سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:درويش وتايو فقير

 باب--

صفحو :6

 

ڊاڪٽر نواز علي شوق

 وتايو ۽ کل خوشي

موجوده دور جو وتايو سائين علي احمد بروهي اڪثر چوندو رهندو آهي ته شاه لطيف، وتايو ۽ ڪنور، ٽيئي سنڌ جي سچي سونهن ۽ ويڳاڻي من جي ورونهن آهن. لطيف پنهنجي من موهيندڙ ڪلام سان سنڌي شعر و شاعريءَ جو مان مٿاهون ڪيو. شاه صاحب پنهنجي ڪلام ذريعي سنڌي زبان، ادب، تهذيب، ثقافت ۽ موسيقيءَ کي مٿانهون مقام ڏيئي هميشه لاءِ زنده ڪري ڇڏيو ۽ انسان کي محنت ۽ محبت جو سهڻو سبق ڏنو. سندس شاعري صدين کان ستايل سنڌ جي مظلوم ماڻهن کي وڏو آٿت ڏنو. ڪنور هڪ سخي مرد هو. سندس ”سريلي آواز“ نوڙت ۽ نياز جي جيتري به تعريف ڪجي، سا ٿوري ٿيندي. وتائي وري اسان کي کل خوشيءَ جا املهه خزانا عطا ڪيا.

چوندا آهن ته روئڻ ۽ کلڻ هر ڪنهن کي ايندو آهي. اها به چوڻي آهي ته ”ڪن جو کلڻ به خواري ته ڪن جو روئڻ به راحت“ مطلب ته انسان لاءِ روئڻ ۽ کلڻ ٻئي لازمي آهن.

کل خوشيءَ جي شروعات ڪڏهن کان ٿي؟ اها ڳالهه پڪ سان چوڻ مشڪل آهي. پر ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انسان پٿر واري دور کان وٺي اها نعمت حاصل ڪئي. انسان جڏهن اگهاڙو جنهگلن جبلن ۾ رلندو هو، پوءِ جڏهن ڪنهن جهنگلي جانور کي ماريندو هو يا ڪنهن دشمن تي فتح حاصل ڪندو هو ته وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي هو پنهنجي خوشي ظاهر ڪندو هو. سندس ان کل ۾ سندس وڏائي ۽ ٻين جي گهٽتائي، ذلت ۽ خواري جا گاڏڙ ساڏڙ جذبا لڪل هوندا هئا. ان مان اهو ثابت ٿيو ته کلڻ جي شروعات وحشياڻي نموني ٿي، جا صدين کان پوءِ شائسته تهذيب جي دائري ۾ آئي. کل ڀوڳ، ويچارا، ٽوڪ ٽڙي ۽ حاضر جوابي وغيره ان جا اهم جزا بڻيا، جيڪي ڄڻ ته هڪ وڻ جون ڌار ڌار لامون آهن. اهو هڪ اهڙو وڻ آهي، جنهن جي ڇانوَ جي ڇا ڳالهه ڪجي! اها بڙ ۽ پپر جي گهاٽي ۽ ٿڌي  ڇانو اسان کي وتائي جي ٽوٽڪن مان ئي حاصل ٿئي ٿي. عام طور ڏٺو ويو آهي ته ڀوڳ چرچو ڪرڻ وارو پاڻ کي ڏاهو ۽ مٿانهون سمجهندو آهي. انجي ذريعي ڪنهن جي دل آزاري ضرور ٿئي ٿي. صديون گذري چڪيون آهن، پر ان هوندي به کل ڀوڳ ۾ اهو عيب اڃا تائين گهڻي ڀاڱي موجود آهي. پر ڪي ڏاها اهڙي نموني گفتگو ڪندا آهن، جو اهو عيب ظاهر نه ٿيندو آهي. وتايو به اهڙو ئي هڪ ڏاهو انسان هو، جنهن ڪڏهن به ڪنهن جي دل آزاري نه ڪئي. پنهنجي مطلب جي ڳالهه وڏي دانائي سان ڪندو رهندو هو.

زندگي جي ڪٺن سفر ۾ کلڻ کلائڻ ائين آهي، جيئن گهڻو وقت اُس ۾ سفر ڪرڻ کان پوءِ ڪنهن گهاٽي وڻ جي ڇانوَ نصيب ٿئي. جڏهن ڏک ۽ غم انسان کي اداس ۽ پريشان ڪن ٿا، تڏهن جهٽ پل جو کل ڀوڳ سڀ دک دور ڪري ڇڏي ٿو. اهو ڄڻ ته ڪو موتين جو ڪک آهي، جيڪو نٻل جسم ۾ روح ڦوڪي ڇڏي ٿو. ان کان علاوه کلڻ کلائڻ ۾ هڪ اهڙي مقناطيسي ڪشش آهي، جا ٻين کي پاڻ ڏي ڇڪي وٺي ٿي. اصل ڳالهه جي خبر هجي يا نه، پر ڪن کي کلندو ڏسي، ٻيا بي اختيار کلڻ لڳن ٿا. ان وقت ٻيون سڀ ڳالهيون ۽ غم وساري صرف کلڻ ئي ڄاڻن ٿا. کلڻ وارا هن خوشيءَ واري ڪم ۾ هڪ ٿي وڃن ٿا. ان مان اهو ظاهرٿئي ٿو ته کلڻ ذريعي ٻَڌي ۽ ايڪي جي خود بخود تعليم ملي ٿي. اها به هڪ حقيقت آهي ته کلڻ کلائڻ انساني شعور کي بلندي بخشي ٿو. اهڙي ريت مزاح علم ادب جو هڪ اهم حصو بنجي ويو.

کلڻ ۽ سماج جي ان وقت اهميت واضح ٿئي ٿي، جڏهن ڪو پنهنجون ريتون رسمون ڇڏي، ڌارين جون ريتون رسمون ۽ فيشن اختيار ڪري ٿو. تڏهن کلڻ ۽ ٽوڪ ڪرڻ جو هڪ وڏو موقعو ملي ٿو. انگريزن آئي جڏهن ديسي ماڻهو صاحبلوڪ بڻجڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳا، تڏهن شمس الدين بلبل ۽ ڪن ٻين مزاحيه شاعرن ان قسم جي ماڻهن جا خوب ڇوڏا لاٿا. خاص طور شمس الدين بلبل جا شعر پڙهڻ وٽان آهن.

اها هڪ حقيقت آهي ته سماج جي ترقي ۾ کلڻ هڪ زبردست قوت آهي. ان لاءِ ڪنهن تعليم يا مدرسي جي ضرورت نه هوندي آهي.

نفسياتي اعتبار کان پڻ کلڻ وڏيون خصوصيتون رکي ٿو. ان جي سبب نه فقط جسماني فائدا حاصل ٿين ٿا، پر دماغ ۾ تراوت اچي ويندي آهي. کلڻ انسان مان محرومي ۽ ڪمتري جو احساس مٽائي خوشي ۽ برتريءَ جو احساس پيدا ڪري ٿو. هن ڪم ۾ کلڻ جيترو ڪارآمد ثابت ٿئي ٿو اوترو ٻي ڪابه تحريڪ فائدو نه ٿي پهچائي.

هن سلسلي ۾ سڀ کان اهم ڪردار وتائي فقير جو آهي. وتائي جو نالو ٻڌڻ سان ئي بي اختيار کل اچي ٿي ۽ سب سور ڪافور ٿي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته وتائي کان ڏک ائين ونئه وڃن ٿا، جيئن ڪانءُ ڪمان کان ونئه ويندو آهي.

اڄ طرح طرح جون ڳڻتيون، فڪر، دل ۽ دماغ جون بيماريون اِن ڪري وڌي ويون آهن، جو اسان وتائي کي وساري ڇڏيو آهي. وتايو سيمينار منعقد ڪرڻ، وقت جي هڪ اِهم ضرورت هئي. خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سيمينار منعقد ٿي رهيو آهي ۽ منتظمين کي آفرين آهي، جو هنن غم غلط ڪرڻ جو صحيح سامان مهيا ڪيو آهي، ۽ اميد نه پر يقين آهي ته هيءَ ادبي لاٽ، خوشيءَ واري واٽ کي روشن رکندي.

وتائي فقير جي ٽوٽڪن ۾ کل خوشيءَ سان گڏوگڏ وڏي حڪمت، دانائي ۽ فلسفو سمايل آهي. انهن تي جيترو ڳوڙهو غور ڪيو وڃي ٿو، اوترو گهري معنيٰ ۽ مقصد معلوم ٿئي ٿو. سندس گفتن ۾ ٻين خوبين کان علاوه بيشمار اخلاق ۽ نصيحت جون ڳالهيون لڪل آهن. پر سندس نصيحت ڪرڻ جو انداز ڪنهن واعظ وارو نه آهي. سندس طريقو انهن کان نيارو ۽ بيحد پيارو آهي. هو کلندي کلائيندي نصيحت ڪري ٿو، جيڪا واعظ کان وڌيڪ اثر رکي ٿي. واعظ دوزخ جا دڙڪا ڏيندو رهي ٿو، پر وتايو جيئري جنت وٺي وڃي ٿو.

حسد ۽ ڪينو، ساڙ ۽ نفرت، لوڀ ۽ لالچ اهڙيون بڇڙيون بيماريون آهن، جيڪي انساني معاشري کي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏين ٿيون. انهيءَ بيماريءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ ويچاري وتائي وڏا وس ڪيا. سندس هيءُ ٽوٽڪو اوهان ضرور ٻڌو هوندو ته : هڪ ڏينهن وتائي کي سندس ماءُ چيو ته ”ابا ڪٿان ٽانڊو کڻي اچ ته ماني پچايان.“ وتايو گهڻو ئي هيڏي هوڏي ڊوڙيو، پر ڪٿي باه نظر نه آيس. جڏهن گهڻي دير کان پوءِ خالي موٽي آيو ته ماڻس پڇيس ته ”ٽانڊو ڇو نه آندءِ“؟ تنهن تي وراڻيائين ته ”امان باه ڪٿي نظر ئي نه آئي، پوءِ ڪٿان آڻيان؟“ تنهن تي سندس ماءُ ڪاوڙ مان چيس ته ”وڃ وڃي دوزخ مان کڻي اچ.“ ٿوري دير کان پوءِ وتايو وري به هٿين خالي موٽي آيو ۽ ماءُ کي چيائين ته ”امان دوزخ جا داروغا مون تي کلڻ لڳا. چيائون ته هتي وري باه ڪٿي آهي. بابا! هتي هر ڪو پنهنجي باه پاڻ سان کنيون ايندو آهي، جيڪا هو لوڀ لالچ، حسد ۽ نفرت جي روپ ۾ روزانو پاڻ وٽ جمع ڪندو رهي ٿو ۽ هتي اچي هر ڪو پنهنجي باه ۾ پاڻ سڙندو پچندو ۽ ٻڄرندو رهي ٿو.“

اسان وٽ ڪن خاندانن ۾ اهڙا ڪنا رواج آهن، جو نياڻيءَ کي سڄي عمر گهر ۾ ويهاري ڇڏين ٿا. ڪي وري ويچاريءَ جو قرآن سان نڪاح ڪري ڇڏين ٿا. ائين اها مظلوم ڏکيا ڏينهن گذاري پنهنجي زندگي پوري ڪري ٿي. وتائي فقير اهو حال ڏسي چئي ڏنو ته ”مئي سٺائون، پر پرڻائي نه ڏنائون“.

اسان وٽ ٻيو هيءُ ڪنو رواج آهي ته، قرض کڻي به ڪاڄ ضرور ڪجي، پوءِ ڀل ته همراهه سڄي عمر قرض لاهڻ لاءِ ڍڳي وانگر وهندو رهي. وتائي فقير جو هڪ مشهور ٽوٽڪو آهي ته هڪ ڀيري ڪنهن پريي مڙس فقير کي صلاح ڏني ته ”وتايا‘ هاڻي خيرن سان جوان ٿيو آهين شادي ڪر،“ وتائي پڇيس ته ”شادي ڪيئن ڪبي آهي“؟ پريي مڙس وراڻيو ته ”سولو ڪم آهي، ٻه شاهد ۽ هڪ وڪيل وٺي اچ، جن جي روبرو ڪنوار سان پرڻجڻ لاءِ ”هائو“ ڪري. پوءِ ان شاهديءَ جي آڌار تي ملان نڪاح پڙهندو. وتائي چيس ته ”؟پوءِ؟“ پريي مڙس وراڻيو ته پوءِ ڄڃ  کي کاڌو کارائڻو پوندو ۽ ڪنوار کي ڏاج ڏيوڻ ڏيڻو پوندو“…وتائي سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪاٽي رڙ ڪري چيس ”هيءَ شادي ته نه ٿي ڏچو ٿيو. ٻيلي! ايڏو خفو مون کان نه ٿيندو.

اوکي ويل ڪنهن جي ڪم اچڻ ڪنهن جو سوال مڃڻ سٺي ڳالهه آهي. پر ڪي اهڙا سائين جا سنواريا به آهن، جن کي ڄڻ ته ماءُ اهڙي لولي ئي ڏني آهي. ڪم چئبن ته پيا لنوائيندا، گسائيندا، ڪوڙا دلاسا ڏيندا. وتائي جي پاڙي ۾ اهڙو ئي هڪ سدورو ڊکڻ رهندو هو. وتائي کيس سوال ڪيو ته ”امڙ جي کٽولي ڀڄي پئي آهي، مهرباني ڪري هلي ٺاهي ڏي.“ واڍي وراڻيو ته ”وتايا! واندو نه آهيان، جڏهن واندڪائي ٿي ته هلي جوڙي ڏيندس.“ هو هر ڀيري اهڙي موقعي تي ڪن لاٽار ڪري لنوائي ڇڏيندو هو. تان جو هڪ ڏينهن هيءُ جهان ڇڏي ويو. وتايو ٻاهر ويل هو. گهر اچي رهيو هو ته ڏٺائين ته ڪانڌي جنازو کنيو اچن  ٿا. پڇيائين ته ”ابا! ڪنهن جو جنازو آهي؟“ ٻڌايائونس ته تو وارو پاڙيسري واڍو ويچارو گذاري ويو. وتائي ڊوڙي اڳ وٺي ليلائي  چيس ته ”ادا“ اڄ ته پڪ واندو هوندين. نويڪلو کٽ تي آرامي آهين، ٻيلي اڄ ته امڙ جي کٽولي هلي جوڙي ڏي.“

ان نقل مان اها نصيحت نروار ٿئي ٿي ته ساه تي ڪو ويساهه ڪونه آهي. انسان کي جڳائي ته آئي ويل ڪنهن جي ڪم اچي، ڪنهن سوالي کي خالي نه موٽائي. هر ڪنهن سان ڀلائيءَ جا ڀيرا ڪندو رهي. جيئري ڪنهن جي ڪم اچي، مئي کان پوءِ ڪو ئي ڪنهن جي ڪم نه ايندو.

وتائي فقير جو هڪ هيءُ به ٽوٽڪو آهي ته: ڪنهن کيس ڪلدار رپيو خيرات طور ڏنو، جيڪو هڪدم کڻي بوڇڻ جي ڪنڊ ۾ ٻڌائين، پر ڀؤ ٿيس ته متان اتان ڪو ڏسي وٺي، وري کڻي جتيءَ اندر لڪائي هلڻ لڳو، پر ان هوندي به خوف ٿيس ته متان ڪنهن ڏسي ورتو هجي ۽ اڳتي هلي ڦري وٺي. نيٺ ڪڪ ٿي هڪ اڪ جي پاڙ ۾ پوري ڇڏيائين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪو شخص قضا حاجت لاءِ اچي اتي ويٺو. مٽيءَ مٿان جو پاڻيٺ پيو ته ڪلدار چمڪڻ لڳو. همراهه هڪدم رپيو کڻي ورتو ۽ کيس شڪ پيو ته اتي ڪا دنيا پوريل آهي. هڪدم ڪوڏر ۽ ڪهاڙي کڻي اچي کوٽائي شروع ڪيائين. اڪ پاڙون پٽي ڇڏيائين، پر اتي ته هئا ڪاريءَ وارا ڪک، تنهن ڪري کيس ڪي ڪين مليو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وتايو اچي اتان لانگهائو ٿيو. ڇا ڏسي ته مار‘ اڪ پاڙئون پٽيو پيو آهي! اهو ڏسي خوشيءَ مان چيائين ته ”شڪر آهي منهنجا موليٰ جي ان جزا مان جند نه ڇڏايان ها ته جيڪر منهنجو به اهو ئي حشر ٿئي ها.“

ان ٽوٽڪي مان اها نصيحت ملي ٿي ته لوڀ ۽ لالچ بري بلا آهي. سامي سچ چيو آهي ته:

ڪوڙو بکيڙو، اٿي مايا موهه جو

سمجهي ڪڍ سامي چئي، جهڳي مون جهيڙو

ته نيڙي کئون نيڙو، سنمک ڏسين سپرين.

 

دنيا جي لوڀ لالچ کي جيترو ۽ جنهن نموني سامي ننديو آهي، اوترو شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر ننديو هجي. هتي مثال خاطر سندس ڪجهه مصراعون پيش ڪجن ٿيون.

 

سارو جڳ انڌو ٿيو، مايا جي موهه ۾

__

مايا منهن ڪاري، ڪنهن سان نبيهه ڪينڪي

__

رولو وڌو رڻ، جدائيءَ جو جڳ ۾

__

ڏورئون  هڻي ڏنگ، ناري ڪاري نانگڻي

__

ڪڍي ڪليجو، مايا ڏائڻ سڀ جو.

شاهه باهو رحه پڻ دولت کي تمام گهڻو ننديو آهي. مثال طور سندس هڪ ڏوهيڙو پيش ڪجي ٿو:

 

اڌي لعنت دنيا تائين، ساري دنياداران هو

جين راهه صاحب خرچ دي نه ڪيتي، تين غضب

ديان ماران هو

پيوان ڪولون پٽ ڪهاوي بٺ دنيا مڪاران هو

ترڪ جنهن دنيا تين تڪيتي، ليسن باغ بهاران هو.

 

وتائي جا اخلاق ۽ نصيحت سان ڀريل تمام گهڻا ٽوٽڪا آهن. هتي نموني طور ڪجهه پيش ڪيا ويا آهن، جن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سندس گفتا ٻين موضوعن کان علاوه اخلاقيات واري موضوع جي سلسلي ۾ پڻ وڏي اهميت رکن ٿا.

اهڙي ريت وتائي کل خوشي واري پُر بهار فضائن ۾ اخلاق ۽ نصيحت جا ملهه مهانگا موتي مفت ۾ عطا ڪيا.

وتائي جا اهي املهه ٽوٽڪا، ”لالئون لعل لطيف“ واريون وڻندڙ صدائون ۽ ”شل ٻاجهه پوئي“ وارا آلاپ، نه صرف جڏي جيءَ جو جياپو آهن، پر اهي ايڪي ۽ الفت؛ ميٺ ۽ محبت جون روشن راهون آهن. انهيءَ ئي راهن تي هلي انسان سچو سک، آرام ۽ خوشي حاصل ڪري سگهي ٿو.

__


 

ف. م لاشاري

 وتايو- سنڌ جو مزاج

 هن شخص کي خدا جي نانءَ تي ڦٿل گدرو مليو، هن کي ميرن ڪپڙن سبب وهانءَ جي ٽاڄي ۾ شامل ٿيڻ نه ٿي ڏنو ويو، هن جون دعائن ابتو اثر وٺي اگهامنديون هيون، هن ڏٺو ته سواريءَ جي دعا گهرڻ يا خواهش ڪرڻ تي کيس گهوڙيءَ جو ڦر پنهنجي پٺيءَ تي ڍوئڻو پوي ٿو. جڏهن پنهنجي سڪيلڌي ڳئون جو گاه، گڏهه کي کائي ويندي ڏٺائين، ته سندس دل گڏهه جي مرڻ جو پاراتو نڪتو. نتيجوان جي ابتڙ ٿيو، يعني سندس ڳئون مري وئي ۽ گڏهه، وتائي کي ساڙ ڏيارڻ لاءِ ساڳيون پستيون هڻندو ٿي وتيو. هن شخص هڪ رپئي کي پنهنجي کيسي تي بار سمجهي وڻ هيٺان پوري ڇڏيو، ۽ واپسي تي وڻ جا لاهه نڪتل ڏسي، شڪرانا بجا آندائين، ته چڱو جو بڇڙائيءَ مان جند ڇڏائي هئائين، نه ته اهو ساڳيو حشر سندس ئي ٿئي ها. هن همراه پيش امام جي نيت جو چور پڪڙي ورتو، ته نماز پڙهائڻ ۾ سندس ڌيان ڪونهي، ۽ پوءِ نڪري اچي ڌار ٿي بيهي نماز پڙهيائن. ڇو ته هن کي نمائشي نماز نه پڙهڻي هئي. هن کي جڏهن ڪنهن نڪاح جي رسم ويل ريوڙيون يا کارڪون ورهائڻ لاءِ چيو ويو، ته هن پڇا ڪئي ته ڪهڙي ورهاست ڪئي وڃي، خدا واري يا ماڻهن واري!

وتائي بابت تاريخون اسان کي ڪجهه ئي نٿيون ٻڌائي سگهن. هو ڪهڙي سنه جو شخص هيو، مٿس وات ڦاٽوڙائپ سبب ڪهڙا عتاب نازل ٿيا هئا، روايتن کي هن ڪيئن متاثر ڪيو، تنهن جو تفصيل اسان کي معلوم نه ٿو ٿئي، ڇو ته تاريخون لکرائڻ بادشاهن جو ڪم هو.

پر هڪڙي ڳالهه طئي آهي ته وتايو جاگيردار قدرن واري معاشري ۾ رهندڙ شخص هو. مذهبي منافقي، چوڻ ۽ ڪرڻ جي ٽڪراءُ جي وچ ۾ پيسجندڙ حالتن ۾ گهاريندڙ سڌو سادو ماڻهو هو. هو نه سياستدان هو، نه امير هو، نه جاگيردار هو نه، وڏيرن سان هن جي اٿڻي ويهڻي هئي. هن جي ڳالهين ۾ اهڙي بوءِ به نظر نه ٿي اچي ته هن ڪنهن شاهوڪار جو سلام ڀريو هجي. هڪڙي اها ڳالهه به صاف آهي ته انهن ڏينهن ۾ رياست پنهنجي هاڻوڪي جوڙ جڪ واري نه هئي. هر ڳوٺ، هر واهڻ ۽ هر وسندي، اقتدار جي مرڪز کان پري، پنهنجو پاڻ ۾ پاڻڀري هئي. رياست ۽ ان جي ادارن جو سماج تي سڌو سنئون اثر نه هو. جيئن ڪا انساني آبادي اقتداري مرڪز کان پري، ايترو امن ۾؛ پر جاگيردار سماجي قدرن ۾، بنيادي اختيار ڇاڪاڻ ته سگهه کي هوندو آهي، ۽ ڪنهن کي به چون چرا ڪرڻ جو حق نه ٿو پهچي، تنهن ڪري جتي ظلم هجي ٿو اتي رياڪاري ۽ منافقت به اوس هجن ٿا. چاپلوسي به ان سرشتي جي هڪ ٻي نشاني آهي. مذهب جي ملان واري تشريح، سماج جي هر ڏاڪي تي اسٽيسڪو يعني جيئن آهي جتي آهي، وارن بنيادن تي اقتدار جي بچاءَ ۾ ڪم ڪندڙ آهي. ڪنهن کي قتل ڪرڻ کي واجب قرار ڏيڻو آهي ته ملي جون خدمتون حاضر آهن. منصور کي چيچلائي مارڻو آهي، ته خدائي فوجدار حاضر آهي، سرمد جو سر وڍائڻو آهي ته به پرواه ناهي، مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙائڻو آهي تڏهن به ٺيڪ آهي. ان صورتحال سموري قديم توڙي اڄ واري زماني ۾ ڏاڍ جي بنيادن تي بيٺل ناجائز لاڳيتو هراس، ڏهڪاءَ ۽ ڊپ واري حالت کي قائم رکڻ ۾ زمانن تائين مدد ڏني آهي. جنهن ڪري ماڻهن جي عقل واري گڻ کي اُپڙڻ کان روڪڻ ۾ مدد ملندي ٿي رهي. اهائي حالت آهي، جتي منافقت کي راڄ ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو.

پر جتي دولت ۽ اقتدار، ماڻهپي کي هٽائي ان جي جاءِ وٺن ٿا، اتي دولت ۽ اقتدار جا ڌڻي فطرت جي سونهن ۽ ممتا ڀريل ڀلاين کان پري هٽي ٿا وڃن. انهن جي ڀيٽ ۾ عوام جي گهڻائي، پورهئي جي عمل سان جڙيل هئڻ ڪري فطرت جي انهن گڻن کي ويجها هجن ٿا. جابلن، وارياسين ۽ اڻاٺيل ايراضين جي ڀيٽ ۾ زرعي معيشت واريون  آباديون فطرت جي ممتا سان سڌي سنئين ڳانڍاپي ۾ هجن ٿيون. هنن جي مزاج تي ”ڪڻي مان ڪيچ ٿيڻ“ وارو متو وڌيڪ اثر ڪري ٿو. ان ڪري اهي ماڻهو مهمان نواز ۽ دل جا سخي ٿين ٿا. سامون جهلين ٿا. نيڪيءَ وارن آدرشن لاءِ سرن جون سٽون ڏئي ڄاڻن ٿا ۽ پنهنجي قول کي پاڻي ڏيڻ جي ضرورت ۽ اهميت کي سمجهن ٿا.

سنڌ جي تاريخ تي نهار ڪبي، ته فطرت سان ويجهڙائي رکندڙ عوامي مزاج ۽ ان جي برابري ۽ سخاوت وارن ڳڻن ۽ تاريخي حقيقتن ۽ سچائي جي آڌار تي ان ڳالهه جا سئو سيڪڙو امڪان موجود آهن ته جيڪڏهن سنڌ تي ٻاهريون هلائون نه ٿين ها، ته سنڌ جي برابري، ممتا، انسان ذات جي عزت ڪرڻ وارن گڻن کي نقصان نه پهچي ها. ٻاهرين هلائن جي ڪري ۽ مختلف حادثن، قتلامن، هلائن هتان جي مزاج کي هاڃو رسايو. ظلم جي نتيجي ۾ سر بچائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ، منافقي ۽ چاپلوسي ڪرڻ ۾ ئي سر بخت جي خير جو راز سمجهيو ويندو آهي. نه ته اسان وٽ ته سمن ۽ سومرن وارا سونهري تاريخي زمانا موجود رهيا آهن. شاهه جي سورمن ۽ سورمين جا داستان انهن ئي ڏينهن ۾ سرجيا آهن. نوري مهاڻي انهن ئي ڏينهن ۾ پنهنجي فضيلت جو قدر ڪرائي سگهي، ۽ پٽ راڻي بنجي وئي، ۽ ڄام تماچي کي پنهنجي طبقاتي حيثيت جي ابتڙ مهاڻيءَ کي پٽ راڻي بنائڻ ۾ ڪا هٻڪ نه ٿي. ان ئي انساني هلت جي ڪري ڪينجهر هندرو بنجي سگهي هئي. ان ئي انساني شرافت ۽ ماڻهپي جي ڪري ٺٽي ۾ سوين درسگاه هئا، هزارين چرخا چرندا هئا ۽ ڏيهه ۾ ساواڻ هئي. ٻاهرين هلائن، معاشي بدحالين ۽ بي انصافين جي ڊگهي سلسلي هر ڪم جو رخ ڦيري ڇڏيو. نه ته ٺٽي تي ترخانن جي هلائن خلاف معلم ۽ مولوي به وڙهيا هئا، ڇاڪان جو هنن سمجهيو پئي ته اسان جي ٺهيل ٺڪيل گهر کي اجاڙيو پيو وڃي. لاڳيتو ڌارين راڄن، محلاتي سازشن ۽ دٻڙ دئونس سنڌ کي هيسائي ڇڏيو هو، ماڻهو پنهنجي گڻن کان وٿيو ڪاٿي ويا.

پر ان سڀ ڪجهه هوندي به سنڌ تي ڪاهي ايندڙ اهي ڌاريا لشڪر اسان کان سنڌو درياءُ نه ڦري سگهيا هئا. سنڌو پنهنجي سگهه سان هن ڏيهه کي وسندڙ رکيو پئي آيو. ڌرتي، سنڍ نه ٿي ۽ ماڻهن پورهئي کي هٿان نه ڇڏيو. ائين ٻاهرين هلائن جي باوجود ڌرتي ۽ درياءُ ماڻهن کان منهن نه موڙيو. جنهن طرف ٿي سنڌو وهڪرو ڦيرايو، پر لاڳيتن ٻاهرين حملن جي ڪري، ٻه مزاج ڌار ڌار ٿي نروار ٿيا، ۽ انهن هڪٻئي جو مقابلو ٿي ڪيو. ويدانت ۽ تصوف قبل مسيح کان ڪي صديون اڳ کان ئي ننڍي کنڊ ۾ اثر ڇڏڻ شروع ڪيا هئا. اهو عوام جو فلسفو لاڳيتو اقتدار ۽ ڌارين لاءِ مٿي جو سور هو.

صوفي پنهنجي دور جا سرڪش ماڻهو هئا. هنن جي فلسفي جي خاص ڳالهه ته، جيڪو ڪجهه ظاهر ۾ آهي سو فريب آهي ۽ نظر جو دوکو آهي. اها حقيقت ڏانهن داخلي يا شخصي روش آهي، پر اهو فڪر ان وقت، ان لحاظ کان معروضي يا حقيقت ڀريو هو، جو هنن جي شيءَ کي فريب ۽ نظر جو ڌوڪو ٿي سمجهيو سو سندن موجود سماجي سرشتو هو. جنهن سرشتي ۾ ڏاڍ ۽ منافقت هئي. ان ئي حساب سان نتيجو ٿو نڪري ته ڏاڍ ۽ منافقت جي ڪا حقيقت ڪانهي، اکيون کولي چڱيءَ طرح سان ڏسو، منافقت جي اقتدار کي نه مڃيو يا ٻين لفظن ۾ ان کي ختم ڪريو، ڇوته اهو فريب آهي ۽ اهو ختم ٿي سگهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو صوفين جي مزاج ۾ انسانن جي عزت جو جذبو موجود هو. هنن جا قدر رائج قدرن کان مختلف يا انهن جي ابتڙ هئا. هنن جو چوڻ هو ته بادشاهن ۽ طبقن واري دنيا، موهه جو گهر آهي، جيڪا حقيقت تي جهڳيءَ ۽ ڦيڻ وانگر چڙهي آهي. حقيقت محبوب يا سچ جي دوکي ۽ فريب ۾ لڪل آهي. يعني ماڻهوءَ جي مراد پوري ٿيڻ جي راهه ۾ اهو سرشتو، وهنوار يا اقتداري مزاج هڪ رنڊڪ بڻيل آهي. ويدانت يا تصوف جو هڪ ٻيو اهم نڪتو اهو آهي، ته ”سموريون حقيقتون، جيڪي مختلف طريقن سان ثابت ڪري سگهجن ٿيون، تن جا ڳانڍاپا Attributes)) موجود آهن ۽ لاڳاپن کان سواءِ ڪابه حقيقت ثابت نه ٿي ڪري سگهجي(حوالو: انڊين فلاسافي ائنڊ ماڊرن ٽائيمز).

اصل ۾ تصوف فلسفي کان وڌيڪ هڪ هلت آهي، زندگي ڏانهن هڪ وهنوار ۽ اُٿڻ ويهڻ جو ڍنگ آهي. برهمڻيت جي خلاف ٻڌ ۽ پوءِ ويدانت اچي ٿي ۽ ڪٽرپڻي خلاف تصوف جي روش آهي. اها روش ننڍي کنڊ ۾ قبل مسيح کان ست کن صديون ئي اڳي موجود هئي. ان ڪري اسان وٽ وتايو هر زماني ۾ موجود رهيو آهي. اهو سنڌ جي مزاج جي دائمي ۽ پڌرو مظهر آهي. هر ڳوٺ ۾ اڄ تائين اهڙا وات ڦاٽوڙا، دهل تي ڏونڪو ڳالهه چوڻ وارا ماڻهو اسان کي ملندا، جن وٽ رک رکاءُ صفا ڪانهي. غلط ڳالهه ٿي ناهي ۽ هنن ڦهڪايو ناهي. ائين ئي وتايو اسان جي معاشري ۾ دليل ۽ ڏاهپ کي عام فهم ۽ وڻندڙ انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ماهر.  هو جڏهن روايتي فڪري سرشتي خلاف دليل سان حملو ٿو ڪري، ته ڪنهن کي به ان جي مخالفت ڪرڻ جي همت نه ٿي ٿئي. هو دنيا کي ڳجهارت ٿو ڏئي ته دوزخ ۾ ٽانڊو ڪونهي ۽ هر ڪو پنهنجي گنهگار افعالن سان پنهنجي لاءِ عذاب پئدا ڪري ٿو. وتائي جي فقط ان ئي هڪڙي نڪتي کي نروار ڪجي ته ان منجهان ئي دنيا کي هڪڙي واٽ ملي سگهي ٿي. ان حساب سان وتايو هر ماڻهو کي پنهنجي عملن لاءِ پاڻ ذميوار ڪري ٿو. سرڪاري فيصلن ۽ فتوائن جي بنيادن تي ان طرح سان هو گهات هڻي ٿو. انصاف ۽ اخلاق جو مڪمل ضابطو پيش ڪري ٿو. سزا ۽ جزا جو ڌار سرشتو به وتائي جي ان هڪڙي ئي نڪتي منجهان جنم وٺي ٿو. ان ليکي سان هو خدا ۽ انسان جي وچ ۾ سڌو ڳانڍاپو پئدا ڪري پنهنجي دور جي حساب سان مذهب جو وڌ ۾ وڌ جمهوري تصور ڏئي ٿو، جتي آپيشاهي جي وجود جو ڪو جواز نه ٿو رهي. ڇاڪاڻ ته اتي سزا جو تصور، اڪيلو يا ڌار ناهي، ته جنهن کي وڻي تنهن کي ڪاٺ ۾ وجهي ڇڏجي. ڇو ته سزا، عمل جي نوعيت سان ڳنڍيل آهي، ۽ ائين خدا به ڪنهن کي سزا نه ٿو ڏئي، جيسين اهو شخص پنهنجي لاءِ پاڻ اهڙي چونڊ نه ٿو ڪري. جيڪڏهن ٿورو  ويچار ڪجي ته منصور، سرمد، بلاول ۽ تاريخ جي لکين بيڏوهه شهيدن کي مليل سزائن جي خلاف اهو هڪڙوئي فيصلو صادر ٿي ٿو وڃي. معنيٰ ته جيڪڏهن انهن شخصن ڪو ڏوهه ڪيو هو ته کين سزائون ڏيڻ جو اختيار اخلاقي لحاظ کان وقت جي حاڪمن کي نه هو. ”هر ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگبي“ يا ”هر ڪو پنهنجي قبر ۾ پاڻ پوندو“، ان ئي نڪتي جون ٻيون صورتون آهن. اهو سنڌ جي ماڻهن جو مزاج آهي، ۽ وتايو ان مزاج جو نمونو آهي، هن جون ڳالهيون سنڌ جي فلسفي جي اوائلي صورت آهن.

هڪڙي ڳالهه اها به ڌيان ڏيڻ جهڙي آهي ته جڏهن اقتداري طبقي کي وتائي جي مخالفت لاءِ ڪو دليل،ڪا واٽ نه ٿي سُجهي، ته هو کيس درويش چئي کانئس جند ڇڏائين ٿا. جيڪڏهن اها ڳالهه کڻي مڃجي به، تڏهن اهو ڪهڙو درويش هو، جنهن کي پوليس وارو گهوڙيءَ جو ڦر پيو کڻائي يا جڏهن هن پاڻ کي ڪنهن وڏيري يا حاڪم جو ماڻهو سڏائڻ بدران خدا جو ماڻهو سڏايو، ته ڇڪي کڻي کيس اڳيان ڪيائون. هو جيڪڏهن درويش ئي هو، تڏهن به سڳي ڌاڳي ۽ تعويذ ڦيڻن کي پنهنجي ڪاروبار جو ذريعو به بڻايائين. ان ڪري وتائي جي درويشي به روايتي نه هئي. جاگيردار دور جي سموري تاريخ ۾ سرڪش، باغين ۽ ڀير تي ڏونڪو هڻي ڳالهه چوندڙ شخصن  کي درويش ۽ مست سڏيو ويو آهي. وتائي جي سموري ڏاهپ، پنهنجي نوعيت ۾ سماجي هئي. ”کنگهڻ ۽ کڙڪڻ کان سواءِ خدا به ڪجهه نه ٿو ڏئي“ واري وتائي جي ڳالهه مفت خورن ۽ ڏاڍ سان دولت گڏ ڪندڙن جي منهن تي چماٽ آهي، جيڪي چون ٿا ته خدا جنهن کي جيترو وڻي ڏئي ڇڏي. وتايو اها ڳالهه قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ عملي طرح تجربو ڪندي چوي ٿو، ته ائين خدا به ڪنهن کي ڪجهه نه ٿو ڏئي.

وتائي وٽ زندگيءَ گذارڻ جو هڪ مڪمل اخلاقي ضابطو آهي، ۽ ائين وتايو اسان جو هڪ دائمي ۽ امر ڪردار آهي.

 

 

خدا جي نالي ڪجهه ڏي

وتايو شهر مان لنگهندو آيو ته هڪ هنڌ گدرا رکيل ڏٺائين. مالڪ کي چيائين ٻيلي، خدا جي نالي تي ڪجهه ڏي هن هڪڙو ڦٿل گدرو کڻي هن کي ڏنو. فقير وري ٽڪو ڏئي چيس ته: هن جو به گدرو ڏي. هن چونڊي هڪ سٺو گدرو ڪڍي ڏنس. اتي آسمان ڏي نهاري چيائين ”تنهنجي نالي تي جيڪو مليو اٿم، سو به ڏس ۽ ٽڪي ۾ جيڪو گدرو ورتو اٿم سو به ڏس.“

(وتايو فقير)


 

محمد سومار شيخ

 سنڌ جو مشاهير-وتايو فقير

 هونئن وتايو فقير ڪتابن جي شاهدي موجب مجذوب ولي الله ۽ فنا في الله بزرگ ۽ عوام جي ڳالهين موجب ڳالهين تان ڳالهين ۾ عجيب کلائيندڙ ۽ ڏاهپ واريون ڳالهين ڪندڙ عظيم شخصيت جو نالو آهي. انهيءَ بزرگ متعلق مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۽ معيار سالڪان ڪتابن ۾، مير عبدالحسين سانگيءَ لطائف لطيفيءَ ۾ پهرين پهرين ذڪر ڪري، اسان لاءِ ٿورو گهڻو لکڻ لاءِ دروازو کوليو. انهيءَ کان پوءِ قليچ بيگ، مولانا دين محمد وفائي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، علامه آءِ. آءِ. قاضي، الهه بخش ٽالپر، محمد اسماعيل عرساڻي، علي احمد بروهي ۽ ڪريم بخش خالد پڻ انهيءَ ڏس ۾ چڱو ڪم ڪيو. اهو مواد ۽ احوال جو رهبر ٿئي ٿو ۽ ڳالهائيندڙ ڪجهه نه ڪجهه ڌڪن ۽ گشي بازي کان بچي ٿو. انهيءَ ڪري انهن بزرگن جو ٿورو ڳائڻ واجب آهي.

1958ع ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي، سنڌي اديبن تي زور ڏنو هو ته، پنهنجي ورثي جي چيزن کي قلم هيٺ آڻيو، انهيءَ ۾ وتائي فقير ڏانهن خاص ڌيان ڇڪايو هئائين. رڳو انگ الٽو ٿيو آهي، 58 جي جڳهه تي 85 جو هندسو آيو آهي ۽ عبدالقادر منگي صاحب انهيءَ ڳالهه کي قبول ڪري وتايو سيمينار سڏايو آهي. انهيءَ ۾ ادا محمد حسين ڪاشف جون مخلصانه صلاحون به شامل آهن. انهن کي مبارڪون ضرور ڏيڻ گهرجن. 1980ع ۾ بدين ثقافتي ميلي ۾ عبدالمجيد آخوند جي صلاح سان ڪانفرنس سڏائي ويئي هئي، جنهن ۾ صدر محمد خان مسخرو هو ۽ مهمان خصوصي اِسُو شيدي هو. اها مزاحيه ڪانفرنس کلائيندڙ هئي ۽ هن ڪانفرنس وانگر سنجيده ڪانه هئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ ماڻهن کلي دليون خوش ڪيون هيون. هن ڪانفرنس ۾ سيمينار جو وڏو لطيفو هي آهي ته مزاحيه ڪردار جو سنجيده سيمينار سڏايو ويو آهي. هاڻ سنجيده ڪردارن لاءِ مزاحيه ڪانفرنسون سڏائڻ گهرجن، جيئن جوابي ڪارروائي ٿي سگهي.

تازو دنيا جي مزاحيه پسند بزرگن حيدرآباد دکن ۾ عالمگير مزاحيه ڪانفرنس سڏائي هئي. هتي انهيءَ ساڳئي سال حيدرآباد سنڌ کان ٿورو پريان ٽنڊي الهيار ۾ مزاحيه ڪردار وتائي فقير جي سنجيده ڪانفرنس رڳو انهيءَ ڪري سڏائي آهي، جو حيدرآباد کان ٿورو پريان اها ڪانفرنس ٿي رهي آهي. جيڪڏهن اها ڪانفرنس حيدرآباد ۾ ٿئي ها ته ڪرهوند انهيءَ جو رنگ خالصتاً مزاحيه هجي ها. سنڌ جي مشهور مزاحيه ڪردارن جهڙو چاچو آچار، مُلئون حسڻ، توڙي ڇيراڻو ڀنڀرو به جيڪڏهن ائين اوچتو اوچتو مزاحيه روپ ڇڏي سنجيده ٿي ويا ته سنڌين جي منهن تان مُرڪ به موڪلائي ويندي ۽ اُهي گنڀيرتا جي حالت ۾ فلاسفرن جهڙو منهن بنائي، مزاح جي موضوع کي سنجيده ڪرڻ جي فلسفي تي 1958ع کان 1985ع تائين ويچار ڪندا رهندا ۽ پوءِ پنهنجو اهو فيصلو واپس وٺندا يا انهيءَ فيصلي کي واپس وٺڻ کان سواءِ وصال ڪري ويندا ۽ لطيف سائين ڀٽ شاهه مان دانهن ڪري چوندو:

”لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پئا،

هٿان جيبن، ڪڏهن ڪونه ڏکوئيون.“

ويچاري وتائي فقير جو نالو به في الحال ”ت“ ۽ ”ط“ جي وچ ۾ گِهلجي رهيو آهي. اهو لطيفو به چڱو عرصو مرحوم وتائي سان وابسته رهندو جيستائين وتايو فقير پنهنجو نالو بدلائي وٺي ۽ عوام کان ڪٽجي وڃي.

وتائي فقير جي نالي سان گڏ سندس ماڳ مڪان تي به لٺ هلندڙ آهي. اگهاماڻو، نصرپور، عمر ڪوٽ، ٺٽو، مڪلي، لواري شريف، بديڻا، قرهيو ڀانڊاري، کڏي ۽ بڪيرا اهڙا اسم آهن، جيڪي سندس رهائش، جنم ۽ وفات سان وابتسه آهن. هاڻي ڏاڍو اُهو ٿيندو، جيڪو سميرين گابو هوندو. جهڙو تهڙو ماڳ انهيءَ بحث هيٺ شايد ڪو بيهي. فقير وڏو جيڪا لٺ کڻي گهمندو هو، اها ته خير صلاح مهر الله واري لٺ هئي، پر هتي جيڪا سندس نالي لٺ ڳلي پيئي آهي، انهيءَ تان رتو ڇاڻ ٿيڻ جو وڏو خطرو آهي، رڳو وتائي فقير جو فقيري ڏنڊو ئي انهيءَ ڳالهه کي منهن ڏيئي سگهي ٿو.

جهڙي طرح سان شاهه جي نالي ڪافي گمنام ڪلام شامل ڪري يارن املهه اڻتوريا ٻاهر ڪيا آهن، يا مون ڪوڙا ڪلمان ڀري، شاهه جا گم ٿيل بيت ڪڍيا هئا، اهڙي طرح سان وتائي جي نقلن کي وڌائڻ وارو معاملو ايترو ته گهڻو آهي، جيترو کاڌي پيتي جي چيزن ۾ ملاوٽ جي جاجهه آهي. انهيءَ ملاوت سبب اسان هاڻ خالص ڪوڙ ڳالهائڻ جي لائق به ڪونه رهيا آهيون. ڪو آڏو ابتو وتائي جي پاران کڻيو نقل ٺاهيون ته پڌرا ٿيو پئون. هاڻ ڪير رسوا ٿيڻ لاءِ اهو ڌنڌو ڪندو. هجي خالص کاڌو ته خالص نقل نظير ٺاهي سگهجن. ملاوت واري آٽي سان اهڙا ئي نقل ٺهندا.

قليچ مرحوم اها ڪا ڳالهه ڪري ڇڏي هئي ته ڪافي ماڻهوءَ وتائي جي نالي بيت به چوندا آهن. هينئر مون صداقت بوڪ ڊپو وارن طرفان شايع ٿيل وتائي فقير جي صفحي ۽ سندس ماڊرن ڪلام ڏسي کيس سچ پچ ٽي قل پڙهي ختمو بخشيو هو.

اسان جي محققن کي سچ سنڀالي قلم کڻڻ گهرجي، نه ته ذهني عياشي وارا شاعر ۽ نقل نظير ٺاهيندڙ انهن اشارن جو اجايو فائدو وٺي، اونئن ڪري ڏيکاريندا پوءِ شاهه جي رسالي وانگر وتائي جا نقل به ويندا وڌنڌا ۽ وتائي فقير جي ٽوٽڪن سان گڏ الله جي ڪيترن ٻين بزرگن جا ٽوٽڪا به شامل ٿي ويندا ۽ پوءِ محقن پٺيان محقق اهو ڪچرو سلجهائڻ ۾ ئي پورا هوندا ۽ ٻيو ڪوبه ڪم ٿي ڪونه سگهندو. هونئن به اسان ڪم ڪريون ٿا. رڳو اهي سيمينار…انهنجي پٺيان واه واه…تصويرون…نالو…ڪٽنگون-خير صلاح مهر الله-اهي ڪم اسان کي سجاڳ قومن ڏانهن وٺي ڪونه ويندا. البت ستل قومن جي ڳالهه آءٌ ڪونه ڪندس. پنهنجي مشاهيرن جا ڳڻ ڳائڻ ته بيشڪ سجاڳ قومن جي نشاني آهي، پر پنهنجي مشاهيرن جي نالي ڪوڙا سوڙا بيت ٺاهڻ، نقل جوڙڻ ۽ انهيءَ بحث ۾ پنهنجي سڄيءَ سگهه کي ختم ڪرڻ قطعي طور سجاڳ قومن جي نشاني نه آهي، پر گانجي، چرس ۽ ڀنگ کان وڌيڪ نشي جي ڳالهه آهي.

وتايو فقير بيشڪ مجذوب هو، پر هو جذبي کان پوءِ يا جذبي حالت ۾ ڳالهايو ڦاسيو پوندو هو ۽ نقل نظير جڙيو پوندا هئا. انهن نقلن ۾ وڏي ڳالهه لڪل هوندي هئي. زهر ۾ ترياق شامل هوندو هو. پر جيڪي جڙتو وتائي جي نالي نقل ٺاهين ٿا، اهي ڄڻ ڪر ترياق ۾ زهر ٿا گڏين.

وتائي فقير کي پنهنجي نالي ڪڍائڻ جو ايترو شوق ڪونه هو، جيترو اسان کي آهي. اسان آڏا ابتا مقالا پڙهي ڪوڙ بدوڙ ڳالهائي وتايو وتايو ڪري، پنهنجو نالو مشهور ڪرائڻ پٺيان لڳل آهيون، پر هو فقير ته اهڙين ڳالهين کان ئي بيزار هو. جي خبر هجيس ها ته منهنجي ههڙي عاقبت ٿيندي ته ڪر سمن شاه مجذوب وانگر ڳالهائڻ تان ئي هٿ کڻي وڃي ها ۽ ماٺ ۾ وقت گذاري ها ۽ کيس اها به خبر هجي ها ته نالي مشهور ڪرائڻ لاءِ سجاڳ قومون يا سجاڳ فرد وڏي رقم رکندا آهن ته، ڪر هو رقم تان ئي هٿ کڻي وڃي ها ۽ چوي ها ته جيڪا وٿ هتي ئي لاهه ڪڍي ڇڏي، انهيءَ جو وسيلو (پروپئگنڊا) ته اڃان وڌيڪ هاڃيڪار هوندو انهيءَ کي ته ڇڏيو ئي ڀلو آهي.

فقير صاحب جيڪو هندو ۽ مسلمان جي بحث مان ئي تنگ هو، اجاين سجاين مسئلن ۾ نه پوندو هو. انهيءَ لاءِ اڳي توڙي هاڻي اسان هروڀرو مسئلا کڙا ڪري رهيا آهيو.جيڪڏهن اسان جي هنن اجاين سجاين ڳالهين جي سڌ پئجي ويئي ته اهو فقير انهيءَ ماڳ مڪان تان اتي ٻئي هنڌ هليو ويندو، پٺيان رڳو اهو نياپو ڇڏي ويندو ته: سيمينار وارؤ، مرجي اتي جتي مان هجي، آءٌ پاڻ کي سلامت نه ڏسي پنهنجو ماڳ بدلايان ٿو. کل ڀوڳ واريون سڀ ڳالهيون ڇڏي رڳو اسان هن ڳالهه تي سوچيون ته: اسان جي مشاهيرن مان وتايو به هڪ مشاهير آهي، انهيءَ جي صحيح سوانح حيات صحيح نقل اسان اڳيان اچڻ گهرجي. انهيءَ جي زندگي سان وابسته جاين جي فوٽو گرافي ڪرڻ گهرجي، ۽ هنن سيمينار کي سندس سالياني ميلي ۾ بدلائڻ گهرجي. وتائي فقير تي تحقيقاتي ڪم ڪندڙن لاءِ ايوارڊ ڏنان وڃن، وتائي فقير جون به ڪهاڻيون سال ۾ هڪ ڀيرو تصويرن سان سينگاري سنڌي ٻارڙن اڳيان پيش ڪرڻ گهرجن. ”وتايو ائڪيدمي“ قائم ڪرڻ گهرجي، جيڪا وتائي متعلق مڙيئي معلومات ڪٺي ڪري شايع ڪندي رهي، انهيءَ ۾ تعريف ۽ تنقيد کي خنده پيشاني سان قبول ڪرڻ گهرجي. تنقيد اها ڪسوٽي آهي، جيڪا ادب کي روڪڙو ادب بنائي ٿي. اگر وتائي سيمينار وارن انهيءَ ڳالهه ڏانهن توجهه ڏنو ته يقيناً سڀ ڪاڄ سوايا ٿيندا ۽ هي سيمينار مثبت عملي صحيح نتيجا ظاهر ڪندو. جي ائين نه ڪيو ويو ته به مڙئي خير آهي. اڻ هودن کان پوءِ اهڙا سيمينار نه رڳو وتائي فقير لاءِ، پر سنڌ جي هر پڌري خواه لڪيل مشاهير لاءِ ڪرڻ گهرجن، جيئن نئون نسل پنهنجي مشاهيرن ڏانهن توجهه ڏيئي سگهي ۽ پنهنجي قدامت تي انهيءَ کي فخر ٿي سگهي. ههڙي اونڌاهيءَ ۾ لاٽ هر هنڌ ٻرڻ گهرجي، انهيءَ ۾ ئي اسان جو جياپو آهي.

_________

 

ادا آءٌ مئو پيو آهيان

هڪڙي ڏينهن وتايو فقير گهران ڪاوڙجي نڪتو. چيائين ته بس آءٌ هاڻ مري ٿو وڃان. پوءِ اتان نڪري اچي مقام ۾ ويهي رهيو. اوچتو هڪ گاڏي اچي اتان لنگهي. اڳيان گپ هئي تنهن ڪري ان ۾ ڦاسي پئي. گاڏيءَ واري ويچاري گهڻئي حيلا ڪيا، پر گاڏي نڪري نه سگهي. هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين، ته وتائي فقير کي پريان مقام ۾ ويٺل ڏٺائين. سڏ ڪري چيائين ته: درويش مون کي گاڏي ڪڍائڻ ۾ ته اچي مدد ڪر. وتائي فقير چيس ته ”ادا، آءٌ مئو پيو آهيان. نه ته تنهنجي گاڏي سوير ئي نڪري وڃي ها!“        

   (وتايو فقير)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org