سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق

باب-

صفحو : 14

 

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جو پروفيسر ۽ چيئرمين ۽ آرٽس فئڪلٽيءَ جو ڊين رھي چڪو آھي. ادبي دنيا جي پڻ ھڪ معروف ھستي آھي. شاعري، افسانا، ناول، ادب جي تاريخ ۽ تحقيق جي ميدانن ۾ سندس قلم اھي جوھر ڏيکاريا آھن، جن کيس تمام سٺي شھرت بخشي آھي. شاعريءَ ۾ ’شام‘ تخلص استعمال ڪندو ھو، پر اڄڪلهه ڪٿي به پنهنجي نالي سان ’شام‘ ڪونه ٿو لکي. شاعريءَ جو ھڪ مجموعو ’مرگهه ترشنا‘ ١٩٧٦ع ۾ ڇپيو، جنهن کيس سٺن شاعرن جي صف ۾ بيھاري ڇڏيو.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ڳوٺ پير فتح الدين شاهه ضلعي بدين ۾ ٢٦ نومبر ١٩٣٥ع تي ڄائو. ١٩٦٢ع ۾ ايم. اي ڪيائين. ١٩٦٦ع ۾ پيڪنگ مان چيني ٻوليءَ ۾ ڊپلوما ڪري آيو. ١٩٧٤ع ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي رھبريءَ ھيٺ پي ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس مقالي جو عنوان ھو ’سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر‘ سندس ڇپيل ڪتابن جو ڪل تعداد ٢٩ ۽ تفصيل ھن ريت آھي:

١- سوکڙي، بيتن ۾ ڪھاڻين جو مجموعو ١٩٥٦ع

٢- اباڻو گھر، ڪھاڻين جو مجموعو، ١٩٥٨ع

٣- دانشمندي، ايڊٽ ڪيل، ١٩٨٧ع

٤- ڪنزاللطيف، شاهه جي رسالي بابت، ١٩٦١ع

٥- سوري آ سينگار، ناول، ١٩٦٣ع

٦- غزلن جو غنچو، ايڊٽ ڪيل غزل، ١٩٦٣ع

٧- سنڌيون، مذھبي شعر بابت، ١٩٧٠ع

٨- پيغمبر اسلام، ترجمو ٿيل نظم، ١٩٧١ع

٩- سنڌي ٻيو ڪتاب، نصاب، ١٩٧٣ع

١٠- مائوءَ جي ملڪ ۾، سفرنامو، ١٩٧٣ع

١١- سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، ١٩٧٣ع

١٢- اڪيلي، ناول ترجمو، ١٩٧٤ع

١٣- لاڙ جي لغات (لغت) ١٩٧٥ع

١٤- مرگهه ترشنا، شعرن جو مجموعو، ١٩٧٦ع

١٥- لطيفيات، ببليوگرافي، ١٩٧٧ع

١٦- لطيف ڪوئز (ڪوئز) ١٩٧٨ع

١٧- سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر، ١٩٨٠ع، پي ايڇ. ڊيءَ جو مقالو

١٨- سچل نامو، ببليوگرافي، ١٩٨١ع

١٩- نه ڪر ھار سينگار سکي، ڪھاڻين جو مجموعو، ١٩٨١ع

٢٠- چونڊ ڪلام، شاعريءَ جو ترتيب

٢١- لاڙ جو مطالعو

٢٢- سنڌي لوڪ گيت (اردوءَ ۾)

٢٣- مقالا، ايڊٽ ڪيل مختلف تحقيقي مقالا، ١٩٨٨ع

٢٥- ديپڪ ۽ ملھار، آتم ڪھاڻي

٢٦- ونڊ سر محل جو مسافر، سفرنامو

٢٧- سليس سنڌي- غيرمادري زبان وارن لاءِ نصاب

٢٨- نرتي تند نياز سين (ترتيب)

٢٩- ڪشف الابيات- شاهه جي بيتن جي ڏسڻي

٣٠- ڊاڪٽر بلوچ

٣١- ڪٺمال (مقالا)

سندس ڪجهه ڪاوشون زير اشاعت آھن:

٣٢- شيخ اياز ھڪ مطالعو

٣٣- تنوير عباسي ھڪ مطالعو

٣٤- محمد سومار شيخ ھڪ مطالعو

٣٥- ڊاڪٽر سنديلو ھڪ مطالعو

٣٦- سرائڪي شاعري

٣٧- ميڏا عشق به تو

٣٨- سنڌي ادب- ھڪ مطالعو

٣٩- ڪافيان

٤٠- شڪار (ناول)

٤١- سنڌي ٻوليءَ جا محاورا

٤٢- سنڌي ادب جو اڀياس

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب لسانيات جي ڏس ۾ اھم خدمتون سرانجام ڏنيون آھن. ھن جو نالو سنڌي ماھرين لسانيات ۾ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي شامل ڪري سگھجي ٿو. ساڳئي وقت جوڻيجو صاحب ٻولين جو ماھر پڻ آھي.

سنڌي ٻوليءَ کان علاوه انگريزي، اردو، سرائڪي، پنجابي ٻوليون بخوبي ڄاڻي ٿو. چيني ٻوليءَ ۾ ڊپلوما جي ڊگريءَ سان گڏ گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. اسپيني ۽ جپسين جي ٻولي رومانيءَ ۾ گھري دلچسپي رکي ٿو ۽ ڪافي معلومات اٿس. پي ايڇ. ڊيءَ دوران فارسيءَ جو گھرو مطالعو ڪري قديم ۽ جديد فارسيءَ ۾ مھارت حاصل ڪيائين. عربي ٻوليءَ جي به سٺي ڄاڻ اٿس، تنهن ڪري آءُ کيس نه صرف ھڪ ماھر لسانيات چوندو آھيان، پر کيس مئن آف لئنگويجز به چوندو آھيان. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ لسانيات جو مضمون ڊاڪٽر الانا صاحب ۽ پروفيسر علي نواز جتوئي پڙھائيندا رھيا. انهن کان بعد ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب ئي لسانيات جي پڙھائي پنهنجي ذمي ڪئي. لسانيات جي ڏس ۾ سندس ڪيل مکيھ ڪاوشون ھي آھن:

١- لاڙ جي لغات

٢- سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۾ پھريون باب ’تهذيب تاريخ ۽ ٻولي‘

٣- سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر ڪتاب ۾ ڏنل ٽي عنوان:

(١) سنڌ ايران جا لساني لاڳاپا

(٢) سنڌ ۽ فارسي

(٣) سنڌ تي فارسي زبان جو اثر

(٤) سنڌي شعر جي مختلف وزنن جو تنقيدي جائزو.

١- لاڙ جي لغات

ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب جو تعلق لاڙ سان آھي. سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لھجن ۾ ڊاڪٽر صاحب دلچسپي رکي ٿو. ان سلسلي ۾ ھڪ اھم اسڪيم تحت پائلٽ پروجيڪٽ طور سنڌيءَ جي مکيھ لھجن اترادي وچولي، لاڙي وغيره جو مطالعو ڪري، ھڪ ڪتاب تيار ڪيو اٿائون، جيڪو آئينده جي ڪنهن جامع رٿا لاءِ رھنمائيءَ جو ڪم ڏيندو. ٻيو ھڪ اھم ڪم ڊاڪٽر صاحب جي نگرانيءَ ۾ ٿيو آھي، سو آھي ڊاڪٽر داد محمد خادم بروھيءَ جي پي ايڇ. ڊيءَ جو مقالو ’سبي خطي ۾ سنڌي زبان جي محاورن جو لساني جائزو‘. ھي مقالو نهايت عمده لکيل آھي، جنهن جي تعريف سنڌ کان ٻاھر ھند ۾ پڻ ڪئي وئي آھي. ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب جو لاڙ سان تعلق ھجڻ سبب ’لاڙ جي لغات‘ ترتيب ڏني اٿائين، جنهن ۾ نج لاڙ جا ڪيترا لفظ شامل آھن، پر انهن مان ڪيترا لفظ اتر توڙي وچولي ۾ پڻ رائج آھن. مثلا: اڍڻ، بان ڪرڻ، بلو ڪرڪڻ، ٻرگھل، پاڇاٽو وغيره.

ڪتاب جي ابتدا ۾ چند ڳالھيون لفظن جي گروھن، تاريخي پسمنظر، لاڙ جي تاريخ ۽ جاگرافي، ثقافت، لاڙي محاوري جي صوتياتي جائزي، پاڙيسري محاورن ۽ معنيات متعلق سمجھاڻي ڏني وئي آھي. لاڙ لھجي يا محاوري جو صوتياتي جائزو وٺندي، ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب جڳ مشھور ماھرين لسانيات ڊينيل جونس، بلو مفيليدس، ھاڪيٽ، پرفيسر جتوئي ۽ ڊاڪٽر الانا جي ڪتابن مان حوالا ڏنا آھن. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو: ”لفظ جو فرق طبعي حالتن سبب به ٿئي ٿو ۽ مختلف سماجي گروھن جي تلفظ ۾ به تفاوت ٿئي ٿو. ٻاھرين اثر سبب ھڪ گھر جي ڀاتين جي تلفظ ۾ به فرق ڏٺو ويو آھي. لساني تبديلين جي لاءِ خاص طور سماجي حالتن کي محرڪ ڄاتو ويو آھي. ٻارن کي مائٽن کان ھڪ تلفظ ورثي ۾ ملي ٿو ۽ راند جي ساٿين کان ھو ٻيو تلفظ اختيار ڪري ٿو.“(١)

آواز ڪئين ٿا پيدا ٿين. ڳالھائڻ جا عضوا ۽ مخرج، وينجن وغيره جھڙي لساني معلومات به ھن ڪتاب ۾ شامل آھي. اھم حصي ۾ لاڙي محاوري تي پاڙيسري محاورن جو اثر واري سري ھيٺ ڪڇ ۽ لاڙ جي لساني لاڳاپن تي روشني وڌي وئي آھي. آخر ۾ معنيات جي سري ھيٺ پڻ نهايت مفيد معلومات ڏني وئي آھي ۽ معنوي تبديلين جا دلچسپ مثال پيش ڪيا ويا آھن.

٢- سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

ھن ڪتاب ۾ پھريون باب ’تهذيب تاريخ ۽ ٻوليءَ‘ جي سري ھيٺ لکيو ويو آھي. مضمون نهايت بصيرت افروز ۽ ڪارآمد آھي. سنڌ جي مختصر تاريخ به ڄاڻائي وئي آھي، جنهن جي شروعات موھن جي دڙي واري سنڌو سڀيتا کان ڪئي وئي آھي. سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل جي باري ۾ عالمن جي راين کي مختصر ڪري لکيو اٿس. موجوده سنڌي رسم الخط جي اوسر ڪيئن ٿي آھي، ان جو احوال مخدوم ابوالحسن کان وٺي انگريزن تائين خوب سمجھايو اٿئين. سنڌي ٻولي ۽ گرامر تي عالمن، ماھرين لسانيات جيڪا تحقيق ڪئي آھي، ان جو احوال ڏيندي، ڊاڪٽر ٽرمپ، ڊاڪٽر بلوچ، ليلو رام چنداڻي، پروفيسر جتوئي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر جان بورڊي ۽ لڇمڻ خوبچنداڻيءَ جي ڪن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آھي، جيڪا بظاھر نهايت مختصر آھي، پر ادبي تاريخ جھڙي ڪتاب ۾ اھا معلومات تمام ڪارائتي آھي. معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر جوڻيجو صاحب کي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، گرامر، صوتيات، رسم الخط سان گھڻي دلچسپي آھي. سنڌي ٻوليءَ سان ويجھڙائيءَ ۾ جيڪي ھاڃا ٿيا آھن، انهن متعلق ھن ڪتاب ۾ ڪو خاص احوال شامل ڪونه ڪيو ويو آھي.

سنڌ ۽ ايران جا لساني لاڳاپا:

’سنڌي شاعريءَ جو اثر‘ ڪتاب ۾ ’سنڌ ايران لساني لاڳاپا‘ جي عنوان ھيٺ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب لکي ٿو ته رگ ويد ۽ قديم ايراني ڪتاب زند اوستا جي ٻوليءَ ۾ گھڻي ھڪجھڙائي آھي. ڪيترائي لفظ اچارجي ٿوري فرق سان ٻنهي ڪتابن ۾ موجود آھن. ان مان اھا ثابتي ملي ته ھنن ٻنهي قومن جي اصل ھڪ زبان ھئي، چند لفظ ھي آھن:

رگ ويد

زند اوستا

ڪوي ھرو

ڪيخسرو

ڪوي ڪواٽ

ڪيڪ بار

ڪوي اش

ڪيڪائوس

ڪوي وشتا سپ

ڪي گستاسپ

ٻنهي ملڪن ۾ ڌرتي، ڪريا ڪرم، منتر اچارڻ ۽ جڻيو پائڻ جو ذڪر ويدن ۽ اوستا ۾ ھڪجھڙو ٿيل آھي. ديوتائن جي نالي ۾ نمايان مشابهت موجود آھي. رگ ويد ۾ سورج ديوتا جو ٻيو نالو ’مترا‘ آھي. زند اوستا ۾ ’مٿر‘ ۽ ھاڻوڪي فارسيءَ ۾ ’مھر‘ آھي.(٢)

سنڌيءَ تي فارسي زبان جو اثر:

سندس ٿيسز ۾ شامل ويھارو صفحن جو ھيءُ ھڪ جامع مضمون آھي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ تي فارسي ٻوليءَ جي اثرات جو ڀرپور جائزو ورتو ويو آھي. معلومات ججھي ۽ مثالن سان سمجھاڻيون ڏنل آھن. مثلا: ھڪ ھنڌ لکيو اٿس، ”عام ماڻھو جيڪي ٻوليءَ جا وارث آھن، تن ٻين ٻولين جي دخيل لفظن کي پنهنجي پر ۾ مھٽي سھٽي نئون تلفظ ڏئي ڇڏيو. فارسي زبان ۾ آيل لفظن سان به ساڳي ڪار روا رکي ويئي، جھڙوڪ: خيال کي ’خيال اچارڻ‘ وغيره.“(٣)

فارسي دخيل لفظن جا تمام گھڻا مثال ڏنا ويا آھن، انهن جي ڪلاسبندي پڻ ڪئي اٿس. بيمارين ۽ انساني عضون جا نالا ڪم ڪار ۽ ھنرمنديءَ جا نالا عمارتن ۽ طعامن جا نالا وغيره.

سنڌيءَ تي فارسيءَ جا اثرات بيحد گھڻا ٿيا آھن، ڪنهن ٻوليءَ تي ٻئي ٻوليءَ جي گرامر جو اثر ٿيڻ تمام گھڻن اثرات جي نشاندھي ڪري ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي صفت، اسم، فعل، ظرف، حرف جملو ۽ حرف ندا، ڪيترائي لفظ پڻ فارسيءَ کان اڌارا ورتا آھن، جن جو ھڪ چڱو خاصو تعداد جوڻيجي صاحب ڏنو آھي. ڪيتريون فارسي اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون پڻ سنڌيءَ ۾ مڪمل جاءِ وٺي چڪيون آھن. مثلا:

 

در

دراصل

درگور

ماهه

بر

بروقت

برطرف

 

بد

بدنام

بدڪار

بدبخت

بي

بيڪار

بيگناهه

بيوقت، بيوقوف

نا

نادان

ناچار

نالائق

باز

دغاباز

چالباز

 

بان

دربان

مھربان

ميزبان

دان

قلمدان

روشندان

شمعدان

دار

زميندار

تپيدار

صوبيدار ٺيڪدار

گار

خدمتگار

ستمگار

 

گر

زرگر

سوداگر

 

گير

ره گير

داداگير

دستگير

وار

تاريخ وار

سلسليوار

 

انداز

تيرانداز

گولھ انداز

نظرانداز

پوش

ميزپوش

سفيدپوش.(٤)

 

ڊاڪٽر عبدالجبار صاحب فارسي زبان جو وسيع مطالعو ڪيو آھي. ھو لکي ٿو ته فارسي ھڪ زنده زبان وانگر ايران ۾ ارتقا جون منزلون طئي ڪندي رھي ٿي. پر سنڌيءَ ۾ جيڪي لفظ ڪم آيا، سي معنيٰ ۽ مفھوم ۾ اڃا ان ھنڌ تي آھن، جتي سنڌيءَ ۾ داخل ٿيڻ وقت ھئا. اھوئي سبب آھي جو اڄ انهن جون معنائون ايران ۾ مختلف آھن يا مورڳو انهن لفظن بدران ايران ۾ ٻيا لفظ ڪم اچن ٿا. مثال طور ايران ۾ ڪامياب بدران موفق، پرده بدران حجاب، دلچسپ بدران جالب، سامان بدران اثاثھ ڪوشش بدران زحمت وغيره ڪن فارسي لفظن جو مفھوم ايران ۾ ٻيو ٿي چڪو آھي، مثال طور: گرفتار بدران دستگير چئبو آھي.(٥)

فارسيءَ جا ڪيترائي اصطلاح ۽ پھاڪا سنڌيءَ ۾ داخل ٿي چڪا آھن، جن جو تفصيل ڊاڪٽر صاحب ڏنو آھي. سنڌي گرامر ۾ اسم، ضمير، فعل، ظرف ۽ حرف جملي تي مرتب ٿيل فارسي اثرات جو مثال سان سمجھايو اٿائين. جنس ۽ عدد جا پڻ فارسي ۽ سنڌي مثال ڏنا اٿئين. پاڻ لکي ٿو ته، سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ ويھن تائين انگن ڳڻڻ جو طريقو ساڳيو آھي. ويھن کان پوءِ سنڌيءَ ۾ ايڪا پھرين ۽ ڏھاڪا پوءِ اچن ٿا. پر فارسيءَ ۾ ڏھاڪا پھرئين ۽ ايڪا پوءِ اچن ٿا.

سنڌي ٻاويهه ٢٢ فارسي بيست ودو ٢٢

ايڪٽيهه ٣١ سي ويک ٣١ (٦)

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جو ھيءُ مقالو سمورو پڙھڻ وٽان آھي. وڏي جاکوڙ محنت ۽ پيار جي پورھئي سان تيار ڪيو ويو آھي.

سنڌي شعر جي مختلف وزنن جو تنقيدي جائزو:

شعر ۾ وزني نظامن (Prosodic System) جو ٿورو گھڻو تعلق لسانيات سان به آھي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب ھن مضمون ۾ جيڪو آرسيءَ ۽ (Sindh Quarterly) ۾ ڇپيو آھي. سنڌي شعر جي نظامن تي تفصيلي روشني وڌي آھي.(١) ڇند وديا (٢) ڪافيءَ جو وزن (٣) عروض. پراڻو سنڌي ڪلام بيت ۽ وايون به موزون آھن ۽ انهن جو بنياد ڇند وديا تي آھي. ڇند قديم ھند جو مڃيل وزني نظام Prosody آھي. علم عروض لاءِ شمشيرالحيدريءَ جي راءِ ڏني اٿئين ته جيتري قدر فارسي بحرن جو تعلق آھي ته اھي اصل سنڌي شاعريءَ جي مزاج سان ٺھڪندڙ نه آھن. ھن راءِ جي حمايت ۾ ڊاڪٽر صاحب سھڻا مثال ڏنا آھن.(٧)

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب ۽ آءُ ھڪ ئي شعبي ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آھيون. سائين مون تي وڏا وڙ ڪندو رھيو آھي. نهايت شفقت ۽ پنهنجائپ سان پنهنجو مھر ڀريو ھٿ منهنجي مٿان ڌريو اٿئون. قربتون، محبتون ۽ حجتون ايتريون جو شمار ڪري نه سگھجي. سندس سنگ ۾ رھي اٿاهه سمنڊ جيترو اتساهه ملندو رھيو آھي، جيڪو مون لاءِ ڪنهن ميراث کان گھٽ نه آھي. آڪٽوبر ١٩٨٨ع ۾ انگلينڊ ڏانهن گڏجي سفر ڪرڻ جو موقعو پڻ مليو. ڊاڪٽر عبدالجبار صاحب موٽي اچي سفرنامو لکيو ’ونڊسر محل جو مسافر‘. سفرنامي ۾ منهنجو ذڪر خير جنهن انداز سان جتي جتي به ڪيو اٿئون، اھو سندس خاص نوازش جو مظھر ئي آھي. ’ديپڪ ۽ ملھار‘ ڪتاب ۾ پڻ ھڪ خاڪي ۾ مون غريب کي سھڻن اکرن سان نوازيو آھي. مون کي اھو سوچيندي ھڪ وڏو آٿت ملندو رھندو آھي ته مون لاءِ سندس رھبري ۽ رھنمائي جا دروازا کليل آھن.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب ٢٦ نومبر ١٩٩٥ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ مان رٽائرڊ ٿي چڪو آھي.

 

حوالا:

١- عبدالجبار جوڻيجو، ’لاڙ جي لغات‘، ١٩٧٥ع، صفحو ١٥- ١٦

٢- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ’سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر‘، ١٩٨٠ع، صفحو ١٥-١٦

٣- ايضا، صفحو ٤٠

٤- ايضا، صفحو ٤٥

٥- ايضا، صفحو ٤٦

٦- ايضا، صفحو ٥

٧- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، مضمون ’سنڌي شعر جي مختلف وزنن جو تنقيدي جائزو‘ آرسي-٣، صفحو ٣٠٠- ٣٠٢

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org