف ڏسڻ ۾ ايندو هئو. ته هِن پاءُ گوشت مان ٽن اسرندڙ جوانن لاءِ ڪيئن ڪو پورو ۽ سٺو کاڌو تيار ڪريان؟ اهو حساب ڪندي ويچاريءَ پاڻ کي ته ڳڻپ ۾ آندو ئي نه پئي. هوءَ ننڍي قد واري خاموش عورت هئي. هنجي ڀورين اکين ۾ نراسائيءَ ڀريل اهڙي همٿ ڏسڻ ۾ پئي آئي. ڄڻ هوءَ بگيءَ  سان ٻڌل هڪ ٿڪل ٽٽل گهوڙي هُجي. جنهن کي جيتوڻيڪ اهو پتو هو ته منزل تي پهچڻ ڏکيو آهي، تڏهن به بگي ڇڪندي ٿي رهي.

        اُتي پهچڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ هڪڙي ڏينهن صبح جو جڏهن ٻيا به ڇوڪرا اڃا بستري ۾ آرامي هئا، مان رڌڻي ۾ هن کي ڀاڄي تيار ڪرڻ ۾ مدد لاءِ ويس.

        مون کا پڇيائين: ”تون ڪازان ڇو آيو آهين؟“

        ”يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ.“

        هن جون ڀروون کڄي ويون ۽ هن جي نرار جي زرد چمڙيءَ ۾ خارَ کان گهنج پئجي ويا، ۽ هن جي هٿ کي ڀاڄيءَ واريءَ ڇريءَ جو وڍ اچي ويو. پنهنجي آڱر کي چوسيندي. هوءَ ڪريءَ تي ويهي رهي، پر جهٽ ٽپ ڏئي کڙي ٿي ۽ رڙ ڪندي چيائين ”لعنت هجيس!“ پنهنجي آڱر کي رومان ويڙهيندي ۽ مون ڏانهن ڏسندي، توڪ ڀرئي لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”تون ته پٽاٽن ڇلڻ جو استاد آهين!“

        اهو جُملو ٻُڌندي ئي مان جهاز جي پورچيخاني ۾ سکيل ڪم جي ٻٽاڪ ۾ شروع ٿي ويس. پر هُوءَ وچ ۾ روڪي چوڻ لڳي، ”ڇا تون سمجهين ٿو ته انهيءَ ڪري توکي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملندي!“ انهن ڏينهن ۾ اهڙين ڳالهين کي سمجهڻ منهنجي لا3 مشڪل هو. انهيءَ ڪري سندس ڳالهه کي بلڪل سنجيده سمجهي ٻڌايو مانس، ته ڪيئن نِڪ منهنجي دماغ ۾ خيال ويهاريو هو، ته ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين جي ڪري مون لاءِ علم جي محل جا دروازا کلندا.

        ”آهه، نِڪ، نِڪ!“ هن ٿڌو ساهه کنيو.

        ۽ بلڪل انهيءَ وقت هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ نِڪ بورچيخاني ۾ داخل ٿيو، جيتوڻيڪ هن جون اکيون ننڊا کڙيون ۽ وار ٽڙيل پکڙيل هئا. تڏهن به هو ڄڻ پنهنجي موج ۾ هو.

        ”اما، ڪي سٺا سنبوسا تيار ڪجانءِ.“

        ”هائو، ايئن ٿيندو.“ ماڻس جواب ڏنو.

        پنهنجي قابليت ڏيکارڻ لاءِ مون چيو: ”هي گوشت سنبوسن لاءِ س؟و ناهي، انهيءَ کان سواءِ آهي به ٿورو.“

        منهنجي بي خيالي ڳالهائڻ مسز ايورينوف کي ڪاوڙائي ڇڏيو. موت ۾ هن جي ڪاوڙ ڀريل اکرن منهنجا ڪن ئي کولي ڇڏيا. گجرون جيڪي ميز تي رکي رهي هئي تن کي پاسي اڇلائيندي هوءَ سَٽ سَٽ ڪندي بورچيخاني مان ٻاهر هلي ويئي.

        نِڪ اک ڀڃندي چيو، ”طبع ۾ تيزي اچي وئي اٿس.“

        هيٺ ويهندي چوڻ لڳو، ”عورتون مردن کان وڌيڪ جلد چِڙي پونديون آهن. هڪڙي سُئز علام انهيءَ ڳالهه کي سورنهن آنا سچو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي، ۽ هڪڙو انگريز فلاسافر ”جان استوئرت مِلِ“ پڻ انهيءَ نتيجي تي پهتو آهي.“

        نِڪ کي، استادن وانگر مون کي سبقن سيکارڻ مان ڏاڍو مزو ايندو هئو. هو موقعي جو فائدو وٺي منهنجي دماغ ۾ ڪا نئين ۽ اهم ڳالهه ويهاريندو ويندو هئو. واقعي اُهي گهڻو ڪري اهڙيون ڳالهيون هونديون هيون. جن جي علم کان سواءِ جيڪر حياتي گذارڻ مشڪل ٿي پوي. مان هن جا لفظ خيال سان ٻڌندو ويندو هوس، باقي نالن کي هڪ ٻئي سان مُنجهائي رکندو هوس.

        قربائتو نِڪ چاهيندو هئو، ته هو مون کي بهتر انسان بنائي. هن خود اعتماديءَ سان اهڙو انجام پاڻ سان ڪيو هئو، پر هن وت وقت جي ۽ ٻين ضروري ڳالهين جي، جن سان منهنجي باقائدي تعليم ٿئي، کوٽ هئي. جوانيءَ جي لاپرواهيءَ جي بي خياليءَ ڪري هو اها ڳالهه ڏسي نه سگهندو هئو، ته گهرجي پورائي لاءِ هن جي ماءُ کي ڪيترو وهيڻو ۽ ڳَهڻو ٿي پيو. هن جو درد مزاج ۽ ٿور-ڳالهائو، اسڪولي شاگرد ننڍو ڀاءُ ان پاسي پاڻ هن کان گهٽ ڌيان ڏيندو هو. پر مان ڏسندو پيو هوس، ته هوءَ عورت ڪهڙيءَ نه اٽڪل سان رڌ پچاءَ ۾ قياس سان ۽ خرچ پڱي ۾ ڪنجوسائي ڪري پرت ڪندي هئي. مان اهو به ڏسندو هوس ته هوءَ ڪهڙيءَ ريت پنهنجن ٻارڙن کان به لڪائي هڪڙي رکي ۽ اڻ سهائيندڙ عادتن واري ڌارئي ماڻهوءَ جي پيٽ پورت ڪندي ٿي رهي. انهيءَ ڪري هر گرهه، جو منهنجي گُجيءَ ۾ ويندو هو، منهنجيءَ دل تي ڇپ ٿي ڪرندو هو. انهيءَ ڪري مان اک – ٽيٽ سان ڪنهن نه ڪنهن ڪم جي تلاش ۾ هليو ويندو هوس.

        ايئن مان صبح جو سوير نڪري ويندو هوس، ته جيئن نيرن نه ڪرڻي پويم. سرد ۽ طوفاني هوائن ۾ ڀرواري سڙيل گهر جي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ويندو هوس، ۽ اُتي مئل ڪتن ۽ ٻلين جي ڍونڍ مان نڪرندڙ ڌَپَ، ٻاهر روڄ جهڙا آواز ڪندر هوا جي سوساٽن ۽ ڳوڙهن جيان ٽمندڙ مينهن جي وچ ۾ بيهي بيهي انهيءَ نتيجي تي پهتس ته منهنجو يونيورسٽيءَ ۾ تعليم وارو خيال اجايو هئو. بهتر هو ته ايران هليو وڃان ها. ايئن منهنجا خيالي قلعا ڀُرندا ويا، حالانڪه ان کان اول تصور ۾ مان پاڻ کي انهيءَ سفيدريش جادوگر وانگر سمجهندو هوس، جنهن اهڙي اٽڪل ڳولي ڪڍي هئي، جو وٽس اَن جا داڻا صوفن جيڏا وڏا ۽ پٽاٽا هنداڻن جيڏا ٿلها ٿي پوندا هئا. نيڪ دل جادوگر کي فقط پنهنجهي ڳڻتي نه هئي، پر سڄيءَ دنيا جو فڪر هئو. هن خيالپئي ڪيو ته انهن کان سواءِ ٻيون به بي انتها اتڪلون ڪري هن دنيا کي، جنهن ۾ زندگي گذارڻ ڏکي ڳالهه هئي، بيٺي بيٺي آسان ڪري ڇڏجي.

        ڪڏهن ڪڏهن خيالي تصورن ۾ مان پاڻ کيءَ جو کائتا سفر ۽ سورهيائيءَ جا ڪارناما ڪندي ڏسندو هوس. زندگيءَ جي ڏکين ڏينهن ۾ اهي تصور منهنجي لاءِ وڏي آٿت هئا. ۽ جيئن ته ڏکيا ڏينهن گهڻا هوندا هئا. تنهن ڪري جيئن پوءِ تيئن مان انهن تصورن ۾ وڌيڪ ڀڙٿيندو پئي ويس. مان نه ڪنهن ٻاهرين مدد لاءِ واجهائيندو هوس، نه ئي ڪنهن قسمت ۽ نصيب جو سوچيندو هوس. ايئن ڄڻ هوريان هوريان پنهنجي ارادي ۾ پڪو ٿيندو ويس، ۽ جيئن جيئن زندگي منهنجي لاءِ ڏکي ٿيندي پئي وئي تيئن تئين مان وڌيڪ نڊر ۽ سمجهو ٿيندو پئي ويس. مون انهيءَ ننڍيءَ عمر ۾ اها ڳالهه محسوس پئي ڪئي ته ماڻهو تڏهن ئي ماڻهو ٿئي ٿو، جڏهن هو پنهنجي حالات کي ڏسندي ۽ انهن مان گذرندي سکي ٿو.

مان پاڻ کي بک کان بچائڻ لاءِ وولگانديءَ جي دِڪن تي ويندو هوس. اُتي اونهاري ۾ ماڻهو پندرهن کان ويهن ڪوپيڪن تائين ڪمائي سگهيو ٿي. اتي جي مزدورن، رولاڪن ۽ چورن ۾ مان پاڻ کي لوهه جي اهڙي سيخ وانگر محسوس ڪندو هوس، جنهن کي باهه جي تتل کوري ۾ ڦتو ڪيو ويو هجي. اتي منهنجو سڄو ڏينهن ڏک ڏيندڙ ڳالهين کي ڏسندي ۽ سهندي گذري ويندو هو. اُتي اهڙيءَ طوفاني دنيا جو مشاهدو ڪندو هوس، جنهن ۾ ماڻهن جي طبع بي رخيءَ ۽ سَڌن ۾ گهيڙيل ۽ پنهنجي مثال پاڻ پئي گذرندي هئي. انهن ماڻهن جي سخت گذاري، دنيا جي هر شيءِ سان دشمنن جيئن برتاءُ ڪندي، ۽ خود پنهنجي حال کان به لاپرواهيءَ ۾ رهندي ڏسي، مان عجب کائيندو هوس ۽ انهن تي ريس ڪندو هوس. منهنجا جيڪي ڏينهن انهن کي ڏسندي گذريا، اهي انهن سان ويجهائپ ۾ گذريا، جنهن جي انهن کي ڄاڻ به ڪانه هئي. مُنهنجيءَ دل ۾ خواهش پيدا ٿيندي هئي، ته هنن جي ان طرح گذرندڙ دنيا ۾ مان به ٽپو ڏئي بيهي رهان. دل لڳائڻ ۽ هار جا قصا ۽ ٻيا ٺڙڪائو ناول جيڪي مون پرهيا هئا، اهي ياد ڪندي، منهنجي دل ۾ هنن جيئرن جا ڳندن ماڻهن جي دنيا ڏانهن وڌيڪ ڪشش ۽ اُتساهه پيدا ٿيندو هو.

        اتي هڪرو ”باشڪن“ نالي سلهه ۾ ورتل عادتي چور به هوندو هو، جو ڪنهن زماني ۾ ماسترن جي ڪاليج ۾ شاگرد هوندو هو. هو ڏاڍيءَ بلاغت سان مون کي هر کائي چوندو هو، ”اڙي ڇوڪرين وانگر ڇو ٿو ڇرڪين؟ ڇا پنهنجي آبروءَ جو خيال ٿو ڪرين؟ عورت لاءِ هن جي آبرو سموري دولت آهي، مگر تنهنجي لاءِ اها راهه جي رنڊڪ آهي.....پَٽ، ڏاند ايماندار جانور آهي، پر هو پنهنجو پيت رڳو پلال سان ڀري سگهي ٿو.“

        باسڪن قد جو ننڍو هو. هن جون ڏاڙهي مڇون ائڪٽرن وانگر صاف هونديون هيون. هن جي نازڪ، چستيءَ ڀريل چال کي ڏسي ٻليءَ جو پونگڙو ياد اچي ويندو هوم. هو مون کي هدايتون ڏيندو هو ۽ غلط راهن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. مان سمجهندو هوس، ته هو پنهنجي سچيءَ دل سان منهنجي خوشي ۽ خوش نصيبي ڏسڻ جو خواهان آهي. هو ڏاڍو سمجهو هو ۽ ڪيترائي ناول پرهيا هيائين، جن مان ”دي ڪائونٽ آف مانٽي ڪرسٽو“ هن جو ڏنل ناول هئم.

        هو چوندو هو، ”ان ڪتاب ۾ مزو به آهي ۽ مقصد به.“ هو عورتن لاءِ ڇتر هوندو هو. چپن جي چشڪي طور هو جڏهن عورتن جو ذڪر وڏي جوش سان ڪرڻ لڳندو هو، ته ان وقت هن جي ڪمزور جسم ۾ ڄڻ برقي لهر ڊوڙي ويندي هئي. جيتوڻيڪ مون کي ان قسم جي ڳالهين کان نفرت ٿيندي هئي، پر هن جي بيان جي رنگينيءَ خاطر هن جون ڳالهيون ٻڌندو هوس.

        ”عورتن، عورتن.......“ هو سُر سان چوندو هئو. هن جي زرد ڳلن تي تازگي ۽ هن جي ڪارين اکين ۾ جوش کان چمڪ پيدا ٿي ويندي هئي، ”عورتن جي لاءِ، مان سب ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار اهيان. جهڙيءَ ريت شيطان لا3 ڪو گناهه ڪونهي، اهڙي ريت عورت لاءِ به ڪو گناهه ڪونهي. پنهنجي زندگيءَ ۾ پيار ۽ صبر ڪرڻ گهرجي. ان کان وڌيڪ بهتر ٻي شيءِ خلقي ئي نه وئي آهي.“

        هن کي قصن ۽ ڪهاڻين بيان ڪرڻ جو ڏات هئي. هو جهت پت سواءِ ڪنهن نڪليف جي، رنڊين لاءِ سندن ناڪام محبت تي شعر ٺاهي وٺندو هو. اهي شعر وولگانديءَ جي سڀني شهرن ۾ ڳايا ويندا هڍا. انهن ۾ي هيٺيون شعر ڏاڍو مشهور ٿي ويو هئو.

        ”جڏهن ڇوڪري شڪل ۽ صورت جي ڪوجهي آهي.
        ۽ هن جا ڪپڙا به سادا سودا ۽ فئشني ناهن.
       

ته پوءِ ڪير هن سان شادي ڪندو؟

        ته پوءِ ڪير هن سان   پيار   ڪندو؟


        ”ٽروسو“ نالي هڪڙو اڻ پرهيل ماڻهو به منهنجو خير خواهه هئو. هُو شڪل جو ٺاهوڪو، ڪپڙي لٽي ۾ موچارو هوندو هو. هن جون آڱريون موسيقارن وانگر نازڪ هونديون هيون. هن کي هڪڙو ننڍڙو دڪان هوندو هو، جنهن جي مٿان ”گهڙي ساز“  جو بورڊ لڳل هوندو هو، پر اندر اُتي چوريءَ جي مال جي نيڪال ڪرڻ جو ڪم هلندو هو.

        ”چوريءَ کان پاسو ڪجانءَ.“ هو پنهنجي سفيد ٿيندر ڏاڙهيءَ تي هٿ گهمائي. پنهنجون همٿ ڀروين ۽ تريانڪ اکيون ڦوٽاريندي چوندو هئو. ”اها راهه تُنهن جي لاءِ ناهي. مان ڏسان ٿو ته تون ٻئي قسم جو ماڻهو آهين.“

        ”ٻئي قسم مان تنهنجو مطلب ڇاهي؟“

        ”اهو ماڻهو جنهن جي دل ۾ ساڙ نه پ تجسس آهي.“

        اها ڳالهه مون بابت صحيه نه هئي. مون کي ڪڏهن ڪڏهن گهڻين ڳالهين جو ساڙُ ٿيندو هئو. باشِڪن جي ڳالهائڻ جي ڏات، هن جي شاعراڻي طرز بيان ۽ بيان صنايع ۽ بدايع جي اُٿل تي ساڙ ٿيندو هيم. ان کي ريس چئي ٿي سگهيس. مون کي هن جي هڪڙي بيان ڪيل پيار ڀرئي قصي جي شروعات اڃا تائين ياد آهي. ”هڪڙيءَ رات جڏهن آسمان ڪڪرن سان ڀريل هُئو، ۽ مان وڻ جي پور ۾ ويٺل اڪيلي چٻري جيان، هڪڙي سُڃي ڳوٺ جي هوتل جي ڪمري ۾ تن تنها ويٺو هوس. آڪٽوبر جو مهينو ۽ سرءُ جي موسم هئي. مينهن هوريان هوريان پئجي رهيو هو ۽ هوا اهڙيءَ ريت سرد آهون ڀري رهي هئي، جهڙيءَ ريت ڪجو مصيبت زده تاتاري پنهنجي غم کي دور ڪرڻ لاءِ لاڳيتو ”او-او“ ڪري گيت ڳائڻ شروع ڪندو آهي......

        .....آخر ڪار هوءَ آئي. صبح جي بادل وانگر گلابي ۽ ناذڪ. هن جي اکين ۾ اندر جي ٺڳي پئي بکي. ”منهنجا محبوب!“ هن جي آواز ۾ سچائيءَ جو ڏيک هو.

        ”مون تو سان ڪابه بيوفائي نه ڪئي آهي.“ مون ڄاتو پئي ته هوءَ ڪوڙ ڳالهائي رهي هئي، پر انهيءَ هوندي به مون هن تي اعتبار ڪيو. منهنجي دماغ کي پڪ هئي، پر منهنجي دل کي ويسهه ئي نه ٿي آيو، ته هوءَ بيوفائي ٿي سگهي ٿي.“

        ٽَروسو پنهنجو اکيون اڌ بند ڪري ڳالهه ڪندو هو. هن جو بت، سُرَ ۽ تار سان گڏ لڏندو هو ۽ گهڙيءَ گهڙيءَ ڳالهه جي سچائيءَ لاءِ هٿ کي سهڻي نموني کڻي دل جي مٿان رکندو هو.

        هن جو آواز هميشه هڪَ – ڪَرو هوندو هو، پر هن جي شاندار لفظن ۾ بلبل جي لات جو رس هوندو هئو.

        مون کي ٽرسو سان به ريس ٿيندي هئي. هو سائيبريا ۽ بخارا بابت مزيدار ڳالهيون ٻڌائيندو هئو. جڏهن هو پادرين جو ذڪر ڪندو هئو. ته هن جي لهجي ۾ مزي سان گڏ طنز به ڀريل هوندي هئي. هڪڙي ڏينهن زار الئگزينڊر ٽئين لاءِ حيرت ۾ وجهندڙ نموني چوڻ لڳو، ”هي زار --- هي پنهنجن ڪم ڪارين ي چڱيءَ ريت سنڀالي ٿو ڄاڻي.“

        ٽروسو مون کي ناولن جي انهيءَ بدمعاش وانگر ڏسڻ ۾ ايندو هئو، جيڪو ڪتاب جي خاتمي وقت حيرت انگيز نموني نيڪ دل سورمو نڪري پوندو هئو.

        ڪڏهن ڪڏهن گهُٽ وارين راتين ۾، هي ماڻهو ڪازنڪا ندي پار ڪري ان جي ڪناري تي پکڙيل چراگاهن ڏانهن هليا ويندا هئا. اتي ٻوٽن جي وچ ۾ ويهي کائيندا پيئندا ۽ پنهنجين ڳالهين جو ذڪر ڪندا هئا. يا گهڻو ڪري زندگيءَ جي منجهارن. انسانن جي وچ ۾ منجهائيندر لڳ لڳاپن ۽ سڀ کان زياده عورتن تي خيال آرائي ڪندا هئا. هو انهن پوين ڳالهين جو ذڪر خار ۾ اداسائيءَ ۽ بيڪسيءَ سان ڪندا هئا. انهن جي ڳالهين ۾ هميشه اُنهيءَ ڇِرڪيل ماڻهوءَ وارا جذبا لڪل هوندا هئا جو ڪنهن خوفناڪ تاريڪيءَ ۾ اهڙي نموني نهاريندو هجي، ڄڻ ته هن کي اُتي ڪن نامعلوم ڀوائتين بلائن جي ڇَپِ هڻي ويهڻ جو خدشو هجي.

        مون به هنن سان اُتي ٻه ٽي راتيون اونداهي آسمان ۽ ڌنڏلن ستارن هيٺ گڏ گذاريون. اسين هڪڙي گهاري ۾ ستا پيا هئاسين، جنهن جي ڪنارن تي بيدن جا وڏا ٻوٽا ڄاول هئا. اتي ڏاڍي گهُٽ ۽ گرمي لڳي پئي هئي. اسان کي گهميل اونداهيءَ مان، (گهميل انهيءَ ڪري جو وولگا ندي ويجهي هئي) جهازن جي کوهن ۾ روشن ٿيل بتيون. ڪوريئڙن وانگر هر ڪنهن طرف سرڪنديون ڏسڻ ۾ پئي آيون ۽ نديءَ جي ٽڪرائين ڪناري تي دونهون ۽ مَچُ ۽ ان سان لڳ شاهوڪار شهر ؟اُسلان“ جي هوٽلن ۽ گهرن جون دريون روشن ڏسڻ ۾ ٿي آيون. پاڻيءَ ۾ جهازن جي چرخين )ڦادلي) جي هلڻ جو اواز گُهٽجي ٿي نڪتو. خلاصي ڀرسان لنگهندڙ بتين تي رڙيون ڪري رهيا هئا. انهن جو ڪوڪرو بگهڙن جي اوناين وانگر ٿي لڳو. ويجهو ڪٿي هٿوڙي سان لوهه کي ڪٽڻ جو آواز ٿي آيو. ڪنهن دکيءَ دل مان نڪرندڙ راڳ جو آواز پاڻيءَ تي پکڙجي پئي ويو. راڳ جي سوز ڀرئي اثر دل ۾ باهه لڳائي ٿي ڇڏي.

        انهيءَ راڳ کان به وڌيڪ اداس ڪندر پنهنجن ساٿين جون زندگيءَ بابت ڳالهيون هيون. ڪنهن ماڻهوءءَ پنهنجي دل جون پئي ڳالهيون ڪيون ۽ مشڪل سان ٻئي جي ڳالهين کي ڪن ڏئي پئي ٻڌائين. هو وڻن جي هي؟ان آهليا پيا هئا. تماڪ پئي ڇڪيائون. ٿورو ٿورو بير يا ووڊڪاپئي پيتائون ۽ پنهنجون گذريل ڳالهيون پئي بيان ڪيائون.

        ”مون سان هيءَ روئداد پيس آئي.....“ ڪو پنهنجي ڳالهه بيان ڪرڻ لڳو هو. جڏهن هن جي ڳالهه ختم ٿي ويئي، ته ٻيا ماڻهو هنن جي ها ۾ ها ملائي چوڻ لڳا: ”هائو، اهڙيون ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. هر ڪا ڳالهه ٿي سگهي ٿي.“

        ”ايئن ٿيو هوندو“، ايئن ٿئي پيو“، ؟ايئن ٿيو هو“، جا لفظ منهنجن ڪنن ۾ ايترا ته ٻڌڻ ۾ آيا، جو مان سمجهڻ لڳس ڄڻ اڄ رات هي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي پوئين پهر کي اچي پهتا آهن. جڏهن سڀڪا ڳالهه ٿي چڪي آهي، ته باقي وڌيڪ ڇا ٿي سگهيو ٿي!؟

        انهن ڳالهين جي احساس، منهنجن خيالن کي باشڪن ۽ ٽروسو کان پري ڪري ڇڏيو. انهيءَ هوندي به مان هنن کي پسند ڪندو هوس ۽ جيڪي ڪجهه زندگيءَ ۾ آزمودو حاصل ڪيو هوم، انهيءَ جي تقاضا اها هئي، ته مان به هنن واري راهه اختيار ڪريان. پنهنجي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ کي ڪنهن درجي تي پهچائڻ وارين اميدن جي ناڪاميابي به مون کي هنن جي پوئواري ڪرڻ لاءِ مجبور پئي ڪيو. بک، تڪليفن ۽ نا اميديءَ جي گهڙين ۾ مان پاڻ کي ڪنهن به ڏوهه ڪرڻ لاءِ آمادهه محسوس ڪندو هوس. پر جوانيءَ جي تصورن ۽ امنگن مون کي اهڙي ڏوهن واري رستي اختيار ڪرڻ کان روڪيو ٿي. انهيءَ کان سواءِ بِريٽ هارٽ، جنهن جي ناولن ۾ انساني همدردي ڀريل هوندي هئي ۽ ٻيا ڪيترائي سستا پر سنجيدا ڪتاب، جي مون پڙهيا هئا، انهن منهنجي دل ۾ جيڪي ڪجهه منهنجي چوگرد وهي واپري رهيو هو. تنهن جي بجاءِ ڪن ٻين بهتر ڳالهين لاءِ امنگ ٿي پيدا ڪئي. اهي ڳالهيون جيتوڻيڪ منهنجي ذهن ۾ صاف نه هيون، پر پنهنجي آسپاس جي ماحول وارين ڳالهين کان وڌيڪ وزندار هيون.

        ساڳئي وقت، مُنهنجي نئين قسم جي واقفيت ٿي رهي هئي، ۽ مان نيون ڳالهيون ٻڌي رهيو هوس. ايورنيوف جي گهر ڀرسان پيل خالي ڪوٺيءَ ۾ راند کيڏڻ لا3 ڪيترائي هاءِ اسڪول جا شاگرد اچي ڪٺا ٿيندا هئا. انهن مان منهنجي دلچسپي گوري پليٽينوف نالي شاگرد ۾ ڏاڍي وڌي ويئي. هن جوان جو رنگ سانورو، وار جاپانين وانگر نيرڙا ڪارا ۽ منهن تي داغ هئس. ڄڻ سندس چهري تي ڪنهن بارود ملي چڏيو هئو. هو هميشه گل مک، ۽ حاضر جواب ۽ راندين ۾ هوشيار هوندو هئو. هن کي ڪيتريون ئي مختلف قسمن جون اٽڪلون اينديون هيون ۽ اڪثر روسين وانگر جيڪي به قدرت هن کي ڏنو هو. انهيءَ تي راضي هو. باقي پنهنجي طرفان انهن اٽڪلن ۽ ڪاريگرين کي ترقي ڏيارڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪندو هئو. هن کي موسيقيءِ لاءِ چاهه ۽ ان جي سمجهڻ ۽ وڄائڻ جي ڏات هوندي هئي. هو ڪي ساز تمام سٺي نموني وڄائي به سگهندو هئو. پر پاڻ کي ڪنهن بهترين ساز وڄائڻ ۾ ماهر بنائڻ جي ڪوشش نه ڪندو هئو، هو غريب هو ۽ ڪپڙا به چڱا پاتل نه هوندا هئس، پر سندس ڦاٽل قميص، چتيون لڳل پتلون ۽ مَرن تائين کُٿل بوت وري به هن جي جاڻٺي جسم تي ٺاهوڪا لڳندا هئا. هن جي حالت انهيءَ بيمار وانگر هوندي هئي. جنهن تازو کٽ ڇڏي هجي، يا انهيءَ قيديءَ وانگر هئي، جيڪو تازو قيد جي بند مان آزاد ٿيو هجي. هر شيءِ، جيڪا هن کي آڏو ايندي هئي، سا هن کي نئين لڳندي هئي ۽ پئي وڻندي هئي. ڳالهه ڳالهه تي هو خوشيءَ سان واڪا ڪرڻ لڳندو هو ۽ راند جي ميدان تي ته سرهائيءَ مان ايئن ٺينگ ڏيندو هو ڄڻ ڪنهن ڦٽاڪي کي باهه ڏني وئي هجي.

        جڏهن هن کي پتو پيو ته مان ڪهڙا نه ڏکيا ڏينهن گذاري رهيو آهيان، تڏهن مون کي چوڻ لڳو ته ”مون وت اچي رهه ۽ اتي ماستريءَ جي امتحان لاءِ پڙهائي اچي ڪر.“ هن جي ان سڀاءَ تي موهت ٿي، مان هن جي ڊٺل پر عجيب ۽ ڀوائتي گهر، جنهن کي ’ارو سويڪا‘  ڪري چوندا هئا، هليو ويس. مون کي پڪ ٿي ته انهيءَ گهر ۾ شاگردن جو هڪ نسل يا ٽهي رهي چڪي هئي ۽ ايئن محسوس ٿيم ڄڻ ان جاءِ کي غريب بکين شاگردن، بازاري عورتن ۽ هتان هتان جي ڪمائيءَ تي گذارن ڪندي پنهنجي جاءِ سمجهي ورتو هو. پليٽينوف، هال جي ڀرسان ڏاکڻ جي هيٺان ڪوٺيءَ ۾ رهندو هو. هن جي کت ڏاڪڻ جي هيٺان ۽ هن جي ڪريسي ۽ ميز ڪنڊ ۾ دريءَ وٽ پيل هونديون هيون. ان کان وڌيڪ هن وت ٻيو ڪو سامان ڪونه هو. ان جا: ۾ ٽي ٻيون ڪوٺيون به هونديون هيون، جن جا منهن هال ڏانهن هوندا هئا. ٻن ۾ ڪسبياڻيون رهنديون هوين ۽ ٽينءَ ۾ هڪ سلهه ۾ مبتلا حساب دان رهندو، جو ڪجهه وقت اڳ ڪاليجي شاگرد هو. هو قد جو ڊگهو، بت جو ڏٻرو، ڏسڻ ۾ البت ڀوائتو لڳندو هو. هن جي مٿي جا وار کهرا ۽ سرخ هوندا هئا. هن جي بت تي ڪپڙا ميرا ۽ اڳڙيون ٿيل هوندا هئا، جي مشڪل سان هن جا اگهاڙپ ڍڪي سگهندا هئا. هن جي انهن ليٽرون ليٽر لٽن جي وٿين مان هن جي نيراڻ مائل چمڙي ۽ پٺيءَ جو ڪرنگهو صاف ڏسڻ ۾ ايندو هو. ايئن لڳندو هو، ته هن جو گذر هن جي نَهن تي هو، جن کي سدائين وات سان اوستائين پيو ڪَرٽيندو هئو. جيستائين هن جي آڱرين مان رت وهڻ لڳندو هئو. سڄو ڏينهن جاميٽريءَ جون شڪليون ڪڍي حسابي مسئلن تي مٿو هڻندو ۽ کنگهندو رهندو هئو. ڪسڀياڻيون هن کي چريو سمجهي هن کان ڊڄنديون هيون، پر هن تي ڪهل آڻي هن جي دروازي جي اڳيان ماني، چانهه ۽ کنڊ رکي وينديون هيون. هو ڪمري مان ٻاهر نڪري ٿڪل گهوڙي وانگر ڦوڪارا هڻي، اهي شيون اندر کڻي ويندو هئو. جيڪڏهن ڀَل کان يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري ڪسڀياڻين کان اهي شيون اتي رکڻ وسري وينديون هيون، ته هو پنهنجيدر وت بيهي وٺي واڪا ڪندو هو، ”کادو“، ”کاڌو“.

        ڪارن ڇانورن ۾ هن جون مالڪيخوليا واريءَ مستيءَ ۾ ٻڏل اکيون، کجن مان هن کي پنهنجي وڏ-پڻي جي يقين جي خوشي نمايان ڏسڻ ۾ ايندي هئي. پيون چمڪنديون هيون. هن وٽ ڪڏهن ڪڏهن هڪرو ڪُٻڙو ۽ لنگڙو ماڻهو ملڻ لاءِ ايندو هئو. جنهن جي ڏاڙهي سفيد هوندي هئي. سُڄيل نَڪ جي مٿان ٿلهن شيشن واري عينڪ پئي هوندي هئي، ۽ زرد ڳلن تي حرفت ڀريل مرڪ پکڙيل هوندي هئي. هو ٻئي دکر بند ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ خاموش ويٺا هوندا هئا. پر هڪڙيءَ رات جو حساب دان جي چرين وانگر ڪيل اوچتين رڙين مون کي ننڊ مان جاڳائي ڇڏيو....”قيد! مان چوان ٿو، قفس، ڪٿا بند! جا ميٽري قيد آهي.!“.

        ڪٻرُو جواب ۾ حرفت ڀريا ٽهڪ ڏيڻ لڳو ۽ ور ور ڪري ڪو عجيب لفظ چوڻ لڳو، جيڪو مون کي سمجه ۾ نه ٿي آيو.

        ”توتي لعنت هجي! هليو وڃ!“ حساب دان واڪو ڪيو.

        هن جو تڙيل ملاقاتي، ڪمري ۾ ڪاوڙ مان پئي سهڪيو ۽ پنهنجي توپي پئي ٺاهيائين. سُڪو ۽ ڀوائتو حساب دان در وٽ بيهي پنهنجون آڱريون وارن ۾ گهمائي هن کي رر ڪري چئي رهيو هئو: ”يوڪلڊ بيوقوف آهي بيوقوف! مان توکي ثابت ڪري ڏيکاريندس ته خدا انهيءَ يونانيءَ کان وڌيڪ عقلمند آهي.“ ۽ هن دروازو اهڙي زور سان بند ڪيو، جو هن جي ڪمريل جون شيون پت تي اچي ڪريون.

        مون کي پتو پيو ته حساب دان حسابن رستي خدا جي وجود ثابت ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، پر هو پنهنجو ڪم اڻ پرو ڇڏي مري ويو.

        پليٽينوف هڪڙي پرنٽنگ پريس ۾ ڪم ڪندو هئو، جتي هو رات جو اخبار جا پروف ڏسندو هو. جنهن جي عيوض ۾ هن کي ٻارنهن ڪوپيڪ ڏهاڙي ملندا هئا. جڏهن مون کي ڪم نه لڳندو هئو، ته اسين ٻئي انهي پئسن مان ماني ۽ چانهه وٺي ڏينهن جو گذر ڪندا هئاسين. پڙهائيءَ سبب مون کي ڪم لاءِ بلڪل ٿورو وقت بچندو هو. سائنس کي سمجهڻ اوکو ۽ گرامر ۽ ان جي گردانن کي منهن ڏيڻ مون کي منجهائي رکندو هو، ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ وسيع ۽ مشڪل روسي زبان جا ڦيرا حل ڪرڻ پنهنجي وس کان ٻاهر سمجهندو هوس، پر شڪر، جو جلد ئي مون کي پتو پئجي ويو ته جيڪڏهن مان اهو امتحان پاس به ڪيو، ته به مون کي نوڪري نه ملي سگهندي، ڇاڪاڻ ته منهنجي عمر اڃا ننڍي هئي.

        پليتينوف ۽ مان ساڳيءَ کٽ تي سمهندا هئاسين. هو ڏينهن جو ۽ مان رات جو. صبح جو سوير جڏهن هو رات جي ڪم کان ٿڪل ٽٽل ۽ منهن لٿل ۽ اکين سڄيل موٽندو هو. ته مان، (ڇاڪاڻ ته اسان وٽ سماوَرُ ڪونه هو) ڊُڪي وڃي هوٽل تان گرم پاڻي کڻي ايندو هوس، پوءِ هو ۽ مان دريءَ جي ڀرسان رکيل ميز وت ويهي چانهه ۽ مانيءَ سان پنهنجي نيرن ڪندا هئاسين. پليٽينوف اخبار ۾ شايع ٿيل خبرون ۽ هڪڙي مواليءَ ”سرخ ڊامينوف“ جي نالي سان ڪالم لکندر جا مزاحيه شعر پڙهي ٻڌائيندو هئو. هن جو زندگيءَ ڏانهن طنز ڀريو رفويو مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو هئو. مون کي ايئن لڳندو هئو، ته هن جي زندگيءَ سان به اهڙي روش هوندي هئي. جهڙي ڳوٽول ”گالڪينا“ سان جيڪا عورتن جي پراڻن ڪپڙن ۽ ٻين اهڙي قسم جي واهيات شين جي وڪڻڻ جو ڪم ڪندي هئي.

        ان عورت ئي هن کي اها ڏاڪڻ جي هيٺان اونداهي ڪنڊ، مسواڙ تي ڏني هئي، پر جهيئن ته هن وٽ مسواڙ لاءِ ڏوڪڙ ئي هوندا هئا. تنهنڪري هو ان جي عيوض هن کي چرچا، هارمونيڪا ۽ جذبن کي باهه لڳائيندڙ راڳ ٻڌائيندو هئو. جيئن ئي هو هلڪن سُرن ۾ راڳ ڳائڻ لڳندو هو، ته گالڪينا جي اکين ۾ ڌڪاڻل پاڻَ هُرتي چڻنگ پيدا ٿي ويندي هئي. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ هوءَ آپيرا ۾ ٻين سان راڳ ڳائڻ جو ڪم ڪندي هئي، تنهنڪري راڳ سان سندس لنوَ لڳل هئي. اکين مان ڳوڙهن جا نار سندس گلابي ۽ ماس سان ڀريل ڳلن تان، (جن تي شراب پيئڻ ۽ گهڻي کائڻ جا نشان ظاهر هوندا هئا) وهڻ لڳندا هئا. هوءَ پنهنجين سنهين آڱرين سان ڳوڙها اگهي، گندي رومان سان آڱريون صاف ڪري ڇڏيندي هئي. پوءِ هوءَ ٿڌو ساهه کڻي کيس چوندي هئي: ”پليٽي، تون ڪيترو نه دلڪش فنڪار آهين! جيڪڏهن تنهنجي شڪل ٿوري ٺاهوڪي هجي ها ته مان تنهنجو بندوبست ڪري وجهان ها. مان ڪيترن ئي جوانن سان اهڙين عورتن جو ميل ڪرايو اهي، جن جون دليون اڪليلائي کان دانهون ڪنديون آهن.“

        اهڙن جوانن مان هڪرو اسان جي مٿان رهندو هئو. هو هڪڙي پوستين وڪڻڻ واري جو پت ۽ شاگرد هئو. هن جو قد وچٿرو، ڇاتي موڪري ۽ چيلهه ايتر سنهي هوندي هئي، جو ذري گهت بڇڙي لڳندي هئي. هو اهڙي ٽڪندي وانگر لڳندو هو، جيڪو پنهنجي ليٽيل ڪنڊ تي پيو هجي. هن جا مرا عورتن جي مُرن وانگر نازڪ هئا. هن جو مٿو جنهن تي سُرخ وار هوندا هئا، هن جي بت جي تناسب آهر ننڍرو، هن جي ڪلهن ۾ لِڪو پيو هوندو هو. هن جي ساين اکين جا ٻاهر نڪتل دوڏا، هن جي رت کان خالي پيلي چهري مان سنجيده نموني پيا واجهائيندا هئا.

        پنهنجي پيءُ جي چوڻ جي انحراف ڪري، ڏاڍا ڏک  ڏسي، بي گهر ڪتي وانگر بکون ڪڍي، هو يونيروسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي درجي تي اچي پهتو هو. اهو ڏسي ته هن جو آواز مٺو ۽ پرسوز آهي. هن راڳ سکڻ جو ارادو ڪيو هئو. راڳ جو نمونو ڪري گالڪينا هن کي هڪڙي شاهوڪار واپاريءَ جي زال ٺاهي ڏني هئي. ان عورت جي عمر چاليهه سال کن هئ. ان عورت جي عمر چاليهه سال کن هئي ۽ هن کي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي، جي اسڪول ۾ پڙهندا هئا. هوءَ بت جي سنهڙي، قد جي سڌي هئي، ۽ هن جي چال بنڪواز ڪندر سپاهيءَ جهڙي هوندي هئي. هن جو چهرو دنيا کي تياڳ ڪيل ديوداسيءَ وانگر شوق ڀريل جذبن کان خالي هوندو هئو. هن جون وڏيون اکيون هن جي ڪارن کوپن ۾ پرويون پيون هونديون هيون. هوءَ هميشه ڪارا ڪپڙا پهريندي هئي. مٿي تي جهوني قسم جي ريشم جو رومال ويڙهيل هوندو هوس ۽ ڪنن جي ايرينگن جا موتي چهچ ساوا هوندا هئس.

        هوءَ صبح جو سوير يا شام جو مُنهن اونداهيءَ ويل شاگرد جي تلاش ۾ ايندي هئي. مون هن کي ڪيترائي ڀيرا ڏٺو هو ته ٻاهرئين دروازي مان تڪڙو لنگهي. اڱڻ مان هوريان هوريان وکون کڻندي ويندي هئي. هن جي منهن ۾ ڪا اهڙي ڳالهه هوندي هئي. جنهن ڪري اهو ڀوائتو لڳندو هو. هن جا چپ ايتري قدر ڀيڪوڙيل هوندا هئا. ڄڻ ته هئا ئي ڪونه. هن جون اکيون بلڪل بڇڙيون ۽ بي زيبيون هونديون هيون. توڙي جو اهي پٽيل هونديون هيون. تڏهن به نابين پيون محسوس ٿينديون هيون. حقيقت ۾ هوءَ اهڙي ڀوائتي  ڪانه هئي. پر جنهن نموني بت کي سِيٽي ۽ منهن کي ڇِڪي ڇڏيندي هئي، اهو هن کي بڃڙو بنائي ڇڏيندو هئو.

        ”ڏس“ پليٽينوف چوندو هئو. ”چرين وانگر ٿي لڳي نه!“

        شاگرد هن کان نفرت ڪندو هو ۽ لڪو وتندو هئو. پر هوءَ هن جي پٺيان جاسوس يا مڇڏو قرضدار وانگر لڳي وتندي هئي.

        ”منهنجا ٻئي جهان ويا،“ هو شراب جي نشي ۾ کلي روئڻهار ڪي نموني چوندو هئو، ”مان راڳ ڳائڻ جو ڪم ڇو سکي رهيو آهيان؟ منهنجي شڪل ۽ شبيهه اهڙي آهي، جو مون کي اسٽيج جي ويجهو اچڻ ئي نه ڏيندا، ڪڏهن ڀي اچڻ نه ڏيندا.“

        ”پوءِ انهيءَ ڪم کي ٿڪ ڇونه ٿو هڻي ڇڏين!“ پليتينوف هن کي سمجهائيندي چوندو هئو.

        ”هائو، پر مون کي هن تي افسوس ٿو ٿئي. هائو --- مون کي هن جي شڪل ڏٺي نه ٿي وڻي، پر تنهن هوندي به هن تي افسوس ٿو ٿئيم! ڪاس توهان کي پتو هجي ته هوءَ....“

        سان کي پتو هو. اسان هن کي ڪيترائي ڀيرا ڏاڪڻ تي ليلائيندي ۽ وينتيون ڪندي ٻڌو هو. ”خدا جي واسطي...مٺا سائين، خدا جي واسطي...“

        هوءَ هڪڙي وڏي ڪارخاني جي مالڪياڻي هئي. هن وت وڏي جائداد ۽ پنهنجا گهوڙا هئا. هوءَ ڪيترن ئي اسڪولن، ويم گهرن کي هزارين روبل چندا ڏيندي هئي ۽ ساڳي عورت هن جي اڳيان پيار جي خيرات پنڻ لاءِ پينُن وانگر منٿون ڪندي هئي.

        نيرن کانپوءِ پليٽينوف هنڌ جي حوالي ٿيندو هو ۽ مان ڪم جي تلاش ۾ هليو ويندو هوس ۽ رات جو دير سان انهيءَ وقت موٽندو هوس، جڏهن هو ڪم تي وڃڻ لاءِ تيار ويٺو هوندو هو. جيڪڏهن مان ڪجهه کاڌو پاڻ سان آڻيندو هوس، ته ان کي ورهائيندا هئاسين. هو پنهنجو اڌ پنهنجي ڪم تي کڻي ويندو هو.

        جڏهن هو هليو ويندو هو، ته مان پنهنجي ”مارو سوڪا“ بلڊنگ جي هال ۽ پاسن ۾ گهمڻ لڳندو هوس ۽ ان بلڊنگ ۾ رهندر ماڻهو، جي منهنجي لاءِ نوان ۽ اوپرا هوندا هئا، تن جي زندگيءَ جو مشاهودو ڪرڻ لڳندو هوس. بلڊنگ ماڪوڙين جي ڏرڙ وانگر ماڻهن سان ڀريل هوندي هئي. سڄيءَ جاءِ مان گندي ۽ ڪني بوءِ ايندي هئي ۽ ان جي ڪنڊن ۾ ڀوائتا اونداها پاڇا پکڙيا پيا هونداهئا. صبح کان شام تائين چِرٻٽو لڳو پيو هوندو. ڪپڙن سبندڙ عورتن جي مشينن جو اڻ کٽندڙ کڙڪو. آپيرا ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرين جي ريهرسل جو آواز ، شاگرد جي بِگل جو آواز، جنهن کي هُو ڪڏهن هيٺ ڪڏهن مٿي پيو ڪندو هو. اڌ چرئي ۽ هميشه نشي ۾ ٻڏل ائڪٽر جون پارٽ ياد ڪرڻ واريون رڙيون ۽ نشي ۾ ٻڏل ڪسبياڻين جا واڪ ۽ ڪوڪون. اهو سڀ ٻڌي منهنجي دل ۾ قدرتي طور هڪ سوال پيدا ٿيندو هو، پر ان جو جواب نلي نه سگهندو هو.

        ”آخر، انهيءَ کزندگيءَ جو مطلب ڇا آهي؟“

        انهيءَ جاءِ ۾ هڪڙو جوان به رهوندو هو، جو بکين ڇوڪرن جي ٽولي سان گڏ بي مقصد رلندو ڦرندو ڏسڻ ۾ ايندو هو. هن جي گنجيءَ ٽڪڻ جي چوگرد سرخ وار هوندا هئا، هن جي پيٽ جي ڍِڳڙي دميل ديڳ وانگر ٻاهر نڪتل هوندي هئي، هن جون ڄنگهون سنهڙيون، هڙباٽيون نڪتل، وات وڏو ۽ ڏند گهوڙي جي ڏندن وانگر کهيڊاهوندا هئا. انهن ڏندن ڪري هن تي ”ڳارهو گهوڙو“ نالو پئجي ويو هو. هن جو ڪن رشتيدارن سان، جي ”سمبرسڪ“ ۾ واپار ڪندا هئا، ڪو مقدمو هلندر هو. هو سڀني ماڻهن کي وڏي واڪي چوندو هو: ”مون کي پرواهه ناهي جي مان مري ويس باقي انهن جو به ڏيوالو ڪڍائي ڇڏيندس. فقير بنائي در در تي پنائيندو مانِ. ”جڏهن ٽن سالن تائين اهڙيءَ ريت ٿاٻا کائيندا ته ڪيس ۾ کٽيل مڏي موٽائي ڏيندو مانِ ۽ موٽائڻ ويل چوندو مانِ، توهان تي لعنت هجي! چئو هاڻي ڇا ٿا چئو؟ مان ضرور ۽ ضرور ايئن ڪندس.“

        ”ڳاڙها گهوڙا، ڇا تنهنجي زندگيءَ جو مقصد اهو آهي؟“ ماڻهو هن کان پڇندا هئا.

        ”هائو، “ جواب ڏيندو هو، ”جيستائين ايئن نه ڪريان، تيستائين مان ڪنهن پيءَ ڳالهه بابت سوچي به نه ٿو سگهان.“

        هن جو سمورو ڏينهن ڪورت ۾ يا وڪيلن وٽ گذري ويندو هو. شام جي ويل بگيءَ ۾ سوار ٿي، شراب ڪباب کڻي، گهر موٽندو هو ۽ پنهنجي گنديءَ ڪوٺيءَ ۾ جنهن جي ڇت جهريل ۽ فرش اکڙيل هوندو هو، شاگردن، ڪپڙن جي مشين هلائيندر عورتن ۽ هر ڪنهن کي جنهن کي، شراب ۽ ڪباب جي ضرورت هوندي هئي، دعوت ڏيندو هو. پاڻ، ”ڳاڙهو گهوڙو“ رِمِ پيئندو هو، جنهن جو رنگ هن جي ڪپڙن ۽ فرش تي لڳي پوندو هو.ل ٻن چئن چڪين چاڙهڻ کان پوءِ کواڪا ڪرڻ لڳندو هو، ”پکيئڙو! منهنجا مٺڙا پکيئڙو! مون کي اوهان سان پيار آهي! توهان سچار ماڻهو آهيو. مان، مان هڪ ٺڳ ۽ ٻهروپي آهيان. مان پنهنجن عزيزن کي برباد ڪرڻ ٿو گهران ۽ برباد ڪندس. خدا کي حاظر ناظر ڄاڻي چوان ٿو ته ڪندس. جيڪڏهن مون کي ماري ڇڏيندا، پر ....“

        هن جي ڏک ڀريل اکين مان ڳوڙها وهي، هن جي عجيب ۽ گدلي مُنهن تي پوندا هئا. هو پنهنجي هٿ جي تريءَ سان ڳوڙها اگهي گوڏي تي مهٽي ڇڏيندو هو. هن جي پتلون تي هميشه سڻڀا داغ لڳل هوندا هئا.

        ”اوهين ڪهڙي حياتي گذاريو ٿا؟“

        ”بک، سردي ۾ ليرون ليڙ لٽا. ڇا، اهو ٺيڪ آهي؟ اهڙي هيڻي حال ۾ اوهين ڪهڙو علم حاصل ڪري سگهندا؟ ڪاس اوهان کي انهيءَ زندگيءَ جي راز جو پتو پوي ...“

        هو کيسي مان پئسا ٻاهر ڪڍي، هٿ ۾ جهلي بيهندو هو. ”اچو، ضرورت اٿوَ ته کڻي وڃو.“

        مشين هلائيندر عورتون ۽ ڳائڻ وارا جهٽ ڏيڻ لڳندا هئا. پر هو هنن کي کلي چوندو هو، ”توهان لاءِ نه، رڳو شاگردن لاءِ ...“

        پر شاگردن کان پئسا نه وٺندو هوس.

        پوستينن واري جو پٽ ڪاوڙ مان چوندو هو: ”پئسن کي کڏ ۾ هڻ!“

        هڪڙي ڀيري هو بيحد شراب پي پليٽينوف وت آيو. هن جي هٿ ۾ روبل وارا مروٽيل سروٽيل نوٽ هئا. پئسن کي ميز تي اڇلائي چوڻ لڳو: ”اجهو! کپنئيءِ؟ مون کي نه گهرجن.“

        هو اسان جي کٽ تي سمهي اهڙي ته زور سان سڏڪا ڀرڻ ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو. جو اسان هن جي مٿان ٿڌو پاڻي هاريو ۽ هن کي ٿورو شراب زوريءَ پياريو. جڏهن هن کي ننڊ وٺي ويئي ته پيلٽينوف نوتن کي الڳ الڳ ڪرڻ لڳو، پر نوٽ ايترا  ته مروٽيل ۽ چنبڙيل هئا، جو انهن کي ڌار ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ سان کين آلو ڪرڻو پيو.

        هن جو دونهين ڀريل، گندو ڪمرو، جنهن جي درين جي سامهون ڀر واريءَ جاءِ جون پڪ سريون ڀتيون هيون، هميشه هوا کان خالي، ماڻهن ۽ گوڙ سان ڀريو پيو هوندو هو. اُتي سڀني کان وڌ انهيءَ ”ڳاڙهي گهوڙي“ جون رڙيون لڳيون پيو هونديون هيون.

        مون هڪڙي ڀيري هن کان پڇيو، ”تون هتي ڇو ٿو رهين؟ هوٽل ۾ ڇو نه ٿو رهين؟“

        ”منهنجا مٺڙا، پنهنجي دل جي ڪري. منهنجي دل کي هتي توهان سان گڏ رهندي، خوشي نصيب ٿي ٿئي.“

        ”سچ ٿو چوي“ پوستينن واري پٽ ها ۾ ها ملائيندي چيو، ”ٻئي ڪنهن هنڌ منهنجو به انت ٿي وڃي ها.“

        ڳاڙهي گهوڙي پليٽينوف کي گذارش ڪندي چيو: ؟ٿوري موسيقيءَ جي محفل مچي، ڪو راڳ ٻڌاءِ.“

        پليٽينوف ساز کي گوڏن تي رکي، ڳائڻ شروع ڪيو ...

        ”اُڀر، اي چمڪندڙ سورج اڀُر، آسمان کي پنهنجن ڪرڻن سان منور ڪري ڇڏ ....“

        هن جو مٺڙو آواز دل ۾ گهڙندو ويو. هرڪو ماڻهو پنهنجن پُورن ۾ گم، ماٺ ڪري ويهي رهيو. چؤ طرف خاموشي پکڙ جي ويئي. صرف تارَن مان نڪرندڙ ورلاپ، ۽ هن جا سوز ڀريل لفظ ٻڌڻ ۾ پئي آيا.

        ”تون ته قهر جو ٿو ڳائين!“ شاهوڪار واپاريءَ جي زال غمزده پر همدرديءَ ڀريل لهجي ۾ چيو.

        پليٽينوف کي هڪ ڏات هئي، جنهن جو نالو اهي خوش مزاجي. هو پرين ۽ ديون جي قصن واري رحمدل پريءَ وانگر انهيءَ جاءِ جي رهاڪن جي دلجوئي ڪندو هئو. هن جي دل جوانيءَ جي رنگن سان رڱيل هوندي هئي. هو پنهنجن مزيدار چرچن. خوشيءَ ڀريل گيتن، ماڻهن جي عادتن ۽ رمسن تي توڪ ڀريل نقلن ۽ زندگيءَ جي نا انصافين جا پول پڌرا ڪرڻ وارين تقريرن سان ماڻهن جي سورن ۽ ڏکن کي هلڪو ڪري ڇڏيندو هئو.، هو ويهن سالن جو ڳڀرو هئو پر اڃا ڇوڪر ئي لڳندو هئو. پوءِ به انهيءَ جاءِ جا رهاڪو، جڏهن کين ڪي ڏکيا مسئلوا پيش ايندا هئا، ته هن کان اها اميد رکي ته هو اسان جي ڪنهن نه ڪنهن نموني مشڪل حل ڪري ڇڏيندو، سنجيدهه ٿي، کانئس صلاح وٺڻ ايندا هئا. چڱا ماڻهو هن کي پيار ڪندا هئا ۽ خراب ماڻهو هن کان خوف کائيندا هئا. ٻيا ته ڇڏيو پر حد جو پوڙهو سپاهي ”نِڪي فارڪا“ به هن کي ڏسي لومڙ جهڙي بناوتي ٻاهرين مرڪ مرڪندو هئو.

        ”مارو وسوڪا“ بلڊنگ جي اڳيان ويندر رستو، اڳتي هلي، ٻن گهٽين ”ربنار ياد سڪايا“ ۽ ”اسٽارو – گارشيڪنايا“ سان ملندو هئو. اسان جي جاءِ کان ٿورو پنڌ تي پوئينءَ گهٽي جي منڍ وت نِڪي فارڪا جي بيٺڪ هوندي هئي.

        هو اسان جي گوڙ ۽ شور ڀريئي پاڙي جي چکيءَ ريت چوڪيسي ڪندو هئو. ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا، صاف سٿري ڊريس پهريل نڪي فارڪا جي جاءِ ۾ اچي وارد ٿيندو هئو. جاءِ جي اڱڻ مان آرام سان قدم کڻندو، هر ڪنهن ڪمريک جي دريءَ مان اهڙيءَ ريت اندر نهاري ڏسندو هئو، ڄڻ جانورن جي باغ جي نگهبان پڃري ۾ واڙيل جانورن جي جاچ ڪندو هجي. سياري ۾ اسان جي بلڊنگ ۾ ٻن رهندڙن هڪ ٻانهن ڀڳل آفيسر ’سمرنو‘ ۽ سپاهيءَ ’موراتو‘ کي گرفتار ڪيو ويو. انهن کي حڪومت سڪا بيلو جي ”اخل – ٽِڪِ“ هلچل * ۾ بهري وٺڻ ۽ سينت جارج جي نشان پهرڻ ڪري گرفتار ڪيو هو. انهن کان سواءِ رابن اوس يانڪن اگي گوريو، ڪرالو ۽ ٻين کي به گرفتار ڪيو ويو هئو. انهن تي اهو الزام لڳايو ويو ته هنن هڪڙي خفيه پرنٽنگ پريس قائم ڪرڻ پئي گهري، جنهن لاءِ موراٽو ۽ سمرنو آرتوار جي ڏينهن ’ڪلي چنڪو‘ پريس مان ٽائيپ چورائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ۽ هو اُتي جو اُتي گرفتار تي پيا هئا. هڪڙيءَ رات جو سپاهي، مارو وسڪا بلڊنگ مان هڪڙي ٻئي شڪي ماڻهوءَ کي جنهن کي مان ”گهمندڙ ٽاور“ ڪري ڪوٺيندو هوس، گرفتار ڪيو هئو. صبح جو جڏهن مون هن جي گرفتاريءَ جي خبر پليٽينوف کي ٻڌائي، ته هن جوش مان پنهنجو هٿ وارن ۾ گهمائيندي چيو، ”ڊوڙ مئڪسم“ جيترو تڪڙو ٿي سگهئي ڊوڙ ....“

        ۽ ڳالهه سمجهائڻ کان پوءِ ته مون کي ڪٿي وڃڻو آهي چوڻ لڳو، ”پر خيال ڪجانءِ! متان اُتي جاسوس بيٺل هجن.“

        مون کي هن پُراسرار ڪم خوشي ڀريل جوش ڏئي ڇڏيو ۽ مان ائڊمرلٽي پاڙي ڏانهن پکيءَ وانگر اڏامندو ويس. اتي هڪڙي لوهار ڪي دڪان وت اچي پهتس ڏٺم، ته دڪان ۾ هڪڙو ڪارن وارن وارو نوجوان جنهن جون اکيون بيحد نيريون هيون. هڪڙو ڪو ٿانءُ جوڙي رهيو هئو. پر هن جي شڪل مزدورن جهڙي نه ٿي لڳي. پري هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ هڪرو پوڙهو ماڻهو ويٺو هئو، جنهن جا وار پٺيان چمڙي جي پٽي سان ٻڌل هئا، ان کان مون پڇيو، ”مون کي ڪو ڪم ملندو؟“

 

*  انهيءَ هلچل جو مطلب اهو هئو، ته ترڪستان کي سينٽرل ايشيا مان ڪڍي زار جي حڪومت جي هڪ ڪالوني بنايو وڃي.

        پوڙهي ماڻهوءَ خشڪ لهجي ۾ وراڻيو، ”ڪم ته آهي پر توکي نه ملندو.“

        پاسي ۾ ڪم ڪندڙ جوان مون ڏانهن اک کڻي نهاريو، پر وري هو ڪنڌ جهڪائي پنهنجي ڪم کي لڳي ويو. مون هن جي پير کي ٿورو ٿڏو هنيو. هن ڪاوڙ ۽ حيرت ڀريل نيرن اکين سان مون ڏانهن نهاريو ۽ پنهنجي تئيءَ جي هٿئي کي ايئن جهليائين ڄڻ ته اجهو ٿو مون کي مٿي واري وهائي ڪڍي. مون کي اک ڀڃندو ڏسي تڪڙو تڪڙو چيائين، ”هليو وڃ، هليو وڃ!“

        مون هن کي وري اک ڀڳي ۽ دڪان مان ٻاهر نڪري، دروازي جي ڀرسان بيهي رهيس. ڪارن وارن وارو جوان اٿي بيٺو، ڪَرَ موڙيائين ۽ منهنجي پٺيان ٻاهر هليو آيو. سگريٽ دکائي مون ڏانهن خاموشيءَ سان واجهائڻ لڳو.

        ”تون ٽاءَ خان آهين؟“

        ”هائو.“

        ”پيٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.“

        هن جون ڀروون ڪاوڙ ۾ ماڻجي ويون، پنهنجون اکيون منهنجن اکين ۾ کُپائيندي چيائين، ”ڇاتو چوين؟ ڪهڙو پيٽر؟“

        ”قد آور مڙس جيڪو پادرين وانگر لڳندو آهي.“

        ”پوءِ ڇا؟“

        ؟بس.“

        ”پر تنهنجي پيٽر، پادريءَ ۽ ٻي جا تون بڪواس ڪرين ٿو، تنهن جو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟“

        جنهن نموني سان هن ڳالهايو پئي تنهن ته مون کي هيڪاري پڪ ڏياري ڇڏي ته هُو عام رواجي مزدور ناهي. مان انهيءَ فخر سان تڪرو تڪڙو گهر موٽيس ته پليٽينوف جو ڪم ڪاميابيءَ سان پورو ڪري آيو هوس. اهو منهنجو ڪنهن سازشي معاملي ۾ پهريون حصو هو.

        گوري پليٽينوف جو اهڙين ڳالهين سان واسطو هوندو هئو، پر جڏهن مان چوندو هو مانس ته مون کي به انهن ڳالهين ۾ شامل ڪيو وڃي، ته هو اهو جواب ڏيندو هو، ”منهنجا ڀاءُ، تون اڃا ننڍو آهين. تون پنهنجن ڪتابن کي لڳو رهه.“

        انهيءَ کان پوءِ اسيورنيوف منهنجي هڪڙي پراسرار ماڻهوءَ سان واقفيت ڪرائي. ملاقات ڪرائڻ جي موقعي تي ايورينوف ايترو ته احتياط ۽ خبرداري اختيار ڪئي، جو مون کي اهو احساس پيدا ٿي ويو، ڄڻ ڪا اهم ڳالهه ٿيڻ واري آهي. جنهن هنڌ اسان جي ملاقات ٿيڻ واري هئي، اهو هنڌ شهر جي حدن کان ٻاهر هڪرو سُڃو ميدان ”ارسڪاءِ پالي“ نالي هو. سڄي واٽ ايورنيوف مون کي سمجهائيندو آيو، ته خبرداريءَ کان ڪم وٺجانءِ هن ملاقات کي ڳجهو رکجانءِ. جڏهن اسان ان ميدان وٽ پهتاسين ته ايو رنيوف مون کي هڪڙي ننڍڙي ماڻهوءَ ڏانهن، جيڪو هوريان هوريان ميدان مان وڃي رهيو هو. اشارو ڪندي، پنهنجي چؤگرد نهاري، چوڻ لڳو، ”اهو اهي. هن جي پٺيان لڳ، جڏهن هو بيهي ته هن وت وڃ ۽ چوينس، ”مان نئون ماڻهون آهيان.“

        پراسرار ڳالهيون هميشه وڻندڙ هونديون آهن، پر مون کي هيءَ ڳالهه کل جهڙي لڳي. گرم ۽ روشن ڏينهن، کليل ميدان، ۽ ان ميدان مان هي ننڍڙي قد وارو مڙس. هوريان هلندو پئي ويو! مان هن کي قبرستان جي در وٽ وڃي پهتس. سامهون کان ڏسان ته هو هڪڙو نوجوان آهي، جنهن جو ڏٻرو منهن، اکيون شوخ ۽ پڱيءَ وانگر گول آهن. هن کي ڪاليجي شاگردن جهڙو ناسي ڪوت پهريل هو، پر ان تي چمڪندر پتل جي بٽڻن بدران ڪارا، هڏي جا بٽڻ لڳل هئا. هن جي کٿيل ٽوپيءَ تي جتي اڳ ڪاليجي شاگردن جو نشان لڳل هوندو آهي. ڪارو داغ هو. هن جي هڏ ڪاٺ ڏسڻ سان ايئن پئي محسوس ٿيو، ڄڻ ته هو انهي پڱي جي ٻچي وانگر هو، جنهن وقت کان اڳ کنڀ ڪڍيا هجن، ڏسڻ ۾ ته هو ڇوڪرو پئي نظر آيو، پر پاڻ کي نوجوان ڏيکارڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين.

        اسين ٻئي قبرن جي وچ ۾ گهاٽن ٻوٽن جي ڇانوري ۾ ويهي رهياسين. هن جو ڳالهائڻ رکو ۽ واپارين وانگر ٿي لڳو. هو مون کي بلڪل پسند نه آيو. منهنجي مطالعي بابت پڇا ڪرڻ کان پوءِ مطالعي جي ڪلاس ۾، جو هن قائم ڪيو هو، اچڻ جي ڪوٺ ڏنائين. مون هن جي دعوت قبول ڪئ ۽ پوءِ اسان ٻنهي موڪلايو. هن خبرداريءَ سان خالي ميدان ڏانهن نهاريو ۽ پهريان اٿي هليو ويو.

        انهيءَ مطالعي جي ڪلاس ۾ اسان چار پنج ڄڻا هئاسين. انهن سڀني ۾ مان سڀ کان ننڊو ۽ ان ڪلاس لاءِ ضرورتي مطالعي کان محروم هوس. نه مون جان اسٽوئرٽ مل پڙهيو هو، نه ئي انتي چرنا چيوسڪيءَ جا لکيل نوٽ ۽ تنقيدون پڙهيون هيون. اسين ”ملو وسڪيءَ“ جي نالي سان افسانا لکندو هئو. هن پنج ڇهه ڪتاب لکيا هئا. پر آخر ۾ خودڪشي ڪئي هئائين. اڳتي وڌڻ سان ڪيترن ئي ماڻهن جي ڄاڻ پيم، جن پنهنجي خوشيءَ سان پنهنجي حياتي ختم ڪري ڇڏي هئي.

ملو وسڪي سانتيڪو شخص هئو. پنهنجا خيال ڊڄندي ۽ ڳالهه خبرداريءَ سان بيان ڪندو هو. هو هڪڙيءَ جاءِ جي بُهري ۾ هن گَنديءَ ڪوٺيءَ ۾ رهندو هئو ۽ پنهنجي پيٽ ۽ دماغ کي زندهه رکڻ لاءِ ڊکاڻڪو ڪم ڪندو هئو. هن هن جي سنگت رَکي ۽ بي مزي هوندي هئيئ سندس ڏنل اسٽوئرٽ مل جي ڪتاب جي مطالعي مان مون کي ڪو خاص مزو نه آيو. اقتصاديات جا ابتدائي اصول مون کي جلد ئي سولا محسوس ٿيڻ لڳا. مون انهن کي سنئين سڌي آزمودي سان سکيو هو ۽ اهي سڀ منهنجي چمڙيءَ تي ڄڻ لکيا پيا هئا. مون کي ايئن ٿي لڳو ته ڏکين لفظن سان ڀريل ايڏا ٿلها ڪتان انهن ماڻهن لاءِ لکڻ ته دنيا ۾ ٻيا نه پر رڳو اسين ئي ڄاڻو بڻجي، مزي ۽ آرام سان رهون اجايا هئا.

        مون کي ان هي کُڏيءَ ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ ساندهه مطالعي لاءِ ويهي گندي هوا کائڻ ۽ ڪاٺ جي اڏوهيءَ کي ڀتين تي ڀڄندو ڏسڻ، موت مئل لڳندو هو.

        هڪڙي ڏينهن اسان جي استاد کي اچڻ ۾ دير ٿي ويئي. اسان سمجهيو هوسين ته ايندوئي نه، تنهن ڪري موڪل ملائڻ لاءِ ووڊڪا، ماني ۽ بادرنگ وٺي آياسين. اڃا اسان کائڻ پيئڻ شروع ئي نه ڪيو هو، ته هن جون ڄنگهون دريءَ وٽان لنگهنديون ڏسڻ ۾ آيون. پر اسان ووڊڪا کي ميز جي هيٺان لڪايو ئي مس، ته هو اچي اسان وت پهتو ۽ چرنا چيوسڪيءَ جون علماڻيون تنقيدون سمجهائڻ لڳو. اسين سڀ وائڙن وانگر فُتَ بنيا ويٺا هئاسين. خوف پئي ٿيو، ته متان ڪنهن جي بوتل کي لت لڳي وڃي ۽ اسان جا وکا پڌرا ٿي پون. آخر اسان جي استاد جي ئي لت ان کي لڳي ويئي. بوتل جو گڙڪو ٻڌي هن ميز جي هيٺان نهاريو ۽ ڪجهه به نه ڪڇيائين. هن جي ماٺ کان هن جي ڇينڀ لاءِ برداشت ڪرڻ وڌيڪ سولي ٿئي ها.

        هن جي خاموشي، هن جو سُڄيل منهن، هن جي ننڍڙين اکين ۾ ڀريل خار مون کا ڏاڍي ڏکي ٿي لڳي. مان پنهنجن ساٿين جي لٿل چهرن ڏانهن چور اکين سان نهاريو ۽ جيتوڻيڪ ووڊڪا جي خريداريءَ جو خيال مون  ڪونه پيش ڪيو هو، تڏهن به ايئن محسوس ڪرڻ لڳس ڄڻ پنهنجي استاد جو وڏو ڏوهه ڪري وڌو هوم.

        مون کي انهيءَ مطالعي جي ڪلاسن ڪَڪِ ڪري ڇڏيو. دل چوندي هيم، ته تاتاري محلن ۾ وڄي چڪر هڻان، گهمان ۽ ڦران. جتي خوش مزاج ۽ قربائتا ماڻهو پنهنجي نموني عجيب ۽ صاف سٿري زندگي گذاريندا هئا. اهي ماڻهو کِل جهڙي بگڙيل روسي زبان ڳالهائيندا هئا. جڏهن شام ٿيندي هئي. ته اوچن منارن تان ازان جو آواز هنن کي عبادت لاءِ سڏيندو هو. انهن تاتارين جي زندگي انهيءَ زندگي کان جنهن جو مون کي علم هوندو هو ۽ جيڪا مون کي خوشي ڏئي نه سگهندي هئي، بلڪل مختلف ۽ علحد هوندي هئي.

        مون کي وولگا ۽ مزدورن جي موسيقيءَ ۾ به ڪشش محسوس ٿنيدي ٿئي. اڄ ڏينهن تائين اها موسيقي منهنجي دل کي برپور خوشيءَ ۽ نشو ڏئي ڇڏيندي آهي. منهنجي دماغ ۾ اڃا تائين اهي گهڙيون چڱيءَ طرح ياد اهن، جڏهن مان مزدورن جا بهادريءَ ڀريا گيت ٻڌندو هوس.

        هڪڙي ڏينهن هڪ جهاز، جنهن تي ايراني سامان ڀريل هو، ڪازان جي ويجهو هڪڙي ٽڪريءَ سان وڃي ٽڪريو هو، جنهن ڪري ان جي تري ۾ وڏو سوراخ ٿي پيو هئو. خلاصين جي هڪڙي ٽولي مون کي مال هيٺ لاهڻ وارن مزدورن سان گڏ ڀرتي ڪري وٺي ويئي هئي. سيپٽمبر جو مهينو هو، نديءَ جي مٿان تيز ۽ طوفاني هوا گهُلي رهي هئي ۽ مينهن جو ڏڌو زوڪات ڪندي. انهن جي چوٽين مٿان لنگهندي پئي ويئي. اسان مزدورن جو تولو اٽڪل پنجاهه کن ماڻهن جو هو، جن کي تڏا ۽ کٿا ويڙهيل هئا. اهي سڀ خالي بتيلي جي ڊيڪ تي، جيڪو ڦاٿل ٻيڙي کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ آندو ويو هو، ٽڙي پکڙي بيٺا. اسان کي نديءَ ۾ جهاز تائين هڪڙو ننڍڙو بتيلو کڻي ويو هو جنهن جي مشين مان وسندڙ مينهن ۾ باهه جا اُلا ۽ چڻنگون پئي نڪتيون.

        سانجهي ٿيندي پئي ويڍي ۽ ايئن ٿي لڳو ته ڀنل اونداهو آسمان نديءَ جي مٿان جهمي رهيو آهي. ڪاوڙ ۾ مزدور ڀريل خلاصي مينهن، هوا ۽ پنهنجي مشڪل زندگيءَ کي گَهٽ وڌ ڳالهائي رهيا هئا ۽ ڊيڪ تي ٿڌ ۽ پاڻيءَ کان اَجهي ڳولڻ لاءِ هيڏي هوڏي ڦري رهيا هئا. مون کي ايئن ٿي لڳو ته هي ننڊاکڙا جوان ڦاٿل جهاز جي ڪڍڻ کي ته ڇڏيو، پر ٻئي ڪنهن ڪم جي به لائق ئي نه هئا.

        اڌ رات کان اڳ ٻيڙي جي ڀرسان وڃي پهتاسين. اسان جي ٽيولي جو اڳواڻ جنهن جي منهن تي ماتا جا داغ هئا ۽ جنهن جو نَڪ باز وانگر ڪُنڍو هو، پنهنجي گنجي مٿي تان ٽوپي لاهي، زناني آواز ۾ رڙ ڪري چوڻ لڳو: ”ڇوڪرَؤ....الله کي سنڀاريو.“

        مزدور ڊيڪ تي ڪٺا ٿي بيهي رهيا، اونداهيءَ رات ۾ هنن جا نماز پڙهندي اٿندڙ اواز ورڇن جي رڙين وانگر ٿي لڳا. اڳواڻ سڀني کان اول نماز پوري ڪري واڪر ڪيو.

        ”بتيون ٻاريو. هاڻي جوانو پنهنجو ڪرشمو ڏيکاريو ته اوهين ڇا ڪري سگهو ٿا؟ الله جو نالو وٺي، ڪم کي شروع ڪريو!“

        ۽ هنن ڍلن، آرسين ۽ مينهن ۾ ڀڳل مڙسن، اهو ڪرشمو ڏيکارڻ شروع ڪيو ته هو ڪيئن ڪم ڪري ٿي سگهيا. رڙيون ۽ واڪا ڪندي هو ٻڏندڙ جهاز ۾ ايئن ڌوڪي پيا، ڄڻ ته جنگ تي ويندا هجن. چانورن جون ڳوڻيون، گَلن ۽ ڪاراڪوليءَ جون ڳٺڙيون ايئن کڄي هيٺ ڪرڻ لڳيون، ڄڻ ته ڪپهه جا وهاڻا هيون. جڏهن ڪو ڳرو بار پئي آيو ته هڪ ٻئي کي هوڪرو ڪري، سيٽيون وڄائي ۽ للڪاري، همٿ پئي ڏياريئون. اها ڳالهه اعتبار ۾ ئي نه پئي آئي. ته هي ماڻهو جيڪي ايتري همٿ، چستيءَ ۽ هوشياريءَ سان ڪم ڪري رهيا اهن. سي اُهي ئي سست ۽ ٽوٽي ماڻهو آهن. جن ٿورو اڳي سرديءَ، برسات ۽ پنهنجي سورن ڀريل زندگيءَ جي شڪايت پئي ڪئي. سردي ۽ مينهن جيئن پوءِ تيئن وڌندا ويا. هوا ڇوهي ٿيندي ويئي. اسان جون قميصون هوا ۾ ڦر ڦڙ ڪري اڏامي اسان جي منهن تي پئي پيون ۽ اسان جا پيت اگهاڙا ٿي پئي ويا. چؤ طرف اوندهه انڌوڪار لڳي پئي هئي، ڇهن فَٿَ – بتين جي جهيڻي روشنيءَ ۾ ڪم ڪندڙن جا ڪارا پاڇا جهاز جي ڊيڪ تي هيڏي هوڏي ڊوڙي رهيا هئا. هو اهڙيءَ ريت ڪم ڪري رهيا هئا. ڄڻ ته ڪم جا ڀکايل هئا. ڄڻ ته ڪافي وقت کان اها تمنا هُين ته ٻن مڻن جون ٻرويون هٿو هٿ کڻن ۽ پنهنجين پٺين تي ڳريون ڳوڻيون کڻي هڪ ٻئي سان گوءِ پڄائن. هو اهڙيءَ ريت ڪم ڪري رهيا هئا. ڄڻ ته ٻارن واري مسرت ڀريل جذبي سان راند کيڏي رهيا هئا، ۽ هنن کي ڪم مان اهڙو مزو حاصل ٿي رهيو هئو، جهرو مرد کي هڪ جوان عورت جي ڀاڪر مان حاصل ٿيندو آهي.

        هڪرو ڏاڙهي وارو ڊگهي قداور ماڻهو، جنهن جي پسيل ڊگهي ڪوت مان پاڻي ٽمي رهيو هئو، جو شايد انهيءَ سامان جو مالڪ يا مالڪ جو منيب هئو، تنهن اوچتو ئي نڙيءَ تي زور ڏئي، رڙ ڪئي: ”جوانو ٻڏو! اوهان کي شراب جي بالٽي ملندي! سامونڊي بهادرو! ٻه بالٽيون ملنديون! ڪم کي ختم ڪريو.“

        ”چڱو ٽي! پر پنهنجو ڪم ختم ڪريو.“

        بس پوءِ ته جوان نئين تازگيءَ ۽ همٿ سان واچوڙي وانگر ڪم کي جُنبي ويا.

        مان ٻن ڳوڻين کي سوگهو جهلي، ڇڪي ڪُهلن تي رکي ڦٽو ڪري وري ٻيءَ کڻڻ لاءِ واپس پئي ڀڳس. مون کي ايئن ٿي لڳو ڄڻ مان به هنن سان ڪنهن جهنگلي جهمر ۾ شريڪ ٿي ويو آهيان. هنن ماڻهن جي جوش، همٿ ۽ خوشيءَ ڀريل ڪم ڪي ڏسي. ايئن ٿي محسوس ٿيو، ڄڻ هي ماڻهو لڳاتار مهينن جا مهينا ۽ سالن جاسال ايئن ڪم ڪري سگهن ٿا ۽ اوچن منارن ۽ گول ُٰبن واري شهر کي به پنهنجن ڪلهن تي کڻي ٻئي هنڌ پهچائي سگهن ٿا.

        انهيءَ رات جيڪا مون کي سرهائي حاصل ٿي رهي هئي، اهڙي مسرت مون اڳ ڪڏهن به محسوس نه ڪئي هئي. منهنجي دل ۾ امنگ پيدا ٿي رهي هئي ته ڪاس سڄي عمر اهڙي مستيءَ ڀريل محنت ۾ گذري وڃي. هيٺ ڇولين ۾ شور هو. مينهن اڃا به زور سان وسي رهيو هئو ۽ هوا زور سان سَٽي رهي هئي. پرڀات جي صاف روشني نمودار ٿيڻ لڳي. پر هي اڌ – اگهاڙا جوان ساڳي ڦڙتيءَ ۽ چستيءَ سان ڪم کي جنبيا پيا هئا. هَرَ هَرَ ٽهڪ پئي ڏنائون. واڪا پئي ڪيائون ۽ پنهنجي سگهه ۽ محنت تي فخر پئي ڪيائون. اُنهيءَ وقت هوا آسمان ۾ ڇانئيل ڪارن ڪڪرن کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. سج جا گلابي ڪرڻا صاف ٿيل نيري آسم،ان تي پکڙجي ويا. ڪم ڪندڙ مزدورن انهيءَ جي آجيا پنهنجا ڪپهه ڀريل منهن کولي وڏن واڪن سان ڪئي. منهنجي دل پئي چاهيو ته هنن ٻن تنگن وارن جانورن کي جيڪي پنهنجي ڪم جا وڏا ماهر، هوشيار ۽ ڪم جو اُڪلاءُ دل وجان سان ڪندڙ آهن.، تن کي ڇڪي ڇاتيءَ سان لڳايان.

        مون محسوس پئي ڪيو ته ههڙي جوش ۽ مسرت ڀريل قوت اڳيان دنيا جي ڪا به شيءِ بيهي نه ٿي سگهي. اها سگهه دنيا ۾ پيغمبرن جي قصن وانگر پنهنجي ڪرامت جي ڪرشمي سان ڌرتيءَ جي مٿان هڪ ئي رات ۾ محل ۽ شهر بنائي سگهي ٿي. سج جا ڪرڻا گهڙيءَ سوا لاءِ انساني محنت جو مشاهود ماڻي، ڪڪرن جي حملي جي ست نه سهي، سمنڊ ۾ ٽٻي هڻندڙ ٻار وانگر گم ٿي ويا، ۽ مينهن جا وري واڄٽ شروع ٿيا.

        ”بند ڪريو!“ ڪنهن رڙ ڪئي، پر ان کي گهرو جواب مليو: ”ڪير ٿو چوي بند ڪريو؟“

        ۽ منجهند جو ٻين بجي تائين جڏهن جهاز جو آخري سامان ٻئي سالم جهاز تي رکيو ويو، تيز هوا ۽ سخت مينهن ۾ سواءِ ڪنهن ساهي کڻڻ جي هي ديون جهڙا پورهيت ڪم ڪندا رهيا، اهو ڏسي منهنجي دل ۾ اهو احترام ڀرپور احساس پيدا ٿيو ته هن انساني دنيا ۾ ڪيتري نه انساني قوت ۽ سگهه آهي.

        ڪم پوري ڪرڻ کان پوءِ اسان بتيلي ۾ سوار ٿي سمهي پياسين سڀني کي ڀياڪن وانگر ننڊ کڻي ويئي.

        چور ”باشڪن“ اُتي مون وت آيو. مون کي نَهن کان وٺي چوٽيءَ تائين نهاري چوڻ لڳو: ”تو سان ڪهڙي ويڌن ڪئي اٿائون؟“

        مون چاهه سان هن کا ٻڌايو ته اسين ڇا ڇا ڪري چڪا هئاسين؟ هن ڪن ڏئي ٻڌو، پوءِ ٿڌو ساهه ڀري، حقارت سان چوڻ لڳو: ”تون بيوقوف آهين. بيوقوف ڇا، ان کان به پري آهين!؟“

        هو سيٽيءَ ۾ ڌن ڳائيندو، لڏندو، لمندو، ويجهو پيل بينچن جي قطارن جي وچ مان، جن تي مزدور گوڙ شور سان کاڌو کائي رهيا هئا، هليو ويو. پريان ڪنڊ مان ڪنهن گَگهي آواز ۾ هڪرو ڪريل راڳ ڳائڻ شروع ڪيو:

        ”اڌ رات جو وقت هو، اونداهي رات هئي،

        هڪڙي سهڻي عورت پنهنجي باغ ۾ گهمڻ ويئي ...“

        ڊزن کن ماڻهن ميز جي مٿان ڌڪ هڻي، ڪنن کي ٻوڙي ڪندر آواز ۾ رڙ ڪئي!

        ”رات جي وقت پهري ڏيندر سپاهيءَ

        حسين ڇوڪريءَ کي ستل ڏٺو......“

        پوءِ واڪا ۽ سيٽيون وڄڻ لڳيون. پوءِ اهڙا اُتا مرا گفتا ۽ ڪروڌ ڀريا لفظ ۽ ٻول ٻڌڻ ۾ آيا جن جو مثال دنيا ۾ نه ملندو.


*      نِڪ ميخائيل وي لومونوسوف (65-1171ع) عام طرح روسي ادب جو بنياد وجهندڙ ۽ ناميارو سائنسدَان ليکيو ويندو آهي

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org