سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  ادب ۽ اديب:

(نرواس ۾ آس)

 

صفحو :3

ا

ِن وچ۾ سوامي سيتا رام بنا چتائڻ جي ڳوٺ مان هليو ويو! جي.ايم. سيد جو پاڪستان ٿيڻ لاءِ سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ سرگرم هو، تنهن کي صحيح صورتحال سهجيئي سمجهه ۾ اچي ويئي. هن اعلان ڪيو، ”سنڌ سنڌين لاءِ رهندي.“ بخاريءَ کي اهو اعلان راس نه آيو. مونکي چيائين، ”نئي دنيا جي ايندڙ پرچي ۾ اِن جي مخالفت ڪر.“ ۽ مون آگسٽ واري  پرچي جي ايڊيٽوريل ۾ ڪجهه هنريت لکيو، ” پاڪستان سڀني پاڪستان ۾ رهندڙن جو رهندو. اُن جي خوشحالي ۾ ئي پرانتن جي بهتري سمايل آهي. خوشحالي ۾ سڀ هڪجهڙا ڀاڱي ڀائيوار رهندا. سنڌ سنڌين لاءِ نعرو صحيح نه آهي‘ ۽ اُن ئي پرچي ۾ هڪ ٻي حقيقت به بيان ڪيم. جي. بي. منگهارام بسڪيٽ ڪمپنيءَ جو مکيه ڀائيوار منگهارام لڏيندڙ هندن جي ڀارت ۾ هڪ هنڌ ٿانئيڪي ٿيڻ لاءِ گواليار جي مهاراجا سان  پهيو ۽ هن کان خاطري ورتائين ته لڏيندڙ سڀ هندو جي سندس رياست ۾ ٿائنيڪا ٿيندا ته هوُ هنن کي سڀ سهوليتون ميسر ڪري ڏيندو. هاڻ ٿو سوچيان، جي سڀ هندو سنڌي ڀارت ۾ هڪ هنڌ ٿائينڪا ٿين ها ته شايد راڄنيتي سطح تي هو اهڙا يتيم نه ٿين ها جهڙا آهن.

14 آگسٽ  تي ڪميونسٽ پارٽي ”پاڪستان“ مرحبا لاءِ پنهنجو الڳه جلوس  ڪڍيو- بخاريءَ پاڪستان  جو طيءِ ٿيل جهنڊو منهنجي هٿ ۾ ٿمائي چيو، ”اڳيان اڳيان تون هل.“ مان ڇهن اٺن مهنن کان جناح ڪئمپ پائڻ لڳو هوس. شيرواڻي ته ورهيه اڳه پائڻ شروع ڪئي هيم. بخاريءَ جهنڊو مون کي اِن ڪري ٿمايو هو جو مان هندو هوس. جڏهن اِن جلوس جو فوٽو ڏٺن ته کلي بخاريءَ کي چيم، ”توهانجي جلوس جي اڳواڻي ته ڪو ڪٽر پنٿي مسلمان ڪري رهيو هو.“ بخاريءَ چيو، ” مان ڪميونسٽ آهيان ۽ مون ڪميونسٽ پرچم ئي  پئي لهرايو.“

14-15 آگسٽ جي رات جو ٺيڪ ٻارهين بجي ڀارت آزاد قرار ٿيڻ وارو هو ۽ جواهر لال نهرو آزاد ڀارت جو اشوڪ چڪر وارو ٽرنگو جهنڊو لال قلعي تي لهرائڻ وارو هو. سڀني هندن جو سڀاويڪ اِن تواريخي گهڙيءَ سان گهٽ ۾ گهٽ ذهني لگاءُ هو. منهنجو به اِن گهڙيءَ  ۽ نهروءَ جي آزاديءَ جي اعلان ۾ چاهه هو. ريڊيو تان اِن سڄي روبڪاريءَ جو سڌو احوال پرسارت ٿيڻ وارو هو. مان اِن لاءِ ريڊيو خريد ڪري آيو هوس، ڏاڍي ڪوشش ڪيم ته دهلي سٽيشن نڪري، نه نڪتي، ايريل فٽ ٿيل نه هو. منهنجو ڀائيٽيو ڪنيو ورانڊي ۾ سمهيو پيو هو. مون اچانڪ ديويءَ کي چيو، ”اچ ته سهاڳ رات اڄ منايون. مونکي سهاڳ رات منائڻ جو شوق رهيو آهي، ننڍپڻ کان. ههڙو سڀاڳو سمو ٻيو ڪهڙو ملندو؟ پاءِ نئين  نڪوري  ساڙهي ۽ ڪڍ گهونگهٽ...“ هوءَ به شرمائجي نئين نويلي ڪنوار بڻجي پيئي. ديويءَ جو ننڍو ڀاءُ به  ريڊيو ٻڌڻ آيو پر اسان گنگ ٻوڙ ڪري سمهيا رهياسين. ۽ اُها رات مون لاءِ ٻٽي سڀاڳي ۽ سهاوني رهي.

بهاري پناهگير پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ ئي سنڌ ۾ آيا هئا. پاڪستان ٿيڻ بعد گجرات ۽ يوپيءَ مان به  مهاجرين سنڌ ۾ اچڻ لڳا. هندين جي لڏپلاڻ ڳوٺن ۾ شدت سان شروع ٿي ويئي. نوابشاهه جي ڪليڪٽر  مسعود به هندن جي لڏپلاڻ لاءِ ظلم سان آماده ڪيو. ڪن سنڌي مسلمانن جي منورتيءَ ۾ به يڪايڪ ڦيرو اچي ويو. ٺارو شاهه ۾ به موسيٰ خان جي پيروي ڪندي  ڪيترن مسلمانن ۾ فرقي پرستيءَ جو ٻج سلا ڪڍڻ لڳو. بابا جو من به کڄي بيٺو. هڪ خط ۾ لکيائين. “ مسلمان هاري ڪر کڻڻ لڳا آهن. ڪي تو دڪاندارن کي هاڻ ئي ٿا ڏرپت ٻڌائن: واڻيا، سنڀالي هل. هاڻ اسان مومنن جو راڄ آهي. خود مونکي هڪ هاريءَ چيو: حقدار، بٽئيءَ جي حصه رسي بدلايو. اڌو اڌ نه، ٻه حصا اسانجا، هڪ حصو اوهانجو. هاڻ ته اوهانجي سرن جي سلامتي به ته اسانجي ذمي آهي. تون هت اچي اسان کي وٺي وڃ.“ مون چٺي پروفيسر بلواڻيءَ کي ڏياري. منهنجو سهرو ڪجهه وقت اڳه چلي رهيو هو. بلواڻيءَ خود فيصلو ڪيو هو ته ٻين هندو  پروفيسرن جيان هوُ به  لڏيندو. بنگلي وڪڻڻ تائين ڪراچيءَ رهندو. هوُ هڪ گجراتي همعصر جي صلاح تي ڀارت ويو ۽ گجرات ۾ آڻند ڀرسان سردار پٽيل جي جنم آسٿان ڪرمسند ۾ پنهنجي ۽ اسانجي ڪٽنب لاءِ الڳ جايون مسواڙ تي وٺي آيو. ان وچ۾ ڀائوءَ جي بدلي پروموشن  سان ڪراچيءَ ڪئي ويئي.

پروفيسر بلواڻيءَ ڪرمسد ۾ جڳهيون ڀاڙي اچڻ جي حقيقت بابا کي لکي. هن جا پير اهڙا تپي پيا هئا جو نه ڀائوءَ جي ڪراچيءَ اچي نئين عهدي جي چارج وٺڻ لاءِ ترسيو ۽ نه منهنجي ڳوٺ پهچڻ لاءِ ترسيو. تڙ تڪڙ ۾ جيتيرو گهرو سامان وڪڻي سگهيو اُهو وڪڻي ۽ جيترا پيسا هٿ ڪري سگهيو، اُهي کڻي ڀائوءَ جي سموري ڪٽنب کي ساڻ ڪري اچي ڪراچيءَ پهتو. ديويءَ ۽ منهنجي ڀائٽيءَ کي به سلڻ هلڻ لاءِ چيائين. وڌيڪ چيائين.، ”في الحال ته لڏي ٿا هلون. حالتن ۾ سڌارو آيو ۽ سنڌي مسلمانن جي منورتيءَ ۾ ڦيرو  آيو ته موٽڻ  ۾ ڪهڙي ويرم لڳندي؟ گوبند ڀل هت رهي، وڻيس ته بلواڻيءَ سان اچي، ڀاءُ سان اچي يا هت ويٺو رهي.“

مون في الحال لفظ کي صحيح سمجهيو؛ تنهن ڪري ديويءَ جي وڃڻ تي اعتراض  نه ورتو. ديويءَ پاڻ پاسيرو چيو، ”مان به في الحال ٿي وڃان. جي توهان نه آيا ته مان به هلي ايندس. جتي اوهان تتي مان...“ هنجي ڀرجي آيل گلي مان درڍتا جهڪلي رهي هئي.

 ڀائوُ اڃا نوابشاهه مان ڪراچيءَ ۾ اچڻو هو، بلواڻي به بنگلي وڪڻڻ تائين ترسڻو هو- بلواڻي ۽ مان ٻنهي ڪٽنب جي باقي ڀاتين کي لؤکا بندر ڏانهن ويندڙ اسٽيمر  ۾ وهاري آياسين. مونکي سنڌ ڇڏڻ جو ويچار نه آيو. هيڪاري ديويءَ کي ڀڻ ڀڻ ۾ چيم، ”تون به اِتي مان به اِتي. تون جلد ئي موٽي اينديءَ.“ هن به گويا پٺڀرائي ڪندي مرڪيو.

منهنجو آکيڙو ئي نه ٽٽو، ڌنڌي ۾ به ڦڙڦوٽ پيئي هئي. دوڪان سنڀاليندڙ، بنا موڪلائڻ جي، چاٻي پاسي واري دوڪاندار کي ڏيئي هليو ويو، مرادي ساڻ کڻي. چٺي ڇڏي ويو، ”ڀارت ۾ ٿائينڪو ٿيڻ ۽ روزگار ملڻ تي مان اوهانجي امانت باسلامت  پهچائيندس.“ ايسر پوپلي به لڏي ويو. ڪلارڪ به هليو ويو. ٻه ڏينهن اڳه پٽيوالو  آفيس جي چاٻي موٽائي چئي ويو، ”ديوان، جيترو اڳه لڏبو، تيترو روزگار اڳه ملندو، نه ته اُتي به دربدر ٿبو.“ ڪيترا ندو ڪامريڊ به هليا ويا هئا يا وڃڻ وارا هئا.

 جنهن ڏينهن بلواڻي ۽ مان ڪٽنبين کي اُماڻي آياسين تنهنجي ٽئين ڏينهن، صبح جو نوين بجي ڌاري مون پنهنجي آفيس کولي مس ته هڪ قداور ڏٽو مٽو پنجابي منهنجي پٺيان اندر هليو آيو. مان پنهنجيءَ  ڪرسيءَ تي ويٺس مس ته هوُ به ميز تائين وڌي آيو. اُردوءَ ۾ چيائين، ”اي مسٽر، هيءُ وٺ هڪ سؤ روپيا. آفيس جو قبضو هينئر جو هينئر مون کي ڏي.“ الائي ڪٿان مون ۾ درڍتا آئي. چيم، ”مان قبضو نه ڏيندس. ٻن هزارن جو ته فرنيچر آهي...“ هوُ سامهون  ڪرسيءَ تي ويهي ويو هو، خنڪيءَ سان چيائين، ”چڱو، پنج سؤ وٺ ۽ نڪر ٻاهر.“ مون چيو، ”مان نه نڪرندس. مان پاڪستاني نگرواسي آهيان.“  هن چيو، ”راڄ پاڪستاني نگرواسين جو نه، مسلمانن جو آهي.“ اُمالڪ هوُ اُٿي بيٺو، منهنجي ئي ميز تان  شيشي جو پيپر ويٽ کڻي مونکي اولاريائين ۽ مان ڪرسيءَ اندر ازخود سڪوڙجي ويس. هن هٿ هيٺ ڪيو، پيپر ويٽ هنجي هٿ ۾ رهيو. ڪڙڪ آواز ۾ چيائين، پرينهن ايندس، همراهه سان. قبضو وٺي ئي رهندس. ماري ڪٽي ٻاهر ڪڍندوسانءِ. پوءِ ڪهاج جتي ڪاهڻي هجيئي.“ هوُ يڪايڪ منهن ڦيري هليو ويو. دروزاي تائين پهچندي هنکي هٿ وارو پيپر ويٽ ياد آيو. موٽيو، پيپر ويٽ ميز تي رکيائين ۽ شوڪي نهاري تيز قدمن ساه هليو ويو!

منهنجا ڍڍر ٿي ويا هئا. هن جي اکين جا شعلا، هنجي ڌمڪائڻ جو طريقو، پيپر ويٽ جو اولاررڻ ۽ شوڪي نهارڻ- منهنجا اوسان خطا ٿي ويا. مون اُٿڻ جي همٿ پاڻ ۾ نه سمجهي.اِن نستائيءَ جي عالم ۾ ڪرسيءَ تي ويٺي منهنجي دماغ ۾ غلغلو ٿيو، ”موت کان ڊڄين ٿو؟“ ڊڄان ها ته عيدگاهه تي ملٽريءَ سامهون محڪم نه بهان ها. هيءُ ته ملٽريءَ وارن ڪنهن ليڊر جي موت جو خطرو نه کڻي، هڪ ابهم کي ماري وڌو. احوا گولي مونکي به ته لڳي سگهي ٿي.“ ”ته پوءِ ڊڄين ڇو ٿو؟“ ”ڪنهن ڪاريه لاءِ مرڻ ۽ هڪ فرقيپرست فرد هٿان مرڻ ۾ فرق آهي. هيءَ هڪ قسم جي خودڪشي آهي.“

مان فرقي پرستيءَ جي بکه بڻجڻ لاءِ تيار نه هوس- اڪيلو، آفيس ۾! منهنجي ارد گرد هيٺ مٿي سڀ آفيسون غير سنڌي مسلمانن حوالي ٿي چڪيون هيون- سو اسلام کان وڌيڪ پئسي جا مريد هئا. ۽ هو ڏٽو مٽو قداور شخص پيپر ويٽ اولاريندو مون ڏانهن وڌندو آيو!

مون  کي هن گهٽ ٻوُساٽ کان ٻاهر نڪري سانهه ستيءَ سان صورت حال کي سمجهي فيصلي ڪرڻ جو ويچار  آيو. عمر ڀر لاءِ فيصلو بخاريءِ ۽ سوڀي سان صلاح ڪريان. سوڀو همدرديءَ سان ٻڌندو، بخاري کلندو، چٿر ڪندو، ڪاش ديوي اڄ هت هجي ها!

يڪايڪ مان اُٿي کڙو ٿيس، آفيس کي تالو پائي سڌو بندر روڊ ايڪسٽينشن تي آيس. اُتي هئنڊ بئگه  ۾ ٻه وڳا وڌم. بلواڻي گهر ۾ ڪو نه هو، چٺي لکيم- مان ٿورن ڏينهن لاءِ ڀارت وڃي رهيو آهيان. پريس ڏانهن ٽئڪسيءَ ۾ ويندي پارٽي آفيس ۾ وڃڻ جو ويچار آيم. ٻيو ويچار آيو، سوڀو هوندو ڪو نه. بخاري به گهڻو ڪري نه هوندو. ناحق شانتا جي ور چڙهندس. پوءِ بڙي ميان، ڇوٽي ميان صبحان الله“ واري ڪار ٿيندي. سڌو پيرس ۾ اچي دنگه ڪيم. ڪرستان ڪمپازيٽر کي چيم، ”ٽاٽا وارن جي آفيس مان اڄ جي بمبئيءَ لاءِ هوائي جهاز جي ٽڪيٽ وٺي اچ.“ هنن جي آفيس اڳيان ڊرگه روڊ تي وٺي ويندڙ بس تيار بيٺي هئي. ڪمپازيٽر ويو ۽ آيو. چيائين، ”بمبئيءَ جي نه، احمد آباد جي ٽڪيٽ ملي سگهي ٿي.“ مون چيو، ”اُها ئي آڻ.“ مئنيجر گل ٽيڪچنداڻيءَ کي جي سوالي نگاهن جي جواب ۾ چيم، ”ڪٽنبن کي ٿائينڪو ڪري موٽي ايندس، هفتي اندر. هن زباني سوال ڪيو، ”ايندين؟“ مون گويا پاڻ کي پڪو ڪندي چيو، ”ايندس. ڏسين ڪو نه ٿو، ساڻ صرف ننڍي بئگه  کنئين اٿم.“

ها، مون پاڻکي هڪ هفتو ڏنو ته گهٽ ٻوساٽ مان نڪري سانهه ستيءَ سان آخرين فيصلو ڪري وٺندس. خاص ڪري ديويءَ سان صلاح ڪندس، جيتوڻيڪ پڪ هئم ته هوءَ منهنجي فيصلي کي ئي پنهنجو فيصلو سمجهندي. شايد آخرين فيصلي ڪرڻ ۾ مددگار ٿئي. اِهو پهريندي ئي طئه ڪيم ته يا عمر لڏڻ جي صورت ۾ به هڪ دفعو ته موٽندس ضرور، اِهو محڪم اِرادو من اندر هر هر دهرايم.

ڊرگه روڊ تي ڪسٽم آفيسر اڳيان بئگه کوليندي پتو پيم ته چاٻي بلواڻيءَ جي گهر وساري آيو هوس. شايد، غير سنڌي مسلمان آفيسر کي منهنجي ويچاريءَ شڪل تي رحم اچي ويو. هن چاڪ سان صحي ڪري بئگه مون ڏانهن وڌائي. چيائين، ”آءٌ بليو، يوُ آر اي جينٽلمئن .“

ياد نه اٿم ته هوائي جهاز ۾ لنچ ڏني هئائون يا نه. جي ڏني به هودائون ته پوريءَ ريت کاڌي نه هوندم. مونکي اِها يادگيري آهي ته احمد آباد کان آڻند ويندڙ گاڏيءَ لاءِ مونکي سٽيشن تي چار ڪلاڪ ترسڻو پيو هو ۽ مونکي ڇتي بکه لڳي هئي. سٽيشن  تي ٺريل پڪوڙا ٿي مليا، ڊبل روٽيءَ جو ڪٿي نالو به نه هو، سٽيشن کان ٻاهر چڪر ڪاٽيم ته جتي ڪٿي ٺريل  پڪوڙا ۽ بيسڻي چيزون ٿي مليون. ڊبل روٽي به گهڻي ڳولها ڪرڻ بعد ملي هيم. پڪوڙا ڊبل روٽي کائي، مٿان چانهه پيتي هيم. آڻند کان ڪرمسد لاءِ گاڏي به ٻن ڪلاڪن بعد ملڻي هئي. ڪنهن ڀلي مانس صلاح ڏني، ”ڍڳي گاڏيءَ ۾ وڃ. اڌ ڪلاڪ ۾ پهچي ويندي.“ هڪ ڏينهن ۾ هوائي جهاز کان ڍڳي گاڏيءَ تي پهچي ويس! اڄ کل ٿي اچيم، اُن ڏينهن کل ڪا نه آئي هيم، ۽ ڪرمسد تائين ويندي همسفر، گاڏيءَ وارو ۽ واٽهڙو هڪ ٻئي ۾ جئن جئن ڳالهائن پيا تئن تئن سمجهيم ته شهري ۽ گجراتي ٻوليون هڪ ٻئي کان ڪوهه دور هيون.

مان گهر پهتس رات جو ساڍي اٺين ڌاري. بابا، منهنجا ۽ بلواڻي جا ٻيا ڪٽنبي اُن ڏينهن ئي لڙيءَ منجهند جو چئين بجي پهتا هئا. دل ئي دل ۾ شڪر ڪيم جو رڻ ۾ رلي وڃڻ کان بچي ويو هوس. بابا ۽ ٻيا تعجب ۾ پئجي ويا. چيم، ”اوهان کي ٿائينڪو ٿيندو ڏسڻ آيو آهيان.“

بابا چيو” آيو آهين ته هفتو ترسج.“

ديويءَ کي نويڪلائيءَ ۾ سڄي ڳالهه ٻڌايم. من جو مونجهارو به هن کان لڪل نه رکيم. هن چيو، ” آخرين فيصلو اوهان پاڻ ڪريو، ڳڻ ڳوت ڪري. جي سنڌ ۾ رهڻ جو فيصلو ڪريو ته مونکي به پاڻ سان وٺي هلجو.“

 مون من ئي من ۾ فيصلو ڪري ورتو ته مان واپس سنڌ ويندس ۽ دويءَ هلڻ تي زور ٻڌو ته هنکي به وٺي ويندس.

مان همٿ ٻڌي اِها ڳالهه بابا سان ڪرڻ وارو ئي هوس جو ڇهين نومبر تي حيدرآباد سنڌ جي فسادن جون خبرون ڀارت جي اخبارن ۾ وڏين سرخين سان ڇپيون. بابا ڪجهه چوي ئي چوي، مون پنهنجي سر وڌيڪ وقت اِتي ئي ترسڻ جو فيصلو ٿيو. انهن ڏينهن ۾ منهنجي ڪا ٻڏتر ۽ بي آرامي هئي! اِن جو اندازو ديويءَ لڳائي ئي ورتو، چيائين، ”اوهانکي ڳڻتي آهي نه سوڀو، بخاري ۽ ٻيا سنڌ وارا دوست ڇا چوندا؟ هوُ ضرور  اوهانجي واپس ورڻ جي اُميد رکندا هوندا. اوهان سنڌ وڃو. ڀل ناسلامتيءَ جو ويچار ڪري مونکي نه وٺي وڃو. مان هت پاڻ ٻين کي سنڀالي وٺنديس.“ هن جو من ڀرجي آيل سمجهيم، پر هن ڪا ڏيکاري نه ڏني. تهائين  گويا فيصلي ڪن لهجي ۾ چيائين، ”اوهان پنهنجو فرض پاليو. مان پنهنجو ڌرم نباهي ڄاڻان.“

هن گويا مونکي سنڌ واس وڃڻ جو آديش ڏنو. مان الهه تهار ڪري ٻئي ڏينهن احمد اباد  لاءِ نڪري پيس. بابا کان پيرين پئي موڪلايم. چيائين، ”جتي هجين، خوش هجين شال.“

مان احمداباد مان فرسٽ ڪلاس ۾ چڙهيس. هند ۾ خواه سنڌ ۾ پڙهيل ڳڙهيل طبقي ۾ فرقيوارانه  ذهنيت زور ڏٺم- حقارت ئي حقارت دلين ۾ زبان تي ڏٺم. ڇوڙ ۾ بعد همسفر شيرواڻيءَ ڪري مونکي مسلمان ئي سمجهيو، کليو کلايو ڀارت ۽ هندن کي گاريون ڏيندا رهيا. مون ۾ همٿ نه ٿي جو مان صحيح ڳالهه چوان.

 ڪراچيءَ جي صدر سٽيشن تي حالت ويتر خراب هئي. خاڪسار هر هندوءَ جي سامان ۽ سرير جي تلاشي به پيا وٺن ته سندن بي عزتي به پيا ڪن. مونکي پهرين  پوشاڪ ۽ پوءِ سعيد هارون بچايو. هوُ يوسف ۽ محمود هارون جو ننڍو ڀاءُ هو ۽ خاڪسارن جو سالار به هو. قاضي مجتبيٰ جي ڪري منهنجو هن سان دعا سلام جو رستو هو. مان پنهنجي پر ٻڏتر ۾ هوس ته هندن واري پاسي وڃان يا مسلمانن واري طرف کان نڪري وڃان. سعيد هارون جي نظر مون تي پيئي. هو وڌي آيو ۽ چيائين، ”ڪامريڊ واپس آئين نه، ڀلي آئين. ڪيڏانهن ويندي؟“ ”بندر روڊ ايڪسٽينشن“ مون چيو. هن هڪ شيخ کي سڏ ڪري  چيو، ”ڪامريڊ کي صحيح سلامت هنجي گهر پهچائي اچڻ جي ذميواري تنهنجي آهي.“ واٽ تي ٽانگي ۾ هن سان گڏ ويندي خبر پيئي ته اِهو شيخ، نالو ياد نه اٿم، آچار به ڪرپالاڻيءَ جو سڳو ڀائيٽو هو.

مان سنڌ ۾ سچ پچ ٻن باهين اندر رهيس. اُها اڳوڻي ڪراچي ڪٿي نظر نه آئي؛ چوطرف جهڳڙي، نفرت ۽ گمان جي آگه هئي؛ اُها منهنجي دل دماغ کي ساڙي ٻاري پڄرائي رهي هئي. مون پاڻکي هڪ ئي وقت مجبور ۽ حالتن سان نه ٺهڪندڙ پاتو. بلواڻيءَ جو  بنگلو وڪامي  چڪو هو ۽ هن هڪ دور ۾ پاڻ وٽ رکي هئي ۽ اُها به مهني اندر خالي ڪري ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو!

مون پنهنجيءَ آفيس ۾ وڃڻ مصلحت ڀريو نه سمجهيو. پڪ ٿيويم ته اُن پنجابيءَ پرپٺ والاري هوندي. پيس ته نه ڏيندو، ڌمڪڻ ئي نه ڏيندو. اعتراض وٺڻ تي مارڪٽ ڪندو ۽ اِها اَجائي  مارڪٽ سهڻ تي دل نه ٿيم.

منهنجي دل ۽ دماغ جي پيڙا پهرين سوڀي ئي ڀانپي. هڪ شام جو پارٽي آفيس ۾ اڪيلا هئاسين. چيائين، ” صوفيزم سان حرڪت ڪانهي. تون پنهنجي سر هر ٽه واٽي تي منجهندو آهين، اِهو مونجهارو اُٿل پٿل ۽ ڪشمڪش  جي دؤران ۾ تهائين وڌندو آهي. اِهو توکي شخصي سطح تي ڏاڍو ستائيندو آهي. وري به شڪر آهي عملي طرح  بهندو همراهن ۽ ڪاريه سان آهين. سلح  سانت ۾ ته لاشڪ مهل جو ماڻهو آهين ۽ گهڻو ڪي سر انجام ڪري وٺندو آهين. هينئر به پاڻ سان ڳالهاءِ. تون هت رهڻ جي همٿ نه سارين ته ڀل هندستان وڃ. اُتي به بيڪار ويهي نه سگهندين. ڪجهه نه ڪجهه  ڪارائتو سڌ ٿيندو تو مان. ۽ اُتي اٿاهه مسئلا حل ٿيڻ جي انتظار ۾ هوندا. هتان ٻيو جيڪي وڻيئي سو کڻي وڃڄ- شاهه جو رسالو هت ڇڏي وڃج. سنڌ جي بهترين امانت سنڌ ۾ رهڻ کپي.“

اِهي سڀ ڳالهيون هن مون سان مخاطب ٿي چيو هيون. هن گويا ڪتاب جو ڪو صفحو ڏاڍيان پڙهيو هو. مون به هڪ لفظ واتان نه ورايو هو. پوءِ به سمجهيم مونکي سنڌ ڇڏڻ لاءِ پروانو ملي ويو. شاه جي رسالي جا  جلد مون گهرو لائبريريءَ مان آڻي پارٽي لائبرريءَ رکيا هئا. اڳئين سال سوڀو ۽ واسديو جڏهن منهنجي ڳوٺ هليا هئا تڏهن سوڀي اِهي جلد ڏٺا هئا. هن چيو هو، ”اِهي هڪ ڳوٺ جي هر گهر جي هڪ ڪنڊ لاءِ نه اهن. ڪراچيءَ کڻي هل. هر سنڌي ڪامريڊ کي به شاه جو گهرو اڀياس ڪرڻ جڳائي.“

بابا اِن وچ۾  شاه جي بيت پڙهڻ بجاءِ جڏهن ڪڏهن اُچارڻ لڳو هو. پوءِ به هن مونکي رسالي جا جلد ڪرائيءَ کڻي وڃڻ تي جهڻڪيو، پوءِ اُن کي ساه سان سانڍڻ جو تاڪيد ڪيو. هوُ هندستان ۾ به چاهيندو هوندو ته اُهو وٽس نه ته مون وٽ هجي. پر مون سوڀي جي هدايت ئي مڃي. يڪايڪ خيال آيم، ”بابا هن لڏپلاڻ کي هونءَ به عارضي ٿو سمجهي. رسالو ڀل اِن وچ۾ ڀٽڪڻ بجاءِ ٿائينڪو رهي...“

مون ڪجهه به ڪڇيو پر ٻئي ڏينهن هوُ اسٽيمر جي ٽڪيٽ مون لاءِ وٺي آيو؛ جهاز اُن ڏينهن شام جو روانو ٿيڻ وارو هو!

مون سمجهيو، جئن ته سندس بنگلو وڪامي چڪو آهي تئن هن هندستان وڃڻ کان اڳ ئي منهنجي جوابداريءَ کان آجو ٿيڻ ٿي چاهيو. اِهو به ويچار آيم ته اڳ پيءُ ڌيءُ جي سک سهنج جو دعاگو هو هينئر ڀاءُ ڀيڻ جي خوشيءَ سرهائيءَ جو ڪانکي هو.

منهنجي لاءِ ٻڏتر ڪرڻ لاءِ ڪا گنجائش نه هئي. هڪڙي ويچار منهنجي من ۾ زور پڪڙيو. وڃڻ کان اڳه بخاريءَ کي چتائي اچان، ٻئي ڪنهن خيال کان نه ته پريس جي انتظام جي لحاظ کان. مان بس پڪڙي پڪچر هائوس واري بس اسٽاپ وٽ لٿس. منهنجي دل زور سان دڪ دڪ ڪرڻ لڳي. پارٽي آفيس جي ڏاڪڻ چڙهندي اُها تهائين وڌي ويئي. بخاري جي تنبيهه لڪڻ  بڻجي دل تي ڌماڪو ڪرڻ لڳي. مون سامت جو ساه کنيو جڏهن بخاري اُتي  موجود نه ڏٺم. بخاريءَ جي استريءَ شانتا کي ڪجهه نه چيم. خير هيم ته هوءَ بڙي ميان بڙي ميان، ڇوٽي ميان صبحان  الله واري ڪار ڪندي. مون چپ چاپ پويان پير ڪرڻ ۾ ئي مصلحت ڄاتي.  ڏاڪڻ تي ڪامريڊ  پوهو گڏيو هن کي پاڻ سان گڏ هيٺ لهڻ لاءِ چيم. هيٺ هن کي ٻڌايم، ”مان هميشهه لاءِ وڃي رهيو آهيان.“ هوُ منهنجو منهن تڪيندو رهيو. مون چيو، سوڀو سمجهي ٿو، مان اڄ نه سڀان وڃڻ وارو آهيان. چتائڻو بخاريءَ کي آهي.“

پوهو عجب جي ڀاوَ مٿان غالب پئجي چڪو هو. هن منهنجي شرواڻيءَ جي  کيسي ۾ اٽڪيل پارڪر ففٽي ون ڪڍي ورتي. چيائين، ”ڀل وڃ، منهنجون دعائون توسان آهن. اُتي سنڌيءَ ۾ لکڻ پڙهڻ ٿيندءِ ڪو نه. فائونٽن پين مونکي  ڪم ايندي.“ هن کليو ۽ وري چيو، ”اِن پين تي منهنجي گهڻي وقت کان اکه آهي.“

هن جي روش تي هڪ ئي وقت دکه به ٿيو ته غصو به آيو ۽ دک ۽ غصي جو واسطو پين وڃائڻ سان نه ٽوڪيو، غصو اِن ڪري آيو جو هن منهنجي ليکڪ پڻي جو ئي آيل سمجهيو.

مٿان هوُ يڪايڪ پارٽي آفيس جي ڏاڪڻ چڙهي مٿي هليو ويو، ڀانءِ ته هن ۽ منهنجي وچ۾ ڪو ناتوئي نه رهيو هو.

 منهنجي زبان لڳي ويئي، بلواڻيءَ سان به مون اُن ڏينهن ’ها‘ يا  ’نه‘ کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين ڳالهايو. اسٽيمر جي  ڇٽڻ تي منهنجا هٿ بي اختيار ٻڌجي ويا ۽ منهجي اکين ۾ آب اوٽجي آيو. مون من ۾ بار بار دهرايو، ”ستت سڻائو واءُ ورندو. مان موٽي ايندس. مان ئي ڇو، سڀ سنڌي موٽي اينداسين.“

سانجهيءَ جي وڌندڙ انڌيري ۾،  دور ٿيندڙ سنڌ جي زمين ڏانهن تڪيندي منهنجي زبان مان بي اختيار نڪري ويو، ”سنڌ جي پاڪ ڌرتي! مان توکي ڪڏهن به وساري نه سگهندس.“ ڳوڙها جهر جهر ڪري منهنجي ڳلن تان وهڻ لڳا هئا.

 منهنجي من چيو، ”سنڌ نه ڇڏڻ کپندي هئي.“ گويا اِن خيال کان قطعي ڪترائڻ لاءِ مان ڊيڪ تي بسترن جي قطار وچ۾  اڳه ئي مصنوعي طور  وڇايل پنهنجي بستري جي قطار تي اچي ويٺس، ليٽي پيس. اچانڪ مونکي پنهنجيءَ وڏي ۾ وڏيءَ غلطيءَ جو احساس ٿيو: ديويءَ کي بابا ۽ ٻين ڪٽنبين سان سنڌ مان وڃڻ ڏيڻ نه کپندو هو. هوُءَ سنڌ ۾ هجي ها ته منهنجي ءَ ٻڏتر کي روڪي به ها ته مڪمل ساٿ به ڏئي ها. هن کي ساڻ ڪري سنڌ موٽي وڃان؟ اِهو هاڻ ممڪن نه هو. ڏڌو کير ٿڻئين آڻڻ ممڪن نه هو...

مون گويا من ٻيءَ وجهڻ لاءِ پنهنجي آس پاس ڏٺو. سڀ سنڌي هئاسين. پنهنجيءَ زمين کان اکوڙيل. مونکي ڪو واقف چهرو نظر نه آيو. سڀني جي چهرن مان ظاهر هو ته هنن سامت جو ساه کنيو هو، گويا تسڪين طرف هاڪاري رهيا هئا. ۽ اِن اڻ ڄاتل سڪون جي ڳولها ۾ فر ڪندڙن وچ۾  مون پاڻ کي اڪيلو ڄاتو. ڪنهن سان گهائل مائل ته ڇا، ڳالهايم به ڪو نه. پنهنجو پاڻ ۾  به پورو نٿي رهيس. عجيب حالت ۾ مان وائڙو وائڙو بمبئيءَ جي دڪي تي لٿس...

2- نرواس ۾ آس جي تلاش

دڪي تي بمبئيءَ جا سنڌي ٻنهي هٿن سان آجيان لاءِ هڪيا حاضر هئا. هر هڪ آيل سنڌيءَ کي دونو پئي ڏنائون. آيلن جا گويا چت جاءِ ٿيا. سٺي شروعات ٿي هئي ڀارت ۾. دونو منهنجي هٿ ۾ به ڪنهن ٿمايو- سٺي نيرن هئي، اِن ۾- بوندي سڱر، چڻا، ڊبل روٽيءَ جا چار سلائيس ۽ هڪ ڄمون. منهجي من دانهن ڪئي، ”سنڌين کي ڀارت ۾ ٻين جي دان ۽ ديا تي گذر ڪرڻو پوندو؟“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org