سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (منهنجا درسگاهه)

باب-6

صفحو :6

باب ڇهون

 

صوفن جا وڻ ڦوهه ۾ هئا. ڳوٺ کي قرمزي ڪڪرن ويڙهي ڇڏيو هئو. سنهي بوند پوڻ ڪري جتان ڪٿان خاص سڳنڌ نڪري رهي هئي، جنهن ڪري ڏامر ۽ پاڻ جي بوءِ گم ٿي ويئي هئي. سوين گلن سان جنهجهيل وڻ ايئن ٿي لڳا. ڄڻ ڪنهن دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ گلابي ڪپڙا پهريو بيٺا هئا. جهوپڙين کان وٺي ٻنين تائين انهن جون سڌيون قطارون لڳيون پيون هيون. چانڊوڪيءَ رات ۾ جڏهن ٿڏي هير لڳندي هئي ته وڻن جي سگوفن ۾ نازڪ سرٻات پئجي ويندا هئا ۽ ايئن لڳندو هئو ته ڳوٺ نيري سونهري ڍانڊاڻ جي لهرن ۾ ٻڏڻ لڳو هئو. بلبليون سڄو ڏينهن جوس ۽ مستيءَ ۾ ڳائينديون رهنديون هيون، مينا جون مٺڙوين ٻوليون پيون ٻڌبيون هيون، چندول پڱيءَ جا آسمان جي بلندين تان زمين ڏانهن پرت ڀريا گيت ٻڌڻ ۾ پيا ايندا هئا.

        وڏن ڏي نهن تي جاون عورتون ۽ ڇوڪريون سير ڪرڻ نڪرنديون هيون، بهاريءَ ۾ راڳ پيون ڳائينديون هيون. هنن جا وات ڳائڻ ويل نون کنڀن ايندر پکين وانگر کلي ويندا هئا ۽ هنن جي چپن جو تبسم مردن کي نشو ڏئي ڇڏيندو هو. ازات جي مرڪ به نشي ۾ ٻڏلن وانگر نظر ايندي هئي، هن جون اکيون اندر پيٺل ۽ بت ڏٻرو ڏسڻ ۾ ايندو هو. هن جو منهن وڌيڪ سهڻو، وڌيڪ ڳنڀير ۽ وڌيڪ معصوم ٿي ويندو هئو. هو سڄو ڏينهن ستو پيو هوندو هئو. صرف شام جو ٻاهر نڪرڻ جي تڪليف وٺندو هئو. ان وقت هن جو چهرو وڻندر ۽ خيال ۾ ٻڏل ڏسڻ ۾ ايندو هئو. ڪوڪشڪن هن سان چرچا ڪرڻ ۽ هن کي چيڙائڻ لڳندو هو. لجاڙي نموني مڪري ازات هن کي چوندو هئو، ”بس به ڪر.“ ۽ پوءِ بيحد موج ۾ چوڻ لڳندو هئو. ”زندگي ڪهڙي نه مزيدار اهي!“ زنده رهڻ ڪهڙي نه عمدي ڳالهه آهي! دل ڪهڙيون نه ڳالهيون چوڻ ٿي چاهي! اهڙيون  ڳالهيون جيڪي مرڻ تائين اسان سان گڏ هونديون ۽ قيامت جي ڏينهن جڏهن قبرن مان اٿبو ته پهريان اهي ياد اينديون!“

        خوخول کلندي چيس، ”خيال ڪجانءِ متان اهي ڳالهيون توکي زنن جي مڙسن کان موچڙا کارائين.“

        ”انهن کي حق آهي.“ ازات ڪنڌ ڌوڻيندي چيو. هر رات جو، بلبلن جي ترنم سان گڏ باغن، ٻنين ۽ نديءَ ڪناري تان مگون جو اڌما پيدا ڪندر بلند اواز ٻڌڻ ۾ ايندو هئو هن جا راڳ نهايت عمدا هوندا هئا ۽ هو انهن کي سهڻي نموني ڳائيندو هئو. انهيءَ ڪري ڳوٺ وارا هن جون گهڻيون ڳالهيون معاف ڪري ڇڏيندا هئا.

        اسان جي دڪان تي هر ڇنڇر جي رات ڳوٺ جا ڪيترا ماڻهو خاص طرح مگون، پورهو سسلوف، بارينوف ۽ لوهر سمٿ ڪروتوف اچي ڪٺا ٿيندا هئا! پوءِ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳندا هئا. جيڪڏهن هڪ هليون ويندو هو ته ٻيو اچي ان جي جاءِ ڀريندو هو. اهڙيءَ ريت اڌ رات تائين ڪچهري پئي هلندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن نشي ۾ گهڻو ٻڏل ڳوٺاڻا، خاص طرح جنگ تان موٽيل سپاهي ڪوستين، جنهن جي جنگ ۾ هڪ اک ۽ ٻه آڱريون چٽ ٿي ويون هيون، گوڙ شور ڪرڻ لڳندا هئا. ڪوستين پنهنجي قميص جون ٻانهون کُجني، مُڪون اولاري، ميل جي ميدان ۾ لتل ڪڪر وانگر ڪانڊارجڻ لڳندو هو، ”اڙي ترڪ ڪافر جا پت خوخول! اڙي ڪافر جا روح! مونکي جواب ڏي آخر تنهنجي دل ۾ ڇاهي؟“

        جواب ۾ اتي ويٺل ماڻهو هن کي مسخرو ڪري چوندا هئا. ”اڙي تون پنهنجو آڱريون ڇو اتي ڇڏي آئين؟ ڇا ترڪ کان پئي ڊنين؟“

        جيئن ئي ڪوستين وڙهڻ لاءِ وڌندو هئو ته ماڻهو ٽهڪ ڏيندا، رڙيون ڪندا، هن کي کڻي کڻندا هئا پوءِ مٿو هيٺ تنگون مٿي ڪري ٻاهر کڏ ۾ ڦتو ڪندا هئس. اُتي هو رڙيون ڪرڻ لڳندو هئو، ”بچايو، بچايو! خون ڙي خون!“

        مٽيءَ ۾ لُڌڙو بڻجي هٿوراڙيون هڻندو، هو کڏ مان ٻاهر نڪري ايندو هئو، ۽ اچڻ سان ئي خوخول کان ووڊڪا جي گهر ڪندو هئو.

        ”چا لاءِ؟“

        ”انهيءَ مسخريءَ لاءِ جا اوهان مون سان ڪئي.“ ڪوستين جواب ڏيندو هئو. چؤ طرف تهڪڙو مچي ويندو هئو.

        هڪڙي ڀيري، هڪڙي وڏي ڏينهن بورچاني تنور ۾ ڪاٺيون دکائي پاڻ ٻاهر هلي ويئي. مان دڪان ۾ ويٺو هوس. اوچتو اوچتو منهنجي ڪن تي بورچيخاني مان ديو جي سڏڪن جهرو آواز پيو، سڄي جاءِ ڌڏي ويئي. سامان جا دٻا تختن تان ترڪي آيا، درين جا شيشا ڀڄي پيا، فرش هيٺ مٿي ٿيڻ لڳو. مان ڊڪندو بورچيخاني ۾ ويس جتان دونهين جي پٺيان ڪنهن شيءِ جي ڀڄڻ ۽ ٽٽڻ جو آواز پئي آيو.

        ”پٺتي ٿيءُ“ خوخول مون کي ڪلهي کان ڇڪندي رڙ ڪئي.

        در وٽ بورچياڻيءَ دانهن ڪئي، ”بيوقوف!“

        روماس دونهين ۾ ڌوڪي پيو، ڪجهه وقت تائين ته اتان نڙڪي جو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو. پوءِ روماس رڙ ڪري چيو، ”اهي دانهون بند ڪر! ڪجهه پاڻي کڻي آءُ.“

        پورچيخاني جي پٽ تي دکيل ڪاٺيونج پيون هيون، جن ۾ هڪ اهڙي به هئي جنهن مان اڃا تائين شعلا پئي نڪتا. ۽ انهن جي ڀرسان تنور جون سرون تڙيون پکڙيون پيون هيون. تنور جو ڪارو منهن پلٽيو پيو هئو. مان دونهين مان هٿوراڙيون ڏيندو، اڳتي وڌي وڃي پاڻيءَ جو ڏول کنيو، ۽ ان کي ٻرندڙ ڪاٺين جي مٿان هاري، ڪاٺين کي وسائي، وري تنور ۾ وجهي ڇڏيو.

        ”خيال ڪجانءِ.“ خوخول مون کي چيو. بورچيخاڻيءَ کي پٺتي ڌڪيندي چيائين، ”وڃ وڃي دڪان کي بند ڪر. الڪسي خيال ڪجانءِ متان وري ڦاٽي پوي.“

        تنور جي مٿان جُهڪي، هو ڪاٺين کي جاچن لڳو ۽ انهن کي جتي مون ڦٽي ڪيو هئو. اتان ٻاهر ڪڌي رکيائين.

        ”ڇا تو ڪرين؟“ مون پڇيو.

        ”هي ڏسي!“ مون ڏٺو ته هڪ ڪاٺي پوري ٿيل هئي ۽ ان جو اندرون حصو دونهاٽيل هئو.

        ”ڏٺئه! شيطانن ان کي بارود سان ڀري ڇڏيو هئو. بيوقوف ڪنهن جاءِ جا! ڄڻ اڌ سير کن بارود سان جاءِ اُڏي ويندي.“

        هن ڪاٺيءَ کي هڪ پاسي ڦٽو ڪيو. پنهنجا هٿ ڌوئيندي هو چوڻ لڳو. ”چڱو ٿيو اگزينا ٻاهر هلي وئي نه ته ان کي زخم رسن ها.“

        جڏهن دونهون گهت ٿين لڳو ته اسان ڏٺو ته ڪٻٽن ۽ درين جا شيشا ڀجي پيا هئا ۽ تنور جي منهن وٽان ڪي سِرون ٻاهر اڏامي آيون هيون. انهيءَ نظاري تي خوخول جي صبر مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. هن اهڙي بيوقوفيءَ واري مذاق تي ڪنهن قسم جي ڪاور ۽ غصو نه ڪيو. ٻاهر گهٽيءَ ۾ ٻار رڙيون ڪري رهيا هئا. ”باهه! باهه! خوخول جي گهر کي باهه!“

        ڪنهن پاسي کان عورت جي چيخ جو آواز آيو ۽ ڇت تان اگزينا رڙ ڪري چيو، ”در ٿا ڀ ڃن.“

        ”صبر ڪر.“ روماس ڏاڙهيءَ کي ٽوال سان اُگهندي چيو. اسان دريءَ جي ڀڳل شيشن مان ڏٺو ته ڪي لاوڙ ۽ غصي ۾ ڀريل بُوجر منهن، دونهين سبب چُنجهيون اکيون ڪري اسان جي ويهڻ واري ڪمري ڏانهن نهاري رهيا هئا. هڪڙو چيٽ جهڙو جوش ۾ ڀريل آواز هنن کي چئي رهيو هو ”اچو ته هنن کي ڳوٺ مان تڙي ڪڍون. هنن جون حرڪتون بس ٿين جون ئي ناهن.“

        هڪڙو ماڻهو چپن ۾ ڪجهه چئي، پاڻ تي صليب جو نشان بنائي، دريءَ مان اندر اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئو. هن جي ساڄي هٿ ۾ ڪهارو هئو ۽ کاٻي هٿ سان دريءَ جي ڪانس تان ڪرڻ کان پاڙ بچائي رهيو هئو.

        ”ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ روماس پنهنجي هٿ ۾ پوري ڪاٺي جهليندي هن کان پڇيو.

        ”باهه وسائڻ.“

        ماڻهو هيٺ ٽپو ڏئي گم ٿي ويو. رواس در وٽ ويو ۽ ماڻهن کي ڪاٺي ڏيڪاريندي چوڻ لڳو، ”توهان مان ڪنهن ماڻهوءَ ڇا ڪيو آهي، جو هن ڪاٺيءَ کي بارود سان ڀري اسان جي ڪاٺين جي ڍڳ ڦٽي ڪري ويو آگهي. پر ان ۾ بارود ٿورو هو، جنهن ڪري ڪوبه نقصان نه ٿيو.“

        مان ماڻهن ڏانهن نهاريندي رهيو هُوس، ڏٺم ته اهو ڪهاڙيءَ وارو ماڻهو چئي رهيو هو، ”هن مون تي انهيءَ ڪاٺيءَ سان الر ڪئي.....“

        نشي ۾ ٻڏل ڪوستين واڪو ڪيو، ”ڪافر کي ڊڪائي ڪڍيو! هن کي جج وٽ وٺي هلو.“

        باقي ٻيا ماڻهو رُوماس ڏانهن شڪ ڀريل ماٺ ۾ نهاري رهيا هئا.

        ”ههڙيءَ جاءِ کي اڏائڻ لاءِ اوهان کي وڌيڪ بارود جي اٽڪل چاليهن پائونڊن جي ضرورت آهي. هاڻي هتان هليا وڃي.“

        ڪنهن رڙيون پئي ڪيون، ”شهر جو مُکي ڪٿي آهي؟“ پوليس گهرايو.“ شيءِ ڇڏيو ويندا هجن. اسين چانهه پيئڻ ويٺاسين. اگزينا، چانهه پيئڻ ويل، روماس ڏانهن همدريديءَ سان نهاريندي، دستور کان وڌيڪ نرم لهجي ۾ چوڻ لڳي ”جيستائين تون فرياد نه ڪندين، هو پنهنجين شرارتن کان باز نه ايندا.“

        ڇا توکي انهيءَ تي جوش نه ٿو اچي؟“ مون چيو.

        ”ههڙي واهيات ڳالهه ايئن صبر ۾ رهيو ته عجيب ڳالهه ٿيندي!“

        وڌيڪ ڊيگهه ۾ وڃڻ بجاءِ هو ٻئي هفتي ڪازان ڏانهن وڃڻ بابت پنهنجون رٿون ٻڌائڻ لڳو ۽ مون کان پڇڻ لڳو، ته توکي ڪهڙا ڪتاب گهرجن، جي هو اتان وٺي اچي! ڪڏهن ڪڏهن مان دل ۾ خيال ڪندو هوس ته ڪاش ماڻهوءَ جي دل مشين جي هجي، جو ان کي چاٻيءَ ڏئي هميشه تائين هلائيندو رهجي. خوخول لاءِ منهنجي دل ۾ بيحد عزت ۽ پيار هوندو هئو، پر مان چاهيندو هوس ته هن کي مون تي يا ٻئي ڪنهن تي ڪاور اچي ۽ مان هن کي غصي ۾ رڙيون ڪندو ۽ زمين تي لتون هڻندو ڏسان. پر هن کي اهڙي ڪاوڙ اچڻي نه هئي. جڏهن هن کي ڪنهن بيوقوفيءَ يا بدمعاشيءَ تي خار لڳندي هئي، ته هن جون ڀوريون اکيون ٽوڪ جهڙي نموني سُسي وينديون هيون ۽ هو ڪي خشڪ ۽ دل کي وڍيندڙ جملا چوڻ لڳندو هئو. هڪڙي ڀيري سسلوف کان پڇڻ لڳو. ”عجب جي ڳالهه آهي. جو تو جهڙي وڏيءَ عمر واري اڃا تائين پتن جي راند ايمانداريءَ سان کيڏڻ نه سکي آهي؟“

        پوڙهي جو زرد چهري جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو. هن جي ڏاڙهيءَ جا سفيد وار به پاڙن تائين سرخ ٿي لڳا.

        ”انهيءَ مان توکي فائدو به نه ٿو ٿئي ۽ ماڻهن جي نظرن ۾ به تنهنجي عزت هلي ٿي وڃي.“

        ڪنڌ جهڪائي سسلوف قبول ڪيو. ”اهو سچ آهي. مون کي انهيءَ مان فائدو نه ٿو ٿئي.“

        ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ازات کي چوڻ لڳ. ”ليڊريءَ جي لائق آهي! ڪاش اسان جي حڪومت ۾ اهڙا ماڻهو هجن!“

        روماس مختصر ۽ صاف نموني سمجهايو ته مون کي هن جي غير حاضريءَ ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي. هن کان بارود جي ڦاٽڻ واري ڳالهه ايئن وسِري وئي هئي، جيئن ڪنهن کان مَکِ جو چڪ وسري وڃي.

        پانڪوف جڏهن ملڻ آيو ته تنور ڏانهن نهاري فڪر سان پڇڻ لڳو، ”توهان کي خوف ته نه ٿيو؟“

        ”ڇا جو؟“

”هي جنگ جو اعلان آهي، ڇا ايئن ناهي؟“

        ”ويهه، ڪجهه چانهه پيءُ.“

        ”نه، منهنجي زال انتظار ۾ هوندي.“

        ”تون ڪيڏانهن ويو هئين؟“

        ”ازات سان مڇي مارڻ.“

        هُو رڌڻي مان ويندي ڏک مان چوڻ لڳو. ”هيءُ جنگ جو اعلان آهي.“

        هو خوخول سان هميشه بلڪل مختصر جملن ۾ گفتگو ڪندو هئو. ڄڻ ته هنن ٻنهي اول ئي پاڻ ۾ ويهي اهم مسئلن تي گفتگو ڪري ڇڏيو هئو. مون کي هنن جي ظالم آئوان بابت گفگو ياد آيو.

        ”ظالم زار“ ازات ابتدا ڪئي.

        ”ڪاسائي“، ڪوڪشڪن چيو.

        ”عقل نه هوس“، پانڪوف چيو، ”انهيءَ ڪري سڀني شهزادن کي مارائي ڇڏيائين. انهيءَ جي بجاءِ ننڍن اميران ۽ نوابن سان محل کي ڀري ڇڏيائين ۽ وڏي خراب ڳالهه اها آهي ته اهي سڀ ڌاريا هئا. اها ڪا سمجهه جي ڳالله نه هئي. ننڍو زميندار پاڻ وڏي زميندار کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. توهان بندوق سان مَک کي ماري نه سگهندا انهيءَ ڪري مَک بگهڙ ڪان وڌيڪ مصيبت ڏئي سگهي ٿي.“

        ڪوڪشڪن تنور جي مرمت لا: ٽوڪريءَ ۾ گارو کڻي آيو. سرن کي تنور ۾ اڳئين هنڌ هڻدي چوڻ لڳو، ”هنن بدمعاشن کي عقل ئي ڪونهي. پنهنجن جوئين کان ته نجات حاصل ڪري نه ٿا سگهن، باقي ماڻهن کي ٿا ڳوٺ مان ڪڍڻ. بهتر آهي ته اڳتي دڪان لاءِ سامان وڏي انداز ۾ نه وٺي ايندو ڪر، ٿورو ٿورو وٺي اچڻ بهتر آهي، ورنه هو تنهنجي سامان کي باهه لڳائي ڇڏيندا. اها ڳالهه جنهن لاءِ تون ڪوشش ڪري رهيو آهين، ضرور ڪا مصيبت پيدا ڪندي. ”اها ڳالهه“ – ڳوٺ جي شاهوڪار ماڻهن لاءِ ڏاڌي چڙ ڏياريندڙ هئي. اها ڳالهه ميوي جي پوک ڪندر ماڻهن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي هئي. خوخول ان جو انتظام ڪيو هئو ۽ پانڪوف، سسلوف ۽ ٻيا ڪيترا سجاڳ ڳوٺانا ان ۾شريڪ ٿي ويا هئا. انهيءَ ڪري ڪيترائي ماڻهو روماس سان چڱيءَ طرح پيش انيدا هئا ۽ هن جي دڪان جو چلتو ۽ گراهڪ وڌي ويا هئا. ٻيا ته ڇڏيو پر ”ڪنهن نه ڪم جا“ بارينوف ۽ مگون به هن ڪم ۾ روماس جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندا هئا.

        مون کي مگون وڻڻ لڳو هئو. مون کي هن جي اداس پر عمدن گيتن موهي ڇڏيو هو. ڳائڻ ويل هن جون اکيون بند ٿي وينديون هيون ۽ هن جي شهيدن جهڙي منهن جا سڀ گُهنج گم ٿي ويندا هئا. اوندَاهين راتين ۾ جڏهن چنڊ جو نالو نه هوندو هُئو ۽ ڪڪرن جو ڪارو نقاب آسمان کي ڍڪي ڇڏيندو هئو. تڏهن هن جي ڳائڻ ۾ وڌيڪ مزو پيدا ٿي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن رات جو هو مون کي چوندو هئو. ”هل نه وولگا تي هلون.“ اتي ٻيڙيءَ جي پاڇيل تي ويهي، ڪُنڍي پاڻيءَ ۾ اڇلائي، پنهنجا ڏنگا ڦڏا پير اونداهي پاڻيءَ ۾ لڙڪائي ڇڏيندو هئو. ان کان پوءِ پنهنجيون شڪايتون بيان ڪرڻ شروع ڪندو هئو. ”جڏهن ڪو وڏو ماڻهو مون کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو اهي ته مان برداشت ڪري ويندي آهيان. هو وڏو ماڻهو آهي ۽ هن کي جيڪي ڪجهه اءُ ڄانان ٿو ان کان وڌيڪ خبر آهي. پر جڏهن ڪو ڳوٺاڻو جيڪو مون کان ڪنهن حال ۾ به بهتر ناهي. ڪجهه چوندو آهي ته مون کي خار لڳندي اهي. اسان ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ هو پنهنجا روبل ڳڻيندو آهي ۽ مان پنهنجا ڪوپيڪ-بس اها ڳالهه آهي.“

        هن جي منهن جو پنو لهي ويندو هئو، ۽ اکيون ڦر ڦر ڪرڻ ۽ هن جون آڱريون ڪُنڍيءَ جي چڪاس وٺڻ لڳنديون هيون ۽ هو وري چوڻ لڳندو هئو، ”هو مون کي چور سمجهدا آهن ۽ مان قبول ٿو ڪريان ته مان چور آهيان. پر ڪير چير ڪونهي؟ ڇا ٻيا ماڻهو هڪٻئي کي ڦرڻ ۽ ٺھڻ تي ئي پنهنجو گذارن نه ٿا ڪن. اسان سان شيطان ئي پيار ڪري ٿو!“

        اونداهي ندي هيٺا وهي رهي هئي. اونداها ڪڪر مٿان اڏامي رهيا هئا ۽ انهن ٻنهي جي اونداهيءَ ڪري ڪنارا ۽ انهن تي بيٺل چراگاه نظرن کان غائب ٿي ويا هئا. لهرون هوريان هوريان وڌنديون وڃي ڪنارن جي واريءَ سان ٿي لڳيون ۽ منهنجي پيرن جي چوگرد ايئن ٿي ڦري وين، ڄڻ مون کي پاڻ سا گڏ اوندهه جي اوڙاهه ۾ گهلي وينديون. مون کي مگون جي ڏک ڀريل شڪايت ٻڌڻ ۾ ائي. ”ماڻهوءَ کي زنده رهڻو ئي آهي!“

        ڪتي جي ڏک ڀريل ڀؤنڪ ٽڪريءَ تان اچي رهي هئي. مان ڄڻ خواب ۾ سوچي رهيو هوس. آخر تون ايئن زندگي ڇو ٿو گهارين؟“

        نديءَ تي هرڪا شيءِ خاموش ۽ عجيب ٿي لڳي ۽ چؤگرد اونداهي هئي....اڻ کٽ اونداهي.

        ”ماڻهو. جيڪڏهن نه جاڳيا ۽ ايئن اونداهه ۾ ورتا رهيا ۽ هنن پنهنجو خيال نه ڪيو ته خوخول ۽ ان سان گڏ توکي به خون ڪري ڇڏيندا.“ مِگون چيو ۽ اوچتو ئي اوچتو مٺڙي سُر سان راڳ شروع ڪيائين.

        ”منهنجي امر، منهنجي مٺڙي، مون سان پيار ڪندي هئي.

        منهنجي امڙ مون کي دعا ڪندي هئي. ”شل خوش رهين! شل سامت هجين!“

        مون کي عجيب خيال وڪوڙي ويو. مون محسوس پئي ڪيو ڄڻ ڌرتي اونداهيءَ جي بي ڪنار ڪارٺ ۾ پنهنجو وزن وڃائي خلا ۾ بي سرت ۽ بي وزن ٿيڙ کائي رهي هئي، ۽ مان ان تان ٿڙڪي، بي واهو اهڙي اوڙاهه ۾ هيٺ ڪرندو پيو وڃان جتي سج هميشه لاءِ گم ٿي ويو اهي.

        مگون پنهنجو راڳ ايئن اوچتو بند ڪري ڇڏيو، جيئن شروع ڪيو هئائين، ۽ ٻيڙيءَ کي سواءِ ڪنهن کڙڪي جي پاڻيءَ ۾ لاهي ان ۾ چڙهي ويٺو. ۽ سواءِ ڪنهن آواز جي اونداهن پاڇن ڏانهن هليو ويو. مان هن لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ناهريندو رهيس ۽ اهو خيال ڪندو رهيس ته: ”ههڙا ماڻهو ڇالاءِ ڄمن ٿا ۽ ڇا لا3 مرن ٿا!؟“

        منهنجا بارينوف سان، به جيو سست، نڪمو، ٻٽاڪي، گلاخور ۽ بدمعاش هو. سٺا تعلقات هوندا هئا. هو ماسڪو جو ذڪر حقارت سان ڪندو هو، جتي ڪجهه وقت وڃي رهيو هئو-”دوزخ جو ديرو، بلڪل ذليل شهر! ان ۾ چوڏنهن هزار چهه ديوليون آهن. اتان جا سڀ ماڻهو ٺڳ آهن. اتي سڀني ماڻهن کي خارش آهي. ايئن وتندو آهي. رڳو اها سچي ڳالهه آهي ته هنن وٽ هڪڙي وڏي بندوق آهي. جنهن کي هو ”زار جي توب“ ڪري ڪوٺيندا آهن. آفت جهڙي اها شيءِ آهي. پيٽر اعظم ان کي پاڻ پنهنجي سر بغاوتن مٿان هلايو هئو. هڪڙي امير عورت هن جي محبت ۾ ناڪاميءَ سبب هن جي برخلاف بغاوت شروع ڪئي هئي. پيٽر اعظم هن سان ست سال گڏجي گذاريا پوءِ هن کي تن ٻارن سوڌو ڇڏي ڏنو هئائين. انهيءَ تي هن عورت کي ڏاڍي باهه لڳي. جنهن وڌي ڀنڀت اٿاريو ۽ بغاوت شروع ٿي وئي. پيٽر اعظام به هن جو توب سان مقابلو ڪيو. هڪڙي به ڊڄي ويو ۽ وڏي پادريءَ کي چوڻ لڳو، ”هن بڇڙيءَ شيءِ کي سِيل ڪرڻ گهرجي،ل ٿي سگهي ٿو ته وري ان کي ڪتب آڻي وجهون ۽ ان کي سِيل ڪري ڇڏيائون.“

        جڏهن مون هن کي چيو ته اها واهيات ڳالهه آهي ته هن کي چڙ وٺي وئي.“ توکي ڪهڙو پتو مون اها ڳالهه هڪڙي وڏي علم واري کان ٻڌي هئي....“

        هن ڪائيف جو ذڪر جتي هو درويشن سان ملڻ ويو هُئو. هيٺينءَ ريت ڪيو:

        ”اهو شهر اسان جي ڳوٺ وانگر آهي. ٽڪريءَ تي مٿي، ۽ نديءَ جي ڪناري تي اهي. جنهن جو نالو مون کي ياد نه ٿو اچي. اسان جي وولگا جي ڀيت ۾ ڪسيءَ مثل آهي. مان توکي سچ ٿو ٻڌايان ته ڏاڍو منجهائيندڙ شهر آهي. سموريون گهٽينون ڏنگهيون ڦڏيون اٿس ۽ سڀئي مٿي ٽڪريءَ تي چڙهنديون ٿيون وڃن. ماڻهو خوخول آهن، پنهنجي روماس وانگر چند خوخول ناهي، پر انهن ۾ تاتارين ۽ پولش رت مليل اهي. اهي ڳالهائيندا ناهن واڪا ڪندا آهن، نه وهنجن نه ڦڻي ڦوڪارو ڪن، اتي ڏيڏر ڏهن پائونڊن جا ٿين ۽ خوخول اهي کائيندا اهن. اتان جا ماڻهو ڏاندن تي سواري ڪن ۽ انهن سان زمين به کيڙين ٿا، پاڻ به عجيب جانور آهن. ۽ سندن ننڍي ۾ ننڍو ڏاند به اسان جي ڏاندن کان قد ۾ چؤڻو ٿيندو-سندن هر ڏاند جو وزن گهٽ ۾ گهٽ ست ٽن ٿيندو، اتي سندن ماڻهن ۾ راهب ستونجاهه هزار ۽ بشپ ٻه سؤ ٽيهتر آهن-ڪوبه منهنجي ڳالهه کي رد ڪيئن ڏئي ٿو سگهي؟ مان پنهنجي اکين سان ڏسي آيو آهيان، ڪڏهن اوهان مان ڪو اوڏانهن ويو آهي؟ نه! ته بس. منهنجا سڄڻ مان سڀ کان وڌيڪ ڳالهه جي صحت جو خيال رکندو آهيان.“

        بارينوف کي انگن سان ڏاڍي دل هوندي هئي. مون هن کي جور ۽ ضرب سيکاري هئي، باقي ونڊ کان هن کي نفرت ٿيندي هئي. هو منجهيل ۾ منجهيل ضرب ڏاڍي چاهه سان ڪندو هئو. ڪاٺيءَ سان ٻُڙين جي هڪڙي وڏي لانڍ ڪڍي انهن کي پنهنجن ٻارن جهڙين گول اکين سان غور ۽ فڪر سان نهارڻ لڳندو هئو. ”هي نمبر ڪير چئي سگهندو!“ هو عجب مان چوندو هئو.

        ڄيتوڻيڪ  هو پُرالو، وارن کنڊريل ۽ ليڙون لير هوندو هئو، تڏهن به هن جو چهرو ڏاڍو سهڻو هوندو هئو ۽ آڙي ڪاپن وانگر هن جي گهنڊيدار ڏاڙهيءَ جي مٿان نيرين اکين ۾ معصوماڻي مرڪ به هوندي هئي. هن کي ڏسي، مون کي ڪوڪشڪن ياد اچي ويندو هئو. پر هو ٻئي هڪٻئي کان بلڪل پري سو رهندا هئا.

        بارينوف ٻه ڀيرا ڪئپين سمنڊ ۾ شڪار ڪيو هئو. انهيءَ ڪري ان جو ذڪر ڏاڍي شوق مان ڪندو هئو. سمنڊ! منهنجا ڀاءُ ان جهڙي ته دنيا جي تختي تي ٻي ڳالهه ئي ٿي نه ٿي سگهي. ان جي اڳيان ماڻهو ڪجهه به نه آهي. ان ڏانهن نهارڻ سان ماڻهو ايئن ٿو محسوس ڪري ڄڻ ٿو ان ۾ ڄاڻ غائب ٿو ٿي وڃي. اتي زندگي مزي واري اهي. اتي هر قسم جا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيندا آهن. هڪڙي ڀيري هڪڙو مهاپادري آيو هئو. سو به ٻين سان گڏ! انهن وانگر هو اتي ڪم ۾ پڻ جنڊجي ويو هئو. اتي هڪڙي بورچياڻي هئي، جنهن سان هڪڙي جج جي دوست هئي. تون سمجهين ٿو هوءَ انهيءَ ڳالهه تي راضي هئي نه! هوءَ سمڊ کان پري گهاري نه سگهي. ”سائين منهنجا، منهنجي اوهان سان محبت آهي“. هوءَ جج کي چوڻ لڳي ”پر الوداع!“ ۽ هوءَ واپس سمنڊ ڏانهن هلي وئي. جيڪو ماڻهو به سمنڊ تي رهيو آهي. ان کي سمنڊ وري پاڻ ڏي ڇڪ ڪندو آهي. اتي ڪافي ڪشادگي آهي. اتي ماڻهن جو هجوم يا ڀِيڙي بلڪل ڪانهي. مان اوڏانهن واپس ويندس. مان هت ماڻهن جو گوڙ ۽ هجوم بنهه ڳرو محسوس ٿو ڪريان. مان جيڪر ساڌن وانگر بنو اسي ٿي اوڏانهن هليو وڃان ها، پر اهڙو سهڻو بن اتي به ڪونهي. پنهجو ڳوٺ وري به پنهنجو آهي.“

        ڳوٺ ۾ بارينوف کي هر ڪو  بي-گهر ڪتي وانگر ڌڪاريندو هو، پر هن جون ڳالهيون به مگون جي گيتن وانگر ٻڌڻ وٽان هونديون هيون. پانڪوف جهڙا عملي ماڻهو به هن جي ڳالهين کي پسند ڪندا هئا. هڪڙي ڀيري ان منهن سڪل مڙس خوخول کي چيو، ”بارينوف ٿو چو ته ”آئوان ظالم“ پاڻ کي هر شيءِ هر ڳالهه ۾ بدلائي سگهندو هئو. هڪڙي ڀيرا هن پاڻ کي باز جي شڪل ۾ بدلايو هئو انهيءَ ڪري انهءَ واقعي جي يادگار طور پئسن تي باز جي شڪل بنائيندا  آهن.“

        ڪيترائي ڀيرا مون انهيءَ ڳالهه جو مشاهدو ڪيو آهي ته جيتري قدر ڳالهه عجيب، خيالي ۽ حقيقت کان پري هوندي اهي، ماڻهو سنجيده ۽ سچين ڳالهين جي  ڀيٽ ۾ ان کي وڌيڪ پسند ڪندا اهن.

        جڏهن خوخول کي مون اها ڳالهه ٻڌائي ته هو کليو ۽ چوڻ لڳو، ”ماڻهو انهيءَ کان اڳتي هلڻ لڳندا. هنن کي رڳو سوچ ڪرڻ ۽ ”سکڻ“ ڏي. هو پاڻهئي سچ ڏانهن پنهنجو رستو ڳولي ڪڍندا. توکي انهن خيالي قصن گهڙيندڙن بارينوف ۽ مگون کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهي فنڪار آهن ۽ ڳالهيون ايجاد ڪندر اهن. مسيح به ضرور هنن وانگر هوندو ۽ ڪي ڳالهيون جي هن ايجاد ڪيون هيون، قبول ڪرڻو پوندو ته خراب نه هيون.“

        مون کي انهي4 ڳالهه تي عجب لڳندو هئو ته سڀ ماڻهو خدا جو شڪر ڪڏهن ڪڏهن ۽ بي دليائيءُ سان ڪندا هئا. صرف پوڙهو سسلوف گهڙي گهڙيءَ ۽ پوري اعتماد سان چوندو هئو، ”هر ڪا ڳالهه خدا کان آهي.“ مون کي انهن لفظن ۾ هن جي نااميديءَ جو آواز لڪل محسوس ٿيندو هئو.

        هنن ماڻهن سان گڏ گهارڻ مون کي ڏاڍو چڱو لڳندو هو، ۽ رات جي ههڙين ڪچهرين مان هنن کان گهڻو ڪجهه سکيو هئو. مون کي ايئن لڳندو هئو ته هر سوال جيڪو روماس ڪندو هئو، اهو دل ۾ وڻ جي مضبوط پاڙن وانگر گهر ڪري ويندو هئو. اتي ٻين پاڙن سان رلي ملي ويندو هئو. ۽ اتي هر شاخ تي نوان خيال ڦٽندا هئا ۽ اثرائتن لفظن جا گونچ ڪڍندا هئا. مان ڏسندو هوس ۽ سمجهندو هوس ته ايئن خود ڪتابن جو نشو ڏيندڙ آب حيات به واڌو مون کي ملندو رهندو هئو. مان وڌيڪ خوداعتماديءَ سان ڳالهائي سگهندو هوس ۽ خوخول جي مرڪ ڀريل تعريف حاصل ڪندو هوس. ”الڪسي، شاباس، صحيح پيو چوين.“

        ڪڏهن ڪڏهن پانڪوف پنهنجي زال ڪي به وٺي ايندو هئو. هن جو قد ننڍو، منهن سنجيده ۽ هن جون گهريون نيريون اکيون سمجهو لڳنديون هيون. هن کي شهري قسم جو لباس پهريل هوندو هئو. هوءَ سانت ڪري هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ويهي رهندي هئي ۽ هن جا چپ لڄاري نموني بند ٿيل هوندا هئا. پر جلدئي هن جون اکيون ۽ وات عجب ۾ کُلي ويندو هئو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن طنز جي جملي تي منهن کي هٿ ڏئي کلڻ لڳندي هئي. روماس کي اک ڀڃي پانڪوف چوندو هئو. ”خدا جو قسم، سمجهي ٿي!“

        ڪڏهن ڪڏهن پراسرار مهمان ايندا هئا، جن کي روماس مون واريءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃي ويهاريندو هئو. اتي اگزينا هنن کي کاڌو وغيره پهچڍائي ايندي هئي ۽ هو اتي ئي سمهي پوندا هئا. هو اتي اهڙيءَ ريت رهندا هئا. جو مون کان ءٌ اگزينا کان سواءِ جيڪا روماس سان ڪتي وانگر وفادار هوندي هئي، ٻيو ڪوبه ماڻهو ڏسي نه سگهندو هو. ازات ۽ پانڪوف رات جي ويل انهن کي پنهنجن ٻيڙين ۾ چاڙهي، ڪنهن ويندر جهاز ۾ سوار ڪري ايندا هئا يا ”لوبتشڪي“ بند تي ڇڏي ايندا هئا. مان ڏسندو هوس ته هنن جي ٻيڙي اوندهه مٿان ترندي ويندي هئي ۽ جي چنڊ هوندو هئو ته چانديءَ جهڙي پانيءَ مٿان جهاز جي ڪپتان کي سگنل ڪرڻ لاءِ ٻيڙيءَ تي بتي پئي ٻرندي هئي. هنن کي اهڙيءَ ريت نهاريندي، منهنجي دل ۾ اهو خيال پيدا ٿيندو هئو ته مان به ڪنهن اهم ۽ پراسرار مهم ۾ ڀاڱي پائيوار آهيان.

        ڪڏهن ڪڏهن ميريا ديرينڪوف به شهر کان ايندي هئي. مون کي هينئر هن جي اکين ۾ سڳي رونق نظر نه ايندي هئي. جا اڳ مون کي پريشان ڪندي هئي. هينئر هن جون اکيون اهڙي نوجوان عورت وانگر هونديون هيون، جنهن کي پنهنجي خوبصورتيءَ جي پڪ هوندي هئي ۽ جيڪا انهيءَ تي خوش هوندي هئي ته وڏيءَ ڏاڙهي وارو مڙس هن ي قربان ويندو هئو. زوماس جو هن سان ڳالهائڻ جو ڍنگ ٻين ماڻهن سان ڳالهائڻ وانگر ئي سانتيڪو ۽ کلمک هوندو هئو.

        پر هن سان ڳالهائڻ ويل هُو پنهنجي ڏاڙهيءَ کي گهڙيءَ پيو مروٽيندو هئو. ۽ ان گهڙيءَ هن جي اکين ۾ پيار ڀريل چمڪ هوندي هئي. ميريا سموري نيرن ڪپڙن ۾ ويڙهيل هوندي هئي ۽ هن جي سونهري وارن ۾ به نيري ربين ٻڌل هوندي هئي. هن جي مٺڙي اواز ۾ خوشيءَ کي جڪڙڻ لاءِ تلاش پيا ڪندا هئا. ڪا ڳالهه مون کي وري نئين سر پريشان ڪندي هئي، ڪاوڙائيندي ۽ رقابت پيدا ڪندي هئي. ان ڪري جيترو جلدي ٿي سگهندو هئو. مان هن کان پاسو ڪندو هوس.

        جولاءِ جي وچ ڌاري ازات گم ٿي ويو. اهو چؤٻول هئو ته ٻڏي ويو آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان ڳالهه جي تصديق ٿي. ڳوٺ کان پنج ميل پري هن جي ٻيڙي ڪناري وٽ تري اچي بيٺي. ان جي تري ۾ ٽُنگ ۽ پاڇيل ڀڳل هئي. انهيءَ حادثي لاءِ اها سمجهاڻي ڏني وئي ته ازات کي ٻيڙيءَ تي ننڊ وٺي وئي هوندي ۽ ترندي ترندي وڃي تن جهازن سان ٽڪري هوندي، جيڪي ڳوٺ کان چار ميل پري ندي ۾ پيا اچ وڃ ڪندا هئا.

        انهيءَ وقت روماس ڪازان ۾ هو. شام جي وقت ڪوڪشڪن دڪان ۾ آيو ۽ اداس نموني ڳوڻين تي ويهي رهيو ۽ پنهنجن پيرن ڏانهن نهارڻ لڳو. پوءِ سگريٽ دکائيندي، پڇڻ لڳو، ”هو خوخول ڪڏهن موٽي ايندو؟“

        ”مون کي خبر ناهي؟“

        پوءِ هو اهڙي آواز ۾، جيئن ڪتي جي نڙيءَ ۾ هڏو اتڪي پوي ۽ ڪؤنڪاٽ ڪري، تيئن هو بي انتها گنديون گاريون ڏيڻ لڳو ۽ پنهنجي زخميل منهن کي پنهنجي هٿ سان مهٽڻ لڳو.

        ”ڪهڙي ڳالهه آهي؟“

        هو عجيب نموني گُهوري پنهنجن چپن کي چڪ وجهڻ لڳو. هن جي اکين مان رت پئي ٽميو، ۽ هن جي ڄاڙي ڏڪي رهي هئي. اهو ڏسي، ته هو جوش سبب ڳالجائي نه ٿو سگهي. مان سمجهي ويس ته ڪا خراب خبر آهي ۽ ان جي ٻڌڻ جو ڳڻتيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳس. آخر ڪار هڪ هڪ اکر ڪري. گهٽيءَ ڏانههي نهاريندي چوڻ لڳو، مان مگون سان گڏ ٻيڙي ڏسي آيو آهيان-ازات واري بيڙي ان جي تري وارو ٽُنگ ڪهاڙي سان ڪيل آهي. سمجهين ٿو؟ انهيءَ جو مطلب ته ازات کي خون ڪيو ويو هئو، خون.....مون کي يقين آهي هن کي خون ڪيو ويو هئو.“

        هن جو ڪنڌ ڏڪي رهيو هئو، هن جي وات مان هڪٻئي پٺيان گنديون گاريون نڪري رهيون هيون ۽ هن جي اندر ۾ ڳوڙها اُڀامي رهيا هئا. پوءِ هو ماٺ ٿي ويو، ۽ ڪيترا ڀيرائي پاڻ تي صليب جو نشان بنايائين. هن جي اها حالت هُئي ته هن روئڻ پئي گهريو پر روئي نه پئي سگهيو، مون کان ڏٺي نه ٿي پڳي. هو خار ۾ ڏڪي رهيو هو ۽ ڪاوڙ ۽ ڏک سبب هن جو دم گهٽجي رهيو هئو. پوءِ، هو ڪنڌ ڌوڏيندو اٿي کڙو ٿيو ۽ هيلو ويو.

        ٻئي ڏينهن ڇوڪرن جي تولي نديءَ ۾ ترندي ازات جو لاش ڏٺو. ڳوٺ جي ويجهو هڪرو ڀڳل بتيلو ڪناري سان لڳو بيٺو هئو. ان جو اڌ ڪناري جي پٿرين تي هئو ۽ اڌ نديءَ جي پانيءَ ۾. ازات جو لاش ان جي هيٺان پيو هئو. هن جو لاش ڀڳل بتيلي جي هڪڙي پٺيءَ سان اٽڪيو پيو هئو؟ ان جو منهن هيٺ هئو. ازات کي ڪنهن پٺيان ڪهاڙيءَ جو ڌڪ وهائي ڪڍيو هئو. جنهنڪري هن جو پٺيون کوپريءِ وارو حصو وڍجي ويو هئو. پاڻيءَ جي وهڪري هن جي جسم کي پئي لوڏيو ۽ لوڙهيو، جنهنڪري هن جا هٿ ۽ پير ڪناري ڏانهن ايئن پئي وڌيا ڄڻ ته هو پاڻيءَ مان باهر نڪرڻ لاءِ پنهنجو سمورو زور لڳائيندو هجي.

        اٽڪل وياهرو کن ڳوٺانا اتي-مڙي ويا هئا. هنن جا چهرا اداس ۽ سنجيده ٿي لڳا. هي ڳوٺ جا شاهوڪار ماڻهو هئا. ڇاڪاڻ ته غريب اڃا ٻنين تان موٽيا ئي نه هئا. شهر جو مُکي، بندرو ۽ ڊڄڻو مڙس، ڌمڍر لڳايو بيٺو هئو ۽ پنهنجي لٺ کي پئي ڦيريائين. گهڙيءَ گهڙيءَ نڪ سُڻڪي پنهنجي گلابي رنگ جي قميص جي ٻانهن سان اگهي پئي ڇڏيائين. ڪزمن ڊينڊي قد ۽ ننڍين تنگن وارو دڪان وارو، جنهن جو پيت ٻاهر نڪتل هئو، پنهنجو ڄنگهون وٿيريون ڪري کوليون بيٺو هئو ۽ پنهنجين ڪاوڙيل اکين سان گهڙيءَ ڪوڪشڪن ۽ گهڙيءَ مون ڏانهن پئي نهاريائين. ڏک جي ڪري هن جون اکيون ڀنل ۽ هن جو ماتا جي داغن وارو مهن رحم جهرو ٿي لڳو.

        ”ڪهڙو نه ڌڪ هنيون اٿائونس!“ پنهنجن ڦڏن پيرن سان هيڏي هوڏي اچ وڃ ڪندي. مُکي مِڻڪڻ لڳو.

        هن جي بدن ۾ ڀريل نُهن نديءَ جي ڪناري هڪڙي پٿر تي ويٺي هئي، پنهنجن خيالن ۾ گم اکين سان پاڻيءَ ڏانهن پئي نهاريائين، ۽ پنهنجن ڏڪندر هٿن سان پاڻ تي صليب پئي بنايائين. هن جا چپ پئي چريا. هن جو هيٺيون چپ ڪتي جي چپ وانگر هيٺ لڙڪيو پيو هئو. جنهنڪري هن جا رڍ جهڙا سفيد ڏند ڏسڻ ۾ پئي آيا. ٽڪرين تان عورتن ۽ ٻارن جا ڌڻ ۽ ٻنين مان مٽيءَ ۾ ميرن ڪڙمين جا ميڙ اچي رهيا هئا.

        ماڻهن جي ميڙ مان هلڪي ڀڻ ڀڻ اچي رهي هئي. ”هو فتنه انگيز هئو......“ ”ڪير-هيءُ؟“ توهان ڪوڪشڪن جي ڳالهه ڪندا هوندا.“ هن ويچاري جو ناحق خون ڪيو اٿائون.“ ”ازات صلح وارو ماڻهو هئو.“

        ڪوڪشڪن هنن تي رڙ ڪري چڙهي ويو. ”صلح وارو! پوءِ هن کي ڇو خون ڪيو اَٿَوَ؟،

        اوچتو هڪڙي عورت چرين وانگر کلڻ لڳي. هن جي کل ڄڻ هنٽر هئي. جنهن ماڻهن تي ڌڪن جو وسڪارو پئي ڪيو. اتي مڙيل هارين ۾ لُڙ پئجي ويو ۽ هڪٻئي کي گاريون پئي ڏنائون ۽ اُلرون پئي ڪيائون. ڪوڪشڪن اڳتي وڌي دڪاندار کي منهن واري ٿڦ وهائي ڪڍي، ”اچي وٺ هيءَ....ڪتا ڪنهن جاءِ جا!“

        ڪوڪشڪن ماڻهن جي وچ ۾ پنههنجن مڪن سان رستو بنائيندو، مون وت آيو ۽ مون کي رر ڪري چوڻ لڳو، ”هليو وڃ! هتي اجهو ٿيو جهيڙو مچي.“

        هن کي اول ئي ڪجهه ڌڪ لڳا هئا ۽ زخميل چپ مان رت پئي وهيس، پر هن جو منهن خوشيءَ ۾ ٻهڪي رهيو هئو. ڏٺئه ڪزمن کي ٿڦ وهائي ڪڍيم؟“

        بارينوف اسان ڏانهن دڪندو آيو ۽ پتيلي وت ڪٺي ٿيل ماڻهن جي ميڙ ڏانهن ڪنڌ ورائي خوف ۽ هراس سان پئي نهاريائين. جتان مکيءَ جو سنهڙو چيٽ جهڙو آواز اچي رهيو هئو. ”توهان کي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته مان ڪنهن جي پس خاطري ڪريان، ثابت ڪري ڏيکاريو.“

        ”بهتر آهي ته هليا هلون“، بارينوف چيو. ۽ هو ٽڪريءَ تان لهڻ لڳو. ان شام جو ڏاڍي گهت هئي. گهرميءَ ۾ ساهه کڻڻ به مشڪل هئو. سج گلابي ڪڪرن جي پٺياڻ لڪي رهيو هئو ۽ ان جا سرخ ڪرڻا سائيءَ ساوڪ تي پُجي رهيا هئا. پري ڪٿي آسمان ۾ گجگوڙ ٿي رهي هئي. منهنجن نظرن ۾ ازات تري رهيو هئو. هن جي ڀڳل کوپريءَ تي پاڻي ۾ لريل وار سڌا بيٺا هئا. مون کي هن جو آواز، هن جو مزيدار ڳالهائڻ ياد اچي رهيو هئو. ”خوخول جيتوڻيڪ لوهه جو جڙيل ٿو لڳي. پر هن جي دل به ٻارن جهڙي آهي.“

        منهنجي ڀرسان ڪوڪشڪن ڪور مان رڙ ڪئي. ”اسان سڀني جوبه اهو انت ٿيندو! الا، اها ڪهڙي نه چرپائپ جهڙي ڳالهه آهي!“

        ٻن ڏينهن کان پوءِ خوخول رات جو دير سان واپس وريو. هو ڪنهن ڳالهه تي ڏاڍو خوش پئي لڳو. اها ڳالهه هن جي ڏاڍي پيار ڀري نموني پيش اچڻ مان پڏري پئي ٿي. منهنجي ڪلهن کي ٺپريندي چوڻ لڳو، ”مئڪسم، تو پوري ننڊ نه ڪئي آهي.“

        ”ازات کي خون ڪري ڇڏيو اٿائون.“

        ”ڇه------ــا؟،

        هن جي ڳلن جا هڏا ٻاهر نڪري آيا، هن جي ڏاڙهي ايئن ڏڪي رهي هئي، ڄڻ ڪا ندي هن جي ڇاتيءَ ڏانهن وهندي پئي ويئي. هو وچ ڪمري ۾ بيهي رهيو، هن جي ٽوپي اڃان هن جي مٿي تي هئي. هن جون اکيون چُنجهيون ٿي وين ۽ پنهنجو مٿو لوڏيندي، پڇڻ لڳو، ”اهو پتو پيو ته ڪنهن ڪيو آهي؟ نه.....“

        هو هوريان هوريان دريءَ ڏي وڌيو. هيٺ ويهي، ڄنگهون ڊگهيريائين. ”مون هن کي خبردار ڪيو هو، ڇا، پوليس آئي هئي؟“

        ”ڪلهه.“

        ”ها، پوءِ ڇا ٿيو؟“ پوءِ پنهنجي سوال جو پاڻ ئي جواب ڏئي ڇڏيائين، ”ڪجهه به نه!“

        مان هن کي ٻڌايو ته پوليس وارو، هميشه وانگر، ڪزمن جي گهر ۾ رهيو هو. انهيءَ کان پوءِ ڪوڪشڪن کي ڪزمن کي ٿڦ هڻڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪرڻ ويو هو.“

        ”ها، انهيءَ بابت ڪو ڇا ٿو چئي سگهي؟“

        مون بورچيخاني ۾ ڪٽليءَ کي گرم ڪرڻ لاءِ هليو ويس. چانهه پيئن ويل روماس چوڻ لڳو، ”هنن ماڻهن تي ڏاڌو افسوس ٿئي! پنهنجن بهترين ماڻهن کي خون ڪري ٿا ڇڏين. ايئن ٿو لڳي ته جيترو ڪو چڱو ماڻهو انهن ۾ ٿو ٿئي، اوترو هن انهن کان ڊڄن ٿا. جڏهن مون کي سائبيريا وٺي پئي ويا، تڏهن هڪڙي قيديءَ جو پنجن چورن جي تولي جو ساردار هو، هيٺين ڳالهه ٻڌائي.

        ”اسان پنجن چورن مان هڪڙي چيو، ”دوستو، سڌي راهه اختيار ڪرڻ بابت اوهان جو ڪهرو خيال آهي؟ چوريءَ مان اسان کي ڪجهه به نه پر مصيبت ۽ پريشاني حاصل ٿي ٿئي. پوءِ هڪڙي ڏينهن جڏهن هو نشو پي نند ڪري رهيو هئو ته هن کي گهو گهو ڏئي ماري ڇڏيوسين.“ جنهن ماڻهوءَ مون کي اها ڳالهه ٻڌائي ان قبل ڪيو ته هن ٻيا به ٽي خون ڪيا هئا، پر هن کي ان ڳالهه تي ڪوبه شرم محسوس نه ٿي ٿيو. پر ان ڏينهن تائين پنهنجي مقتول ساٿيءَ جي ساراهه ڪندو ٿي رهيو، ”هو واقعي مڙس هو، طبعيت جو سٺو، هوشيار ۽ ايماندار، پر ڇا ڪري پئي سگهياسين؟“ هو چوڻ لڳو، ”هڪڙو چڱو ماڻهو چئين بدمعاسن ۾ ڍحيو ئي نه پئي. ٻيو رستو ئي نه هوا!“

        خوخول ڪمريک ۾ اچ وڃ ڪرڻ لڳو، هن جو پائپ هن جي وات ۾ هئو، هن جا هٿ هن جي پٺيءَ هئا، هن جي ڊگهي تاتاري قميص هن جي اگهاڙن پيرن سان گسي رهي هئي، ۽ هو هوريان خيال ۾ ٻڏل لهجي ۾ اهڙيءَ ريت ڀڻڪي رهيو هو. ڄڻ پاڻ سان ڳالهائيندو هجي. ”مون ڪيترا ڀيرا ڏٺو اهي ته ماڻهو نيڪ ماڻهوءَ جي مخالفت ڪندا اهن، ۽ انهن کي خون ڪري ڇڏيندا آهن. چڱن ماڻهن سان ٻن نمونن جي هلت ٿيندي آهي: يا ته هنن کي ڳولي ڦولي ختم ڪيو ويندو آهي يا ته ماڻهو هن جي پوڄا ڪرڻ لڳندا آهن، انهن جي اڳيان ڪتن وانگر پيٽ-ڀر پيا هوندا آهن-پر اها ڳالهه ورلي ٿيندي آهي، جو هنن جو مثال وٺي، هنن جهڙي زندگي گهارڻ سکن-نه سائين نه! اصل نه ڪندا يا ايئن ڍئجي ته هو ايئن ڪرڻ گهرن ئي نه ٿا.“

        پنهنجي ٿڏيءَ چانهه جو گلاس کڻندي. چوڻ لڳو، ”هو ڪري سگهان ٿا پر ڪندا نه، اهو انهيءَ ڪري اهي، جو ماڻهن پنهنجي لاءِ اها ڪريل زندگي ٺاهي ڇڏي آهي ۽ پان کي ان تي هيرڻ جي جاکوڙ ڪئي اٿن ۽ اوچتو ئي ڪو ماڻهو اچي ٿو ۽ ان ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، ۽ چوي ٿو اوهين جنهن نموني رهو ٿا اهو غلط آهي......“

        ”غلط؟ توتي خدا جي مار، اسين پنهنجون بهترين ڪوششون ۽ صلاهيتون انهيءَ زندگيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ صرف ڪيون آهن – توسان قطع تعلق آهي. آئيندي اسان کي تنگ ڪرڻ نه ايندو ڪر!“ ها، يقيناً اهي سچار آهن، جيڪي چون ٿا، ”توهين غلط نموني رهو ٿا.“ ۽ سچ انهن جي طرف آهي ۽ اهي ئي آهن جي بهترين حياتيءَ جي راهه ڏيکارين ٿا.“

        پنهنجن ڪتابن جي ڪٻٽ ڏانهن اشارو ڪندي، چوڻ لڳو. ”خاص طرح هي ڪاش! مان لکي سگهان، پر مان لکي نه سگهندس. منهنجا خيال ڏاڍا انوکا ۽ چريائپ جهڙا آهن.“

        ميز تي ٺونٺيون رکي، پنهنجو مٿو هٿن ۾ ڏئي، چوڻ لڳو، ”ويچارو ازات، ڪهڙي نه افسوس جهڙي ڳالهه!“ ۽ گهڻو وقت ايئن ويهڻ کان پوءِ چوڻ لڳو. ”چڱو، هل ته سمهون.“

        مٿي پنهنجي ڪمري ۾ دريءَ وت ويٺو هوس. وڄ جي روشني ٻنين جي مٿان ور وڪڙ کائي رهي هئي. جنهن سان اڌ آسمان روشن ٿي پئي ويو. جڏهن ڪڪرن مان سرخ روشني پئي نڪتي، ته ايئن ٿي لڳو ته چند خوف مان پٺري هٽي پئي ويو. ڪتا زور سان ڀؤنڪي رهيا هئا، جيڪڏهن انهن جي ڀؤنڪ نه هجي ها ته ماڻهو پنهنجي خيال ۾ پاڻ کي ڪنهن سُڃي ٻيٽ ۾ رهندڙ محسوس ڪري ها. آسمان ۾ گجگور ڪري گرم ۽ گهٽيندڙ ها جا جهوٽا دريءَ مان اندر هليا ٿي آيا.

        مان پنهنجن خيالن ۾ وري ازات کي ڏٺو. هو نديءَ جي ڪناري، بيدن جي وڻن جي ڇانو هيٺ اهليو پيو هئو. هن جو نيراڻ مائل چهرو آسمان ڏانهن هئو ۽ هن جون شيشي وانگر چمڪندڙ اکيون پنهنجن خيالن ۾ ئي گم هيون. هن جي سونهري ڏاڙهيءَ جي وارن جي چڳن ذري گهٽ هن جي وات کي چڪي ڇڏيو هئو. جو حيرت مان کليو پيو هئو. مون کي ايئن ٿي لڳو ڄن هو چئي رهيو هئو. ”الڪسي، جڳ کي قرب ۽ پيار جي سڀني شين کان وڌيڪ طلب آهي. مان ايسٽر کي پيار ڪندو آهيان. ڇاڪاڻ ته اهو سال جي سڀني ڏڻن کان وڌيڪ چڱو آهي. ”هن جي آسماني پتلون، جا هن ڌوئي سُڪڻي وڌي هئي. سا سڪي هن جي ڄنگهن مٿان ڪري پيئي هئي. مکيون هن جي منهن جي مٿان ”ڀون ڀون“ ڪري رهيون هيون. ۽ هن جي منهن مان گندي بوءِ نڪري رهي هئي.

        ڏاڪڻ تي ڳورن قدمن جو دٻڪو ٻڌڻ ۾ آيو. روماس دروازي مان جهڪي اندر داخل ٿيو، منهنجي کٽ تي ويهي، پنهنجي ڏاڙهيءَ کي پنهنجن هٿن ۾ جهليندي، چوڻ لڳو، ”توکي پتو آهي، مان شادي ڪري رهيو آهيان!“

        ”عورت لاءِ هتي گذارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ”مون چيو. روماس مون ڏانهن اهڙي خيال سان نهاريو، ڄڻ ٻڌڻ گهرندو هجي ته مان وڌيڪ ڇا ٿو چوڻ چاهيان، پر مون کي وڌيڪ ڪجهه به چوڻو نه هئو. وڄ جي تجيءَ سان ڪمرو سڄو روشنيءَ سان ڀرجي ويو.

        ”مان ميري ڊيرينڪوف سان شادي ڪري رهيو آهيان. ”مان پنهنجي مرڪ روڪي نه سگهيس. ان وقت تائين مون کي اها ڳالهه خيال ۾ ئي نه آئي هئي، نه ميريا کي ”ميري“ به ڪوٺي سگهجي ٿو. اها ڳالهه مون کي کِل جهڙي لڳي. مون کي اها ڳالهه ياد ئي نه پئي آئي ته ڪڏهن هن جي پيءَ يا ڀاءُ هن کي ان نالي سان سڏيو هجي.

        ”ڇپ ٿو مڪرين؟“

        ”ايئن“

        ”سمجهين ٿو ته مان هن جي ڀيٽ ۾ ڪراڙو آهيان.

        ”ڪڏهن به نه.“

        ”هن مون کي ٻڌايو آهي ته تون هن سان محبت ڪندو هنين.“

        ”ها، مان سمجهان ٿو مان ڪندو هوس.“

        ”ختم ٿي ويئي آهي؟“

        ”ها، مان سمجهان ٿو ختم ٿي وئي آهي.“

        هن پنهنجي ڏاڙهيءِ تي هٿ ڦيرڻ بند ڪري، سنتيڪي نموني چيو، ”تنهنجي عمر ۾ ماڻهو سمجهندو آهي، ته هو محبت ٿو ڪري، پر منهنجي عمر ۾ سمجهڻ واري ڳالهه غلط آهي، جي محبت ٿي ته دل ۽ دماع تي قبضو ڪري وٺندي، خيالن ۽ قوت کا پنهنجو اهڙو تابع بنائيندي. جو ٻئي ڪنهن خيال ڪرڻ جو موقعو ئي نه ملندو.“ جيئن هو ڳالهه ڪري رهيو هو، هن جا سفيد ڏند چمڪي رهيا هئا. ”آڪٽيم“ جي ٿاڪ وٽ ائنٽونيءَ آڪٽيوس کان لڙائي صرف انهيءَ ڪري هارائي، جو ڪمانڊر جي فرضن کي نظر انداز ڪري، پنهنجي ٻيڙي سان هو ڪلوپيٽرا تي ڪاهي ويو. جيڪا خوف ۽ هراس کان پنهنجي ٻيڙي ڀڄائي رهي هئي. محبت ۾ ماڻهو ايئن به ڪري سگهي ٿو!“

        هو اٿي بيٺو. پاڻ کي سڌو ڪري، ڳالهه کي اهڙي نموني دهرائيندي چيائين ڄڻ هو ڪنهن اهڙيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪري رهيو هو جا پنهنجي مرضيءَ جي برخلاف ڪندو هجي.

        ”ڪيئن به-مان شادي ڪري رهيو آهيان.“

        ”ڪڏهن؟“

        ”سرءُ ۾، جڏهن صوف پچي راس ٿيندا.“

        هو ضرورت کان زياد جُهڪي دروازي مان ٻاهر هليو ويو ۽ مان اهو خيال ڪندي ته مون کي سرءُ کان اول هٿان وڃڻ گهرجي، وڇي بستري تي آهليس. هن ائنٽونيءَ جي ڳالهه ڇو ڪئي؟ اها مون کي پسند نه آئي هئي.

        آگست جي پهرين ڏينهن ۾ روماس ڪازان موٽي آيو. پاڻ سان گڏ ٻه ٻيڙيون بهآندائين. هڪڙي دڪان جي وَڪَرَ سان سٿيل هئي. ۽ ٻيءَ ۾ گهرو سامان هو. اهو هفتي جو پويون ڏينهن هو ۽ اٽڪل صبه جا اٺ لڳا هئا. خوخول مشڪل سان هٿ منهن ڌوِئي، ڪپڙا بدلائي، چانهه پيئڻ ويٺو هو ۽ چئي رهيو هو.”رات جي وقت نديءَ ۾ مسافري ڪرڻ ڏاڍي مزيدار آهي. ”ڳالهه کي اڌ ۾ روڪي، هيڏي هوڏي ناس هڻي، چوڻ لڳو. ”ڇا توکي دونهي جي بانس اچي ٿي؟“ ساڳئي وقت اگزينا رڙ ڪئي، ”باهه!“

        اسين ڊڪندا اڱڻ ۾ آياسين. ڇاپرو، جنهن ۾ اسان گاسليٽ، ڏامر ۽ تيل رکندا هئاسين، اتان باغ واري پاسي مان باهه جا اُلا نڪري رهيا هئا.
گهڙيءَ سواءِ لاءِ ته اسان جا طاق لڳي ويا. باهه جا زرد اُلا جي سج جي روشنيءَ ۾

 

جوليس سيزر جي مشهور قصي جا ڪردار (سنڌيڪار)

 

ميرانجهڙا پئي لڳا، سي اڳيئي ذري گهٽ ڇت کي پهچي ويا هئا.

        خوخول پاڻيءَ جي بالٽي جيڪا اگزينا ڀري آئي هئي، ٻرندڙ ديوار تي هاري، ان کي ڦتو ڪندي چيو، ”ڪوبه فائدو نه ٿيندو، اليڪسي پيپن کي ٻاهر ڪڍي وٺ! اگزينا تون دڪان ڏانهن ڊوڙي وڃ.“

        مان ڏامر باهر ڪڍي آيس، ۽ وري گاسليٽ جي پيپ کڻڻ لاءِ اندر ويس. جيئن ئي ان کي باهر پئي ڪڍيم ته ڏٺم ته ان جو ٻوچ کوليل هئو ۽ گاسليٽ وهي رهيو هئو. جيئن مان ٻوچ کي ڳولڻ لڳس باهه ديوار جي تختن مان اندر اچڻ لڳي. ڇت جو ٽڙڪو ٿيو ۽ منهنجي چؤگرد کرکو ٻڌڻ ۾ آيو. جڏهن مان اڌ خالي پيپ کي گهٽيءَ ۾ ٻاهر ڪڍي آيس. ته ٻارن ۽ عورتن جو ميڙ ڪٺو ٿي ويو هئو. جن دانهون ۽ رڙيون پئي ڪيون. خوخول ۽ اگزينا دڪان مان سامان ڪڍي ويجهي سڪي ناليءَ ۾ ڦٽو ڪندا پئي ويا. گهٽيءَ جي وچ ۾ هڪڙي پوڙهي عورت ڪارن ڪپڙن سان بيٺي هئي، جيڪا پنهنجي مڪ ڏيکاري ڍئي رهي هئي، ”اوه، شيطانو!“

        جڏهن مان وري ڇاپري ۾ آيس ته ڌٺم ته اهو دونهين سان ڀريو پيو هئو ۽ چؤطرف ڪاٺين جي سڙڻ ۽ ڀڄڻ جو اواز اچي رهيو هئو. ڇت مان قرمزي رنگ جون ڄڀيون پئي نڪتيون، ۽ ڀتيون تنور وانگر ٻري رهيون هيون. دونهين ۾ منهنجيون اکيرن انڌيون ٿي ويون ۽ دم گهٽجڻ لڳو. مان ڏاڍي مشڪل سان پيپ کي ريڙهي در تائين آندو ته در ۾ ڦاسي پيو ۽ مان ان کي ٻاهر ڪڍي نه سگهيس. ڇاڪاڻ ته ڇت مان اُلن جو مينهن وسڻ شروع ٿي ويو هئو ۽ منهنجي چمڙي سڙي رهي هئي. مان مدد لاءِ رڙ ڪئي، خوخول منهنجي ٻانهن کي سوگهو جهلي مون کي ٻاهر اڱڻ ۾ گهلي آيو.

        ”ڇڄ، ڄاڻ ٿو ڦاٽي!“

        مان هن جي پٺيان گهر ۾ ڊڪندو ويس ۽ پنهنجن ڪتابن کي بڍائڻ لاءِ تڪڙو تڪڙو پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ هليو ويس. ڪتابن کي کني دريءَ مان هيٺ ڦتو ڪندو ويس. توپين جو کوکو کڻي دريءَ مان هيٺ ڦٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهو تمام وڏو هئو. مان دريءَ جي پاسن کي هڪڙي ڳوري وٽ سان ڀڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس، ته ڇت تي ڪنهن شيءِ جي ڪرڻ ۽ ڇت تي لاٽ ڪرڻ جو آواز ٻڌم. مان سمجهي ويس ته گاسليٽ جو پيپ ڦاٽو هوندو. ڇت کي باهه لڳي وئي ۽ پنهنجي مٿان ڊيڄاريندر آواز ٻڌڻ لڳس. اُلا دريءَ کي چوڌاري وٺي ويا ۽ ڪوٺي کوري جهڙي گرم ٿي ويئي. مان تڪڙو تڪڙو ڏاڪڻ ڏانهن ڀڳس. ڏٺم ته ان کي به باهه وٺي وئي هئي، جا مٿي وڌندي پئي آئي. هيٺان اهڙو کرڪو پئي آيو ڄڻ لوهه جا ڏند ڪاٺ کي رڙڪي رهيا هئا. مون کي هراس وٺي ويو. دونهين منهنجون اکيون انڌيون ۽ دم گهٽي ڇڏيو هئو. مان اتي وائڙو ٿيو بيٺو هوس ته منهنجي مٿي جا وار سُون سُون ڪري رهيا هئا ۽ اهوئي هڪڙو آواز هئو. جنهن جو مون کي پتو پئي پيو، مون سمجهيو ته مان مري رهيو آهيان، منهنجو جنگهون شيهي جهڙيون ڳوريون ٿي ويون ۽ منهنجو اکيون، جيتوڻيڪ انهن کي مون پهنجن هٿن سان ڍڪي چڏيو هئو، سڙي رهيون هيون.

        زندگيءَ جي خيال مون کي بچڻ جو واحد رستو ڏيکاريو. پنهنجي مٿي تي خوخول جي رچ جي کل واري جئڪيٽ ويڙهي، جيڪي نرم شيون هٿ آيم: جيئن پنهنجي پٿرڻي، وهاڻو وغيره، اهي بت کي ويرهي وٺي دريءَ مان گُهت هنيم.

        جڏهن هوش ۾ آيم ڏٺم ته ناليءَ جي ڪناري تي پيو هوس. منهنجي ڀرسان روماس بيٺو هئو. جنهن رڙ ڪري پڇيو، ”ٺيڪ آهين نه؟“

        مان لڏندو لمندو، پيرن تي زور ڏئي، اٿي بيٺس ۽ وائڙين اکين سان ڏٺم ته اسان جي جهوپڙي قر مزي رنگي جي شعلن ۾ خاڪ ٿي رهي هئي ۽ ان مان نڪرندڙ غصي ۾ ڀريل ڄڀيون ڪاريءَ زمين تائين پهچي رهيون هيون. درين مان ڪارو دونهون نڪري رهيو هو ۽ ڇت تي زرد اُلا نچي رهيا هئا.

        ”هاني ڪيئن آهين؟“ وري خوخول رڙ ڪئي. هن جو منهن دونهاٽيل ۽ پگهر سان شل هئو، جنهن مان مٽيءَ گاڏڙ ڳوڙها ٽمي رهيا هئا. هن جون اکيون پريشانيءَ مان ڦڙڪي رهيون هيون. ٿورا ڪڪ هن جي ڏاڙهي ۾ اٽڪي پيا هئا. مان تازگيءَ ڏيندڙ خوشي ۽ بي انتها مسرت محسوس ڪري رهيو هوس، پر کاٻي پير ۾ اهڙي سور جي سٽ اڀري، جو وري ليٽي پيس، ”منهنجو پير مڙي پيو آهي.“ مون خوخول کي چيو.

        هن ان کي جاچي ڏٺو ۽ اوچتو وٺي ست ڏنائينس. مان ڏاڍو سور محسوس ڪرڻ لڳس، پر ٿوريءَ گهڙيءَ کان پوءِ مان پاڻ کي ٺيڪ محسوس ڪرڻ لڳس، جيتوڻيڪ اڃا منڊڪايم پئي، ته به جيڪو سامان اسان بچا.ي ورتو هئو، سر ڌوٻي گهر ڏانهن ٺوئڻ شروع ڪيم.

        روماس وات ۾ پائيپ جهليندي چوڻ لڳو، ”جڏهن وپيپ ڦاٽو ۽ باهه ورتل گاسليٽ اچي ڇت تي پيو، تڏهن مون کي پڪ ٿي ويئي ته تون جيئرو جلي ويندين. پهريان ته شعلو هوا ۾ ٿنڀي وانگر نظر آيو، پر جلديئي کنڀي وانگر پکڙجي ويو ۽ سموريءَ ڇت کي وچڙي ويو. تنهنڪري مان چوڻ لڳس ويچارو اليڪسي سڙي ويندو.“

        نالي جي مٿان سفيد پنن جا پرزا دونهين ۾ پئي اڏاميا. ”آه“، روماس ڏک مان چيو، ”منهنجا ڪتاب مون کي ڪهڙا نه پيارا هئا!“

        هاڻي باهه چئن جهوپڙين کي وٺي هئي. هوا ڪانه هئي تنهنڪري باهه هوريان هوريان کاٻي ساجي وڍي رهي هئي. ان مان نڪرندڙ سعلا پاڻهئي اڏامي وڃي لوڙهن ۽ ڀتين کي پئي وچڙيا. شعلن جا سرخ چنبا ڇت تي پيل ٽوئن ۽ ڇپرن کي سوگهو وٺي پئي ويا ۽ باهه جي اُلن جا رت جهڙا سرخ هٿ ستارِ وانگر لورهن جي مٿان سرڪي رهيا هئا. دونهين ڀريل هوا مان الن جو ظلم ڀريو سُرُ ۽ جهوپڙين جي ڪاٺ سڙڻ جا آواز اچي رهيا هئا. دونهين جي بادلن مان سرخ ٽانڊا اڏامي اچي گهٽيءَ ۾ پئي پيا. ماڻهو بي مقصد هيڏي هوڏي پئي ڊوڙيا. هر ڪنهن کي پنهنجي گهر ۽ سامان جي ڳڻتي لڳي پئي هئي. فضا ۾ چؤطرف ”پاني، پاڻي“ جا واڪا پئي ٻڌڻ ۾ آيا.

        ڳوٺ کان پري ڪريءَ جي پيرن وٽ وولگا نديءَ ۾ هنن جو گهربل پاني هئو. رومساس ڪنهن ڳوٺاڻي کي ڪلهي کان ورتو، ڪنهن کي ٻانهن کان ورتو ۽ سڀني کي ڪٺو ڪري ٻن ٽولن ۾ ورهايائين ۽ انهن کي ڍيائين ته جنهن طرف باهه پکڙجي رهي آهي. انهيءَ طرف جيڪي به لوڙها ۽ ڇاپرا آهن، انهن کي ڊاهي ڇڏيو. هن جي اڳواڻيءَ هيٺ باهه، جنهن سموري ڳوٺ کي ساڙي پٽ ڪرڻ پئي گهريو، جو مقابلو وڌيڪ سهڻي ۽ منتظم نموني ٿيڻ لڳو، انهيءَ هوندي به ماڻهو اهڙو ته ڀَوَ ۽ بي دليائيءَ سان ڪم ڪري رهيا هئا، ڄڻ ته بيگر وهندا هجن!

        مان وڏي جوش سان ڪم ڪري رهيو هوس ۽ پاڻ ۾ بي انتها طاقت پئي محسوس ڪيم،. مون ڏٺو ته شاهوڪار ڳوٺاڻا ڪزمن ۽ مُکيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ گهٽيءَ جي ڇپڙي وت بيٺا هئا. انهن پان ته ڪجهه به نه پئي ڪيو. باقي پنهنجا هٿ  ۽ لڪڻ لوڏي ٻين کي مشورا پئي ڏنائون. ڪيترائي ماڻهو ٻنينن مان پنهنجن گهوڙن تي چڙهي دڪندا پئي آيا. ٻار ۽ عورتون رڙندا ۽ روئندا، انهن ڇانهن وڌي پئي ويا.

        ٻئي محلي جي ڇاپرن ڏانهن باهه ڌوڪي رهي هئي. ماڻهو اتي جي طنبيلي کي، جنهن کي باهه وٺي وئي هئي، تڪڙو ڊاهي رهيا هئا. ماڻهو جيئن انهيءَ طبيلي جي ڪاٺ جي ديوارن کي ڪاراين سان ڪٽي رهيا هئا ته سندن مٿان به الن ۽ ٽانڊن جي برسات پئي وسي ۽ هو ٽپو ڏئي پري ٿي پئي ويا ۽ پنهنجن قميصن کي، جن مان چڻڱون نڪري رهيون هيون، وسائڻ پئي لڳا.

        ”ڀڄو نه“، خوخول رر ڪئي، پر هون نه بيٺا. خوخول ڇڪ ڌئي هڪڙي ماڻهوءَ جي توپي لاهي منهني مٿي تي رکندي چوڻ لڳو، ”تون ڪارائيءَ کي هوڏانهن وٺ ۽ هيڏانهن مان ٿو وٺانس.“

        اسان هڪڙي ٿنڀي کان پوءِ ٻئي ٿنڀي کي وڍيو. ته ديوار لڏڻ لڳي. مان ان تي مٿي چڙهي ويس. خوخول ڇا ڪيو ته ڪاٺ جي ڀت کي ڪيرائڻ لاءِ مون کي پيرن کان وٺي ڇڪيائين. ديوار مون سان گڇ اڍي پَٽَ تي پيئي ۽ مان ان جي تختن ۾ ذري گهٽ پورجي ويس. ڳوٺاڻا يڪدم سمورو ڪاٺ گهٽيءَ ڏانهن کڻي ويا.

        ”چوٽ ته نه آيئه؟“ روماس پڇيو. هن جي اهڙي توجهه ڪري، مون ۾ ٻيڻي طاقت پيدا ٿي ويئي. مان هن ماڻهوءَ کي جيڪو مون کي ڏاڍو پيارو هو. راضي ڪرڻ لاءِ ڏاڍو منتظر هوس. انهيءَ ڪري هن جي ساراهه حاصل ڪرڻ لا3 ڇتي نموني پاڻ پتوڙي رهيو هوس. دونهين جي بادلن ۾ اسان جي ڪتابن جا پنا ڪبوترن وانگر هيڏي هوڏي اڏامي رهيا هئا.

        ساڄي پاسي اسان باهه کي وسائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، پر کاٻي پاسي باهه وڃي ڏهون گهر کنيو هئو. ڪجهه ماڻهن کي ساڄي پاسي انهيءَ لاءِ ڇڏي ته متان وساڻل باهه وري ڀڙڪي اٿي. روماس پاقي ماڻهن سيمت کاٻي پاسي هلڻ لڳو. جيئن ئي اسين شاهوڪار ڳوٺاڻن جي اڳيان، جي ماٺ ڪيو بيٺا هئا لنگهاسين ته مون کي هڪرو ذليل ڍيڪ ٻڌڻ ۾ آيو، ”هٿ سان باهه ڏنل آهي.“

        ۽ دوڪاندار ڪزمن چوڻ لڳو، ”هن جي ڌوٻي – گهر جي تلاشي وٺڻ لاءِ ڇا ٿا ڍئوئ“ انهن لفظن جو منهنجيءَ دل تي ڏاڍو برو اثر پيو.

        جڏهن ماڻهو کي جوس هوندو اهي ته ماڻهوءَ جي طاقت ٻيڻي ٿي ويندي اه. مان پنهنجي اتساهه سان گهڻي وقت تائين جيتري منهنجي طاقت هئي اوترو ڪم ڪندو رهيس. پر پوءِ اوچتو ئي اوچتو ٿڪ ۾ چوري ٿي ويهي رهيس. مون کي ياد اهي ته مان ميدان ۾ ڪنهن گرم شيءِ کي ٽيڪ ڏيو وٺو هوس. روماس بالٽيءَ مان منهنجي مٿان پاڻي هاري رهيو هئو ۽ منهنجي چؤگرد مڙيل ڳوٺاڻا. مون ٻڌو پئي ته چئي رهيا هئا، ”ڇڪرو طاقت وارو آهي.“

        ”پٺتي پوڻ وارو مڙس ئي ناهي.“

        پنهنجو مٿو روماس جي ڄنجهه سان لڳائي سواءِ ڪنهن حجاب جي اچي روئڻ ۾ ٽڪيس. روماس پنهنجي آلن وارن جي مٿان هٿ گهمائيندي چيو، ”تو ڪافي ڪم ڪيو آهي، هاڻي آرام ڪر.“

        ڪوڪشڪن ۽ بارينوف دونهين ۾ ڪوئلي وانگر ڪارا ٿيل مون ڪي سهارو ڏيندا. نالي تائين وٺي آيا، ۽ واٽ تي مون کي دلداري ڏيندي چوڻ لڳا، ”ادا، سڀ خير آهي، باهه وسامي وئي، ڊڄ نه!“

        مون اڃا پورو ساهه ئي نه کنيو هو، ته ڏٺم ته اٽڪل ڏهه کن شاهوڪار ڳوٺاڻا مڱيءَ جي رهبريءَ هيٺ اسان جي ڌوٻي – گهر ڏانهن وڌي رهيا هئا. انهن جي پٺيان روماس کي به سپاهي بانهن کان جهليو پئي آيا.

        روماس مٿي اگهاڙو هئو ۽ هن جي قميص جي هڪڙي ٻانهن پسيل ۽ ليڙون ليڙ هئي. هن جو پائپ هن جي ڏندن ۾ هئو. هن جون ڀروون تاڻيل ۽ منهن ۾ سُونڊ هئي.

        ڪوستين ڪاٺيءَ سان الر ڪري واڪا ڪري رهيو هو، ”هن ڪافر کي باهه ۾ ڦٽو ڪيو.“

        ”ڌوٻي – گهر کي کول.“

        ”ڪلف کي ڀڃو.“ روماس رڙ ڪئي، ”ڪنجي وڃائجي وئي آهي.“

        مان زمين تان لٺ کڻي ٽپو ڏئي اٿيس ۽ هن جي پٺيان بيهي رهيس. سپاهي جي هن کي جهليو بيٺا هئا. سي هن کي ڇڏي پٺتي هٽي بيٺا ۽ مکي چوڻ لڳو، ”ڪلف ڀڃڻ، غير قانوني آهي.“

        ڪزمين مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”ٻيو هي به آهي، پر هي اهي ڪير؟“

        ”ٿڌو ٿيءُ.“ روماس مون کي چيو. ”هي سمجهن ٿا ته مان سامان ڌوٻي – گهر ۾ لڪائي دڪان کا باهه ڏني آهي....؟

        ”تونهان ٻنهي.“

        ”ڪلف کي ڀڃو.“

        ”عيسائيو!“

        ”انهيءَ لاءِ اسين جوابدار آهيون.“

        ”پٺي پٺيءَ سان ملائي بيهه“، روماس مون کي بلڪل آهستي چيو، ”جيئن هو پٺيان وار ڪري نه سگهن.“

        ڪلف ڀڳو ويو ڪيترائي ماڻهو اندر ڌوڪي ويا ۽ تڪڙا ٻاهر نڪتا. انهيءَ موقعو جو فائدو وٺي، مان پاڻ واري لٺ روماس کي ڏني ۽ پاڻ لاءِ ٻي لٺ کڻي ورتم.

        ”هي ته خالي آهي.“

        ”اندر ڪجهه به ڪونهي؟“

        ”ڪجهه به نه.“

        ڪنهن هٻڪندي چيو، ”دوستو ڪافي ٿيو، هاڻي هلو.“

        جواب ۾ ڪيتريون نسٽي ۾ ٻڏلن وانگر  رڙيون ٿيون. ”ڇو! هن کا باهه ۾ ڦٽو ڪيو!“ روماس رڙ ڪئي. ”توهان اندر جهڙيتي ورتي. توهان ڏٺو اهي ته مون ڪابه شيءِ اندر لڪائي نه رکي آهي. اوهان کي ٻيو وڌيڪ ڇا کپي؟ توهان ڏسو ٿا ته سڀ ڪجهه خاڪ ٿي ويو آهي ۽ باقي جيڪي پچيو آهي، اهو به اوهان جي اکين اڳيان آهي. آخر مان پنهنجي ملڪيت ڇو برباد ڪندس؟“

        ”اها ! نشوئي ٿيل آهي!“

        ۽ وري اٽڪل ڊزن کن آواز گڏجي غصي ۾ واڪا ڪرڻ لڳا.

        ”ڪافي ٿيو! اسان هن جون گهڻيون ڳالهيون برداشت ڪيون آهن.“

        منهنجي اکين اڳيان اونداهي اچي ويئي ۽ منهنجون ڄنگهون ثڙڪڻ لڳيون. ڳاڙهسري ڌنڏ مان ڏٺم پئي ته وحشي ماڻهن جو هشام بيٺو هئو. جي پنهنجن بوجرن واتن سان واڪا ڪري رهيا هئا.

        جيئن ئي هو اسان جي چوگرد ڦري آيا، ته رڙيون ڪرڻ لڳا، ”اڙي ڏسيو، هنن کي لٺيون آهن.“

        ”لٺيون؟“

        ”مان سمجهان ٿو ته منهنجي ڏاڙهي پٽي ڪڍندا“، خوخول چيو ۽ مان ايئن محسوس ڪيو ڄڻ هن کلي اها ڳالهه چئي.

        ”۽ اليڪسي توکي به خوب ڪٽيندا، پر ٿورو ٿڌو ٿيءُ، صبر کان ڪم وٺ.“

        ”اڙي هن ڇوڪر کي ڏسي، ڪهاڙي کنيو بيٺو آهي!“

        انهيءَ تي، مون کي ياد اچي ويو ته منهنجي چيلهه جي پٽي ۾ ڊکڻ وارو واهولو لڳل هئو.

        ”مان سمجهان ٿو ته هو هاني ڍلاٿيندا ٿا وڃن، رومسا چيو، ”پر ڪجهه به ٿي پوي ته واهولو نه هلائجانءِ“

        هڪرو منڊو ڳوٺاڻو جنهن کي مان نه سڃاڻيدو هوس، هڪ ٽنگ تي منڊڪ منڊڪ ڪندي چوڻ لڳو، ”پثرن جو وسڪار ڪري ڀڄائي ڪڍون!“

        هن ڇا ڪيو جو زمين تان پٿر کڻي مون کي پيٽ وارو وهائي ڪڍيائين، پر اڃا مان جواب ڏيانس ان کان اول ڪوڪشڪن هن جي مٿان باز وانگر اچي سهڙيو ۽ ٻئي وڙهندا وڃي کڏ ۾ پيا. ڪوڪشڪن جي پٺيان بارينوف، پانڪو ۽ ٻيا ڊزن کن ماڻهو اچي نڪتا. انهيءَ تي ڪزمن رڙ ڪئي. ”تون سمجهدار ماڻهو آهين“، هن روماز کي چيو، ”توکي خبر آهي ته باهه غريب هارين کي چريو ڪري ٿي ڇڏي.“

        ”اليڪسي هلي آءُ، روماس مون کي چيو، ”هل ته نديءَ جي ڪناري واري هوتل تي هلون.” پنهنجي وات مان پائيپ ڪڍي پنهنجي پتلون جي کيسي ۾ وڌائين. پنهنجي لٺ تي زور ڏئي هو نالي وارو رستو هلڻ لڳو. ڪزمن هن جي پٺيان وڌي ڪجهه چيو، جنهن تي هن ڏي اک کڻي ڏسڻ کان سواءِ چيائينس، ”گڏهه! هليو وڃ.“

        اسان پنهنجي جهوپڙيءَ ڏانهن ڏٺو ته اسان کي ٻرندڙ ڪوئلن جو ڊير ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جي وچ ۾ تنور ٻيٺو هئو. جنهن جي چمنيءَ مان نيري دونهين جون لاٽون نڪري، گرم هوا ۾ پکڙجي پئي ويون. اسان جي پلنگن جون سيخون باهه ۾ گرم ٿي ڪوريئڙي جي ٽنگن وانگر مڙي ويون هيون، ۽ دروازن جا ٿنڀا. جن جو ڪم باهه پورو ڪري ڇڏيو هئو، ٻن ڪارن سنترين وانگر بيٺا هئا، جن مان هڪڙي جي مٿي تي دکندڙ ٽانڊن جي ٽوپي پئي هئي، جنهن مان رنگ برنگي چڻنگون پئي نڪتيون.

        ”سڀئي ڪتاب ناس ٿي ويا.“ خوخول ٿڌو ساهه کنوي.

        ”ڪهڙي نه ڏک جي ڳالهه آهي.“

        ڳوٺ جا ڇوڪرا جيئن گهٽيءَ مان سوئرن جي ڍڻن کي هڪلي رهيا هئا، ته پنهنجن لٺين سان ٻرندر ٽانڊن کي بال وانگر اڳتي ڌڪيندا پئي ويا. ٽانڊا گپ ۾ پئي پيا ته چڻگون پئي نڪتيون ۽ ٽانڊا سوساٽ ڪري سر ٿي پئي ويا. هڪڙو پنجن سالن جو اڇي مٿي ۽ نيرين اکين وارو ڇوڪرو هڪڙي گرم ڪني پاڻيءَ جي دٻي ۾ ويٺو هئو ۽ هڪڙيءَ ڪاٺيءَ سان باٽليءَ کي دهل وانگر پئي وڄايائين. ۽ ان جي آواز ۾ گم ٿي ويو هئو. باهه جا ستايل پنهنجي تباهه ٿيل سامان جي اڳيان بيٺا هئا ۽ ڪو ڪم جو ٽپڙ ٿي ڏٺائون ته ڪڍي پئي ورتائون. ويجهن باغن ۾ وڻن جي پنن کي لَهس اچي ويئي هئي ۽ ڪيترن وڻن جا پن بلڪل سڙي ويا هئا. انهن ۾ گلابي رنگ جا صوف لٽڪيل ڏسڻ ۾ پئي آيا.

        اسين نديءَ ڏانهن هيٺ لهي وياسين، اتي وهنجي پاڻ کي صاف ڪيوسين. پوءِ ڪناري واري هوٽل ۾ چانهه ويهي رهياسين.

        ”ساڳي ڳالهه ٿي“، روماس چيو. صوفن جي وڏن واپارين جو مطلب پورو نه ٿيو.“

        پانڪوف، دستور کان زياده خيال ٻڏل، اسان سان اچي شريڪ ٿيو.

        ”تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟“ خوخول پڇيس.

        ٿورو ڪنڌ ڌوڏيندي، پانڪوف جواب ڏنو، ”منهنجي جاءِ انشوئر ٿيل هئي.“

        اسين اتي ماٺ ڪيو ويٺا هئاسين ۽ هڪٻئ ۾ ڌارين وانگر پئي نهايوسين.

        ”روماس، هاني تون ڇا ڪندين؟“

        ”اڇا ويچار  پيو ڪريان.“

        ”بهتر آهي هتان هليو وڃ“

        ”ڏسندس.“

        ”ٻاهر آءُ“، پانڪوف چيو. ”مون کي هڪڙي رٿ آهي، جنهن بابت توسان ڳالهائڻ ٿو گهران.“

        جيئن هو وڃي رهيا هئا، پانڪوف دروازي وٽ مڙي مون کي چوڻ لڳو، ”ڪوبه تنهنجو نالو نه وٺندو. تون ڀلي اتي ويٺو هُجُ، هر ڪو پيو توکان ڪوءُ کائيندو.“

        مان نه ٻاهر هليو ويس. نديءَ جي ڪناري تي بيًل وڻن جي ڇانو ۾ آهلي، نديءَ جي وهندڙ پاڻيءَ ڏانهن نهارڻ لڳس. جيتوڻيڪ سج لهي رهيو هو، تڏهن به گهرمي هئي. هن ڳوٺ ۾ منهنجي گذريل حياتي منهنجي اکين اڳيان ايئن تري آئي، ڄڻ پاڻيءَ جي مٿاڇري تي شوخ رنگن سان چٽيل تصوير هئي، منهنجي دل ۾ عجيب اداسائي پيدا ٿي ويئي. پر ٿڪ جي ڪري مون جي جلديئي گهري ننڊ وٺي ويئي.

        مان ايئن محسوس ڪري رهيو هئو ته ڄڻ ته خواب ۾ ڪو ماڻهو ڌوڏي چئي رهيو آهي، ”اڙي! مري ويو آهين ڇا اُٿي!؟“

        ”هل، خوخول کي تنهنجي ڳڻتي لڳي پيئي آهي، ۽ توکي ڳوليندو ٿو وتي.“

        هو منهنجي پٺيان هلڻ لڳو ۽ ڪاوڙجي چوڻ لڳو، ”توکي جتي ڪٿي ايئن سمهڻ نه گهرجي. ٿي سگهي ٿو ته ڪو ماڻهو تنهنجي مٿن کان لنگهندي تنهنجي مٿان ڪو پٿر ڪيرائي وجهي. ڪيرائي وجهڻ مان منهنجي مراد ”هڻڻ“ آهي. دوست، ماڻهو هميشه بڇڙائي ڪرڻ لاءَ آتا آهن. هنن کي ٻي ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن تي هو ويچار ڪندا.“

        ٻوٽن ۾ کڙڪو ٿيو ۽ مگون جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ”هن کي ڳولي لڌءِ نه؟“

        ”اجهو مون سان آهي“، بارينوف جواب ڏنس. جيئن اسين مگون وٽان لنگهاسين ته بارينوف ٿڌو ساهه کڻي چيو. ”مگون مڇي چورائي رهيو آهي. هن جي سندگي به ڏولائن ۾ آهي.“

        روماس مون تي مثيو ويٺو هئو. ”ڇا جي پئي تلاش ڪيئه؟ ڇا توکي مار جي ضرورت هئي؟“ جڏهن اسين اڪيلا ٿياسين تڏهن هوريان ۽ اداس آواز ۾ چوڻ لڳو، ”پانڪوف جو خيال آهي تون هن وت رهه هن جو هتي دڪان کولڻ جو خيال آهي. مان توکي ان جي ابتڙ صلاح ڏيندس. جيتريقدر منهنجو تعلق اهي ته مون وٽ جيڪي ڪجهه پچيو هو، اهو هن کي وڪڻي ڇڏيو اٿم. مان ”وياتڪا“ ويندس، ۽ جلدئي توکي پاڻ وٽ گهرائي وٺندس. ڇا، اها ڳالهه توکي قبول آهي؟“

        ”مان ان تي ويچار ڪندس!“

        ”چڱو.“

        هو زمين تي سڌو ٿي سمهي پيو. ٿورو وقت پاسا ورايائين، پوءِ ماٺ ٿي ويو. مان دريءَ جي ڀرسان ويهي وولگا ڏانهن نهارڻ لڳس.

        ”توکي ڳوٺاڻن تي ڪاوڙ ايندي هوندي؟“ روماس ننڊاکڙي آواز ۾ پڇيو. ”نه اچڻ گهرجي، بيوقوف هئا.“ ڪاوڙ ڪرڻ به بيوقوفيءَ جو ڪم آهي.“

         انهن لفظن منهنجي دل تي ڇنڊو نه وڌو، ۽ نه انهن جي ڪري منهنجي ڪاوڙ گهٽي، نه ڳوٺاڻن جي ڏوهه جي ڳالهه دل سان لڳيم. مون کي انهن جي وحشي چهرا البت ۽ انهن جي بوجرن واتن مان نڪرندڙ شرارت ڀريل لفظ ”پٿر هڻون!“ باهه ۾ وجهونِ!“ ياد اچي رهيا هئا.

        مون ۾ اڃا اها لياقت پيدا نه تهي هئي، ته جيڪو ياد ڪرن چڱو ناهي، ان کي وساري ڇڏيان. مون البت اها ڳالهه محسوس ڪئي پئي ته انهن ۾ شرارت گهٽ، بلڪ بلڪل ڪانه هئي. ٿي سگهي ٿو اهي جانور هجن، پر چڱيءَ طبعيت وارا جانور هئا. انهن مان هر ڪو سولائيءَ سان ٻارن وانگر  مڪرڪي سگهيو ٿي ۽ ٻارن وانگر انسانن جون عقل ۽ خوشيءِ جي تلاش ۾ خود قربانيءَ جون ڳالهيون وڏي چاهه سان ٻڌي سگهيو پئي. هنن جي دلين کا اهي ڳالهيون وڌيڪ پسند هيون. جي هنن کي آرام سان زندگي گذارڻ جا خواب ڏيکارين، جن جا قائدا قانون هنن جي مرضيءَ تي منحصر هجن.

        پر ڳوٺ ۾ گڏيل ميڙن يا نديءَ جي ڪناري هوٽل ۾ جڏهن هو مڙندا هئا، ته پنهنجون چڱايون پٺتي ڇڏي ايدا هئا. ۽ پادري وانگر، ڪور ۽ ٺڳيءَ جي پوشاڪ پهري، هيڏي هوڏي ڦرندا وتندا هئا. ۽ ڳوٺ جي طاقتمند ماڻهن جي اڳيان هنن کي ڪتي وانگر پڇ لوڏيندي خوشامد ڪندو ڏسي، هنن جي انهيءَ ڳالهين تي نفرت اچڻ لڳندي هئي، پر پاڻ ۾ تمام ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي بگهڙ وانگر وحشي نموني ڪُرٽي، چنبا اولاري هڪٻئي کي ڏا
ڙهڻ لڳندا هئا ۽ وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هئا-۽ گهڻو ڪري وهي به پوندا هئا. انهيءَ وقت هو خطرناڪ ٿي ويندا هئا ۽ جنهن چرچ ۾ هڪ ڏينهن اول مسڪين رڍن وانگر اچي ڪٺا ٿيندا هئا، ٻئي ڏينهن انهيءَ کي بلڪل ڊاهڻ لاءِ تيار لڳندا هئا. انهن ڳوٺاڻن ۾ شاعر ۽ قصه – گو به هئا. پر انهن جو ڳوٺاڻن وٽ ڪوبه قدر ۽ قيمت ڪانهي. ان جي بجاءِ هو ڳوٺ وارن جي کل ڀوڳ، توڪ ۽ ٺٺوليءَ جا مرڪز هئا. مون کي اهو پتو ئي نه پئي پيو ته اهڙن ماڻهن سان ڪيئن گڏ گذارجي، ۽ نه ئي مان انهن سان گذاري سگهيس ٿي.

        جنهن ڏينهن روماس موڪلائي رهيو هئو. انهيءَ ڏينهن مون پنهنجو مٿيون تلخ مشاهود هن کي بيان ڪري ٻڌايو، تنهن تي هن مون کي ڇينڀيندي چيو، ”اهي ڪچيءَ دل جون ڳالهيون اهن.“

        ”مان ڇا ڪريان منهنجي دل تي اهو ويساهه ويجهي ويو آهي.“

        ”پر اهي خيال درست ناهن، انهن کي ڪوبه بنياد ڪونهي.“

        هو ڪافي وقت تائين انهيءَ ڳالهه تي ڳالهائيندو رهيو، ته آءُ غلط هوس.

        ”ماڻهن جي مذمت ڪرڻ ۾ ايتري تڪ کان ڪم نه وٺ“، هن چيو. مذمت ڪرڻ سولي ڳالهه آهي. پر انهيءَ تي انڌن وانگر عمل نه ڪرڻ گهرجي، هر ڪنهن ڳالهه تي ٿڌي دماغ سان سوچيندو ڪر ۽ هڪڙي ڳالهه ياد رکجانءِ ته هر ڪنهن ڳالهه کي پڇاڙي آهي، ۽ هر ڪنهن ڳالهه ۾ بهتريءَ لاءِ تبديلي اچي ٿي. البت آهستي-جا تبديلي دير سان اچي ٿي سان ديرپا ٿئي. هر ڪنهن شيءِ کي جاچي ڏسندو ڪر، جيڪي ڪجهه تنهنجي اڳيان اچي ان کي نظر انداز نه ڪندو ڪر، ڪنهن به شيءِ کان خوفزده نه ٿيندو ڪر!- مزمت ڪرڻ ۾ اٻهرائيءَ کان ڪم نه وٺندو ڪر! چڱو منهنجا سال شهر نيڪالي ڪاٽي آيو هئو.

        جڏهن روماس ڪراس نوويڊو ڳوٺ مان هليو ويو، ته منهنجي دل بيحد غمگين ٿي وئي-مان اهڙي بُلر ڪتي وانگر ڀٽڪندو وتندو هوس، جيڪو پنهنجي مالڪ کان وڇڙي ويو هجي. مان بارينوف سان گڏ ڌوٻي گهر ۾ رهندو هوس ۽ ان سان گڏ شاهوڪار ڳوٺاڻن وٽ ڪم ڪندو هوس. اَنُ ڳالهيندو هوس، پٽاٽا کوٽيندو هوس ۽ ٻاغن مان ڪڪ ڪانا صاف ڪندو هوس.

        هڪڙيءَ مينهوڳي رات ۾ هو مون کان پڇڻ لڳو، ”اليڪسي، بي سپاهه سپهه سالار-ڇا سڀاڻي سمند ڏي هلون؟ خدا جو قسم اسان کي ايئن ڪرڻ گهرجي. اسين هتي ڇا پيا ڪريون؟ هن ڳوٺ ۾ اسان جهڙن ماڻهن کي ڪوبه پسند نه ٿو ڪري. هڪڙي نه هڪڙي ڏينهن. جي اسان خبرداريءَ کان ڪم نه ورتو ته جهيڙو ٿي پوندو....“

        اهو پهريون ڀيرو نه هئو، جو هن اهڙي قسم جي ڳالهه ڪڍي هئي. هن تي به غمگينيءَ جو دورو هئو، هن جون باندر جهڙيون ٻانهون هن جي پاسن سان ڍريون ٿي پئي لڙڪيون ـ پنهنجي چؤگرد ڪنهن رستي گم ڪيل واٽهڙوءَ وانگر پئي واجهايائين.

        برسات ڌوٻي-گهر جي درين سان لڳي پئي اندر آئي، پاڻي ڪمري ۾ هليو پئي آيو ۽ اتان وري ناليءَ ڏانهن وهي پئي ويو. تازو گذري ويل طوفان جي زرد روشني آسمان ۾ پکڙجي پئي ويئي.

        بارينوف نرم لهجي ۾ چيو، ”اليڪسي، ڇا ٿو چوين، سڀاڻي سڀاڻي هلون؟“

        ۽ اسان اتان روانا ٿي وياسين.

        سرءُ جي رات جو وولگا نديءَ جو سفر ڏاڍو وڻندڙ آهي. مان بتيلي تي پاڇيل وت بتيلي هلائيندڙ جي ڀرسان ويٺو هوس. هن کي بن – مانس وانگر وار هئا ۽ هن جو مٿو تمام وڏو هئو. هن جڏهن به هئنڊل کي زور پئي ڏنو ته چنگهيو ۽ سهڪيو پئي.

        پاڇيل جي هيٺان پاڻيءَ جو مٺڙو آواز پئي آيو. پاڻيءَ جي اونهائي معلوم نه پئي ٿي. پاڻي جيليءَ وانگر گهاٽو ڏسڻ ۾ پئي آيو ۽ هوريان هوريان ريشمي ڪپڙي وانگر وڌي اچي بتيلي جي پاسن سان ٿي ٽڪريو. نديءَ جي مٿان سرءُ جا ڪارا ڪڪر مڙيا بيٺا هئا. اسان جي چؤگرد اونده انڌوڪار جي ٻوڙ ٻوڙان هئي، جنهن ڪنارن کي پنهنجي آغوش ۾ ڇپائي ڇڏيو هئو ۽ ايئن ٿي لڳو ته انديءَ اوندهه انڌوڪار ۾ سموري دنيا دونهي ۽ پاڻيءَ جي صورت اختيار ڪري، ڪنهن اهڙيءَ خلا ڏانهن پرواز ڪري رهي آهي، جتي سج، چند ۽ ستارن جو نالو ئي ڪونهي. اسان جي اڳيان هڪرو آگبوٽ گهميل اونداهيءَ ۾ لڏندو لمندو لمندو وڃي رهيو هو. انهيءَ مان ٽي روشنيون ٻه هيٺا ۽ هڪ مٿان نڪري رهيون هيون.

        مان ايئن محسوس ڪري رهيو هوس تي تيل جي وڏن سرد حبابن ۾ مک وانگر ڦاسي، هيٺ وڃي رهيو آهيان ۽ مون کي ايئن ٿي لڳو ته جهاز اوچتو بيهي رهندو. پوءِ جهاز جو کڙڪو، ڦيٿن جو پاڻيءَ مٿان سٽڪو ۽ ٻيا آواز سڀ ماٺ ٿي ويندا.

        ديو جهڙو بتيلي جو هلائيندڙ جنهن کي رڍ جي کل ۽ ڇنل ٽوپي پهريل هئي، هئندل کي هلائيندي پت تي لتون هڻڻ بند ڪري ڇڏيندو هئو. اهڙيءَ ريت ماٺ ٿي ويندي، ايئن ڄڻ ڪنهن هن جي مٿان جادو ڪري ڇڏيو هجي ۽ هن جا واڪا ۽ رڙيون به بس ٿي وينديون هيون.

        مان هن کان سندس نالو پڇيو. هن گهٽيل آواز م جواب ڏنو، ”ڇا لاءِ ٿو پڇين؟“

        شام جي وقت جڏهن جهاز ڪازان مان روانو ٿيو، ته مون ڏٺو ته هن جو رڇ جهڙو منهن سڄو وارن سان ڍڪيو پيو هئو، ايتريقدر جو هن جون اکيون به ڏسڻ ۾ نه ٿي آيون. سُکان جي ڀرسان بيهندي، ووڊڪا جي بوتل کي ڪاٺ جي پيالي ۾ لاهي، هڪ وڏو صوف ٻن چڪن سان چت ڪيائين. جڏهن لوڏو کائي بتيلو هلڻ لڳو ته هو سُکان کي سوگهو جهلي، ڪنڌ پٺتي ڪري، سج ڏانهن نهاري کهري آواز ۾ چوڻ لڳو، ”ڌڻي تون اسان تي پنهنجي ٻاجهه ڪجانءِ.“

        جهاز سان چار ننڍا بتيلا ٻڌل هئا، جي ”نجنيءَ“ جي ميلي کان ”استرخان“ وڃي رهيا هئا. بتيلا ڪچي لوهه، کنڊ جي کوکن ۽ ڪن ٻين ڳورن کوکن سان سٿيل هئا.

        بارينوف اهڙي هڪڙي کوکي کي لٿ هڻي، هيڏانهن هوڏانهن واجهائي، ٿورو ويچار ڪرڻ کان پوءِ چوڻ لڳو، ”اڙي هنن ۾ ته رائيفلون آهن.“

        ”ان سان تنهنجو ڪهڙو واسطو.“ سُکان هلائيندڙ بارينوف کي پيٽ واري مڪ وهائيندي چيو.

        ”مان سمجهان ٿو توکي هڪڙي ٻوٿ واري به گهرجي.“ اسان کي ڀاڙي لاءِ ڏوڪر نه هئا. هنن اسان کي مهربانيءَ طور جهاز ۾ سوار ڪير هئو. انهيءَ جو مطلب اهو نه هئو ته اسين اتي خلاصين وانگر هئاسين، پر اسان سان فقيرن وارو ورتاءُ ڪيو ويندو هئو. ”تون ماڻهن جون ڳلاهيون ڪندو آهين.......“ بارينوف گرڪندي چيو. رات ايتري ته اونداهي هئي، جو ٻيا بتيلا ڏسڻ ۾ ئي نه پئي آيا. صرف انهن جي سُکانن ۾ لڳل بتين جي هلڪي روشني دونهين جي ڪڪرن مان نظر پئي آئي. انهن ڪڪرن مان ڄڻ تيلي جو بوءِ پئي آئي. مون کي سکان واري جي سونڊ پيل سانت تي ڏاڍي ڪاوڙ پئي ورتو. مون کي حڪم ڏنو ويو هئو ته هن جانور سان گڏ بيهي نظرداري ڪريان ۽ هن کي مدد ڪريان.

        روشنيءَ جي چرپر جي اشارن کي ڏسي، هو چوڻ لڳو، ”ڏس.“

        مان جهت پت ٽپو ڏئي اٿي بتيلي جو سُکان ڦيرايو.

        ”ڏاڍو سٺو.“ هو گؤنريو.

        مان وري ڊيڪ تي ويهي رهيس. هن مڙس سان ڳالهائڻ محال هئو، ڇاڪاڻ تي هن وٽ هر سوال جو فقط اهو جواب هئو، ته تنهنجو ان سان ڪهرو واسطو آهي؟“

        مون کي عجب ٿي لڳو تي هن ماڻهوءَ جي مٿي ۾ ڇاهي؟ جڏهن اسين اتي اچي پهتاسين جتي ڪاما نديءَ جو زرد پاڻي اچي وولگا نديءَ جي فولاد جي رنگ جهڙي پانيءَ سان مليو ٿي، ته پنهنجو منهن ڏکارو ڪندي، چوڻ لڳو، ”سڪنڪ“ (فضول)

        ”ڪير؟“

        ڪوبه جواب نه ڏنائين.

        پري اونداهيءَ جي اوڙاهه مان ڪتن جي ڀؤنڪڻ جو آواز اچڻ لڳو. انهيءَ ڀؤنڪ کي ٻڌي، ماضيءَ جون ڪي ڳالهيون ياد اچي ويون، جن جي اوندهه ۾ مون پنهنجو وجود وًائڻ کان بچائي ورتو هئو. اهي ڳالهيون هاڻي بلڪل ڏورانهيون ۽ بي مقصد معلوم پئي ٿيون.

        ”هتي خران ڪتا آهن“، اوچتو سُکان واري چيو.

        ”ڪٿي؟“

        ”جتي ڪٿي. اسان جي شهر ۾ توکي سچ پً سُٺا ڪتا نظر ايندا.“

        ”تنهنجو ڪهرو شهر آهي؟”

        ؟ولوگدا“

        جهڙيءَ ريت ڦاٽل ڳوڻ مان پٽاٽا وهندا آهن، اهڙيءَ ريت هن جي وات سان ڳورا لفظ نڪرڻ لڳا. ”ڇا هو ماڻهو تنهنجو چاچو آهي“ منهنجي خيال ۾ اهي بيوقوف آهي. منهنجو هڪڙو چاچو اهي. ڏاڍو هوشيار ۽ حرفتي ۽ پئسي وارو آهي. هن کي سمبرسڪ ۾ جهازن جي گودي ۽ هوٽل آهي.“

        هن اهي لفظ هوريان ۽ ڪوشش سان بيان ڪيا، پوءِ پنهنجين ننڍڙين اکين سان کُوهي واريءَ بتيءَ ڏان هن نهارڻ شروع ڪيائين، جيڪا اوندهه جي ڄار مٿان سونهري ڪوريئڙي وانگر چڙهندي پئي ويئي.

        ”ٿورو ڦرئينس....“ هن چيو. ڇا تون پرهي سگهندو آهين؟ توکي خبر آهي ته قاعدا ڪنهن بنايا آهن؟“ مون کي ايتري به مهلت ڏيڻ کان سواءِ جو مان هن کي جواب ڏيان، چوڻ شروع ڪيائين. ”ڪي ٿا چون زار بنايا آهن، ڪي ٿا چون آرچ بشپ بنايا آهن. جيڪڏهن مون کي پتو هجي ته ڪنهن بنايا آهن ته کيس وڃي چوان، ”توهان اهڙا قاعدا بنايا اهن، جو ڪنهن کي ڌڪ هڻڻ ته ڇڏيو، پر ڪنهن تي هٿ به اولاري نه ٿو سگهجي! قاعدو لوهه وانگر هئڻ گهرجي. پوءِ جي ڪجهه ٿئي ته مان جوابدار، پر ههڙيءَ ريت-مان جوابدار ناهيان-نه نه......“

        هن پنهنجو بي-تُڪو بيان سُکان جي ويجهو ڪاٺ جي پٽيءَ کي مڪ وهائيندي، بس ڪيو. جهاز تان ڪو ماڻهو ميگافون رستي سڌي رهيو هئو، پر هن جو آواز ڪتي جي ڀؤنڪ وانگر بي معنيٰ ۽ لڙ وانگر پئي آيو. کوهي جي هيٺان ڪاري پاڻيءَ جي مٿان بتيءَ جي روشني تيل جي دٻن وانگر تري رهي هئي، پر اها روشني اهڙي هئي جنهن ۾ ڪا شيءِ چٽي ڌسڻ ۾ نه ٿي ائي. اسان جي مٿان نديءَ جي گپ جهڙا ڪارا ڪڪر لسي ڪيو بيٺا هئا. اسان جيئن پوءِ تيئن اوندهه جي خاموش غار ۾ اندر پيهندا پئي وياسي. سکان واري گڙ گڙ ڪندي چيو، ”اڙي مون کي الائي ڇا ٿو ٿئي؟ منهنجي دل ٿي ٻوساٽجي.“

        پر مان اهڙين ڳالهين کان لاپرواهه ٿي ويو هوس. منهنجي دل به اداسائيءَ سان ڀريل هئي. پر مون کي جنهن شيءِ جي ضرورت هئي اها ننڊ هئي.

        وڏي مشڪل سان ڪڪرن مان بي سج صبح جون بيمار باکون نمودار ٿيون. انهن پاڻيءَ کي شيهي جهرو رنگ ڏئي ڇڏيو ۽ انهن ۾ ڪنارن تي بيٺل سنهو جهنگ، ڪارا ديال جا وڻ، سنهين ٽارين جا ڪارا چنبا، ڳوٺ جي جهوپڙين جون قطارون ۽ آرام سان ويٺل ڳوٺانا ۽ پٿر مان جڙيل پتڻ ڏسڻ ۾ پئي آيا. اسان جي مٿان ساموني آڙي پنهنجن مڙيل پرن سان اڏامي رهي هئي.

        سکان واري ۽ منهنجي ڊيوٽي پوري ٿي. مان يڪدم تنبوءَ ۾ هيٺ وڃي پيس. اوچتو ماڻهن جي واڪن ۽ پٽ تي پيرن جي دڙهن تي منهنجي اک کلي ويئي. تنبوءَ مان ٻاهر نهاريم ته ڏٺم ته ٽي خلاسي سکان واري کي ڪئبن جي ڀت سان سوگهو جهليون بيٺا هئا ۽ هن تي واڪا پئي ڪيائون.

        ”پيٽروخا، هن کي ڦٽي ڪر.“

        ”الله سڻائي ڪريوَ!“

        سُکان وارو بلڪل خاموش نموني پنهنجون ٻانهون ورايو پنهنجن ڪلهن کي پنهنجن هٿن سان سوگهو جهليو بيٺو هئو. هن جو پير هڪڙيءَ هڙ تي کريل هئو. هڪ کان ٻئي خلاصيءَ ڏي نهاريندي، نرم لهجي ۾ چوڻ لڳو، ”ڇڏيو ته گناهه کان پاڻ بچايان.“

        هن جا پير ۽ مٿو ٻئي اگهاڙا هئا ۽ بت تي قميص ۽ پتلون پيل هيس. کنڊريل وارن جون چڱون هن جي ٻاهر نڪتل مغرور پيشانيءَ تي پئجي رهيون هيون. جنهن جي هيٺان ٻه رت جهڙيون ڳالڙهيون ۽ ڪُئي جي اکين جهڙيون ننڍڙيون اکيون چمڪي رهيونهيون. انهن ۾ دک ۽ التجا جي جهلڪ پئي ڏسڻ ۾ ائي.

        ”ٻڏي ويندين.“ خلاصين چتاءَ ڏيندي چيس.

        ”نه، مان نه ٻڏندس. دوستو مون کي ڇڏي ڏيو! جيڪڏهن نه ڇڏيندءُ ته مان هن کي خون ڪندس. جڏهن اسان سمبرسڪ ۾ لهنداسين تڏهن مان—“

        ”اهو خيال ڪڍي ڇڏ.“

        ”دوستو مون کي ڇڏيو.“

        هُو جهڪيو ۽ پنهنجون ٻانهون صليب تي چڙهيل ماڻهوءَ وانگر کولي وري چوڻ لڳو، ”مون کي ڇڏيو ته گناهه کان پاڻ بچايان.“

        هن جي گهنڊ وانگر وڄندڙ عجيب لهجي مون کي انتظاري ڏئي ڇڏي.

        هن پنهنجون ونجهه جهڙيون وڏيون ٻانهون کوليون ۽ پنهنجا هٿ کولي، هنن کي التجا ڪرڻ لڳو. هن جو رڇ جهڙو منهن هن جي جهنگ ڏاڙهيءَ ۾ سيٽيل ۽ ننڍڙن ڪارن چدن جهڙيون اکيون کوپن ۾ ڦرنديون ڏسڻ ۾ پئي آيون.

        جيئن هو چرين وانگر اٿڻ لڳو ته ٽيئي مڙس هن کان هٽي پري ٿي بيهي رهيا. پنهنجي هَڙَ کڻندي چيائين. ”مهرباني.“ پوءِ ڏاڍي ڦڙتائيءَ ان کسان وٽ بيهي هيٺ ٽپو ڏنائين.

        مان هن جي پٺان سُکان ڏي تڪڙو وڌي، هيٺ ڏٺو ته هو پنهنجي هڙ پنهنجي مٿي تي رکيو وارياسي ڪناري ڏانهن تري رهيو هئو. اتي بيٺل ٻوڙن کي وڃي ورتائين، جيڪي هوا ۾ لڏي رهيا ۽ جن جا پن پاڻيءَ جي مٿاڇري تي پپئي ويا.

        خلاسي چوڻ لڳو، ”وڃي پهتو.“

        چريو اهي ڇا؟“ مون پڇيو.

        ”چريو؟ نه. هن صرف پاڻ کا گناهن کان بچائڻ لاءِ ايئن ڪيو.“ هو ننڍڙي پاڻيءَ ۾ جيڪو هن کي چيلهه تائين مَسَ پئي آيو، پهچي ويو هئو، اتي پنهنجي هر لوڏي اسان کي سلام ڪري رهيو هئو.

        خلاصين رڙ ڪري چيس، ”خدا حافظ.“

        سمبرسڪ وت جهاز وارن اسان کي ڪنارن تي لاهي ڇڏيو. ”اسان کي جنهن قسم جا ماڻهو گهرجن اوهان اهڙا ناهيو.“ هنن اسان کي ٻڌايو.

        هنن اسان کي هڪڙي ٻيڙيءَ تي چارهي ڇڏيو. ڪناري تي ڪجهه وقت اُس کائيندا رهياسين. اسان جي کيسي ۾ ڪل ستٽيهه ڪوپيڪ هئا. اسين هڪڙي هوٽل ۾ چانهه پيئڻ وياسين.

        ”هاڻي ڇا ڪريون؟“

        ”هاڻي ڇا ڪريون؟ هلندا هلون.“ بارينوف چيو.

        ۽ اسين هلندا هلياسين. اسين به سمارا نالي جهاز تي ڀاڙو ڪمائي، اڳتي وڌندا رهياسين. ستن ڏينهن کان پوءِ پنهنجي منزل ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري تي اچي پهتاسين، جتي اسين ڪلمڪ مڇي ماريندڙن جي ”ڪابن ڪول-با“ نالي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳاسين.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org