سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:درويش وتايو فقير

 باب--

صفحو :8

 

 

 

 

 

 

 

 

 

پهرين بيٺڪ جي پڄاڻيءَ تي سيمينار جي ڪنوينر محترم عبدالقادر منگيءَ آيل مهمانن اديبن، پريس ۽ صحافين ۽ پنهنجن ساٿين جو ٿورو مڃيو.

ٻي ۽ آخري نشست جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جي استاد ۽ معروف اديب محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب ڪئي ۽ خاص مهمان محترمه ڊاڪٽر قمر واحد صاحبه هئي، جنهن جو پڻ هن تعلقي ۽ وتائي جي ماڳ نصرپور سان تعلق آهي.

مقالا پڙهندرن ۽ تقرير ڪندڙن ۾ محترم محمد خان سميجو، محترم حافظ ارشد انڍهڙ، محترمه افروز صديقي صاحبه، قلندر لڪياري صاحب، محترم فقير محمد لاشاري، معمور يوسفاڻي صاحب، محمد اسماعيل شيخ صاحب، محمد سومار شيخ صاحب، محمد حسين ڪاشف، محمد پناهه ڦرڙو، اسد جمال پلي، احمد خان ڪيريو، نور محمد ڪنڀار، محمد ابراهيم ڀلائي شامل آهن.

ڊاڪٽر قمر واحد صاحبه پنهنجي تقرير ۾ چيو ته وتايو سچ ۽ سياڻپ جي علامت آهي. نصرپور شهر ۾ اڃان تائين سمجهداريءَ جي ڳالهه ڪندڙ کي وتائي سان تشبيہ ڏني ويندي آهي. مهمان خاص محترمه ڊاڪٽر قمر واحد کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي صدارتي تقرير ڪئي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي تقرير هلڪي ڦلڪي انداز ۾ ڪئي ۽ اميد ڏيکاري ته وتائي فقير تي ميلو لڳايو ويندو. سيمينار جي ادبي نشستن جي خاتمي تي ميزبان عبدالقادر منگي هڪ ڀيرو وري آيلن جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ڏيکاري ته ٽنڊي الهيار جا واسي هر سال ههڙا منڊل مچائيندا.

رات جو ثقافتي محفل متي جنهن جو خاص مهمان حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر صاحب جناب علي محمد شيخ صاحب هو. سيد علي نواز شاهه رضويءَ ڪميٽيءَ جي پاران استقبالي تقرير ڪئي ۽ سيمينار ڪميٽيءَ جي اغراض ۽ مقاصد تي روشني وجهندي چيو ته سيمينار ڪوٺائڻ جو مقصد وتائي فقير کي عام ماڻهن سان نئين ۽ بهتر نموني سان روشناس ڪرائڻ هو. ان کان علاوه فقير جي مزار تي چوڪنڊي جوڙائڻ، مزار ڏانهن ويندڙ رستو پڪو ڪرائڻ، وتائي فقير جي نالي ۾ لائبرري قائم ڪرڻ ۽ وتائي فقير تي تحقيقي ڪتاب ڇپائڻ لاءِ اپاءِ وٺڻ شامل آهن. علي محمد شيخ صاحب پنهنجي طرفان پوري پوري مدد جو يقين ڏياريو. منگي صاحب جي شڪر ادائي کان محفل موسيقي شروع ٿي جنهن ۾ ناميارن فنڪارن انور حسين وسطڙي، سليمان شاهه، انجم آرا، ٽينا حيدري، قمر سومري، موهن ڀڳت ۽ پارٽي، فقير عبدالغفور، حسين بخش خادم، عبدالواحد جمالي، پانڌي فقير، ڍول فقير، محمد قاسم اوٺي،  محمد عرس، قادر بخش مٺو ۽ غلام شبير شاهاڻي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.

وتايو فقير سيمينار جي موقعي تي خاص مهرباني ڪندي سنڌ جي وڏي وزير محترم سيد غوث علي شاهه صاحب جن سيمينار ڪميٽيءَ کي ’پيغام‘ موڪليندي همت افزائي ڪئي، جنهن لاءِ ڪميٽي سندن ٿورائتي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org