سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  ادب ۽ اديب:

(نرواس ۾ آس)

 

صفحو :7

هڪ حقيقت جو ذڪر ٿورو اڳه ڪرڻ کپندو هو، بمبئيءَ ۽ ڪلياڻ ڪئمپ جي سنڌي ليکڪن وچ ۾ تعاون ۽ يڪوجودگي ادبي ڪلاس جاري ٿيڻ سان ئي جڙي هئي، ڪي اديب ڪلياڻ ڪئمپ سان باقاعدي هر هفتي بمبئيءَ جي ادبي ڪلاس ۾ ايندا هئا- پوءِ به ضرورت محسوس ڪئي ويئي ته ڪئمپ ۾ به هر آرتوار تي ان جي ڪلاس شروع ڪجي، اُهو شروع ٿيو، سڀا يا سنسٿا به جڙي. ان سنسٿا جو پريزيڊنٽ ٿيو چوهڙمل هندوجا، وائيس پريزيڊينٽ پرسرام ضيا ۽ سيڪريٽري نارائڻ ڀارتي، ان ادبي ڪلاس ۾ سالن جا سال بمبئيءَ مان ڪي اديب مان، بهاري، داس طالب، جڳت، لوڪو هيمراجاڻي ۽ پوءِ ڪيرت، اتم۽ گوبند پنجابي به سڀ يا ڪي واري وٽيءَ تي ويندا هئاسين. مان وس ورندي ڀيرو نه ڀڃندو هوس.

۽ اِتفاق اِهو هو جو جڏهن ڪلياڻ جون ملٽري بئرڪون سنڌي شرنارئين لاءِ کليون ٿي تڏهن مون اڃا ڪانديوليءَ واري جڳهه مسواڙ تي نه ورتي هئي، مان اديءَ وٽ رهندو هوس ۽ اشوڪ منهنجو ڀائيوار هو، ڪئمپ کلڻ کان هڪ ڏينهن اڳه پرڀات کان تي بمبئيءَ ۽ اپنگرن جا سنڌي بند بئرڪن ۽ ڪوٺين  اڳيان ورانڊن ۾ سمهي پيا هئا، پنهنجي پنهنجي ڪليم وجهڻ لاءِ. مان ۽ اشوڪ به جنرل هاسپيٽل ايريا ۾ ٻن لاڳيتن ڪوٺين اڳيان سمهي پياسين. ان پاڻي ورتائڻ ڌاران. مون پنهنجي چانهه جي ٻاڙ جو گلو دٻائي ڇڏيو، ٻيڙين جو بنڊل به ڇڪي پورو ڪيم، پوءِ ته ان سانگي به ڳجهه نه ڇڏيم، چڱي هٿ کس لڳه ئي ٿيڻ لڳي هئي، ڏهين يارنهين بجي هئڻهار ڪئمپ ڪمانڊنٽ مانسنگه چوهڙمل ٿورن آفيسرن سان نظرداري ڪرڻ آيو، مون کي سمهيل ڏسي چيائين، ”توکي ڪئمپ ۾ رهڻو آهي نه.“ مون چيو، ”ها“ چيائين. ”تون دلجاءِ ڪر، توکي سٺي جڳهه ملندي.“ ساڻ آيل آفيسر کي چيائين، ”مالهي ساهتڪار تي نه، منهنجو گهرو متر به آهي.“ هن کي نوٽ ڪرايائين ته هن کي جوڳي جاءِ ميسر ڪري ڏيڻي آهي. مون اشوڪ کي به ڳجهه لاءِ چيومانس، مڃيائين. ان ڏينهن تي مانسنگه جي بدلي شايد ديولاليءَ ۾ ٿي. پر مون پنهنجي سر ئي ڪئمپ ۾ جڳهه نه ورتي، منهنجي هڪ پڦاٽ بابا کي لکيو، ”گوبند، ڪئمپ ۾ وڃي ٿو رهي.“ بابو ڦريل وايو منڊل ۾ به ڦريو نه هو. ڀارت ۾ رهيو به هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ هو جتي سنڌي گهر هئا ٽڪ ۾ ٽي سي به صحيح معنيٰ ۾ شرنارٿي نه هئا. لکي موڪليائين ”تون ڪئمپ ۾ رهين ۽ مفت جي راشن تي گذر ڪرين، اِهو مون کي منظور نه آهي،مان گهٽ ۾ گهٽ ننهن کي ڪئمپ ۾ رهائڻ جي فائدي ۾ نه آهيان، مان هن کي پالڻ سنڀالڻ جي جوابداري کڻي سگهان ٿو.“ مون ڪئمپ ۾ رهڻ جي پچر ڇڏي ڏني ۽ ڪانديواليءَ ۾ گهر ڪيم، مگر ڪلياڻ ڪئمپ سان منهنجو جذباتي  ناتو جڙيو رهيو، مون پنهنجي ساهتڪ خواه سنسڪرتڪ جيون ۾ الهاسنگر ( نه، سنڌونگر) کي نظر انداز ته نه ڪيو آهي ته ائين اهميت ڀريو سمجهيو آهي اِها حقيقت آهي ته سنڌونگر گهڻا نامڪٺيا ساهتڪار ڪلاڪار پيدا ڪيا آهن جي ڪاميابيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهيا آهن ۽ ڪاميابيءَ جا پهريان ڏاڪا سنڌو نگر ۾ چڙهيا. خود بمبئيءَ ۽ سنڌ ورڪ جا الاهي پونجي پتي جن آرٿڪ کيتر ۽ ساجڪ کيتر ۾ پاڻ موکيو آهي، اهي به پليا پوشيا سنڌو نگر ۾ ئي. اَسان بمبئيءَ ۾ سنڌو نگر جي اديبن جي ته منڍ کان وٺي برادري قائم ٿي آهي- ٻنهي هنڌ گڏ ادبي ڪلاس ڪيا اٿئون شئلن شغلن ۾ گڏ رهيا آهيون، مسئلن کي گڏ منهن ڏنو اٿئون ۽ سڀ کان وڌيڪ هڪ ٻئي کان اثر انداز ٿيا آهيون. 1954ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي ڪنوويڪشن هال ۾ جتي 1948 ۾ ستٽيهن ڄڻن جي ميڙ ۾ تڙ تڪڙ ۾ ديوناگري لپي بدلائڻ جو فيصلو ٿيو هو، سنڌي ٻوليءَ کي ڀارتي وڌان جي اٺين شيڊول ۾ جوڳي جاءِ ڏيڻ ۽ لپيءَ جي مسئلي سلجهائڻ جي پٽي مقصد سان هڪ وڏو عيوضي ميڙ ڪٺو ٿيو، اُتي سنڌي ٻولي سڀا ٺاهي ويئي ۽ ان جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي ٻنهي لپين جا حامي کنيا ويا. اِن سنڌي ٻولي سڀا جو پريزيڊنٽ ايل. ايڇ اجواڻيءَ کي ۽ سيڪريٽري مون کي چونڊيو ويو.

عربي ۽ ديوناگري لپيءَ جي حامين جي پندرنهن-پندرنهن عيوضين جون ٽي چار ميٽنگون ٿيون، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٻه طرفي دليلبازي ٿي. مون سلجهاءُ ڏٺو ته لپيءَ بابت هڪ قسم جو رفرنڊم ورتو وڃي، پئنچاتن جي عيوضين جو ميڙ  ڪوٺائجي يا/۽ عام راءِ ورتي وڃي. ڪئمپن. سيل ٿيل پيتيون رکيون وڃن. ڀوڄراج ناگراڻيءَ عربي لپيءَ جي حمايتين طرفان هڪ شاهي دستاويز تيار ڪيو، اهو جواب ڏيڻ لاءِ آسانند مامتورا کي ڏنو ويو مگر هن صاحب اِهو دستاويز تي دٻائي رکيو. ان طرح سڀا جون لپيءَ بابت ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جون ڪوششون پسي پيون.

سنڌي ٻولي سڀا مکيه ريت ٻه ڪم سرانجام ڪيا، هڪ ته کير ڪميشن سان سنڌي ٻوليءَ کي اٺين شيڊول ۾ درج ڪرائڻ لاءِ سفارت گڏي جنهن ۾ اجواڻي، پنجواڻي، ناگراڻي ۽ مان رهياسين. ڪميشن جي هڪ ميمبر مولراج شرما سڌو سنئون سوال پڇيو.”  جي ڀارت جون سڀ ڀاشائون ديونا گري لپي اختيار ڪن ته اوهان سنڌيءَ لاءِ ڇا ڪندا؟“ مون بزرگن جي راءِ کان اڳه ئي چئي ڏنو، ”جاڙي به جڳه سنئين.“ مون کي پڪ هئي ته سڀ ٻوليون ديونا گري لپي نه اختيار ڪنديون. سنڌيءَ لاءِ پهريندي ئي شڪ شبها وڌائڻ ٺيڪ نه هو، ٻيون ڪاريه جو ٻُلي سڀا سرانجام ڪيو سو اهو اهو جو اجواڻي صاحب هڪ عمدو ميمورئنڊم تيار ڪيو، پرڌان منتري جواهر لال نهروءَ کي ڏيڻ لاءِ، اهو ڇپيو به پرڌان منتريءَ ۽ پارليامينٽ ميمبرن کي به موڪليو ويو. سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ان جو ڪورنگ ليٽر مون صحي ڪيو، ميمورئنڊم تيار ڪرڻ ۾ ٻولي سڀا جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ٻين ميمبرن جو به يوگدان رهيو. جواهر لال نهرو ميمورئنڊم جو هڪ تي سٺ ۾ جواب ڏنو It is not feasable  سنڌي ٻوليءَ کي اٺين شيڊول ۾ وجهڻ جي گنجائش ڪانهي. هن هڪ ڳالهه مڃي ته ساهتيه اَڪادميءَ جي پروگرامن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي جوڳي جاءِ ملندي. هو ساهتيه اَڪادميءَ جو پهريون پريزيڊنٽ هو ۽ سيڪريٽري هو ڪرشن ڪرپالاڻي. سنڌي صلاحڪار بورڊ اجواڻي صاحب جي ڪنوينرشپ هيٺ جڙيو، بورڊ ۾ ڇهه ٻيا به ميمبر هئا جن ۾ هڪ مان به هوس. اَڪادميءَ طرفان انعامن لاءِ سنڌيءَ کي به تسليم ڪيو ويو.

اِها سنڌي ٻولي سڀا بي موت مري ويئي يا ماري ويئي، انسان، ڀل اهو ليکڪ هجي يا تعليمدان ڪڏهن ڪڏهن سنسٿا ۾ رهندي به سنسٿا کان وڌيڪ يا پاڻ بابت سوچيندو آهي، ان ۾ڪو شڪ نه آهي ٻولي سڀا ۾ اجواڻي صاحب جو رخ ڊڪٽيٽرانو نه ته اسڪول ماستر جهڙو ضرور هو ۽ هو سڀا جي ڪاريه ڪارڻي ميمبرن کي، جي سڀ جا سڀ پنهنجي پر ۾ نامور يا پرٻيڻ هئا، ائين هلائيندو هو جئن ڪو ماستر شاگردن کي هلائي، هن جي ان روش جي شڪايت سڀ ڪندا هئا پر هنجي سامهون نه، هنجي پرپٺ. جهمٽ مل ڀاوناڻيءَ کي مشهوري ۽ مانيتا بمبئيءَ ۾ اجواڻي ڪري ملي. هن ”علم عروض“ جو مهاڳه لکي گويا ليڪکن، تعليم دانن ۽ ساهتيه پريمين اڳيان جهٽمل کي ڄاڻو ۽ محنتي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو. ان ڪري جهمٽمل هنجي بيحد عزت ڪندو هو، هڪ ڀيري ڪنهن ننڍي ڳالهه تي اچي اٽڪيا. اجواڻيءَ کي غصي ۾ هنکي ڪي اڻ وڻندڙ لفظ چيا، جهٽمل ڪي سي ڪاليج مان سڌو مون وٽ اسڪول ۾ آيو، مڙس ڳالهائيندي ڳالهائيندي روئي پيو. مون چيومانس، ” اَڄ ڪاريه ڪارڻي ءَ جي ميٽنگه آهي، اُتي ڳالهه ڪڍجو ، گڏجي اجواڻي کي سمجهابو.“ جهمٽمل شايد ڪنهن  ٻئي ميمبر سان روئڻو رنو هجي پر ميٽنگه ۾ نه هوُ ڪڇيو ۽ نه ٻئي ڪنهن ڪڇيو، مون بنا ڪنهن ڳالهه يا سبب جي اجواڻيءَ کي چيو، ” مان جي سڀا جو سيڪريٽري آهيان ته پنهنجي بل بوتي تي. ڪنهن مون تي مهرباني نه ڪئي آهي“ اجواڻي چيو، ”ڪنهن تنهنجي قابليت ۾ ڪو شڪ آندو آهي؟“

مان چپ ٿي ويس. جهمٽمل پنهنجي بي عزتيءَ جو بخار ميٽنگه ۾ نه ڪڍيو پر اُها وساري نه سگهيو، سڀا جي وجود دوران ۾ اجواڻيءَ، پنجواڻيءَ ۽ منهنجي وچ۾ عملي يڪوجودگي جڙي هئي. اجواڻي پنجواڻيءَ کي به مونکي نظر انداز نه ڪرڻ، هيڪاري پنهنجو همراه مڃڻ لاءِ راضي/ مجبور ڪيو هو، اَسانجي ٽمورتي جهونن خواه نون خود منهنجي ترقي پسند دوستن کي کٽڪڻ لڳي هئي، هنن مان ڪو سڌيءَ ريت مونکي ڪجهه چوي تنهنکان اڳه جهمٽمل، اجواڻي ۽ منهنجي وچ۾ ديوار کڙي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي بورڊ آف سٽڊيز جي چونڊ ٿي، دائمي ميمبرن  عزيز، پنجواڻيءَ، ناگراڻي ۽ جهمٽمل کي هڪ پاڙهيندڙ ۽ ٻه نه پاڙهيندڙ ميمبر چونڊڻا هئا. پاڙهيندڙ جي جڳهه لاءِ منگهارام ملڪاڻي اميدوار هو، هن خلاف اجواڻيءَ ڪلا ريهسنگهاڻيءَ   کي کڙو ڪرايو، گويا بئلنس رکڻ لاءِ جهمٽمل نه پاڙهيندڙن جي جي ٻه جڳهين مان هڪ لاءِ مونکي اُميدوار بهاريو- اِهو سڌو سنئون اجواڻيءَ جي ڌيءُ خلاف هو. عزيز ۽ پنجواڻيءَ وچ۾ بورڊ جي پريزيڊنٽيءَ لاءِ لٺ لڳڻي هئي، اسين سڀ اُميدوار جن ۾ ڌرمداس ۽ پوپتي هيراننداڻي به هئي، هنن جي شطرنج جا پيادا هئاسين، عزيز مونتي ڀرؤسو رکڻ وارو نه هو، هن جو خيال هو ته مان ڪنهن به حالت ۾ اجواڻي اتحاد سان بهندس. چونڊ واري ڏينهن عزيز ۽ ناگراڻيءَ وچ ۾ ٺاهه ٿيو ته هو مونکي کٽارائيندا، ملڪاڻيءَ بدران هو ڪلا ريجهسنگهاڻي کي کٽارائيندا ۽ اجواڻيءَ جي ڌيءُ ته سواه ٿي ئي ويندي ڏهين بجي جهمٽمل مون وٽ اسڪول ۾ آيو. سڌو سوال پڇيائين” تون چاهين ٿو ته ملڪاڻي هارائي؟“ مون چيو، ” نه، هرگز نه، مان هنکي پتا سمان سمجهندو آهيان.“ هن چيو ته، ” اميدوار پڻو واپس وٺڻ جو خط لکي ڏي، مونکي ڏيوٺ جي راند ۾ هٿي ملندي.“ مونکي اميدوار بهاريو به جهمٽمل هو، هينئر ته هيڪاري ملڪاڻي صاحب جو واسطو هو- مون هنکي ڪوري ڪاغذ تي صحي ڪري ڏني. ڪلا هٿ کنيو. ملڪاڻي، ڌرمداس ۽ پوپٽي کٽيو ۽ اجواڻي، جي ڌيءُ سچ پچ سواه ٿي ويئي.

جهمٽمل ٿورن ڏينهن بعد مونکي چيو؛” ٻولي سڀا جون ڇو ڪين چونڊون ڪرايون وڃن؟“ هن وڌيڪ چيو،” اهي ايستائين ڪرائي نه سگهبيون جيستائين اجواڻي پريزيڊنٽ آهي، ڇو ڪين ڪاريه ڪارڻيءَ ۾ اجواڻيءَ  خلاف اوشواس جو ٺهراءُ پيش ڪجي؟“

مونکي بخوبي ڄاڻ هئَي ته جتي قدرت اجواڻي صاحب کي قابليت سان نوازيو هو تتي خودداريءَ جي نالي ۾ خودي ايتري گهڻي ڏني هئي جو دوستن کي به دشمن ڪري وجهندو هو. ٿورا ڏينهن اڳه هڪ لڙي منجهند جو مان نئشنل ڪاليف جي احاطي ۾ هنجي رهائش جي جڳهه تي ويٺو هوس جو پروفيسر گهنشيام ۽ ميلهو مائيداساڻي اچي نڪتا، پهريندي ئي اجواڻيءَ گهنشيام جي آجيان ڪئي، ” تون آهين مشهوريءَ جو مريض، ٿورو ڪم ڪندين ته شد مد سان”هندستان“ اخبار ۾ ڇپائيندين...“ گهنشيام ششدر ٿي ويو. مون اجواڻيءَ کي چيو، ”آئي جو آڌر ڪرڻ کپي...“ اجواڻي ٿڌو ٿيو.

مونکي خبر هئي ته اِن نموني هن الائي گهڻن کي آزاريو هو، هو ته اِن تاڙ ۾ هئا ته ڪو ٻليءَ کي گهنڊڻي ٻڌڻ لاءِ تيار ٿئي، مون جهمٽمل کي چيو، ”مان اوهانکي اجواڻيءَ جي استعيفا آڻي ٿو ڏيان، منهنجو شرط اِهو آهي ته ڪاريه ڪارڻي هن  جا ڪيل ڪاريه لاءِ دستوري شڪرانا بجا آڻيندي.“ جهمٽمل کي اعتبار ئي نه اَچي ته ڪو اجواڻي استعيفا ڏيندو، مگر مونکي پڪ هئي، ٻه اڍائي سال هن سان گڏ ڪم ڪندي ۽ هر روز هن سان ٻهٽي ڪلاڪ گڏ گهاريندي مون ڀائپي ورتو هو ته اجواڻي به انسان هو ۽ جتي هنجي زبان ڪؤڙي هئي ۽ وس ورندي ڪنهنکي معاف نه ڪندو هو؛ تتي هن جي دل ڪمزور به ڏاڍي هئي. صرف اُن ڪمزور رڳه جي صحيح سڃاڻپ، اُن انوسار هن کي هلائڻ جي صلاحيت جي درڪار هئي، هڪ قسم جي جهمٽمل سان شرط رکي مان اجواڻيءَ وٽ ويس، مون هن اڳيان صحيح صورت حال رکي: اوهان ۾ واشواس جي اث اوس پاس ٿيندي، وڌ ۾ وڌ پنجواڻي ۽ مان اوهانجي حق ۾ ووٽ ڪنداسين، تنهن کان بهتر آهي ته ڪيل ڪاريه لاءِ شڪرانا رڪارڊ ڪرارائڻ جي خاطي قبولي، پاڻ کان پاڻهي اِستعيفا ڏيئي ڇڏيو.“ هن ڪي منٽ دل من هنيو، ههڙي ڌگه مڙس جو چهرو ڏسڻ تي من ئي من ۾ جهمٽمل تي غصو آيم. اجواڻيءَ چيو، ” مان استعيفا هنيئر جو هنيئر ٿو لکي ڏيانءِ.“ ممڪن آهي، هن تيز دماغ سان تهه طلب اِهو سمجهي ورتو هجي ته ٻي سڀا سنڌي ٻولي اَٺين شيڊول ۾ آڻارائي نه سگهندي جو جواهرلال کي مڃائڻ عبت ئي لڳو ۽ هن دل کي اِهو ڏڍ به ڏنو هجي ته ساهتيه اڪادميءَ جي صلاحڪار بورڊ جي ڪنوينر شپ ڪري هن جو اَثر ۽ وقار ته سلامت رهندو ئي، اَجواڻي صاحب جي ڀلمانسائي اِها رهي جو هميشه جيان اُن ڏينهن به چانهه پيارائين، هن سان گڏ هن جي گهر  چانهه پيڻ جو اهو شايد آخرين موقعو هيو ۽ جهمٽمل اِن اِستعيفا لاءِ ايڏو منتظر هو جو هوُ ڪاليج لڳه نالي ڀرسان پنهنجي بالڪنيءَ مان منهنجي اَچڻ جو اِنتظار ڪري رهيو هو اِستعيفا جو ڪاغذ مون پري کان ئي هوا ۾ لهرايو، سنڌي ٻولي جو پريزيڊنٽ اجواڻيءَ جي جڳهه تي منگهارام ملڪاڻيءَ کي چونڊيو ويو،مگر ٻولي سڀا چست بڻجي نه سگهي.

بمبئيءَ ۾ تحريڪ ۾ ٺاپر آئي ته سنڌيت جو ناد دهليءَ ۾ زور سان گونجيو. دهليءَ ۾ سنڌو سماج جي سرڪردن حشو ڪيولراماڻيءَ، هرومل سدارنگاڻيءَ ۽ کيئي سئَناڻيءَ جي ته ياريءَ ٻوليءَ کي اٺين شيڊول ۾ آڻارائڻ لاءِ سنڌي ڪنوينشن ڪوٺائي، ۽ ان ڪنوينشن جي صدارت لاءِ اجواڻيءَ کي دعوت ڏني ويئي! اجواڻيءَ جو اثر برقرار رهندو آيو- بمبئَيءَ مان اجواڻيءَ کانسواءِ رام پونجواڻي به هليو، اٺ ڏهه ترقي پسند ليکڪ به ويا هلياسين، تنهن سواءِ ٻيا ڪي ساهتڪار ۽ پترڪار به شريڪ ٿيا، ٻين  شهرن مان به ڊيليگيٽ آيا. ڪونوينشن ۾ ٻوليءَ کي اٺين شيڊول ۾ درج ڪرائڻ جو ٺهراءُ بحال ٿيو ۽ اِن جي وپوئواري ڪرڻ لاءِ اجواڻيءَ ۽ حشوءَ جي گڏيل ڪنوينرشپ هيٺ هڪ اکل ڀارت  ڪاميٽي ٺاهي ويئي جنهن تي مونکي ۽ ڪيرت کي به کنيو ويو، اِها ڪنوينشن ڀارتيه وديا ڀون ۾ ڪوٺائي ويئي هئي. اُن جي شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳه اِن جي حاطي ۾ پنجواڻي ۽ مان ۽ ڪي ٻيا جن ۾، شايد سدارنگاڻي ۽ شاد به هئا، بيٺا ڳالهيون ڪري رهياسين جو ڀارتيه وديا ڀون  جو ڪلپتي ڪي. ايم. منشي آيو، هو ڀارتي وڌان جوڙڻ واري ڪاميٽيءَ جو مکيه ميمبر هو( صدر شايد ائمبسيڊر هو)؛ منشي پنجواڻيءَ کي سڃاڻندو هو، سڌو اسان ڏانهن وڌي آيو، چيائين، ”پروفيسر، تون هتي؟“ سنڌي ٻوليءَ کي اٺين شيڊول ۾ آڻارائڻ لا ڪنوينشن ڪوٺائڻ اٿئون.“ هن چيو، ” عجيب آهيو، اوهان سنڌي، جوڙجڪ اسيمبليءَ ۾ سنڌي ميمبرن آچاريه ڪريالاڻيءَ ۽ جئَرامداس کان پڇيوسين، اِن شيڊيول ۾ سنڌي وجهون؟ چيائون، ” ضرورت ڪانهي. سنڌي جت ڪٿ مڪاني ماڻهن ۾ سمائجي ويندا، هاڻ ٿا ڪنوينشن ڪوٺايو!“

اُن ڪنوينشن ۾ بمبئَي ڊيليگيشن جي اڳون طور مون ٻين همراهن سان صلاح ڪري ايندڙ ڪنوينشن/ سميلن بمبئَيءَ ۾ ڪرڻ جي دعوت ڏني جا بحال ڪئي ويئي.

اِ وچ۾ لپيءَ بنست راجنيتي اڳوانن ٻي چال چلي هئي، بمبئي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ نانڪ موٽواڻيءَ ٺهراءُ بحال ڪرايو هو ته سنڌي پرئيمري اسڪولن ۾ ديوناگري لازمي لپي رهندي، اِهو ٺهراءُ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ ڦهالءَ جي سلسلي ۾ڀاري رڪاوٽ بڻيو، عربي لپيءَ جي حمايتين خاص طور ڌرمنداس، ناگراڻي، اُتم ۽ ڪيرت اِن کي دور ڪرڻ لاءِ بمبئَي هاءِ ڪورٽ جو در کڙڪايو. ڪورٽ ۾ حاضر مان به رهندو هوس، عربي لپيءَ جي حق ۾ وڪالت ڪئي رام جيٺملاڻي ۽ ديوناگريءَ وارن جو وڪيل هو هوتچند گويالداس آڏواڻي. پهرين ته ديوناگريءَ وارا ڪيس کڄڻ کي مهمل ڪرارائيندا رهيا پر نيٺ جڏهن اُهو کڄيو، لاڳيتو هليو ۽ وڪيلن جي دليلبازي ٿي رهي ته فاضل جسٽس (شاهه هو شايد)  فتويٰ ڏني ته ميونسپل ڪارپوريشن ڀارتي سرڪار جي تعليم کاتي جي جي.آر جو اُلنگهن ڪري ٻيو ڪو ٺهراءُ بحال نٿي ڪري سگهي، اُن جي. آر موجب جنهن اسڪول ۾ چاليهه وديارٿي عربيءَ لپيءَ ۾ تعليم وٺڻ چاهيندا ته ميونسپل هنن کي اُن لپيءَ ۾ تعليم ڏيڻ جو بندوبست ڪري ڏيڻ لاءِ ٻڌل آهي، سنڌي ميونسپل اسڪولن ۾ ٻنهي لپين ۾ سيکارڻ جو سلسلو  شروع  ٿيو، پر جو ڪاپاري ڌڪ لڳي چڪو هو؛ اُن جو قطعي اثر دور نه ٿي سگهيو.

دهليءَ ڪنوينشن ۾ مان جو همراهن جي صلاح سان ٻئَين اکل ڀارت سميلن لاءِ بمبئيءَ ۾ دعوت ڏيئي آيو هوس ته اُن جي پوئواري ڪندي اديبن ۽ تعليمدانن جو هڪ ميڙ ڪوٺايوسين، اُتي آجيان سڀا ٺاهڻ ۽ ٻين شروعاتي تيارين ڪرڻ لاءِ هڪ عارضي ڪاميٽي ٺاهيسين جنهنجو ڪنوينر مونکي چونڊيو ويو.

سميلن کي وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ اثردار بڻائڻ لاءِ اَچار به وڏي پئماني تي ٻين ميٽنگه ڪوٺائيسين. ان ۾ ڪنوينر جهمٽمل ڀاوناڻيءَ کي بڻايو وي، پوءِ هو آجيان سڀا جو جنرل سيڪريٽري ٿيو ۽ مان جائنٽ سيڪريٽري، ستاويهن ڄڻن جي ڪرمچاري ڪاميٽي ٺهي جنهنجو پريزيڊنت ٽي-ايم-آڏواڻي ۽ ورڪنگه چئيرمن هوتچند آڏواڻي ٿيو، الاهي سب ڪاميٽيون ٺهيون ۽ هنن جا چيئرمن بزرگه ساهتڪار ٿيا ۽ سيڪريٽري نوجوان ليکڪ، اِهي چيئرمين ۽ سيڪريٽري ساڳئي وقت آجيان سڀا جا وائيس پريزيڊنٽ ۽ جوائنٽ سيڪريٽري به شماريا ويا. ڪلچرل ڪاميٽيءَ جو چيئرمن رام پنجواڻي ٿيو ۽ مان اُن جو سيڪريٽري ٿيس، گوپال گربخشاڻي آجيان سڀا جو خزانچي ٿيو.

ان سميلن جي تيارين جي دؤران ۾ عربي لپي ۽ ديواناگري لپيءَ جي حمايتين وچ۾ زباني سمجهوتو ٿيو ته لپيءَ جو مسئلو اِن سميلن ۾ نه آندو ويندو، ۽ ان سمجهوتي تي ٻئي ڌريون توڙ تائين قائم رهيون، اِن سميلن جي دؤران ۾ جهمٽمل ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي آرگنائيزنگه صلاحيتن جو چڱو ثبوت ڏنو، اِهو سميلن هر طرح ڪامياب رهيو، سميلن جو مهورت همايون ڪبير ڪيو ۽ مهورتي اجلاس جي صدارت جئرامداس دولترام ڪئي، ڊيليگيٽن جي اجلاس جي صدارت اجواڻيءَ ڪئي. اِن طرح اجواڻيءَ جو اثر اڃا ته برقرار رهندو آيو، سميلن ۾ هر هڪ ٺهراءَ جي پوئواريءِ لاءِ الڳه ڪاميٽي، الڳه پريزيڊنٽ ۽ الڳه سيڪريٽري سان ٺهي ۽ انهن وچ۾ ڳنڍ جهمٽمل ڀاوناڻي بڻيو، مگر سميلن بعد هنجو ساڳيو چاهه نه رهيو، سميلن جي بچت اڃا پيئي بئنڪن ۾ سڙي.

سميلن جو سلسلو جاري رهيو، روچي ٿاواڻيءَ ٽئين سميلن ناگپور ڪوٺائڻ جي دعوت ڏني، اُهو سميلن رهائش ۽ کاڌي جي انتظام ڪري يادگار رهيو، ڊيليگيٽ به هزار جي لڳه ڀڳه آيا اِهو سميلن نارائڻداس ملڪاڻيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو. اِن سميلن ۾ اکل ڀارت سنسٿا جوڙڻ جو ٺهراءُ بحال ٿيو ۽ اُن جي وڌان ٺاهڻ لاءِ هڪ عارضي ڪاميٽي ٺاهي ويئي، اُن وچ۾ مون ڪلاڪار منڊل جوڙيو هو ۽ ان جون سرگرميون وڌيل هيون، اِن ڪاميٽيءَ جو ڪنوينر- سڪريٽري مان نه ٿيس، اُٿم ٿيو، اتي گانڌياڌام ۾ چوٿين سميلن جي ڪرڻ لاءِ نينڍ ملي، گانڌيڌام سميلن ۾ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جو پايو پيو. منگهارام ملڪاڻي اُن جو پهريون پريزيڊنٽ ۽ اُتم ان جو پهريون جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، اِن تي سميلن ۾ چيٽي چنڊ کي سنڌيت ڏينهن ڪري ملهائڻ جو فيصلو ٿيو.

ساهتيه جي شاهه راهه تي

مان سمجهانٿو ته جئن ” نئي دنيا“ جاري ڪري ڀارت ۾سنڌي مخزن جي شروعات بهاري ڇاپريا ڪئي تئن هن ئي ڪتابن ڇپائڻ، باقاعدي رسالي هلائڻ جي شروعات ڪئي.”سرگه ساهتيه“ جي نالي سان شايع ڪيائين، ٽئگور جي هڪ لنبي ڪهاڻي”ناري“ عنوان سان شايع ڪيائين، جڳت به ”ڪهاڻي“ جيارڻ بعد ڪتابن شايع ڪرڻ جو سوچيو. هڪ ڏينهن بهاريءَ پنهنجي پريس ۾ مونکي چيو، ”مالهي، ڪهاڻيون گهڻيون لکيئه، هاڻ اصلوڪو ناول لکه“. سنڌ ۾ هو ڪتابن جا ٽرنگا ڪؤر لٿو پريس ۾ ڇپائيندو هو، هڪ اڳه ڪتب نه آندل ڪؤر مونکي ڏيکاريائين، اُن تي”آنسو“ عنوان اڳه ئي ڇپيل هو. بهاريءَ چيو”آنسو“ مون صرف مرڪيو. ”نئي دنيا“ جي نئين پرچي ۾ هن شد مد سان اعلان ڪيو، ”گوبند مالهيءَجي قلم مان اچي رهيو آهين پهريون اصلوڪو ناول”آنسو“ پوءِ ته ناهوت لڳائي ڏنائين، ”لکه ناول“ اِن طرح منهنجو پهريون ناول جي طور ڪافي راس آيو، جڳت آڏواڻيءَ چيو، ”ڪهاڻين جي ڀيٽ ۾ ناول بهتر ٿو لکين، ڪهاڻيءَ لاءِ به ناول لکه.“ اُن وقت منهنجي ارد گرد هڪ ليکڪ ۽ هڪ ليکڪا جي پريم ۾ سماجڪ رڪاوٽون اَچڻ لڳيون هيون، انهن کي آڌار بڻائي ٻيون ناول ڪهاڻيءَ لاءِ لکيم،  ”زندگيءَ جي راهه تي،“ ان جي ساهتيڪ مرڪزن ۾ ”آنسو“ کان به وڌيڪ سٺي آجيان ٿي. منگهارام ملڪاڻيءَ ادبي ڪلاس ۾ ئي نه، هڪ سمالوچڪ ليکه ۾ لکيو، ”مالهي ٻئين ناول لکڻ سان ئي پڪو پختو ناول نويس بڻجي پيو آهي“. منهنجو حوصلو تهائين وڌي ويو. پرڪاشڪ به هڪيو هو ته پاٺڪ به ميسر هئا،تنهن زماني ۾ لوڪل ٽرينن ۾ سنڌي ڪئمپن مان بمئي ايندي ويندي رمي راند نه ڪندا هئا، ڪتاب پڙهنداهئا، گاڏين ۾ گپا گپهه به ڪانه هئي تڏهن هڪ سال اندر 1951۾ منهنجو ٽيون ناول ڇپيو، ”جيون ساٿي“ ناول جي لفظي معنيٰ سان نباهيندي مان هرهڪ ناول ۾ نوان مسئلا، ۽ نوان ڪردار، نئين طرز بيان سان کڻڻ لڳو هوس. ”جيون ساٿي“ کي سيڪس کي به ڇهيو هوم. جڳت پبلسٽي به چڱي ۽ رنگين ڪئي هئي،ڪتاب هٿون هٿ کپي ويو. اُن زماني ۾ تڪڙي وڪري ۾ اِهو پنهنجو مٽ پاڻ رهيو. 1952 ۾ ٻه ناول لکيم، سنڌ جي ورهاڱي ۽ لڏ پلاڻ جي صورت چٽيندڙ ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“ ۽ سنڌ جي ڪئمپن ۾ سنڌين جي وري وسجڻ لاءِ ڪشمڪش ڏيکاريندڙ ”من جو ميت“.

”پکيڙا...“ تڏهن منهنجو ئي نه، سنڌي ساهتيه جو ڪافي معياري ناول مڃجڻ ۾ آيو. مون پهريندي ئي”آنسو“ جي مهاڳه ۾ ڪجهه هن ريت لکيو هو، ”آنسو ڪامياب ويو ته ٻين ليکڪن کي به ناول لکڻ لاءِ اُتساهت ڪندو ۽ جي ڪامياب نه رهيو ته ٻين ليکڪن لاءِ للڪار رهندو ته جتي مالهي ڪامياب نه ويو آهي تتي اسين ڪامياب وڃي ڏيکارينداسن“. ذري گهٽ هر مشهور ۽ مقبول ليکڪ ناول لکيا، ڪنهن هڪ ڪنهن ٻه، ڪي لکندا رهيا، مون جيان سندري اُتمچنداڻيءَ جي پهرين ناول ”ڪرندڙ ديوارن“ ته چڱي ڌاڪ ڄمائي، موتي پرڪاش، آنند گولاڻيءَ ۽ داس طالب به ناول لکيا. ٻين شهرن ۾ به گويا سڏ جو پڙاڏو ٿيو. اصلوڪن سنڌي ناولن جو چئجي کڻي، سنڌي ساهتيه ۾ يگه شروع ٿيو. موهن ڪلپنا به ناول نويس جي حيثيت ۾ مانيتا حاصل ڪئي، پوپٽي هيراننداڻيءَ به ناولٽ لکيو.

لڇمڻ ساٿي بڪ لورس ڪارنر ڀرسان ڪالباديويءَ تي هڪ پرائيويٽ فرم ۾ نوڪري ڪندو هو، گهر ناسڪ ۾ هوس. نرمل ۽ امر چنداڻ: ۽ هوُ ساهتيه ۾ چڱي رچي رکندا هئا، ساٿيءَ ”راڻي“ مخزن ۽ پوءِ ”رڻي“ رسالو جاري ڪيو. منهنجا به ناول ”للڪار“ ۽ شرم ٻوٽي“ لڇمڻ سثيءَ چپيا،”شرم ٻوٽي“ مال خوه رومال جي لحاظ کان اديبن خواه پاٺڪن ۾ ڪافي پسند پيو، وري ڦري سنڌ جو ماحول چٽيو هوم، ۽ سماجوادي حقيقت نگاريءَ تي طبع آزمائي ڪئي هيم.لڇمڻ جو پنهنجو ننڍڙو ناول ”ساهيڙي“ به ادبي حلقن ۾ مقبول ٿيو.

لڳه ڀڳه اِن زماني ۾ تارديو ۾ لٿو پريس هلائيندڙ سڳني مل پمانند سنڌي ساهتيه سميلن جو چوٿين مڪاني ساهتي سميلن بعد هڪ سنسٿا جي طور جاري هو، کي انعامن جي آڇ ڪئي- ناول، ڪهاڻي، شعر ۽ مضمون شاخن لاءِ الڳه الڳه. پهريون نمبر انعام سؤ روپيه ۽ ٻيون نمبر انعام پنجاهه روپيه، تڏهن ناڻي پنهنجو مله وڃايو ته هو، تي جج مقرر ڪيا ويا. ٻن جا نالا ياد اٿم، آسانند مامتورا ۽ منگهارام ملڪاڻي. ٽيون مان سمجهانٿو، لالچند جڳتياڻي هو يا چيتن ماڙيوالا يا ڪو ٽيون. اُن وقت جي ذڪر ڪرڻ لائق حقيقت اِها آهي ته سنڌي سيٺ جي واپاري ذهنيت پهريون دفعو ساهتيڪ کيتر ۾ نمودار ٿي، چيائين، ”پيسا ٿو ڏيان، جج مان به ٿيندس.“ سميلن سيڪريٽريءَجي حيثيت ۾ مون آناڪائي ڪئي ته چيائين، ”منهنجو سيڪريٽري جج بڻايو، هوُ بي.اي. پاس آهي.“ مونکي ياد نه آهي ته سمجهوتو آخر ڪيئن ڪيوسين، بزرگه اديب نؤجوان ليکڪن جي قدرشناسيءَ جو موقعو وڃائڻ جي حق ۾ نه هئا. مان سمجهانٿو ته اسان هنکي انعام سندس هٿان ڏيارڻ جي خاطري ڏني-( مون وٽ جيڪي فوٽا آهين تن ۾ هن اِنعام هن هٿان ڏنا ويا) ناول ۾ پهريون انعام ٻلديو گاجرا کي ۽ ٻيون مونکي مليو. فوٽا جتائن ٿا ته جڳت، سڳن آهوجا ۽ پوپٽيءَ کي به انعام مليا، مون پرمانند سڳني مل جي اڀن واپاري ذهنيت تي ڪي سال پوءِ ايڪانڪي: ”گستاخي معاف“.

ساهتڪارن جي قدرشناسيءَ جي ذڪر ڪندي ٻن شخصن سنڌي ساهتيه جي قدرداننکي وساري نٿو سگهان. دهليءَ جو پروفيسر ڪي. اين. واسواڻي ۽ بمبئيءَ جو گوبندرام ڪيسواڻي- هڪ ٻئي کانپوءِ سال بسال ڪنهن نه ڪنهن ساهتڪار کي سؤ روپيه ڏيندا هئا، مونکي به ٻنهي ياد ڪيو. پهرين ڪي.اين. واسواڻيءَ ۽ ڪجهه سال پوءِ گوبندرام ڪيسواڻي. ڪولابا ۾ چارمس وارو کيمچند به سنڌي ساهتيه جو شيدادئي ۽ ساهتڪارن جو قدردان هو، ۽ اِها حقيقت به فخر لائق آهي جو لالچند جڳتياڻي مت ور وڏي هوندي به اُن وقت جي ساهتيه کي کليو کلايو ساراهيو ۽ جو ترقي پسند ليکڪن کي ساهتيه سرج لاءِ کولي داد ڏنو.

جيٺانند لالواڻي ۽ سشيلا لالواڻي ٻه ورهين جا ورهيه ڀارت جيون رسالو هلايو. جتي هنن رام پنجواڻي ۽ چندولال جا سڀ ناول ڇپايا تتي 1960 کان اڳه ڀارت جيون معرفت منهنجا ٽي ناول شايع. ”لوڪ آهي ٻوڪ“، ” چنچل نگهاهون“ ۽ ”ڏيهي پرڏيهي ٿيا.“ ”ڏيهي پرڏيهي ٿيا“. خطن ۾ ناول جي ڏس ۾ نئون تجربو هو- ماحول سنڌ ۽ هنڌ جو مڪسڊ، گويا شيخ اياز جي اُن وقت جي مشهور ڏوهيڙي کان متاثر ٿي اَياز ۽ سنڌ وارن کي تسلي ڏني هيم ته ورهاڱي جي ديوار سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي دلين ۾ درار نه وجهندي. مونکي پنهنجا مکيه ۾ مکيه پنج ناول ٻڌائڻا پون ته جيڪر مان ” ڏيهي پرڏيهي“ ٽيون يا چوٿون نمبر طور شماريان.

گوٽا جي ستياگره جنهن ۾ سنڌين به پاڻ موکيو، روپ ساڌواڻي ۽ موهن ڪلپنا به ويا هئا. اُن جو ناٽڪ بڻايم ننڍپڻ جي همراه گدوءَ کي جو سيٺ گدومل بڻيو ٺاروشاه ۾ ويٺو آهي، مگر مان ناول ۾ هنکي گداڌر سوامي ڪري کڻي آيس. اِهو ناول وري جڳت آڏواڻيءَ ڇپايو. 1960 تائين هن منهنجا ٻه ناول ٻيا ڇپايا- ” ديسي سيڻ ڪجن؟“ ۽ ” پهرين محبت“ ” ديسي سيڻ ڪجي؟“ گهڻن آلوچڪن جي نظر ۾ منهنجو بهترين ناول آهي. اجواڻي اُن کان ايترو پرڀات ٿيو جو ريڊيو تان ان کي دل کولي داد ڏنائين. هنجي تي چوڻموجب هوُ اِن ناول کان ايترو ته متاثر ٿيو جو! پنهنجي پتنيءَ کي کار ڊانڊا ۾ ڪوليواڙا به ڏيکارڻ وٺي ويو ته ڏسي ته اسانجي نظر ڪٿي ڪٿي ٿي پهچي.

در حقيقت اجواڻي منڍ منڍ ۾ مون ڏانهن متوج به منهنجي ناولن ڪري ٿيو هو سو به سنڌيءَ ريت ته اَڻ سڌيءَ ريت هن بمبئيءَ ۾ اَچي ڪي. سي. ڪاليج سان ڳنڍجڻ تي سنڌي ساهت سنگت ٺهرائي هئي، مکيه بانيڪار هو مرلي مکي ۽ سيڪريٽري هئي پوپٽ هيراننداڻي. جتي ساهت منڊل ادبي ڪلاس هلائيندي هئي تتي ساهت سنگت، ساهت ۽ اُن جي مسئلن تي ماڊل هاءِ سڪول ۾ بحث مباحثه ڪرائيندي هئي. مان ۽ ساهت منڊل جا ٻيا ساٿي اڪثر انهن ميڙن ۾ شرڪت ڪندا هئاسين.

ساهت سنگت جي سهاري نڪرندڙ ”ڦليلي“ مخزن ۾ به اسانجون رچنائون ڇپيون هيون. اجواڻي اسان ترقي پسندن کي ڪميونسٽ سمجهندو هو، پوءِ به اسانجي ويچارن کي ڌيان سان ٻڌندو هو. اُن زماني ۾ ٿورن سالن لاءِ بولچند راجپال به ”سنڌو“ مخزن کي جياريو هو، سنڌ جيان هند ۾ به ”سنڌو“ جو لاڏلو ليکڪ اجواڻي هو. اُن مخزن ۾ ٻين ليکڪن سان گڏ منهنجا شاه ۽ سچل جي ترقي پسنديءَ تي به ليک ڇپيا، هڪ پرچي ۾ ليکوتلسياڻيءَ جو ليک ڇپيو”گوبند مالهيءَ جا ناول“ اجواڻي لڇمڻ راجپال کان، جو سندس ڪاليجه ۾ پروفيسر هو، پڇيو، ” سچ پچ مالهي جا ناول اهڙا اهم آهن جو انهن تي خاص ليک سو به ”سنڌو“ ۾ ڇپيو آهي؟“ لڇمڻ هنکي منهنجو تازو ناول”من جو ميت“ ڏنو. اجواڻيءَ گهرائپ جي دؤران ۾ مونکي ٻڌايو،” مونکي اُهو نه وڻيو.“ مونکي تنهنجي شروعاتي ناولن مان صرف ”پکيئڙا...“ اثردار لڳو. وچ وارن ناولن ۾ مونکي ”للڪار“ وڻيو ۽ ” شرم ٻوٽي“ به پسند آيو. ٻه ڳالهيون ٻنهي ۾ ناول جي تتن سان بخوبيءَ نباهن ٿيون. ماحول ۽ ڪردار، تنهنجا استري ڪردار وڌيڪ جاندار هوندا آهن. سواءِ ”ناڪار“ ۾ ” ٽيڪم جي ٻيا مرد ڪردار رواجي هوندا آهن.“ سمجهيم ته هوُ ڪتابن پڙهڻ ۽ پنهنجي نجي راءِ ٺاهڻ ۾ ٻين بزرگه اديبن کان اڳرو ۽ مٿڀرو هو.“ ٻولي سڀا جي وجود جي دؤران ۾ روز روز جي لهه وچڙهه ۾ هو اڪثر انگريزي ۽ سنڌي ڪتابن تي راءِ زني ڪندو هو.

هڪ ڏينهن چيائين، ” ڀارت جيون“ سان جڙيل ٽي ئي ليکڪ پنجواڻي، چندولال ۽ تون ڪافي پر به آهيو، جتي چندو لل بگو بئر بستري ڪري مقبول اُهي تتي سماجي مسئلن وارن ناولن ۾ تون ٻنهي کان وڌ آهين“.

منهنجو ناول” ديسي سيڻ ڪجن؟“ هنکي راس آيو، اُن ئي زماني ۾ منهنجي ۽ هنجي وچ۾ اُها ويري پيئي جا وري ڪڏهن به ٽٽي ڪانه، ميٽرو ريسٽارنٽ ايرانين جي بدران ملائلي مسلمانن جي ملڪيت بڻي هئي، اُتي کاڌي جو انتظام به هو. منجهند جو اُتي گهڻي گرمي ٿيندي هئي، مون پنهنجو ٿاڻو بدلائي ساڳيءَ قطار ۾ ايراني ريسٽارنٽ فيلشا ۾ ڪيو هو، جڳت اَسانجي سڪول بعد ڪي. ڊي. هندوجا سڪول مان ڦرندو”هندستان“ اخبار ۾ سب ايڊيٽر جي طور ٿانئيڪو ٿيو هو. آرتڪ وسجڻ جي دؤران ۾ سرڪاري عهدن تان فارغ ٿي ” هندستان“ جي سنڌ وارن بانيڪارن نئين سر اخبار ٿورا سال اڳه جاري ڪئي هئي، جڳت جي ڊيوٽي گهڻو تڻو شام يا رات واري هوندي هئي. آفيس ۾ وڃڻ کان اڳه روز مون وٽ اَڌ منو ڪلاڪ ضرور ايندو هو، هڪ ڏينهن مان ۽ جڳت فيلشا ريسٽانٽ ۾ ويٺا هئاسين. ڪيرت آيو ۽ ايندي ئي چيائين” تنهنجي اجواڻي سان گهرائپ ڪيٽرن همراهن کي کٽڪي ٿي. هنن جو چوڻ آهي ته تنهنجي ڪري ساهتيڪ ۽ تعليمي کيترن ۾ ڪيتريون زيادتيون اجواڻي ۽ ڪمپنيءَ کي ڦٻي ٿيون وڃن بورڊ آف سٽڊيز جي چونڊون ۾ اجواڻي جي ڌيءَ هارايو پوءِ به اُن جي فيصلي ۾ گهڻي ۾ گهڻو اثر اجواڻيءَ جو آهي....“ جڳت مونکان سڌو سوال پڇيو بورڊ آف سٽڊيز جي ڪارنامن تي ليکه لکندين؟ مان ڪهاڻيءَ ۾ چپيندس.“ مون ”ها“ ڪئي. ليک لکيم: ” ناني رڌڻ واري ڏوهٽا کائڻ وارا“. ليک ڇپيو.” ڪهاڻي“ جو اِهو پرچو هڪ شام جو اسٽالن تي پهتو، ٻئي ڏينهن صبوح جو سڪول پهتس ته گيٽ وٽ رام پنجواڻي بيٺو هو. پيرين پيو سانس ته چيائين ” هيءُ ڪهڙو خام ٻاريو اٿيئي؟ اجواڻيءَ جي ننڊ ڦٽي پيئي آهي“. مون چيو، غلط لکيو اٿم؟“ هن چيو ” غلط يا صحيح اجواڻي ۽ يا مونکي چئين ها، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي وڃي ها.“ هينئر به اجواڻي کي فون تي چؤ ته ” مونکان اٻهرائي ٿي آهي، مان بيان ڪڍي اِن جو اثر گهٽائيندس“. مون بلڪل سان چيو،” مون کي جي ذهن نشين ڪرايو ويندو ته مون جيڪو لکيو آهي اُهو غلط آهي ته مان پنهنجي ليک بابت رايو پاٺڪن، اديبن ۽ تعليم دانن تي ڇڏيندس. مان پنهنجي راءِ تي محڪم رهيس، پنجواڻي ناراض ٿي هليو ويو. پندرنهن ويهن ڏينهن ليک جي جواب ۾ ارجن شاد جو ليک ڇپيو جنهن۾ اجواڻيءَ جي وڪالت ڪيل هئي ۽ منهنجي اُٻهرائيءَ کي غلط سڏيو ويو هو! شاد تن ڏينهن جئه هند ڪاليج جي سنڌي وڀاڳه ۾ پنجواڻي جو سهائڪ هو، ڪيريت خبر نه آهي ته منهنجي ڪهڙي همراهن لاءِ چيو ته هنن کي اجواڻيءَ سان گهرائپ کٽڪي ٿي پر مونکي خبر آهي ته منهنجا ڪي ترقي پسند همراه اجواڻيءَ سان وڌيڪ گهائل مائل ٿيا ۽ کيس گهر ۾ کاڌي تي گهرائيندا هئا. ڪيئن به، اجواڻي ۽ مان هڪ ٻئي جي نزديڪ نه آياسين، ها ميٽنگن ۽ ڪانفرنسن ۾ فارمل نموني هلندا هواسين.

مان 1960 تائين ترجمن جي ڏس ۾ به چست رهيس. پهريون ذڪر لائق ترجمو هو، گورڪيءَ جي ناول جو ”ماءُ“ بهاري جي رسالي لاءِ تارا شنڪر بئنرجي جو ” ڌرتي ماتا“ ترجمو ڪيم، ڪهاڻيءَ لاءِ هنديءَ مان جئندر ڪمار جو ” سنيتا“ ۽ انگريزي تان لڌيون ٽانگه جو ” ناني“ سنڌي ۾ آندم. اجواڻي مهاڳن لکڻ کان مشهور هو. هنجا  مهاڳه پوءِ ڪتابي صورت ۾ به چپيا- ” ويچار“ مان ڀانيانٿو اِن زماني ۾ منهنجي پنهنجي ڪتابن کانسواءِ ٻين ڪتابن جا مهاڳه منهنجا به ذري گهٽ اجواڻيءَ جيترا ڇپيا، مون اِن دؤر ۾ ڪي ناٽڪ به لکيا ۽ ڊزن کن ڪهاڻيون به لکيون، الاهي ليک انهن کانسواءِ.

مان ادبي ڪلاس ۾ جلاد نقاد ته نه هوس مگر ڪڏهن ڪڏهن ڪڙي آلوچنا ضرور ڪندو هوس. مون پنهنجي ڪا رچنا ادبي ڪلاس ۾ نه پڙهي هئي.  هڪ ڀيري همراهن ”ضد ٻڌو“  ايندڙ هفتي تون ڪهاڻي لکي کڻي اچج. تون به ٻين جي ڪڙيءَ تنقيد جو مزو چکج. هڪ همراه ته کلي چيو، ”اها لاکه لاهينداسونء جو عمر ڀر ياد ڪندين،“ مون به کڻي زوربار هيٺ ”ها“ ڪئي. جمع صبوح تائين ڪا ڪهاڻي منهنجي وڪڙ ۾ نه آئي ۽ ٻئي ڏينهن ادبي ڪلاس ۾ پڙهڻي هئي، مان سڪول مان سڌو گهر هليو ويو هوس. مان رات جو ڏهين کان اڳه گهر پهچندو هوس ته ديوي، ڀيڻ ۽ ٻار پاڻ ۾ سس پس ڪندا هئا. يا منهنجي طبيعت خراب آهي يا ڪجهه لکڻو اٿم، اُن ڏينهن من ئي من ۾ هو وڌيڪ پريشان هئا. پڇيو ڪنهن ڪجهه به نه. ماني کائڻ بعد جو اَهلڻ بدران لکڻ ويٺس ته سڀيئي سرها ٿيا. پنا لکندي ڦاڙيندي اٺين بجي ڌاري هڪ ڪهاڻي ذهن ۾ جنم وٺڻ شروع ڪيو. اُها يارهين ساڍي يارهين تائين لفظن جو جامو پهري چڪي . ٻئي ڏينهن ادبي ڪلاس ۾ پڙهيم: اِها به آکاڻي آهي؟ مان خود حيران ٿي ويس. همراهن ۽ ملڪاڻي صاحب کي اها بيحد پسند پيئي ۽ جنهن همراه لاک لاهڻ جو دڙڪو ڏنو هو تنهن ادبي ڪلاس پوري ٿيڻ تي چيو، مالهي ڀاڪي ته پاءِ“ اُها ڇپي ته ٻن ٽن ڏينهن بعد سڪول هلندي ٽي-ايڇ- آڏواڻي سڪول آفيس ۾ هليو آيو، مامتورا چيو ” تنهنجي ڪلاس مان ٿو وٺان، تون، هيٺ وڃي ٽهل سان ڳالهاءِ“. ٽهل بلواڻيءَ جو نالو به هو، آڏواڻيءَ سان منهنجي واقفيت نه جهڙي هئي. آفيس ۾ گهڙيس ته ڀاڪر ۾ کنڀي کنيائين، چيائين،” تون اندازو لڳائي نه سگهندين ته ڪهڙي نه اعليٰ ڪهاڻي رچي اٿيئي. اِها هڪ ڪهاڻي ئي ڪافي آهي توکي ادب ۾ زنده رکڻ لاءِ. جانسن به هڪ مضمون جي بدولت انگريزي ادب ۾ زنده آهي، هاڻي ته اُها لڳه ڀڳه سڀني ڀاشائن ۾ ڇپجي چڪي آهي. انگريزيءَ ۾ پڻ.

1960 تائين سنڌي ساهتيه کي بجا طور ترقي پسند ادب جو دؤر سڏي به سگهجي ٿو ۽ سڏجي به ٿ، اسين ترقي پسند تحريڪي، تخليقي ۽ تنقيدي محاذن تي اڳرا رهياسين، ذري گهٽ سڀ نوان ليکڪ ترقي پسند نظريه جا حامي رهيا، اُهي به جي اڳتي هلي ترقي پسندي کان ئي نه، ادب ۾ ڪنهن واد جي اثر کان منڪر رهيا. سڀاوَن ۽ ويچارن جا ٽڪر لڳندا هئا پر دوستيءَ ۽ پنهنجپائيءَ جو اُهو وايو منڊل عمر ڀر وسرڻ جو نه آهي. ليکڪن جي صحيحه معنيٰ ۾ برداري قائم رهي. انهن ورهاڱي ۽ لڏ پلاڻ جي پهرين ٻارنهن تيرنهن سالن ۾، ادبي ڪلاس ۾ ته هفتي ۾ هڪ ڀيرو اِن جو مظاهرو ٿيندو هو، مگر ميٽرو ريسٽارنٽ ۽ اُن جي ڀرسان ويسٽ اينڊ هوٽيل جي سٽاف گهر ۾ ته هفتي جا ڇهه ڏينهن چهل پهل رهندي هئي، ويسٽ اينڊ هوٽيل ۾ سڳن آهوجا ۽ جئه وير ملازم هئا.

ها، هڪ دفعو اِن برادري ۾ شڪن شبهن جي فضا پيدا ٿي، ميٽرو ريسٽارنٽ ۾ ايندڙ ليکڪ ڪي مهنا پئي هڪ چست همراه جي ارد گرد ڦرڻ لڳا. ڪي هن جي سڀاءُ ڪري، ڪي سپنا سپنا ٿي رهڻ ڪري، اُهي ليکڪ ساٿي بندزن ٿي اچي مون تي ڏمريا، توکي پهرين کان ئي اسان آگاه ڪرڻ کپندو هو، دوستن هڪ ميٽنگ سڏائي جتي همراهن دل جو بخار ڪڍيو ۽ مون تي ڇوهه ڇنڊيا، مون جواب ۾ ٻه جملا  ٿي چيا، ”مون چاهيو پئي پنهنجي آزمودي مان ڪنهن نتيجي تي پهچو، مان اَڳه ڪجهه به چوان ها ته گهڻن جي غلط فهميءَ جو شڪار ٿيان ها“ همراهن ۽ منهنجي وچ۾ جلد بائي دوري گم ٿي ويئي، اِن طرح همراهن جي ڪورٽ مارشل کي منهن ڏيڻ جي حقيقت جي گهڻو پوءِ ڪونجه طرفان شايع ٿيل منهنجي شخصيت پرچي ۾ ساراه ڪندي، ڪرشن راهيءَ لکيو، ” ملهي پنهنجو صليب پاڻ ڍوئيندو آهي.“

سنڌي ساهتيه جي ترقي پسند دؤر ۾ نئي دنيا ( نئَين دنيا) جي اهميت ۽ اثر کي نظر انداز ڪري نٿو سگهجي. اِن جو ساهتيه سرج، ترقي پسند نظريه جي اوڄ ۽ سنڌي ٻولي تسليمي تحريڪ کي هٿي ڏيڻ جو يگانو ڀاڳه رهيو ڀارت ۾ اُن جو پهريون سمپادڪ بهاري ڇاٻريه رهيو. پوءِ جڏهن بهاري ڪتابن شايع ڪرڻ طرف وڌيڪ متوج ٿيو پوءِ اُها لڇمڻ راجپال کي سؤنپي. هن ڪي مهنا اِها هلائي ، پوءِ ڪيرت، اُتم ۽ گوبند پنجابي گروپ کنئين، هوٽيئي ڪموينسٽ پارٽيءَ سان جڙيل هئا، آنند گولاڻي، ايشور آنچل ۽ ڦٽن پرسواڻي به ٿورو ٿورو وقت اُن جي ايڊيٽوريل بورڊ ٿي رها. مالي مشڪلات سدائين نئين دنيا سان ساڻ رهي، پوءِ ته اُها سڀني ترقي پسند اديبن جي جوابداري بڻجي پيئي. اِن دؤران ۾ ڪجهه وقت مان به ايڊيٽوريل بورڊ تي رهيس. سڀ اديب همراهه مهني سر مهني هڪ هڪ روپيه نئين دنيا جي هلائڻ لاءِ ڏيندا هئاسين. تڏهن سنڌي ليکڪن جي مالي حالت ۽ هڪ روپيه جي ملهه جو اندازو اِن حقيقت مان به لڳائي ٿو سگهجي جو 1975ع ۾ نئَين دنيا کي بند ڪرڻ جو سوال آڏو آيو. اُتم چيو، ”دنيا“منهنجي حوالي ڪريو. اوهان مان ڪير هر مهني روپيو ڏئي نه ڏئي، باقاعدي شايع ڪرڻ جي جوابداري مان ٿو کڻان. گهڻا همراه ٻڏتر ۾ پئجي ويا. مون چيو ”نئين دنيا“ زنده رهڻ کپي. سڀ نٿا هلائي سگهون ته ڀل اُتم اڪيلي جوابداري کڻي ۽ هلائي.“ همراهن منهنجي صلاح مڃي ۽ نئين دنيا اُتم جي حوالي ڪئي ويئي.

ڪن مهنن، يا سال کن بعد ڪن همراهن جو ويچار ٿيو ته ڪو-آپريٽو بنياد تي پرنٽنگ پريس جاري ڪجي ۽ ساهتيه سرج ۽ ٻوليءَ کي تسليم ڪرائڻ جي تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ هفتيوار اخبار جاري ڪجي. مان به هنن جي ويچار سان شامل راءِ ٿيس. جئه وير نوڪري ڇڏڻ لاءِ تيار ٿيو. لڇمڻ ساٿي اڳه پرائيوئيٽ فرم کي خيرباد چئي چڪو هو، هوُ ٻئي پريس هلائڻ جي جوابداري کڻڻ لاءِ تيار هئا، ٻيا به ڏينهن ۾ ڪي ڪلاڪ پريس ۽ اخبار بلي ڏيڻ لاءِ تيار ٿياسين، يارنهن ڄڻن جي صحيحن سان سنڌو پبليڪيشن سوسائٽي رجسٽرڊ ڪرائي ويئي. مان سمجهانٿو رام جيٺملاڻي اُن جو چيئرمين ٿيو. مان وائيس چئرمين ۽ ڪيرت سيڪريٽري جي جي اسپتال ڀرسان عمر کاڙيءَ ۾ سنڌو آرت پرنٽرس جي نالي سان پريس کلي. مان سڪول مان نڪري سڌو پريس ۾ پهچندو هوس ۽ ٻه اڍائي ڪلاڪ اُتي وهندو هوس. پريس جو اندريو ڪم ساٿي ۽ ٻاهريون ڪم جئه وير سنڀالڻ لڳا. 1959ع ۾ هفتيوار”سنڌو ڌارا“ شروع ڪئيسين.

ڪلچرل کيتر ۾

ساهتيه سرج ۽ ٻوليءَ جي آندوان جي شروعات ۾ ئي اَسان سنڌي سنسڪرتيءَ جي بچاءَ ۽ ڦهلاءَ جي ڪاريه جي به اهميت قبول ڪئي. سنڌي ساهت منڊل جي هر سيمينار ۽ سميلن ۾ ڪلچرل پروگرام کي به جوڳي جاءِ ڏنيسين. اهڙي روايت1950ع جي ڊسمبر ۾ ڪاما هال ۾ پهريئن سنڌي ساهت سميلن وقت تي جوڙيسين. پهرينءَ رات جي پروگرام ۾ هڪ اسم کانسواءِ سڀ اِسم هنديءَ ۾ رهيا. ناٽڪ ”مسٽر ميٽرو“ ۾ به اداڪار هئا- بلراج دت (سنيل دت) ۽ داس طالب، ڊائريڪشن داس جي ره، گيتن به سڀ هندي. ترتيه اسم به هندي گيتن تي آڌارت، رام پنجواڻي ۽ ماسٽر چندر نٽائي ويا هئا. جيتوڻيڪ صبوح جو سميلن جو اُدگهاٽن پنجواڻي ڪيو. مونک پهريندي کان ٿي سنسڪرتڪ ۾ پروگرامن ۾ سنڌي اسمن جي عدم موجودگي کٽڪي، ٻينءَ رات لاءِ سنڌونگر ۾ شوي رامناڻيءَ کي سنڌي سنگيت لاءِ مڃايم. پهرين ڏينهن لوڪو هيمراجاڻيءَ ۽ ڀڳوان بيدرد کي تيار ڪيم، مٽڪو لوڪوءَ وٽ هو، يڪتارو پينڊي بازار مان خريد ڪيوسين. هنن شاه جي ڪافي ائين پيش ڪئي جئين سنڌ ۾ صوفي اوتارن تي ڪئي ويندي آهي. ٻئين ڏينهن جو سنڌي سنگيت پروگرام سنڌي سنگيت جي ڦهالءُ لاءِ پيڙهه جو پٿر رهيو. 1951 ۾ بيوس جي جنم دن تي بيوس ڏينهن تي بيوس جو لکيل ايڪانڪي ”پوڙهي جو پرڻو“ ڪي. ڊي. هندوجا سڪولن ۾ ميزن جي منچه تي چادرن جي پڙدن وچم پيش ڪيوسين، هدايتڪاري داس طالب جي رهي، اِن ايڪانڪيءَ جي ڪاميابيءَ طالب کي سنڌي ناٽڪ جي لوڪ پريتا جو وشواس ڏياريو. پر سنڌو نگر ۾ بيوس ڏينهن تي مکيه ريت اندين پيلوس ٿئيٽر اسوسيئيشن (اپٽا)جي ميوزڪ گروپ پروگرام ڏنو. مکيه گائڪ ڪلاڪار هئا اي. ڪي هنگل، پريم ڌون ۽ سپن سينگيتا، اپٽا ۽ سنڌين وچ۾ ڳنڍ ڪيرت جي ڪري پيدا ٿيو هو، ڪيرت جڳهين بدلائيندي ڪجهه وقت  باندرا جي بزار ۾ مقيم ٿيو هو. ساڳيءَ جڳهه ۾ اپٽا جو ميوزڪ ڊائريڪٽر ڪانو گهوش ۽ ٻيا ڪلاڪار ڪلب ۾ رهندا هئا.

مون اِن وچ۾ ڪماري ڀڳونتي ناواڻيءَ جي سريلي گلي سان سڃاڻپ ڪري ورتي هئي، عجيب نموني، سڪول ۾ وديارٿين  جي تعداد وڌائڻ لاءِ هر سال نئين ٽرم شروع ٿيڻ کان اڳه ڪي ماستر ۽ ماسترياڻيون ڪالباديويءَ کان ڪولايا ۾ سنڌي بستين ۾ ويندا هئا. مان ٻين ڪمن ۾ مشغول هجڻ ڪري نه ويندو هوس. ڀڳونتي ڪولايا پوسٽل بئرڪن ۾ رهندي هئي. هوُءَ ۽ اُتان جون ٻيون نينگريون ڪملا هاءِ سڪول کار ڇڏي اَسانجي سڪول ۾ ڀرتي ٿيون. مون تي هن جي سٺين اکرن جو اثر پيو هو ۽ ڪنهن حد تائين هنجي موڪرين اکين ۽ سٻاجهي سڀاءَ هن طرف متوج ڪيو هو. هنجي ڀائرن هنکي اَسانجي سڪول ۾ آندو هئو، سڪول جي ويجهي هجڻ ڪري ۽ اُن کان وڌيڪ هڪ ئي سڪول ۾ ايترن ليکڪن-ماسترن ڪري. ڀڳونتيءَ کي لالچند جڳتياڻيءَ سڀني ماسترن ۾ وڌيڪ متاثر ڪيو هو، هڪ ڏينهن اتفاق سان ملندڙ فري پيرئڊ ۾ آفيس ۾ ويٺو هوس ته ماسترياڻي ديوڪا آڏواڻي، هوءَ ڪافي حجائتي هئي. چيائين ”هل ته ننڍڙي لتامنگيشڪر سان ملايانءِ.“ مٿي پهتس ته ڪلاس مان سريلو آواز اچي رهيو هو، چلي چلي جا“ سچ پچ حيرت ۾ پئجي ويس. ڪلاس ۾ گهڙيس ته هن ڳائڻ بند ڪيو. مامتورا نرم سڀاءُ جو هو، مونکي ڪڙڪ ماستر مڃيو ويندو هو. مون لڄاري نينگريءَ ۾ چاه وٺڻ شروع ڪيو ۽ اتفاق اهو هو جو هنجو وڏو ڀاءُ ريجهو سنڌ ۾ 1942 جي ڪئٽ انڊيا هلچل ۾ سڪول ۾ چست رهيو هو ۽ ٿورن بار آڻي ڀڳونتي ناواڻي کي ديوڌر ميوزڪ سڪول ۾ ڀرتي ڪرايو، هنجو ٻيون نمبر ڀاءُ ايشور اسٽيمر ۾ مليل نوڪري ڇڏي ٻي نوڪريءَ جي تلاش ۾ هو، هوُ سڳن آهوجا جو ڀيڃي بڻيو ۽ روز  سڳن سان شطرنج راند ڪرڻ ايندو هو. مان هفتي ۾ هڪ دفعو هنن جي گهر وڃڻ لڳس. ان طرح ڀڳوانتيءَ جي مان وڌيڪ ويجهو اچڻ لڳس.

ڪانو گهوش اپٽا ۾ ڪيرت جي ان سالين کي ڀرتي ڪيو، ڪيرت جي چوڻ تي مون ڀڳوانيءَ کي به اپٽا داخل ڪرايو. منهنجي ڪانو گهوش سان سڌي واقفيت به ٿي ويئي. هنگل ته سنڌ کان منهنجو ساٿي رهيو هو. سنڌونگر ۾ ”بيوس ڏينهن“ تي ڀڳونتيءَ ۽ ڪيرت جي سالين هندي گيتن جي ڪورس ۾ ڳاتو. سنڌي ڪلام هڪ لوڪو هيمراجاڻيءَ پيش ڪيو ٻيو ڪئمپ جي نينگريءَ ميران ايسراڻيءَ.

اپٽا جو 1953 ۾ اکل ڀارت سيمينار بمبئيءَ ۾ ٿيو. سنڌي اهت منڊل داس طالب ۽ مونکي اِن لاءِ اسوشيئَيٽ ڊيليگيٽ ڪري موڪليو. اسان بحثن مباحثن ۾ ته شريڪ نه ٿياسين، سمت ئي راتيون دادر ۾ ڀارت پر جي اپٽا گروپس جا سنسڪرت اسم رات جو دير دير تائين ڏٺاسين. ڀارتي سنسڪرتيءَ جي ڀنتا ۾ ايڪتا جو واه جو مظاهرو سمت ئي راتيون پسيوسين. ٿورو ئي پوءِ، بمبئي اپٽا خواه سنگيت وڀاڳه هڪ ئي هنڌ وارڊن روڊ تي ڀلاڀائي ڊيسائي انسٽيٽيوٽ ۾ کڄي آيا. انسٽيٽيوٽ جو ڊائيريڪٽر هو سولي باٽليوالا جو ڪنهن وقت ڪميونسٽ پارٽيءَ سان جڙيل هو. 

 ڀڳونتيءَ سان اڪثر ايشو اپٽا ۾ ويندو هو، ايشواپٽا جي وڏي ناٽڪ ”بابو“ ۾ ڪم ڪرڻ به شروع ڪيو. مان ڪڏهن ڪڏهن فرصت ملڻ تي ڀاءُ ڀيڻ سان گڏ اپٽا ۾ ويندو هوس. اپٽا جي ڊراما دائريڪٽر آر. ايم. سنگه سان واقفيت ايشوءَ ڪرائي، جلد ئي اَسان ٻئي هڪ ٻئي جي ڀيٽ تي پئجي وياسين. اُن وقت بامبي اپٽا جون چونڊون ٿيون. خواجه احمد عباس کي وري پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، مرهٽي وڀاڳه مان امر شيخ کي وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، مونکي هندي وڀاڳه مان وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، شئليندر جي جڳهه تي. شئليندر فلمن ۾وڌيڪ چست ٿي وڃڻ ڪري اپٽا ۾ جوابدرايءَ کڻڻ کان معذرت ڏيکاري.

لڳه ڀڳه اُن وقت بنگال جو مشهور فلم ۽ ناٽڪ هدايتڪار رتوڪ گهٽڪ بمبئيءَ ۾ اَچي مقيم ٿيو. بنگال اِپٽا ۾ هوُ سليل چوڌري، شنڀو ۽ ترپتي متر ۽ هيمنت ڪمار سان ڪافي چست رهيو هو؛ هت فلمستان ۾ هدايتڪاريءَ لاءِ آيو هو، مهيش ڪؤل جي يونٽ سان جڙيل هو. آر. ايم. سنگه هنکي اپٽا ۾ وٺي آيو. هن کي بمبئي اپٽا ۾ هندي ناٽڪ هدايت ڪرڻ لاءِ زور ڀريائين. هن پچيو، ” ڪو نئون نڪورو ليکڪ سجهيوَ جو منهنجي پسنديءَ جو ناٽڪ جوڙي سگهي؟” آر.ايم مون ڏانهن اشارو ڪري چيو، مالهي صاحب سنڌيءَ جو مقبول ناول نويس آهي.“ رتوڪ گهٽڪ منهن کي موڙو ڏيئي چيو ، ” ناول نويس آهي! اون هون، هوُ ناٽڪ نويس ٿي سگهندو، صرف گفتگو معرفت هوُ ڪهاڻي واضع ئي نه ڪري سگهندو“. وري الائي ڪهڙو ريچڪ آيس. مونکي چيائين، ” سڀاڻي مونکي فلمستان اسٽوڊيو ۾ گڏ جج، هڪ کان پنجين جي اندر.“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org