سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق

باب-

صفحو : 28

 

 

آفتاب ابڙو

 

آفتاب ابڙو ھڪ اديب آھي. سنڌي ٻوليءَ تي سندس ھڪ ڪتاب جنهن جو عنوان آھي، ’شاهه جي ٻولي‘ سو ١٩٩٠ع ۾ ڇپيو. آفتاب جا ھن وقت تائين چار ڪتاب شايع ٿيل آھن. ھو سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ تمام سٺي معلومات رکي ٿو. سندس مطالعو نهايت وسيع آھي. ھن جيڪو به ڪم ڪيو آھي، سو وڏي محنت ۽ لگن سان ڪيو آھي. موٽ ۾ کيس سٺي شھرت پلئھ پئي آھي. سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ڪم ڪرڻ بابت ھن مان وڏيون اميدون وابسته آھن.

آفتاب ابڙي جو اصلي نالو عبدلله آھي. سندس والد جو نالو حافظ سعيد لله ابڙو آھي. آفتاب ڳوٺ گابر مسڻ، پوسٽ آفيس باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي جو رھواسي آھي. ھن جي جنم جي تاريخ ١- ٣- ١٩٥٦ع آھي. ھن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي. پي ايڇ. ڊيءَ لاءِپڻ رجسٽر ٿيل آھي، جنهن جو موضوع آھي: ’شاهه عبداللطيف جي ٻوليءَ جو مطالعو‘.

آفتاب پرائمري تعليم پنهنجي والد وٽان حاصل ڪئي، جيڪو پنهنجي دور جو بهترين استاد ھو. آفتاب کي شروع کان ئي لوڪ ادب ۽ لفظن جي گھاڙيٽن سان چاهه ھو. ١٩٧٣ع ۾ ھو ڪراچيءَ ۾ آيو، جتي ادبي ذوق وارا دوست کيس مليا. ٧٦- ١٩٧٥ع ڌاري ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي سان ڄاڻ ٿيس، جنهن وٽان ھن لغت، ٻولي ۽ لوڪ ادب جي بنيادي ڄاڻ حاصل ڪيائين. سنديلو صاحب کيس پنهنجو پٽ ڪري ڀائيندو ھو. سندس ٻوليءَ تي لکيل مضمونن جي اصلاح پڻ ڪندو ھو. ١٩٨١ع ۾ سنڌ اطلاعات کاتي جي پبليڪيشن برانچ ۾ ٽرانسليٽر جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو. ان کان اڳ ڪجهه وقت لاءِ پرائمري استاد به ھو ۽ گڏوگڏ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندو به رھيو. مشھور محقق جناب سراج صاحب پنهنجي ھڪ رٿا ’شاهه جي لغت‘ تي آفتاب کي پاڻ سان گڏ ڪم ۾ شامل ڪيو. افسوس ته اڃا تائين ھي ڪم پايھ تڪميل تي نه پھچي سگھيو آھي.

آفتاب ابڙي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ’شاهه عبداللطيف جي ٻوليءَ جو مطالعو‘ جي عنوان ھيٺ پي ايڇ. ڊيءَ ۾ رجسٽر ٿيو، سندس رھنمائي محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق ڪئي.

اطلاعات کاتي جي ماھوار ’پيغام‘ ۾ آفتاب ابڙي ايڊيٽر جا فرائض پڻ سرانجام ڏنا، جنهن دوران ھن جا ٻوليءَ تي لکيل ڪجهه مضمون عام توڙي خاص ۾ مقبولٿيا. سندس مضمونن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب به پسند ڪيو. آفتاب جي شايع ٿيل ڪتابن جو ٿورو تفصيل ھت ڏجي ٿو:

١- شاهه جي ٻولي (١٩٩٠ع). ھن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اصل بابت ڪيل کوجنا تي نظر وڌل آھي. ان کان علاوه شاهه کان اڳ واري ٻولي، شاهه جي دور جي ٻولي ۽ شاهه جي ٻوليءَ جون خصوصيتون بيان ٿيل آھن. ٻوليءَ جي حوالي سان شاهه جي ڪردارن تي به نظر وڌل آھي. ھن ڪتاب لکڻ تي آفتاب ھر طرح جس لھڻي.

٢- جونئر اسڪول ڊڪشنري (١٩٩٣ع). ٽئين درجي کان وٺي مئٽرڪ تائين ڪارگر آھي. ان ۾ لفظن جون معنائون لفظ جي صحيح صورت، گرامر واري حيثيت ۽ واحد جمع ڏنا ويا آھن. ٻارن لاءِ ڊڪشنريءَ جي ڪھڙي اھميت آھي، ان تي مختلف حوالن سان نوٽ ڏنا ويا آھن.

٣- شاهه لطيف بحيثيت مفڪر (١٩٩٣ع). ھن ڪتاب ۾ آفتاب جديد فڪر جي حوالي سان عالمن جا مقالا ڏنا آھن ۽ ھرھڪ مقالي نگار جي آڏو سندس شاهه بابت ڪم کان آگاهه ڪيو آھي.

٤- علامھ آءِ آءِ قاضي (١٩٩٥ع). سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران ٻالڪرن جي سيريز لاءِ علامھ آءِ آءِ قاضي جي حياتي ۽ ڪمن بابت ننڍڙو ڪتاب آھي. ھن سيريز جا چاليهه کن ڪتابڙا شايع ٿيا، جن جي ايڊٽنگ ۽ پروف ريڊنگ پڻ ڪيائين.

سندس ھڪ ڪم رڪارڊ تي آڻڻ گھران ٿو، سو ھيءُ ته موجوده سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو صوبائي اسيمبليءَ ۾ ١٩٨١ع ۾ جيڪو بل پيش ٿيو، تنهن جو مسودو آفتاب ابڙي جو تحرير ڪيل ھو.

سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ آفتاب ابڙي پنهنجا ويچار پختن دليلن سان ڏنا آھن. آفتاب ابڙو لکي ٿو:

سنڌوماٿريءَ جو شاندار تهذيب پرڏيھي واپار تعلقات ٻڌائين ٿا ته ھتان جا ماڻھو ھر لحاظ پاڻڀرا ھئا. اھو ممڪن نه آھي ته اھڙي شاندار تهذيب، صنعت ۽ واپار جي لحاظ کان پرڏيهه تائين ڪاھي ويندڙ ماڻھو ڪا زبان نه ڳالھائيندا ھجن، جنهن کي پنهنجي ڌرتيءَ ۾ پاڙون نه ھونديون. اھو ڪيئن ممڪن آھي ته ھميشھ چند ماڻھن تي مشتمل ڪاھي ايندڙ ماڻھن جي ٻوليءَ کي عوامي زبان جو شرف مليو ھوندو ۽ عوام به اھائي ٻولي ڳالھائيندو ھوندو.(١)

سنڌي ٻوليءَ جي لھجن جي باري ۾ آفتاب لکي ٿو ته:

”سنڌيءَ جا مکيھ لھجا آھن: سرائڪي، وچولي، لاڙي، ڪچي ۽ لاسي، سرائڪيءَ لاءِ لکي ٿو ته، اڄ به سنڌ ۾ سرائڪي عام جام ڳالھائي وڃي ٿي. ڪن عالمن سرائڪيءَ کي الڳ زبان جو درجو ڏنو آھي ته ڪي وري ان کي پنجابيءَ جو لھجو ڪري شمار ڪن ٿا، پر حقيقت ھيءَ آھي ته سرائڪي اصل ۾ سنڌي ٻوليءَ جو لھجو آھي.“(٢)

ان ڳالهه جي وضاحت ھن طرح ڪئي اٿائين:

”جيڪا ٻولي فطرت جي قريب ھوندي آھي ۽ وڏو تاريخي پسمنظر رکندي آھي، ان ۾ ٻين فطري لاڳاپن، اھڃاڻن سان گڏ مٽي مائٽي وغيره لاءِ موزون لفظ ھوندا آھن، ان جي برعڪس جيڪي ٻوليون ڊگھو تاريخي پس منظر نه رکنديون آھن، انهن ۾ اھڙن لفظن جي اڻاٺ ھوندي.“(٣)

سنڌيڪا پڌرنامي جي فيبروري، مارچ ١٩٩٢ع واري پرچي ۾ آفتاب ابڙي جو مضمون ڇپيو ’جارج اسٽئڪ‘، ھن مضمون ۾ آفتاب جارج اسٽئڪ جي لکيل ٻنهي ڪتابن يعني گرامر ۽ لغت تي تمام سھڻي نموني روشني وڌي آھي. اسٽئڪ جيئن ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگريءَ ۾ لکي آھي. آفتاب ابڙو پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته:

”ڪيپٽن اسٽئڪ گھڻو وقت حيدرآباد جو ڊپٽي ڪليڪٽر رھيو، تڏھن به ھن ھندستان جا تمام گھڻا پرڳڻا گھميا. ھن محسوس ڪيو ته ديوناگري خط ھندستان جي تمام گھڻن پرڳڻن ۾ پڙھيو ۽ سمجھيو وڃي ٿو، ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جو صوتياتي سرشتو انهيءَ سان ملندر جلندڙ آھي. سواءِ ڪن چند ترميمن جي، اھا لپي سنڌي ٻوليءَ لاءِ نهايت ڪارگر ثابت ٿي سگھي ٿي. جيئن ته ھن صرف ڊڪشنري شايع ڪرائي ھئي، جنهن ۾ صرف اکر اچي وڃن ٿا ۽ نحو (Syntax) جو استعمال نه ٿو ٿئي، ان ڪري به ھن پنهنجي گرامر ۾ سورٺ راءِ ڏياچ جي آکاڻي ديوناگري لپيءَ ۾ لکي ثابت ڪيو ته انهيءَ لپيءَ ۾ سنڌي نثر آرام ۽ آسانيءَ سان لکجي سگھجي ٿو. ھن ھڪ ٻيو به وزندار دليل ڏنو ته ديوناگري خط اسان جا يورپي ماڻھو به آسانيءَ سان لکي سگھن ٿا. ھن ھڪ ٻيو به وزندار دليل ڏنو ته ديوناگري خط اسان جا يورپي ماڻھو به آسانيءَ سان سمجھي سگھن ٿا. ان طرح سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائڻ ۾ گھڻي سولائي ٿي پوندي، جنهن جو اعتراف رچرڊ برٽن به ڪيو آھي.“(٤)

آفتاب ابڙي جي خواھش ھئي ته اسٽئڪ جي ڊڪشنريءَ کي ديوناگري لپيءَ مان ڦيرائي موجوده خط ۾ آندو وڃي. اھڙي خواھش جو اظھار ھن انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ڏانهن خط لکي ڪيو، پر سنڌالاجيءَ پاران کيس جواب آيو ته پئسا ڪونه آھن. ان جي بوجود به آفتاب ابڙو دل شڪن نه ٿيو آھي. سنڌي ٻوليءَ تي پنهنجو ڪم جاري رکيو اچي. سندس سڃاڻپ ئي اھا بڻجي چڪي آھي ته آفتاب سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪرڻ وارن نوجوانن مان ھڪ آھي.

 

حوالا:

١- آفتاب ابڙو، شاهه جي ٻولي، ١٩٩٠ع، صفحو ٤١

٢- آفتاب ابڙو، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ٥٧

٣- آفتاب ابڙو، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ٧٤

٤- آفتاب ابڙو، مضمون ’جارج اسٽئڪ‘ سنڌيڪا پڌرنامو، فيبروري، مارچ، ١٩٩٢ع، صفحو ٤.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org