سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :30

[28]

 

بچائي ورتو! پرديوت ڊاڪٽر نيٺ بچائي ورتس. بردبار، گنڀير، همٿ وارو، پنهنجي وگيان ۾ وشواسي نڏر جوان ڊاڪٽر!

ٻه وڄي رهيا هئا. کائي پي مهاشيه مٿي واري ڪمري ۾ ليٽيو مس هو ته اهيندر آيو: ”چاچا! چاچا!“

”ڪير؟ اهيندر؟“ آواز مان ئي سهي ڪري ورتائين. يعني ته طوفان آيو. ليٽندي ليٽندي ئي هن اڀو ساهه کنيو. ’پرديوت ڪجهه ڪين ڪري سگهيو؟ نئين دوا! هيتري قيمت ان جي! ان مان به ڪجهه ڪين ٿوي؟‘

”هڪوار هلو ڪاڪا!“

”ڇا ٿيو؟“

”ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي. تپ زور سان آيو اٿس. سوڄ ايتريقدر وڌي ويئي اٿس جو ڏسي ڊپ وٺي وڃي ٿو، ڳالهائي به نٿو- بيهوش پيو آهي، ذرا توهان هلي ڏسو.“

”هيءُ هلي ڇا ڪندو پٽ؟ ڊگري يافته ڊاڪٽر نه آهي، اڄڪلهه جو علاج به نٿو ڄاڻي. گامٽوڊاڪٽر آهي. وري هيءُ هلي ۽ مٿان تنهنجو ڊاڪٽر اچي اهو چئي، ته مان هاڻ نه ڏسندس؟“ پاٻوهه وچان پر تيز آواز سان مٿيان اکر چوندي عطر ٻاهر نڪتي. ”وري ان جي مٿان تنهنجو ناٺي جو آهي، هو آهي پڙهيل- لکيل نئين فيشن جو آدمي.“

”چپ رهه عطر. ڇي. هل اهيندر، ما هلان ٿو.“

”چپ رهان؟ ڇي!“ پتيءَ جي منهن ڏانهن هوءَ اچرج وچان تڪيندي رهي.

”هائو، چپ رهندينءَ، ٻيو ڇا!“ چوندو مهاشيه هليو ويو. هن وقت عطر جي ڳالهه تي ڪن ڏيڻ سان ڪم ڪونه هلي سگهندو.

خاموش اٻهرائيءَ وچان ڪمور ڄڻڪ اونداهي رات وانگر ڳورو ٿي پيو آهي. روڳ جي ڀينڪر حملي سان ڪڪو بيهوش پيو آهي: اکيون ٻوٽيل اٿس، هٿ پير ڍلا ٿي ويا اٿس. بخار جي تيزيءَ سان ساهه کڄندي پڃرو ۽ پيٽ هيٺ مٿي ٿي رهيو آهي- ڄڻڪ سهڪي رهيو هجي. ساهه سان گڏ رکي رکي هيانءُ ڦاٽل آواز نڪري ٿو اچي. منهنجي سوڄ کي ڏسي مهاشيه ڇرڪي ويو. هيڏانهن سوڄ ڇاتيءَ جي مٿان هلي آئي آهي ۽ هوڏانهن ٻنهي ڪنن جي پاپڙين کي پار ڪري ڳچيءَ تائين وڌي ويئي آهي. چمڙي جي هيٺان رت ڇانئجي ويو اٿس.

گهر جي ڀاتين جي وات وائي ڪانهي، آنڌ مانڌ ۽ ڀو وچان ٻولتي بند ٿي ويئي اٿس. يڪ ٽڪ ڊنل نگاهن سان تڪي رهيا آهن. گهري رات جي تارن جيئان جاڳي رهيا آهن. گرهه- اُپ گرهه سڀ بيوس آهن، هو ڏسي رهيا آهن ته هڪ نئون پيدا ٿيل گرهه عجيب ڪارڻ سان اجهامي رهيو آهي.

مهاشيه بستري جي ڀرسان وڃي بيٺو. خبرداريءَ سان ويهي هن هٿ کڻي ڏٺو. اهيندر چيو: ”چار تپ ڊگريون آهي. اوهان کي سڏائڻ کان اڳ مان ڏسي آيو هوس. پرديوت جو دوست ڊاڪٽر اروڻ جڏهن رت کڻي ويو تڏهن ٽي ڊگريون هو. ٽن کان ڪجهه گهٽ ئي هو. اٽڪل ڏيڍ وڳي بيهوش ٿي ويو: سڏ ڪريون ته آواز ئي ڪونهي، رڳو تڪيندو رهي؛ تپ ڏٺوسين، هڪ سو ٽي ڊگري پائنٽ ٻه. ٻي بجي اٽڪل چار ڊگريون ٿي ويو، ٻه پائنٽ گهٽ. وري هڪ سو چار ڏسي اوهان وٽ آيس.“

مهاشيه هن جو هٿ لاهي بستري تي رکيو. ”ڊاڪٽر وٽ ڪنهن کي اماڻيو اٿو؟“

”مهمان خود ڊوڙي ويو آهي.“

”هن کي اچڻ ڏيو. دوا هوئي ڏيندو.“

”اوهان ڪوئي مشٽي يوگ....“

”جيسين منهنجو مشٽي يوگ ڪم ڪندو، تيسين بيماري هٿ مان ٻاهر نڪري ويندي. بيماري رت ۾ آهي. رت ۾ سئي ڪم ڪندي: هن کي ڀلي اچڻ ڏيو.“

”دادا! منهنجو ڪڪو...؟“ اتسيءَ ٻاڏائيندي چيو.

”دل نه لاهه ڌيءَ. ڊاڪٽر کي اچڻ ڏي. دوا ڏيندو. هينئر طوفان آيو ڪي آيو، ونجهه وسيلو ڄاڻي زور سان جهلي رک- ڊپ ڇا جو آهي؟ نردوس ٻالڪ، دوا پوندي ئي فائدو ٿيندو.“ ٻاهر اچي هن اهيندر کي چيو: ”تپ پاڻ وڌي ويو اٿس اهيندر، چئن کان به وڌيڪ. اڃا به وڌندو.“

”وڌندو؟“

”وڌي رهيو آهي. اچي ويو ڊاڪٽر بابوُ!“

پرديوت کي وٺي هن جو ناٺي اچي پهتو. اهيندر چيو: ”تپ پاڻ وڌي ويو اٿس. ڪاڪا جن ناڙي ڏٺي آهي.“

ڪجهه ڪڇيائين ڪونه، ڊاڪٽر اندر هليو ويو. ائين لڳو ته هو مهاشيه جي ناڙي ڏسڻ سان ناراض ٿيو آهي.

مهاشيه خفي ڪونه ٿيو. اندر به ڪونه ويو. بيٺو رهيو. هتي بيمار آهي هڪ ابهم ٻالڪ! حياتيءَ جي ڪنهن غلطيءَ وچان موت کي نوتو ڏنل ڪونهي. اهوئي موت بي وقتي موت آهي: ري کٽيءَ مرتيو، ڪمهلو موت. اهڙا موت هن گهڻائي ڏٺا آهن. پر اتي هر هڪ پکش جي حساب سان لڙائي ڪئي آهي. اڄوڪي لڙائي روڳ سان نه، مرتيو سان آهي. مرتيو مريض جي بنهه ويجهو اچي بهي رهيو آهي، سيرانڌيءَ کان ڀرسان يا پيراندي کان. شايد ماڻس جي پٺيان بيٺو آهي. انڌو، گونگو ناسي وارن وارو موت!

”ڊاڪٽر بابوُ!“ مهاشيه پڪاريو.

”چو.“

”ڇا ٿا ڀانيو؟ مان هن ٻالڪ کي ڏاڍو ڀائيندو آهيان ڊاڪٽر بابو!“

”اوهان پاڻ ته ڏٺوآهي“ پرديوت کليو: اوهان جيڪي ڏٺو آهي، ٺيڪ ئي ڏٺو آهي. بخار وڌي ويو آهي اٽڪل ساڍا چار ڊگريون!“

”ڇا ٿا سمجهو؟“

ذرا چپ رهي پرديوت وراڻيو: ”چارو بابوءَ کي ڪوٺايو اٿم. هن سان ذرا صلاح ڪندس. مون کي ڪجهه مونجهه ٿي رهي آهي. اسٽريپٽو ڪاڪس ۾ عام طور اهڙي سوڄ نٿي ٿئي. تپ ايترو آهي. سوچيان ٿو، ممس نه ته آهي.“

”ممس ڪونهي ڊاڪٽر صاحب. اهو مان اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان. رت زهريلو ٿي ويو آهي. دير نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي ڪرڻو آهي، ترت ڪريو.“ جيون مهاشيه چيو.

”پوءِ اوهان ڇا ٿا ڪرڻ چاهيو؟ سيلولائيٽس؟ اِرسپلاس؟ ڪونه بچندو، اوهان چئي رهيا آهيو؟“

”منهنجي اڳڪٿي جي بدنامي ٿيل آهي،“ هو کليو: ”پر نه. اها ڳالهه ڪانه چئي رهيو آهيان. نبض مان اهڙو احساس نٿو ٿئي. بيماري ڪڏهن ڪڏهن موت کي به ساڻ وٺي ايندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هوءَ وڌي موت کي ئي آڻيندي آهي! اوهان پنهنجي دوا ڏيو. وزن کڻي ٻيڻو ڪريو. بيماري هوُ – هوُ ڪري وڌي رهي آهي.“

”پينسلين ڏيانس؟ اڌ ڪلاڪ ٿي چڪو آهي.“ فڪرمند ٿي ڊاڪٽر پرديوت ڪمري ۾ هليو ويو. وري ٻاهر آيو. پنهنجي سائيڪل کڻي هليو ويو. ”اجهو آيس.“ چوندو ويو: ”پينسلين کڻي اچان ٿو. پنج لک گهرجي. اڍائي لک مون وٽ آهي.“

وسميءَ ۽ پيار ڀري نطر سان مهاشيه پرديوت ڏانهن تڪيندو رهيو.

چارو بابوءَ جي اچڻ کان اڳي ئي پرديوت پنج لک پينسلين ڏيئي نڪري ويو. پيئڻ جي دوا تيار ڪرڻ لڳو. بيمار ڏانهن تڪيندو سناٽي ۾ ويٺو رهيو.

چارو بابو آيو. تپ هڪ سو چار پائنٽ-ڇهه ٿي ويو. چي، ”اوهان – ممس چئي رهيا آهيو؟“

”نه، سئلولائيٽس يا...“

اکيون چمڪائي چارو بابو چيو: ”سمجهي ويس. مهاشيه ڏٺو آهي؟“

”ڏٺو آهي. مون پنج لک پينسلين ڏني آهي.“

”ڏني اٿو؟ اهائي ڏيوس. جيڪي ٿيڻو هوندو، انهيءَ مان ٿيندو مهاشيه ڪٿي آهي؟“

مهاشيه وڃي بستري جي ڀرسان بيٺو هو. اوچتو ويهي رهيو. وري نبض جهليائين. دير تائين ڏسندو رهيو. طوفان بند ٿيڻ کان ٿورو اڳي برساتي- ڪوهيڙي ۾ جيئن روشنيءَ جي جهلڪ ڏسبي آهي، تيئن ئي ڀاسيس. طوفان جي وڌڻ ۾ روڪ پئجي ويئي. موت هٽڻ لڳو. رفته – رفته پٺتي کسڪڻ لڳو، رات جو ٽين- چئين وڳي هڪوار وري ايندو.

مهاشيه ٻاهر آيو. چارو بابو وڃي چڪو هو. پرديوت پنهنجي بئگ سڀنالي رهيو هو. مهاشيه چيو: ”تپ ضابطي ۾ اچي ويو. هاڻ لهندو.“

”لهندو؟“

”هائو. نبض جاچي آيس.“

”ٿرماميٽر وجهي ڏٺوَ؟“

”نه، اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ ڏسجو. هينئر ٿرماميٽر جهلي نه سگهندو.“

تپ گهٽجي ويو. پنجين وڳي هڪ سو ٽي پائنٽ ڇهه ٿيو. بيمار اکيون کوليون. ڳالهايائين. مائٽن جون اکيون ڀنيون: نگاهن ۾ اکرن جي واڄ جهلڪي.

جيون مهاشيه سوڄ جي حد ڏسندو رهيو. ”مرض جو زهر ٽمٽار ڪڪر جيئان ڄميل آهي. تپ جو جوش تيسين گهٽجي ويو آهي. مرتيو اڃا تائين ڪمري جي اندر آهي. شايد هن ڪنڊ ۾ بيٺل آهي. ٻار کي ڏسي رهيو هو، مرتيو جي باري ۾ انڀو ڪونه ٿيس، ڊپ به نه ڪرڻو اهي. سجاڳي موٽي رهي آهي، ڳالهائي رهيو آهي، کلي رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سجاڳي لهڻ سان ساڻو ٿي پيو رهندو. ”مون کي بچايو،“ ائين چئي هو رڙيون ڪين ڪندو، ٻاڏائيندو روئندو ڪونه. آخري گهڙيءَ ۾ هو سن ٿي ويندو: شانت ساگر ۾ سمائجي اڏول ٿي ويندو.“

ڀريل گلي جي آواز تي مهاشيه سرجيت ٿيو: ”مهاشيه آهي؟ مهاشيه!“ نهايت ڀريل آواز پر ٿڪل ماندو. ”او! راڻا پاٺڪ؟ ڀايان ٿو، هن کي سلهه ٿي پيئي آهي. ڀانيان ڇاٿو، اهائي بيماري پڪ اٿس. تنهن ڏينهن کيس موٽائي ڇڏيم. اڄ وري هيتري رات گذر ٿي؟“ مهاشيه ٻاهر نڪتو. ”هوئي آهي.“

”ڇو ادا؟ هيتري رات مهل؟“

”هاڻ مون هارايو مهاشيه جي! ڪيترن هنڌن جي ڌوڙ ڇاڻيم. اوهان پاروليا جي ڪويراج وٽ وڃڻ لاءِ چيو هو. اوڏانهن به ويو هوس. پر چاڙهو ڪونه ٿيو. ڪٿي پئسا، ته ڪٿي ڪجهه. من ڪونه ڀريو- نيٺ وري اوهان جو ئي در ڀيٽيم.“

آروگيه – نڪيتن جي اندر بتي ٻري رهي آهي. ستاب ويٺو هو. شطرنج وڇائي اڪيلو ئي ٻنهي طرفان چال هلي رهيو هو. ڪمري ۾ راڻا هڪ پراڻي ڪرسيءَ تي ويهڻ واور هو ته ڪرسيءَ جو هڪ هٿ ندارد ڏسي چيائين: ”ڀڄي ته ڪانه پوندي؟ سلهه جو مريض هوندي نيٺ به ته آئون راڻا پاٺڪ آهيان! اڍائي مڻ وزن اٿم!“ هو کلڻ لڳو.

”ڳل تي هٿ رکي راڻا چيو: ”آئون راڻا پاٺڪ آهيان. آئون ڪڏهن پاڻ کي راڪاس سمجهندو هوس! ڇاتي ڪٽي نڙي ڦاڙي چوندو رهيو آهيان، اسي ورهين جي جهوني تاڙ جي درخت وانگر تڻجي بيهندس، هاٿيءَ وانگر، گينڊي وانگر هلندس. ڏهه ويهه ڪوهه هلندس. ليڪن....“ چپن تي ڦڪي مشڪ نمودار ٿي؛ ڪنڌ ڌوڻي اڀوساه کڻي چيائين: ”پراڻي تاڙ جي وڻ ۾ به اُڏوهي لڳندي اهي. سڙي ويندو آهي.“

مهاشيه دلاسو ڏنو: ”علاج ڪرائي ڀاءُ، نيم سنجم سان رهه. ٺيڪ ٿي پوندين. ڊپ ڇاجو؟“

”ڊپ؟“ نستائيءَ واري مشڪ جي هلڪي ريکا ته هن جي چپن تي نمودار ئي هئي، ان مرڪ جي شڪل کن ۾ بدلجي ويئي. اها کل معمولي ماڻهو نٿا کلي سگهن. راڻا جهڙا ماڻهو ئي مشڪي سگهن ٿا. ڳچ ڏينهن اڳي هڪ رڇ وارو مداري آيو هو: تمام وڏو رڇ وٺي آيو هو. هو ان رڇ سان ڪشتي لڙيو هو. ان وقت راڻا ويهن ورهين جو جوان هو. هن چيو هو: ”رڇ ڪاڪي سان آئون لڙندس. مرندس، چڪ هڻي کائيندو، رتورت ڪري ڇڏيندو ته تون ذميوار نه ٿيندين. ۽ هن ڌوتيءَ کي لنگوٽ وانگر ٻڌي ساڳي مشڪ مشڪندي چيو هو: ’اچ ٻچا رڇ، هليو آءُ جهنگلي جوان!‘ هن ڏندن ۽ ننهن واري هن خونخوار حيوان کي دسي وڌو ۽ پاڻ به زخمي ٿيو هو، پر اها مرڪ سندس غائب نه ٿي هئي.“

”ڊپ؟“ راڻا چيو: ”نه نه ڊپ چا جو مهاشيه جي!“

ٻاهر سائيڪل جي گهنٽي وڄڻ لڳي. ”ڪير؟ مهاشيه عجب ۾ پيو. ’وري ڊاڪٽر پرديوت آيو؟ ڇو؟ هينئر اچڻ جو ته سبب ڪونهي؟

راڻا چوندو ويو: ”ڊپ ڪونهي مهاشيه. ٻار اڃا ابهم آهي. بيوقتي مري ويندس نيٺ؟ روپ ۽ رس جي هن دنيا ۾ آيس. روپ- رس کي ڀوڳي نه چڙهيس! وڃڻ کي ته هليو ويندس.... پر هڪ پاپ ڪري ان جو ڪيتو لوڙيندي پاپيءَ وانگر وڃڻو پوندو. اهو ئي من کٽڪي ٿو! هينئر ايندي ايندي رستي ۾ موتي لوهار جي ماءُ گڏجي ويئي تنهن کي به مون ائين چيو.“

”موتيءَ جي ماءُ موٽي آئي؟ هو حيران ٿي ويو. سندس نگاهه جا ڪنهن انتظاريءَ وچان راهه ۾ کتل هئي، وڃي راڻا جي منهن تي کتي. ڄڻڪ کيس هڪ جهٽڪو اچي ويو. ونيه آيو. چي: ”مان ڏسي آيو آهيان، اچي ويئي.“

راڻا چيو: ”هڪ پير ۾ الائي سفيد سفيد ڇا لڳائي پٽي ٻڌي اٿائين. موتي ۽ منجو پٽ کيس هٿن جو سهاور ڏيئي گاڏيءَ مان لاهي رهيا هئا. آئون ڏسي دنگ رهجي ويس. چيم، نيٺ تو هڪ تماشو ڏيکاري ڇڏيو! چڱو آهي“ ٻڍيءَ وراڻيو: ”هائو ادا، تماشو ئي سمجهه! ڇا چئجي! ڇا مڪان، ڇا روشني، ڇا بندوبست، ڇا علاج! چير ڦاڙ ڪرڻ وقت ته مونکي ٻيٽ به ڪانه پئي، بعد ۾ ٿوري تڪليف ٿيم. هنڌ تي ئي پيشاب- ڪاڪوس- پر شيوا ڪا هئي! ڀليگ هر جون ڀلاريون نينگريون، اڇي پوشاڪ، مٿي تي ٽوپي: دوا پيئارين، رٻ کارائين، هٿ منهن ڌوئن اگهن، ڪيترو ڳڻايان؟ گند ڪچري جو ٿانءُ کڻن، هٽائي پاسيرو رکن؛ مطلب ته سڀ ڪجهه ٿي ڪيائون. ڊاڪٽر وري ڪهڙا ڪهڙا! مهاشيه ته موت جو ڍنڍورو گهمائي ڇڏيو هو، هيءُ ڏس، آئون سهي سلامت موٽي آيس. چيو اٿس، ٽن مهينن کان پوءِ هيءُ سڀ کولي ڇڏبو، تهان پوءِ هڪ مهينو مالش- پوءِ پير ٺيڪ ٿي ويندو.“ مون ورجايو: ”ٻيو ڇا پاتئه؟ اَمر وردان ڪونه پاتئه؟“ ان تي موتي بگڙي ويو. چي: ”رهڻ ڏي ٺاڪر، رهڻ ڏي. پاڻ بچڻ ڪاڻ ته دردر پيو ڀٽڪين، هن هن وٽ چڪر پيو هڻين، هن ديوتا، هن ديوتا سڀني اڳيان ڪنڌ نوائي رهيو آهين.“ مون چيو: ”اڙي موتي! تنهنجي ماءُ جيتري عمر هجي ها ته راڻا پاٺڪ جيئرو رهڻ چاهي هاڙي؟ منهنجا ٻئي ٻار تمام ننڍا آهن، هڪ ٻچڙي آهي ۽ منهنجو جيڪو وڏو ڀاءُ آهي، واگهوءَ جيئان وات ڦاڙي ويٺو آهي. آئون نه هجان ته ڳڙڪائي وڃين. سمجهيئه؟ نه ته راڻا مرڻ کان نٿو ڊڄي. ڪيترا ڀيرا موت سان مقابلو ڪيو اٿم. ٻوڏ ۾ گهلجندڙ ماڻهوءَ کي موت جي منهن مان بچايو اٿم. جيئان ٿو برابر. پر هاڻ نه بڻيو ته هارائيندس، سو ڇا ٿيو؟“

جيون مهاشيه سناٽي ۾ ويٺو رهيو. ائين به نٿي لڳو ته هن هيءُ سڀ ڪجهه ٻڌو- مٽيءَ جي مورت بڻيو محڪم ويٺو رهيو.

کيس ڊاڪٽر پرديوت جي اڄوڪي شڪل هُري آئي. گنڀير، بيڊپو پرنتا کان وياڪل درشٽي، هٿ ۾ سرنج جهلي اسپرٽ ڀري ڌوئي رهيو آهي. وچ وچ ۾ بيمار ڏانهن غور سان نهاري رهيو آهي. کاڏيءَ ۽ چپن جي ريکائن ۾ آتم وشواس!

ونيه چيو: ”اڃا ترس، اڃا ٽي مهينا ڪڍيا اٿائين، ٽي مهينا باقي آهن. مهاشيه ڇهن مهينن جي معياد ٻڌائي هئي.“

”نه“ ڪنڌ ڏوڻي مهاشيه چيو: موتيءَ ماءُ بچندي؟“

”جيئي. راوڻ جي ماءُ وانگر نڪاش بڻجي جيئي.“

”نارائڻ! نارائڻ!“ مهاشيه چيو. گويا سڄو ماحول ناپاڪ ۽ ناچاڪ ٿي ويو هجي. ”خير. رهڻ ڏيو.“ مهاشيه ٽاريندي چيو.

”رهڻ ڏيو. پر اوهان منهنجو علاج ڪريو. جيئان، چاهي نه جيئان مرڻ کان مونکي ڀو ڪونهي مان نندا به نٿو ڪريان. ونيه به مون تي ديا ڪئي آهي. چيو اٿس، نه جيڪا به دوا ٺهڪندي، سا آئون ڏيندس اوهان بس علاج ڪريو. مون ٻڌو، اڄ ونيه ٻڌايو: پران جي وات مان ٻڪ ٻڪ رت جا نڪتا هئا. اوهان کيس نوبنو ڪري ڇڏيو.“

ياد اچي ويس. ها، هن ئي ٺيڪ ڪيو هو. پر اهو ڪو اهڙو ڪال- روڳ ڪونه هئو.

ونيه چيو: ”مهاشيه جي، اوهان ڏسوس. ويچارو برهامڻ جو اولاد آهي.“

”جڏهن دوا تون ڏيڻ لاءِ تيار آهين، ته پرديوت کي ڏيکارڻ چڱو ٿيندو. سٺو ڊاڪٽر آهي، گنڀير، مون اڄ پرکي ورتو آهي.“

”اون هون. اوهان ڏسوس. راڻا جيءَ کي بچايو. رام هريءَ کي بچائي ورتو. هڪ جوهر ٻيو به ڪري اڄ ئي ڪري ڏيکاريو. صبوح جو اوهان مون سان ڳالهايو ڪونه. چيو، سڀاڻي اچج. پر هيءُ راڻا پاٺڪ وري مون کي اڄ ئي پڪڙي آيو آهي. اوهان کي منهنجي دوا خاني ۾ روز شام جو ويهڻو پوندو. نئون دواخانو کولي هيءُ ڊاڪٽر مونکي ماري ڇڏڻ ٿا چاهين. اوهان منهنجي جان بچايو.“

مهاشيه وائڙن وانگر ونيه ڏانهن تڪيندو رهيو.

”مهاشيه!“

”سڀاڻي. سڀاڻي ٻڌائيندس. اڄ نه. سڀاڻي. راڻا، توکي به سڀاڻي ورندي ڏيندس. اڄ نه. اڄ ته اهيندر جي ڏوهٽي ئي سڄي دماغ کي والاري رکيو آهي. سڀاڻي اچج.“

”ڊاڪٽر پرديوت ڏسي رهيو آهي. ٻارهن لک پينسلين ڏيئي چڪو آهي اڄ. بچائي وٺندس، شايد خوب ٻٽاڪ هڻي رهيو آهي!“ ونيه ساڙ وچان چيو.

”ونيه، سڀاڻي! سڀاڻي اچج. اڄ، هاڻ نه ڀاءُ.“ مهاشيه اٿي کڙو ٿيو. ”هيءُ سڀ ماڻهو ڇا اهوئي سوچين ٿا ته موت جي اڳڪٿي ٻڌائڻ کانسواءِ مهاشيه ڪجهه نٿو ڪري. انهيءَ ۾ ئي هن کي آنند ٿو پڙپي؟“ مهاشيه سوچيو.

ستاب اڪيلو ئي شطرنج کيڏي رهيو هو. هن سارين کي سميٽي رکيو. ”اڄ مان به هلان ٿو جيون.“

”وڃ. منهنجو ڌيان اڄ هيڏانهن لڳل آهي. راند ۾ من ڪين لڳندو. لڙائي هلي رهي آهي، سمجهيهءِ؟“

سچ پچ لڙائي هلي رهي آهي. موت سان آمهون سامهون مقابلو. پنهنجي زندگيءَ ۾ به اها لڙائي انيڪ ڀيرا لڙي چڪو آهي. هارائڻ ۾ ڪا گهٽتائي ڪانهي. پر تڪليف ٿئي ٿي. خاص ڪري اتسيءَ جي پٽ جي. معاملي ۾. گهڙيال ۾ هڪ جو ٺڪاءُ ٿيو. پرديوت سرنج کي دوا سان ڀري رکيو آهي. ٺيڪ ساڍي ٻارهين بجي آيو آهي. سئي هڻي، سرنج کي ڌوئي- اگهي هن نظر گنئي- مهاشيه نبض ڏسي رهيو آهي. اکيون ٻوٽي ويٺو آهي.

پرديوت چيو: ”مون کي جيڪي ڪرڻو هو، سو ڪري مان وڃي رهيو آهيان. هاڻ صبوح جو ايندس پر هن کي هينئر سمهڻ يو. لوڏيوس ڌوڻيوس نه.“

هو هليو ويو. اڃا به ٿوري ساعت کان پوءِ مهاشيه اکيون کوليون. دروازي ڏانهن نهاريو.

چيائين: ”ٺيڪ آهي.“ من ۾ چيائين:

”ڊاڪٽر پرديوت سوڀارو جوڌو آهي. جديد علاج غضب جو آهي، انوکو! هاڻ نه. اسان جو وقت لڏي چڪو. وڌيڪ نه.“ هن من ئي من ڪالهوڪي سنڪلپ کي درڍ ڪيو. ”هاڻ نه!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org