| 
                                هاڻي شيخ صاحب جي تقريرن بابت رايا پيش ڪريان ٿو:  
                                (1) الهه آباد يونٽي ڪانفرنس جا جلسا پندرنهن ڏينهن کان به وڌيڪ 
                                هلندا رهيا ۽ انهن ۾ ”سنڌ جي جدا ٿيڻ“ واري سوال 
                                سخت نازڪ صورت اختيار ڪئي. خاص طرح سان جڏهن ماهر 
                                اقتصاديات پروفيسر ڇٻلاڻيءَ ثابت ڪري ڏيکارڻ جي 
                                ڪوشش ڪئي ته سنڌ، بمبئيءَ کان الڳ ٿيڻ ڪري مالي 
                                مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿي ويندي، تڏهن مسلمان مايوس ٿي 
                                ويا، پر ٻئي طرف جڏهن شيخ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي 
                                تقرير ڪئي ته پروفيسر ڇٻلاڻيءَ جا سمورا دليل رد 
                                ٿي ويا ۽ جيڪي به هندو، مسلم حاضر هئا، تن شيخ 
                                صاحب جي ”سنڌ جي، بمبئيءَ کان عليحدگي“ جي حمايت ۾ 
                                ڏنل دليلن سان اتفاق ڪيو. انهيءَ تاريخي تقرير جي 
                                تعريف ڪندي، هندستان جي جليل القدر اڳواڻ مولانا 
                                شوڪت علي لکيو ته:  
                                ”شيخ صاحب الهه آباد ڪانفرنس ۾ واهه جو ڌاڪو ڄمايو، سندس سنڌ جي 
                                جدا ٿيڻ واري تقرير تي، کيس چئو طرف کان مبارڪباد 
                                ملي رهي هئي. ٻيو ته ڇڏيو پر مهاسڀائي، اڳواڻ 
                                ڊاڪٽر مونجي به سندس ثنا خوان ٿي ويو.“ 
                                هڪ دفعي جڏهن شيخ صاحب ”هندو مسلم ايڪتا“  تي پنهنجي تقرير ختم 
                                ڪئي ته موقعي جي صدر پنهنجي ڊائريءَ ۾ هي اکر 
                                لکيا، ”مون اهڙي تقرير ڪڏهن ڪا نه ٻڌي آهي“ - - - 
                                - - - (1)  
                                ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته شيخ صاحب ڪيڏي وڏي پايي جو مقرر 
                                هيو. 
                                جڏهن شملي ڪانفرنس ۾ شيخ صاحب کي تقرير ڪرڻ لاءِ چيو ويو، ان 
                                وقت ”مسلم نيشنلسٽ پارٽي“ جا ڪيترائي همدرد ۽ 
                                معاون حاضر هئا. ان کان علاوه ڏهه هزار ماڻهو جلسي 
                                ۾ موجود هئا. اهڙي ماحول ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جي 
                                پاليسي ظاهر ڪرڻ، گويا هڪ جرئت مندانه قدم کڻڻو 
                                هو. شيخ  صاحب تقرير ڪئي ۽ خلافت ڪاميٽيءَ جي 
                                پاليسيءَ جي وضاحت ڪئي. سڄو مجموعو  ٻه ڪلاڪ تقرير 
                                ٻڌندو رهيو. مولانا شوڪت علي تقرير کان متاثر ٿي 
                                چيو: ”آئون شيخ عبدالمجيد جي شملي واري تقرير ڪڏهن 
                                به وساري نٿو سگهان“ - - - - (2)  
                                  
                                BIBLIOGRAPHY 
                                  
                                1- Abdul Hakeem, Muslim Congress & league, 1938.  
                                2- Abdul Hamid, Muslim Sepration in 
                                
                                India, Oxford University Press Lahore, 1971.
                                 
                                3- Agha Khan H. H., the memorire of Agha Khan, Casad & Co: 
                                Quaid-i-Azam Jinnah, Feroz sons Ltd; 
                                
                                Lahore, 1967. 
                                4- Afzal M. Rafique, speeches & statements of 
                                
                                Quaid-i-Azam Punjab University, Lahore, 1966. 
                                5- Aziz K. K. Britain & Muslim 
                                
                                India Heleman London, 1963. 
                                6- Aziz K.K. The All 
                                
                                India Muslim Conference (1928-1935)  
                                7- Eastwick, E.B.A Glanceat Sindh, before Napier (Dry
                                
                                
                                learel from young 
                                Egypt) 
                                Oxford University 1973.  
                                8- M. Rafi Aziz speeches & statements of Quaid-i-Azam. 
                                 
                                9- M. R. White the Great Leader Quaid-i-Azam. 
                                10- Pandey, B.N. Break up of British, 
                                
                                India, Mecmillan, London 1969. 
                                11- Pirzada, Sharifuddin, Foundation of 
                                
                                Pakistan Volume-II National Publishing House
                                
                                Karachi, 
                                1970.  
                                12- Qureshi Ishtiaq Hussain, Ulmain Politics, Marf LtdL
                                
                                
                                Karachi 1972. 
                                13- Razi Wasti syed, Lord Minto & Nationalist Movement.
                                 
                                14- Ishtiaque Hussain Qureshi, the struggle for 
                                
                                Pakistan. 
                                15- Khan Mohammad Panhwar, Shaikh Abdul Majeed Sindhi, life & 
                                achievements 1984. 
                                16- Shafi Ali Khan, Two Nation Theory. 
                                17- Shaikh Abdul Razzak, Sukkur past & present, writer guild 
                                sub region Sukkur, 1962. 
                                18- S. M. Ikram Dr. Modern Muslim 
                                
                                India & Partition of Pakistan. |