سيڪشن؛ شخصيات

ٻري جن ٻاري

 باب- پهريون

صفحو :2

 

باب پهريون

شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي زندگيءَ جو احوال

خاندان ۽ ابتدائي زندگي:

شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو جنم 7 جولاءِ 1889ع بمطابق 8 ذوالقعد 1304 هه، آچر ڏينهن تي سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي ۾ ٿيو. سندس وڏا اصل سيوهڻ مان لڏي ٺٽي ۾ اچي ويٺا هئا. سندن نسب قانونگو عامل ڪٽنب نرياڻي پاڙي سان هئِن. سندن والد جو نالو ليلا رام هئو، جيڪو ان وقت روينيو کاتي ۾ ملازم هئو. سندس والده جو نالو ليلان هئو. سندن گهر ٺٽي شهر جي تندسر محلي ۾ هئو، جتي ليلارام ۽ سندس ٻه ڀائر ڪٽنب سميت رهندا هئا. شيخ عبدالمجيد جو اصل نالو ڄيٺانند هئو، پاڻ پنهنجي والدين جو چوٿون ٻار هئو. سندن وڏي ڀيڻ اڳيئي گذاري وئي هئي. ٻي وڏي ڀيڻ جو نالو ڪرشنا هئو، جڏهن ته وڏي ڀاءُ جو نالو گيانچند هئو، شيخ  صاحب کي ٺٽي جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ پهرئين ڪلاس ۾ داخل ڪيو ويو. ستت ئي ديوان ليلارام کي پنهنجي ننڍي ڀاءُ ديوان ٽلومل سان گڏ ڪراچي وڃڻو پيو، ڇاڪاڻ ته روينيو کاتي جي ملازمت مان رٽائر ڪرڻ کان پوءِ کيس ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ تپيداري ڏني ويئي. ڪراچيءَ ۾ سندن رهائش کاريدر جي علائقي ۾ هوندي هئي. ڪراچيءَ ۾ شيخ صاحب کي بولٽن مارڪيٽ جي هڪ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. ان عمارت ۾ اڄڪلهه انسپيڪٽوريٽ آف اسڪولز جي آفيس آهي. شيخ صاحب اسڪول ۾ پنهنجي ڪلاس ۾ تمام هوشيار، محنتي ۽ پابند شاگرد هئو. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ پليگ جي بيماري اچي منهن ڪڍيو، جنهن ڪري ڪيتررائي موت ٿيا. ان حالت ۾ ماڻهن ڪراچيءَ مان لڏڻ شروع ڪيو. شيخ عبدالمجيد جا ٻه سئوٽ پڻ وبا جو شڪار ٿي  گذاري ويا. هينئر سندس خاندان کارودر ڇڏي باٿ آئسلينڊ ۾ هڪ جڳهه ۾ منتقل ٿي ويو. ان وقت ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ ٺٽي جي عاملن جو وڏو اثر رسوخ هئو. انهن ڪراچيءَ ۾ پنهنجي جدا ڪالوني پڻ جوڙائي جيڪا اڄ به ”ٺٽائي ڪمپائونڊ“ جي نالي سان مشهور آهي. ديوان ليلا رام جيئن ته مذهبي ولوڙ رکندڙ هئو، ان ڪري ماڻهو کيس ساڌو ڪري ڪوٺيندا هئا. جڏهن پليگ جي وبا تمام  گهڻي پکڙجي ويئي ۽ ان  وبا شيخ صاحب جي خاندان کي به پنهنجو نشانو بڻايو تڏهن ديوان ليلارام پنهنجي ٻنهي فرزندن گيانچند ۽ جيٺانند (شيخ عبدالمجيد) کي پنهنجي ڀيڻيوي ديوان ايسرداس وٽ ميرپور ساڪري موڪلي ڇڏيو، جيڪو ان وقت  اتان جو مختيارڪار هئو. ديوان ايسرداس، ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي پهرئين پريزيڊنٽ ديوان ٺهلرام ايڊووڪيٽ جو ڀاءُ هئو.

 

تعليم:

ميرپور ساڪري ۾ ٻئي ڀائر ڪجهه عرصي تائين تعليم حاصل ڪندا رهيا. جتان وري کين ٺٽي ۾ اچڻو پيو ۽ اسڪول ۾ داخلا وٺڻي پئي. ديوان ليلا رام 1905ع ۾ وفات ڪري ويو، جنهن ڪري سندس ڪٽنب جي پالنا جو بار سندس ڀائرن ۽ ڀيڻيوي جي ڪلهن تي پيو. 1905ع ۾ شيخ صاحب جي وڏي ڀاءُ کي ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ نوڪري ملي ويئي، جنهن ڪري شيخ صاحب کي پڻ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪراچي وڃڻو پيو، جتي کيس اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ ڇهين جماعت ۾ داخل ڪرايو ويو. اين جي وي اسڪول جي عمارت ان وقت موجوده ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي عمارت ۾ هوندي هئي، جتان ڪافي پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي عمارت واقع  بندر روڊ تي منتقل ڪيو ويو. (1)

 

مذهب لاءِ اُنس:

شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي طبيعت جو لاڙو ننڍپڻ کان وٺي حق جي ڳولا طرف رهندو هو. هميشه پنڊتن ۽ بزرگن جي مجلسن ۽ صحبتن جو خواهشمند هوندو هو. هيٺيان ٽي واقعا سندن زباني ٻڌل، مٿين حقيقت جي ثبوت ۾ پيش ڪجن ٿا:

1. ننڍي هوندي جڏهن اسڪول ويندو هو ته بي تهاشا، مسڪين شاهه عليه الرحمت جي مقبري جي ڀر ۾، بنا سمجهه ۽ ويچار جي بيهي، ان طرف ڏسي پوءِ اڳتي وڌي ويندو هو.

2. هڪ دفعي هندن جي ٻن فرقن، سناتن ڌرم ۽ آريا سماج جي وچ ۾ مذهبي بحث مباحثي لاءِ سميلن ڪٺو ٿيو، جنهن ۾ هيءُ به ٻڌڻ ويو. اتي ڏٺائين ته ٻيئي طرف هڪٻئي تي سخت نڪته چيني ڪري رهيا هئا، جا ڳالهه هن کي پسند نه آئي ۽ غمگين ٿي گهر پهتو، سندس  وڏي ڀيڻ هن کان ان جو سبب پڇيو. پاڻ حقيقت ٻڌائي چيائين ته مذهبي ڳالهين ۾ هڪٻئي کان جدا راءِ رکڻ تي حملا ڪرڻ نيڪ ڪم نه آهي. ڏسو مسلمان جدا مذهب رکن ٿا، وءِ انهن کي برو ڀلو چئبو ڇا؟ سندس ڀيڻ جواب ڏنس: ادا ٺيڪ ٿو چوين، هر مذهب ۾ پنهنجيون خوبيون آهن. مسلمانن ۾ به ڪي عمديون ڳالهيون آهن. ڀيڻ جي اها ڳالهه کيس ڏاڍي وڻي ۽ پڙهڻ لڳو. هندو ڇوڪرا  قرآن ڏسي مٿائنس کلون ڪرڻ لڳا ته تون مسلمان آهين جو اهو ڪتاب رکيو اٿئي. سندن اهڙي بيجا روِش تي سندس دل ۾ سخت ردعمل پيدا ٿيو.

 

مسلمان ٿيڻ:

شيخ عبدالمجيد سنڌي ننڍپڻ کان وٺي ئي حق ۽ سچ جو ڳولائو هو.سندس گهراڻو حالانڪ مذهبي قسم جو هئو،پر تنهن هوندي به ٻارن کي ڪا باقاعده مذهبي تعليم نه ڏني ويندي هئي. سندس خاندان اصل سناتن ڌرم جو پوئلڳ ليکيو ويندو هو، پر عملي طور سڀئي آريه سماج جا پوئلڳ هئا.  بهرحال مذهبي تعليم نه هئڻ جي باوجود به شيخ صاحب پنهنجن هڪ جيڏن سان گڏجي مندرن ۾ ويندو هئو ۽ اتي پوڄا پاٺ ڪندو هئو. سندس طبيعت ۾ اسلام ڏانهن لاڙو اسڪول جي زماني کان ئي ٿيو. اسڪول ايندي هڪ مسلمان بزرگ مسڪين شاهه جي درگاهه وٽ بيهي رهندو هئو. هڪ ڏينهن پنهنجي هڪ ساٿي نهچلداس (جيڪو اڳتي هلي سنڌ وزارت ۾ شامل ٿيو) سان گڏ اچي رهيو هو ته  واٽ تي هڪ شخص کي نماز پڙهندي ڏٺائين، نماز دوران ان شخص جي اٿڻ، گوڏن تي هٿ رکڻ، سجدو ڪرڻ ۽ سلام ورائڻ جي طريقي شيخ صاحب کي متاثر ڪيو. ان وقت ٺٽو شهر بزرگن ۽ پيرن جو مرڪز هئو. اڄ به چيو وڃي ٿو ته ٺٽي ۾ سوا لک پيرن ۽ ولين جون درگاهون آهن. انهن ڏينهنِ ٺٽي ۾ هڪ هندو فقير پڻ رهندو هئو، جنهن لاءِ چيو ويندو هئو ته هو مسلمانن جي هوٽلن تي ماني کائيندو هو، کيس شهر جا ڇوڪرا مجن سڏيندا هئا. هڪ ڏينهن شيخ صاحب پنهنجي سنگتي نهچلداس سان گڏ اچي رهيو هئو ته واٽ تي اهو مجذوب لنگهندي نظر آيو، شيخ صاحب کيس سڏ ڪري کيسي مان هڪ پائي ڏيندي چيو ته، ”ڇا منهنجي لاءِ دعا نه گهرندين؟“ فقير کيس ورندي ڏني ته هو ائين ڪندو. شايد  اها دعا ئي هئي، جنهن شيخ صاحب کي اسلام طرف آندو. تن ڏيهاڙين اسڪولن ۾ فارسي زبان پڻ پڙهائي ويندي هئي. شيخ صاحب جڏهن چوٿين جماعت ۾ پهتو ته کيس صدِ حڪايت ۽ ڪريما پڙهڻ جو موقعو مليو. سندن فارسيءَ جو استاد ديوان نرملداس هئو، جيڪو عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو پڻ هو. کيس  اسلام ۽ ٻين مذهبن بابت ڪافي ڄاڻ هئي ۽ ماڻهو کيس  صوفي سڏيندا هئا. ڪريما پڙهائيندي ديوان نرملداس شاگردن کي اسلام ۽ رسول ڪريم جن بابت ٻڌائيندو هئو، جنهن کان پاڻ شيخ  صاحب ڪافي متاثر ٿيو. - - - -  (1)

سنڌ ۾ هزارين ورهين کان مذهبي رواداريءَ جو سبق ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن، هندو يوگين ۽ مسلمان صوفين جي ذريعي عام دلين تي ويهاريل هئو. ليڪن هن زماني ۾ سياسي اثر هيٺ آريا سماجي هڪ طرف هندو مذهب کي زور وٺائڻ لاءِ ڀرپور  پرچار ڪرڻ لڳا هئا. ته ڪن مسلمان عالمن وري انهن جي رد ۾ تبليغ شروع ڪري ڏني هئي. جيئن ته هيءُ هندو گهر ۾ پيدا ٿيو هو، تنهنڪري سندس دل ۾ اتي جي ماحول خلاف ردعمل پيدا ٿيڻ لڳو“ - - - - (2)

اهو سال 1908ع هو، جڏهن ديوان گيانچند کي لڪي لڪي نماز پڙهندو ڏسي شيخ صاحب جي ساڻس اسلام جي موضوع تي پهرين گفتگو ٿي. ديوان گيانچند کيس آڪٽراءِ انسپيڪٽر تاج محمد سان ملايو، جيڪو اسلام جو زبردست مبلغ هئو. ميان تاج محمد، شيخ صاحب کي پهرين عملي طور اسلام جي خوبين کان روشناس ڪرايو، جنهن هن جو قلب روشن ڪري وڌو ۽ پاڻ صدق دل سان ڪلمه طيب پڙهي مسلمان ٿيو. مگر جيئن ته هندن جو ان زماني ۾ زور عروج تي هئو، تنهنڪري شيخ صاحب جي اسلام کي قبول ڪرڻ واري عمل کي صيغه راز ۾ ئي رکيو ويو. هيءُ اهو ساڳيو وقت هئو، جڏهن حيدرآباد ۾ شيخ عبدالرحيم سنڌي نه  فقط پاڻ دائري اسلام ۾ اچي چڪو هئو، مگر ڪئين ٻين تعليم يافته هندن پڻ سندن هٿ تي اسلام آندو هو. انهن ۾ هڪ ڊاڪٽر شيخ محمد يعقوب به هئو، جيڪو ان وقت ڪراچي سول اسپتال ۾  ڊاڪٽر هئو.

چند ڏينهن گذرڻ بعد شيخ عبدالمجيد جي ڪٽنب وارن کي مٿس شڪ ٿيڻ لڳو. ڇاڪاڻ جو هنن سندس عادتن ۾ فرق محسوس ڪيو. هن صورتحال جي ڪري اهو محسوس ڪيو ويو ته کيس مائٽاڻي ماحول مان ڪڍي حيدرآباد ۾ شيخ عبدالرحيم وٽ پهچايو وڃي. هيڏانهن حيدرآباد ۾ اها حالت هئي جو شيخ عبدالرحيم تي هندن طرفان اڳ ۾ ئي ٽي ڪيس هلي رهيا  هئا، جنهن ۾ مٿس عامل ڇوڪرن جي اغوا جو الزام لڳايو ويو هو. اهي نوجوان هئا، شيخ عبدالسلام، شيخ عبدالقدوس ۽ شيخ  عبدالله، شيخ عبدالرحيم کي ايڏو ته پريشان ڪيو ويو هو، جنهن جو ڪو حساب ئي ڪونهي. شيخ عبدالمجيد کي رات جي اونداهيءَ ۾ ٺوڙهي چاڙهي قريب قاضي امام علي چاڙهيءَ واري مسجد جي پيش امام خليل احمد وٽ پهچايو ويو، جنهن کيس مسجد جي هجري ۾ پناهه ڏني. مگر آسپاس هندن جا گهر هئڻ سبب هجري ۾ ڏيو  ٻارڻ به مصلحت جي خلاف هو.

هندن ان وچ ۾ شيخ صاحب جي تلاش ۾ ڪراچي، حيدرآباد جي ڪنڊ ڪڙڇ جي خاڪ ڇاڻي وڌي، جيڪي به انهن ٻنهي شهرن ۾ مسجدون ۽ مدرسا هئا، اتي اڪثر سندن جاسوس چڪر ڪاٽيندا وتندا هئا. آخر وري به رات جي خاموشي ۽ اونداهيءَ جو فائدو وٺي کيس ٺوڙهي چاڙهيءَ کان جامع مسجد صدر حيدرآباد ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جيڪا جاءِ وري به سلامتيءَ واري سمجهي ويئي. اتي ڪجهه ڏينهن جي قيام بعد هڪ رات جو کين مرحوم شيخ عبدالعزيز ”الحق“ اخبار واري اچي اطلاع ڏنو ته صلاح اها ٿي آهي ته شيخ  صاحب کي لاهور پهچائجي، ڇالاءِ جو هندن طرفان کين ڳولڻ جون ڪوششون تيز ٿي چڪيون هيون ۽ هنن پوليس ۾ به  رپورٽ درج ڪرائي هئي، جيڪا هندن جي پوري مدد ڪري رهي هئي. لاهور ۾ شيخ عبدالعزيز کي شيخ عبدالرحيم تي ٿيل ڪيسن جي سلسلي ۾ ڪو وڪيل به ڪرڻو هئو، جو حيدرآباد ۾ هندن جي زور ۽ اثر سببان ڪو به وڪيل سندس مدافعت جي جرئت نه ڪري رهيو هو. لاهور جو نامور وڪيل شهاب الدين جيڪو پوءِ سپريم ڪورٽ جو جج به بنيو، تنهن شيخ صاحب جو وڪيل ٿيڻ قبول ڪيو. شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب کي وري لاهور کان لُڌيانه ۾ شيخ احمد نالي هڪ سنڌي تاجر وٽ آندو ويو، جنهن کيس  مسجد جي هُجري ۾ رهائڻ جو اهتمام ڪيو، مگر هتي شيخ صاحب جي طبيعت ناساز ٿي پيئي ۽ ساندهه سفر، اونداهن هجرن ۾ رهائش ۽ خوراڪ جي ڪميءَ کين لاغر بڻائي ڇڏيو. آخر پاڻ ٿرڊ ڪلاس ريل جي دٻي ۾ سوار ٿي واپس ڪراچي پهتا ۽ جهونا مارڪيٽ ۾ مشهور غلام محمد پشوري جي هوٽل جي هڪ ڪنڊ ۾ بستر وجهي رهڻ لڳا. ان وچ ۾ صلاح بيٺي ته سندس عمر جو سرٽيفڪيٽ ڪڍائجي، ڇالاءِ جو ڪيس سندس عزيزن داخل ڪرايو هئو، تنهن ۾ کيس صغير ڄاڻايو ويو هو.

سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ کين ڪراچي سول اسپتال وڃڻو پيو ۽ جيئن ئي ڊاڪٽري تپاس ڪرائڻ بعد پاڻ اسپتال کان ٻاهر اچي رهيا  هئا ته سامهون ”ٺٽئي ڪمپائونڊ“ مان نڪرندي سندن چاچي ٽلومل جي مٿن  نظر پئجي ويئي، تنهن ڊوڙي اچي کيس ڀاڪر ۾ قابو ڪيو، پوڙهي ماءُ جيڪا پٽ جي وڇوڙي سبب پريشان هئي، ان جي محبت ۽ شفقت جا واسطا وڌائينس ته واپس گهر هلي، مگر شيخ صاحب جيڪو اسلامي جذبي سان سرشار ٿي چڪو هئو، سو ڪٿي ٿو دنيا جي لاڳاپن کي دين تي ترجيح ڏئي سگهي. چاچي جي گرفت مان زبردستي جند ڇڏائي شيخ صاحب ڊوڙندو اچي جهونا مارڪيٽ پهتو، جتان وري کيس  کڏي ۾ حضرت مولانا عبدالله ۽ سندن فرزند حضرت مولانا محمد صادق جن جي سنڀال هيٺ ڏنو ويو. کڏو هميشه مسلمانن جو اڏو پئي رهيو آهي. تسلي اها هئي ته هن محله ۾ ڪم از ڪم هندن کي اچڻ جي جرئت نه ٿيندي. ان وچ ۾ مولانا موصوف جي ايمان تي 8 فيبروري 1908ع تي شيخ صاحب کي سنت وهاري باقاعده مسلمان ڪيو ويو. سندس صبر جي آزمائش لاءِ اتفاق اهڙو  بنيو جو سندن حالت ضعيف ٿي رهي هئي ته ٻئي طرف سٽي ڊپٽي ڪليڪٽر جي وارنٽ سان هڪ گورو ايس- پي اٽڪل ڏيڍ سئو پوليس وارن جي لشڪر سان سڄي کڏي کي گهيرو وجهي رهيو هو. غرض ته شيخ صاحب کي لڪايو ويو هو. اتي کين پوليس جي پهري سبب ڪا به طبي امداد پهچي نٿي سگهي ۽ سندن حالت هر گهڙي وڌيڪ ڪمزور ٿيندي وئي. ٻي ڪا واهه نه ڏسي شيخ صاحب جن بارگاهه ايزديءَ مان دعا گهري، ته پروردگار جيڪڏهن منهنجي زندگي اهل اسلام جي خدمت لاءِ ڪارگر بڻجڻي هجي ته مون کي صحت بخش، نه ته مون کي ترت موت ڏئي هن عذاب کان نجات ڏي. ”الله جو شانَ! هيڏانهن شيخ صاحب دعا گهري ۽ هوڏانهن رت پاڻيهي بند ٿي ويو. هيءَ اهڙي پرتا هئي، جنهن مان اهو اشارو ٿي مليو ته قدرت هن مرد قلندر کي اسلام ۽ مسلمانن جي خدمت لاءِ منتخب ڪيو هو. صحتياب ٿيڻ شرط کين اٺ تي سوار ڪري سمنڊ جي ڪناري تان پوليس گهيري کان ٻاهر آڻي ڪياماڙيءَ کان ڦيرائي اچي اسٽيشن تي ٽرين ۾ سوار ڪيو ويو، جتان کين لاڙڪاڻي پهچايو ويو. هتي ضلعي مئجسٽريٽ وٽ سندن بيان ڏياري عمر جو سرٽيفڪيٽ ريڪارڊ تي رکايو ويو. ان دوران مرحوم رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي ولايت مان بئريسٽري پاس ڪري حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪري ڏني هئي. شيخ صاحب کي رئيس موصوف جي طلب ڪرڻ تي حيدرآباد پهچايو ويو، جتان رئيس سٽي ڊبليو ٽي ڪليڪٽر ڪراچيءَ کي هڪ خط ذريعي اطلاع ڏنو ته شيخ صاحب سندس تحويل ۾ هو ۽ ڪيس جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي، جيئن کيس عدالت ۾ پيش ڪجي. مقرر تاريخ تي جڏهن شيخ صاحب کي ڪورٽ ۾ آندو ويو، تڏهن هزارها هندو ۽ مسلمان ڪورٽ جي ٻاهران جمع ٿي ويا ۽ امن و امان جي مسئلي سبب پوليس جي به وڏي جميعت ڪورٽ ۾ موجود رکي ويئي هئي، ٻنهي طرفان زبردست دليل بازي هلي ۽ باوجود عمر جي سرٽيفڪيٽ جي ڪورٽ شيخ صاحب کي مقدمي جي دوران مائٽن جي تحويل ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. بازي هٿن مان ويندي ڏسي رئيس ڀرڳڙي انتهائي جرئت کان ڪم وٺندي ڪورٽ کي  چئلينج ڪيو ته هو هڪ بئريسٽر جي حيثيت ۾ پنهنجي موڪل جي تحويل جي پوري ذميواري پاڻ تي هموار ڪرڻ لاءِ تيار هو، پوءِ ڪورٽ ڪهڙي قانون هيٺ ڇوڪري جي مرضيءَ جي خلاف کيس زبردستي مائٽن جي حوالي ٿي ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org