سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :32

[30]

ننڊ اچڻ ڪري رات جو ٽيون پهر ويامي ويو. رات جي ڏيڍ بجي سئي هڻي ڊاڪٽر  پرديوت پنهنجي گهر ويو هو. ان بعد ٻچي جي ناڙي جاچي مهاشيه موٽيو هو. هنڌ تي ليٽندي ليٽندي ڪيتريون ڳالهيون دل تي تري آيس، ننڊ اچڻ ۾ ٽن کان وڌيڪ وڄي ويا هئا، تڏهن به ننڊ صبوح جو سويل ئي کلي پيس. ٻالڪ جي لاءِ هينئر آنڌ مانڌ ڪانه هئس. حالت کي هو رات ئي ڄاڻي ويو هو: ’اشاري واري گهڙي ايندي ايندي به ڪانه اچي سگهي، دوا ان جو رخ پلٽي ڇڏيو. تڏهن به ننڊ کلي پئي. تپ ڪيترو آهي، سوڄ ڪيتري رهي، ڪهڙي نموني گهٽ ٿي- ڏسڻ گهرجي. رات جو چڱيءَ طرح ڏسي ڪونه سگهيو هو. پرديوت کي واڌايون ڏبيون، ڪشاده دليءَ سان واڌايون. هو گهڙيال جي ڪانٽي وانگر وقت تي پهچي ويندو، سئي هڻندو.“

عطر کانئس ئي اڳ ۾ جاڳي هئي. هيٺ هڪ قسط بڪ شڪ ڪري چڪي هئي. صبوح جو ڪالي مندر ۾ جل چاڙهڻ ويئي ته موتي لوهار جي ماءُ سان ملاقات ٿي ويس. ڪالي مندر وٽ ئي هن جو گهر آهي. موتيءَ جي ماءُ پنهنجي دري کولي مندر ڏانهن مهڙ ڪري دردناڪ آواز ۾ دک دور ٿيڻ جي لاءِ پرارٿنا ڪري رهي هئي. هن جي پلاسٽر ڪيل پير جو درد ڪالهه کان ڪنهن سبب کان وڌي ويو آهي. بردوان کان هتي ايندي رستي ۾ ڪائي بدپرهيزي ٿي ويئي هوندي. اتس نطر پوندي ئي عطر رات جي روڪيل غصي کي مٿس ڇنڊي وڌو.

منش کي جيئڻ جي ههڙي لالسا؟ مرڻ جو ايترو ڏک، ايترو ڀو؟“ ڇڙٻون ڏيندي هن موتيءَ جي ماءُ جي سامهون اهي سمورا دائمي سوال کڙا ڪري وڌا. بيهي رهي. پڇيائين: ”ايترو سويل جاڳي پئين؟ ٻي بجي کانپوءِ رات جو ته سمهيو هوئين!“

”ننڊ ٽٽي پئي. ذرا هن ٻچي جو حال پڇي وٺان. ڪيئن آهي.“

”اتي به ڪو اعلان ڪري آيو آهين ڇا؟“

گنڀير آواز ۾ مهاشيه چيو: ”نارائڻ، نارائڻ!“

”رهڻ ڏي پنهنجو نارائڻ- نارائڻ! پنهنجي پٽ کي مرڻ وقت جيڪو دوا جي بدلي کير۽ گنگا جل ڏئي ٿو، ان جو ڪجهه اعتبار ڪونهي. پر اهو سمو ٻيو هو. اڄ جهڙو ڏينهن هجي ها ۽ هن ڊاڪٽر جهڙو ڪو ڊاڪٽر هجي ها ته پنهنجو بنو هرگز ڪين مري ها. موتيءَ ماءُ کي ڏسي آيس. ڪوٺيءَ جي دري کولي ڪالي ماتا کي پرڻام ڪري رهي هئي!“

مهاشيه خفي ڪونه ٿيو. ذرا کليو. عطر کي هو ڇا چوي؟ هوءَ زنگيءَ ۾ لاعلاج بيماريءَ وانگر دٻجڻ کان زور آهي. موت جي شانتي نٿي ڏيئي سگهي، رڳو درد ۽ تڪليف، سڄي زندگي ڏيندي رهندي!

ڀتار جي چپن تي کل ڏسي عطر به کلي. کلي چيائين: ”رتن بابو جي پٽ کي ڏسي ڇا چئي آيو آهين؟ ڇي، ڇي، ڇي! ائين نه چوندو ڪر، ائين چوڻ به نه گهرجي. ڪالهه ان وقت ڪافي رات گذري چڪي هئي. تون تنهن وقت اهيندر سرڪار جي گهر هئين. رتن بابو جو آدمي چار رپيا ۽ هڪ چٺي ڏيئي ويو آهي. آئون اتاولي ٿيس: ڪٿي هينئر ئي نه سڏ هجي. ونين ويٺو ئي هو، تنهن کي گهرائي چٺي پڙهايم. هن ٻڌايو: مهاشيه کي وڃڻ کان منع ڪيل آهي. سڀني ڊاڪٽرن بتايو آهي ته وپن بهتر آهي. هڪڙي مهاشيه ئي چيو آهي، زبان سان ڪونه چيائين، اشاري ۾ ٻڌايو اٿائين؛ حال چڱو نه آهي. پر وپن بابو کيس نٿو چاهي. هان وٺ چٺي. رات مون ڪانه ڏني. نيٺ ماڻهوءَ جو من ٿيو.“

هن چار رپيا ۽ چٺي اڳيان ڪري رکيا. مهاشيه رپين کي ڇهيو به ڪونه. چٺيءَ کي کنيائين. ها، رتن بابو اهو ئي لکيو آهي، معافي به گهري اٿائين: آئون ڄاڻان ٿو ته تو جيڪي اشارو ڪيو آهي، اهو اٽل سچ آهي ۽ ان سچ کي سهڻ ڪاڻ آئون پاڻ کي تيار به ڪري رهيو آهيان. پر وين بابو اهو سهڻ لاءِ تيار نه آهي. پرديوت بابو وغيره ٻين ڊاڪٽرن جو رايو ٻيو آهي. هنن جو خيال آهي: ”وپن بهتر آهي. هنن ڪلڪتي مان وڏي ڊاڪٽر چئٽرجيءَ کي گهرائڻ جي صلاح ڏني آهي. وپن به اهو ئي چاهي ٿو. تنهنڪري.....“

’خير. ڇوٽڪارومليو.‘ هن ڊگهو ساهه کنيو. ”پر ڇوٽڪارو به ڪٿي؟ وپن ته... هن کيس اچڻ کان منع ڪئي آهي، ٺيڪ آهي، ڪونه ويندس. پر هوءَ ناسي وارن واري ته ڪانه موٽندي!“ وپن جي لاءِ هن جي من ۾ اٿاه دک ڀرجي ويو.

”مهاشيه جي؟ جاڳي ويا! مهاشيه جي؟“

”ڀنل آواز، ڇڪي ڳالهائڻ جو ڍنگ؛ راڻا پاٺڪ ئي هوندو. اڄ کيس گهرايو هوم.“

”مهاشيه جي؟“

”لڳي ٿو، هو اتاولو ٿي پيو آهي.“

”ڪالهه رات ڪجهه وڌيڪ رت اچي ويو آهي.“

”اهڙي حالت ۾ تنهنجو پيادو اچڻ چڱو نه ٿيو.“

”آئون به ڇا ڪريان، اوهان اڄ جو ڪوٺايو هو.“

ذرا ساعت چپ رهي مهاشيه چيو: ”پر آئون هن روڳ ۾ ڪري به ڇا ٿو سگهان ڀاءُ!“

”جيڪڏهن ڪُپڙيءَ ۾ ڪڻا هوندا ته بچي پوندس، نه هوندا ته وقت سر ٻڌائي ڇڏيندا، ديوي ماتا جو نالو ڳنهي تيار ٿي ويندس. جيتري ٿي سگهي، اوتري تڪليف اوهان گهٽائي سگهندا، ٻيو ڇا ڪندا؟“

مهاشيه ٿوري ساعت وري به چپ ٿي ويو. آسمان ڏانهن نهاريندي سوچڻ لڳو: ”ڇا ڪريان؟“

”مهاشيه!“

”راڻا!“

”منهنجي ناڙي ڏسو. اوهان سوچي ڇا رهيا آهيو؟“

”سوچي رهيو آهيان، ڊاڪٽر پرديوت کي ڏيکاري...“

هن وچ ۾ ٽوڪي چيو: ”جي نه. هن ماڻهوءَ جو منهنجي سامهون نالو به نه کڻو. نه هن جو، نه وري چارو بابو جو نالو کڻجو. انهن ٻنهي وٽ آئون ويو هوس. مون اهو سڀ ڪجهه اوهان کي نه ٻڌايو آهي. رڳو ايترو ٻڌايو هوم ته هنن هڪ لنبي فهرست بڻائي ڏني آهي. پر ڳالهه ٻي به آهي. مون چيو هو، توهان ايڪس- ري جو چئي رهيا آهيو، وٺو ايڪس- ري!- براهمڻ جي ناتي، غريب سڏائي ڪري.... اسپتال جي ڊاڪٽر چيو: برهامڻ- براهمڻ مان نٿو مڃان. ۽ غريب جي ناتي ئي توتي مان ديا ڇو ڪريان؟ تون بدچلن آهين. هڪ استريءَ جي ڇوت جي بيماري تو ڳڌي آهي. چارو بابو چيو، تو وٽ ته ڪالي آهي، ڪافي اپت ٿيندي هوندءِ. وري چيائين: ڪاليءَ جي اڳيان ڌرڻو هڻ، اها چڱو ڀلو ڪين ڪري ڇڏيندءِ؟... آئون ههڙن ماڻهن وٽ نٿو وڃي سگهان.“

مهاشيه جي چهري تي اداس کل نمودار ٿي ويئي. راڻا جي دل جي اڀام کي هو سمجهي ويو. راڻا جي ذات ئي نرالي آهي. اهڙي ڳالهه چوڻ جو هن کي ئي ساهس آهي.

راڻا به چوندو ويو: ”آئون اوهان کي ٻڌايان، مون جهڙي دئيت جي بدن ۾ اها بيماري هڪ عورت جي دئاران ئي آئي آهي. اها اڀاڳڻ ڪلڪتي جي هئي. فسادن ۾ هن کي ڪي گونڊا ڀڄائي ويا هئا. پوءِ هن کي هتان هتان ڦيرائي سندس عصمت درازي ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئائون. ڪٿي بهار ٿيو، اوستائين به کيس وٺي ويا. اتان وري ڪلڪتي. ڪلڪتي ۾ اسان جي ڳوٺ جي هڪ گونڊي رحمت خان کي هوءَ ملي ويئي. رحمت کيس برقعي ۾ هتي وٺي آيو. نديءَ ۾ کيس ٻيڙي تي اچي وهاريائين. آئون به موقعي سان تيار ويٺو هوس. ڳچيءَ ۾ جڻيئو، رشٽ پشٽ سرير. مٿان وري لٺ کي جهٽڪو ڏيئي مون نٿرو هنيو: ڪالي ماتا جي جئه! هري هري بولو! ٻيڙيءَ ۾ لڳ ڀڳ سڀ هندو ويٺل هئا. سڀني ان کي دهرايو. ويچاري هن عورت کي به همٿ آئي. هن برقعو لاهي ڦٽوڪيو ۽ چلائڻ لڳي: ’مون کي باچيو! مان هندو آهيان! هيءُ مونکي پڪڙي وٺي وڃي رهيو آهي.‘ رحمت ڇرو ڪڍي رهيو هو. ليڪن منهنجي لٺ جو وار کڄي چڪو هو. ٻچو نديءَ ۾ ٽپي پيو. هن جو ساٿي به ٽپي پيو. عورت کي آئون پنهنجي گهر نيئي آيس. مسلمان مون وٽ آيا. چيائون، هن عورت کي واپس موٽائي ڏي، نه ته چڱو نه ٿيندءِ. مون چيو، راڻا بري کان ڀو نه کائيندو آهي. اهو سڀ توهان کي معلوم آهي. جيڪڏهن قوت اٿوَ ته وٺي وڃوس. اهائي عورت گهر وڃڻ لاءِ راضي ڪانه ٿي. ان بعد باهه ۽ گيهه جو ميل. خاڪ به خبر نه هئم ته هن کي اهو موذي مرض لڳل آهي. هن کي به دراصل ڪل ڪانه هئي. آهستي آهستي خبر پيئي. ليڪن تڏهن هن کي ڇڏي ڏيڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو. ماڻهو بدچلن چون ٿا، چوڻ ڏيون. مون هن سان هڪ طرح شادي رچائي ڇڏي آهي. هن کي مون پيار ڪيو آهي. پريم ونڊيندي هيءُ روڳ مون ورتو، تنهن لاءِ آئون پشيمان نه آهيان. جيڪي وڻين، سو چون. مري ڪري به مونکي سک پڙپندو. چارو بابو ڪاليءَ لاءِ چوي ٿو. خبر ڪانهيم، هن وٽ اهو روڳ ڇٽي ويندو آهي يا نه. ديويءَ جي ڪرپا ٿي، ته ٺيڪ ٿي ويندو. پر مون کان اهو ڪونه چيو ٿيندو- ”ماءُ منهنجي بيماري چڱي ڪر.“ ڪاليءَ کان اها گهر ڪندس ته: ڪال کان آئون ڪڏهن نه ڊڄان. ان جو ناو آهي موکش. ڪاليءَ کان سندس گود جي بيک پنان ٿو. مون کي ڄاڻ آهي، اوهان گهٽ ۾ گهٽ نڪو مون کان نفرت ڪندا، نه وري ڪاليءَ جي ڳالهه جي کِل اڏائيندا، ان ڪري اوهان ڏانهن گهڻو آسائتو آهيان.“

مهاشيه ائين ڪونه ڪندو- ڪري ڪين سگهندو. سندس پتا آکندو هو: ”روڳيءَ جي روڳ لاءِ کيس ڪڏهن به تکاويڻ نه ڪڍج. نندا نه ڪج. پاپ – پڃ جي هن دنيا ۾ منش پڃ ئي ڪرڻ چاهين ٿا، پر کانئن ڪيو نٿو پڄي. حڪم هلائج، ڌمڪي ڏج، ضرورت پوي ته ڊپ به ڏيارج. پر هن جي دل کي ڏکوئڻ وارو هڪ حرف به نه پٽج ۽ هو جيڪڏهن شرڻ اچي ته کيس نراس ڪري نه موٽائج.“

گرو رنگ لعل چوندو هو: ”جيون! انسان ڏاڍو بيوس آهي. ڪڏهن به ڪاوڙ متان ڪرين، نفرت به نه ڌارج.“

ڪيترائي ڀيرا پاڻ گرو رنگ لعل بيمارن جي ڳلن تي چماٽ وڄائي هوندي. ڀوپي بوس کي هن مار ڪڍي هئي. هڪ شوقين تنتر واري ليور جي بيماريءَ جو شڪار بڻجي وٽس پهتو هو. هن کيس شراب پيئڻ کان منع ڪئي هئي. هو صاف چئي ڏيندو هو، چيو هئائين: ”شراب پيئندين ته ڪونه بچندين. شراب ترڪ ڪرڻو ئي پوندءِ. ”روڳيءَ آکيو هو: ”ليڪن مهنجو ساڌن ڀڄن؟“ رنگ لعل وراڻيو هو: ”بنا شراب جي. ڪنجهي جي برتڻ ۾ ناريل جو پاڻي وجهي رسم ادائي ڪج. جيئن ٻڪري جو بل نه چاڙهي مانهه جا داڻا پکيڙي به ته آهوني ڏيئي سگهجي ٿي.“ هن تنهن تي ڄڀ کي چڪ پائي چيو هو: ”باب ري! تڏهن ته ديوي درشن بنهه ڪانه ڏيندي. اهو ته ماتا جو آديش آهي. هن درشن ڏيئي مون کي آگيا ڪئي آهي ڊاڪٽر بابوُ!“ رنگ لعل جهٽڪو ڏيئي هن جي چوٽي پڪڙي چيو: ”ڇا چيهءِ؟ ماتا درشن ڏيئي چيو آهي؟ ڪوڙا ڪنهن جاءِ جا؟ ماءُ شراب پيئندي آهي؟ شرابخوري لاءِ آگيا ڏئي ٿي؟ اهو سربا، جنهن سان جگر جلي ٿو؟“

جيون مهاشيه به ڄاتو ٿئي ته هيءُ روڳي بچڻ جو ناهي. زبردست دشمن جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي ۽ هو بچيو به ڪونه.

آدمي بيوس آهي. ڏاڍو بيوس. اِڇائن جي اپل وچان دل ڏارندڙ ڪلنڪ ڪهاڻي رچيندو ويو آهي. اڄ اها ڪهاڻي رچي ٿو- سڀاڻي پڇتائي ٿو، خود سراپجي ٿو، من ۾ سوچي ٿو، آڪاش جو سج اجهامي وڃي، ان جي لوڙ ڪانهي: روشني ڪانه گهرجي. سڀ ڪجهه اوندهه سان ڍڪيو رهي. گهڻو ئي ڪجهه هن ڏٺو آهي. ڪمائو پٽ جي موت جي بستري تي تنهن کي وانجهي پتا کي وصيعت نامو ٺهرائيندي ڏٺو اٿائين. ان کان به وڌيڪ گهور پاپ ڪندي ڏٺا اٿائين. ڀاءُ ڀاڻيجي جي ته ڳالهه ئي نٿو چوي. پٽ کي به کميا ڪري ٿو ڇڏي. استري سڪرات ۾ آهي ۽ هوڏانهن ڀتار ويچار ۾ مشغول: اهڙو اتهاس اڪيچار آهي. پتيءَ جي سڪرات ويل استري به وياچر ڪري ٿي: ڀرشٽ استري. جيڪي ڀرشٽ نه آهن، اهڙين گهڻين کي اهڙي مهل ۾ مڇي چورائي کائيندو ڏٺو اٿائين. صرف ماءُ جو پڃ ئي بي جوڙ ۽ لافاني آهي.

آدمي ڏاڍو بيوس آهي.

مهاشيه اڀو ساهه کنيو. راڻا پڪاريو: ”مهاشيه جي!“

”ذرا ساهي پٽي وٺ ڀاءُ. ڳالهاءِ نه. ڪافي پري کان ڪهي آيو آهين. ٿوري دير ۾ ڏسان ٿو. ويهه آئون پاسي واري گهر مان ٻار کي ڏسي اچان ٿو.“

اتسيءَ جو ڪڪو اڄ بهتر آهي. تپ گهٽيل اٿس: سوڄ به گهٽجي ويئي آهي، سوڄ تي جيڪا لالائي هئس، ان جي گهرائپ به گهٽجي ويئي آهي. هن جي بيماري بيشڪ ڪانه گهٽي آهي، پر وڌي به نه آهي. رڪجي ويئي آهي. ڪالهه صبوح جو تپ هڪ سو ٻن جي قريب هو، اڄ هڪ سو کان به گهٽ آهي. هن جي سجاڳيءَ تي ڪمزوريءَ جو جيڪو پردو پئجي رهيو هو، سو هٽجي ويو آهي. ٻه چار اکر ڳالهائي ٿو. ٺيڪ ستين وڳي ڊاڪٽر پرديوت جي سائيڪل جي گهنٽي وڳي. صبوح جو پنجين واري گاڏيءَ ۾ شهر مان ڊاڪٽر اروڻ رت- تپاس جي رپورٽ موڪلي آهي.  ڏاڍي سخت بيماري! جان وٺندڙ گهاتڪ حملو ڪيو هئائين. هن رپورٽ ۾ لکيو آهيل ’وٿ اٽينڊسني ٽُ اِرسپلس.‘ هن جو علاج ٺيڪ ٿيو آهي. ان رپورٽ ڪاڻ هو ڪالهه سڄو ڏينهن رات ڪهڙو نه پريشان رهيو! دنيا ۾ رڳو امرت دوا ڪانهي، زهر به دوا آهي. ڪالهه ڏينهن رات اهڙيون ڪيتريون دوائون هو ڏيندو رهيو. ٻڍي مهاشيه ئي چيو هو، پر ان تي هن جي دلجاءِ ڪانه ٿي هئي. وگيانڪ جاچ ۾ به ڪيترا ڀيرا شڪ پئجي ويندو آهي. ڪيترا ڀيرا به ٽي دفعا هڪئي روڳ جي پرک نه ٿي سگهندي آهي. ڪالهه منجهند جڏهن کيس‘ ’ممس‘ جو شڪ پيو ۽ ٻڍي مهاشيه چيو: ’ممس نه آهي ڪٺور زهر جي پکڙجڻ سان رت خراب ٿي پيو آهي. مرض طوفان وانگر وڌي رهيو آهي: وڌندو.‘ تڏهن پرديوت کي ڪجهه غصو لڳو هو. ٻڍو ڪٿي ’مرتيو روڳ‘ چئي وجهي ها ته غصي وچان پرديوت پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري وڃي ها. چوي ها: ’مرتيو- روڳ جي نريه- شڪتيءَ وچان ’سُپيرياٽي ڪمپليڪس‘[1]ٻڍي جو دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي.‘

دانتو گهوشال نوبنو آهي. وپن بابو ٺيڪ آهي. موتيءَ جي ماءُ بردوان کان ڪاله موٽي آئي آهي. ڪالهه کان ٻڍڙيءَ جي پير جو سور ڪجهه وڌي ويو آهي. هاڻي جيئن هو اچي رهيو هو، رستي ۾ سڪل ٻوٿ ڪري موتي بيٺو هو. چي:”ڊاڪٽر صاحب، رات امان جي پير ۾ سور وڌي ويو! سو..؟“

پرديوت جي سمجهه ۾ دير ڪانه لڳي ته موتي جيڪي چوڻ چاهي ٿو، پر هن جي وات مان اڪلي نٿو. اهو ڇا آهي؟ هڪوار سندس من ۾ آيو ته چئي ڏي، ”ته مهاشيه جيڪي ٻڌايو آهي، سو وڃي ڪر. دهل ڌمام وڄائيندو گنگا جي ڪناري ڪيرتن ڪندو وڃ.“ پر پاڻ کي روڪي ورتائين. چيائين: ”موٽندي وقت ڏسندس ڪجهه ڪونهي، سفر ڪندي ٽرين وقت ڏسندس ڪجهه ڪونهي، سفر ڪندي ٽرين ۾ پير ۾ ٿوري حرڪت اچي وئي هوندي؛ ان ڪري سور وڌي ويو آهي.“

مهاشيه ئي پرديوت جو سواگت ڪيو: ”اچو. اوهان جو مريض مزي ۾ ٻولي رهيو آهي. ٺيڪ آهي. مٿي تي هٿ لڳائي نمسڪار جي ورندي ڏيئي هو بيمار جي بستري تي ويهي رهيو.

مهاشيه چيو: ”مون ڏٺو آهي....“

وچ ۾ ئي پرديوت واڪ ڏنو: ”مان ڏسان؟“

”آفت ٽري ويئي آهي.“

”نه“، پرديوت پڇيو ”رات پيشاب ڪيئن ٿيو ٻڌايو ته؟“

مهاشيه سمجهي ڪين سگهيو، ’دوا جو اثر آهي، پيشاب بند ٿي سگهي ٿو، پيٽ اڀامي سگهي ٿو.‘

”پيشاب تمام ٿورو آيو اٿس. رات جي ٻارهين بجي کان صبوح تائين هڪ ڀيرو. پيٽ ٿورو ڦوڪيل آهي. ڪيترا ڀيرا پٽڙا دست به آيس.“ پيٽ ۾ وڪار ٿيو آهي. پرديوت ڌيان سان ڏٺو، وري انجيڪشن جو سرنج ڪڍيائين.

انجيڪشن هڻي پرديوت اٿيو. ”ڪٿي آهي؟ مهاشيه ڪٿي آهي؟“

”ڪونهي، هليو ويو،“ اهيندر ٻڌايو: ”آروگيه نڪيتن مان ڪوئي سڏڻ آيو هوس.“

پرديوت بيهي ڪري ڪجهه سوچيو: ”هن ڪائي آگري ڳالهه ته ڪانه چئي نه؟‘

اهيندر چيو، ”مون کي گهرائي هن چيو: خطرو ٽري ويو آهي. اوهان جي ڏاڍي واکاڻ ڪري ويو. چي، ڏاڍو مقابلو ڪيو اٿائين. صاحب خوب آهي! ڏاڍو ڌير جوان آهي.“

پرديوت چيو: ”پيشاب تي ذرا ڌيان رکبو. ٿورو دير سان ئي ايندو، ليڪن خيال ضرور رکندا. پيٽ ڪجهه ڦوڪيل آهي. تنهن هوندي به خيال رکندا. جيڪڏهن لڳي ته وڌي رهيو آهي ته مونکي ترت خبر ڪندا. هڪ ڳالهه ٻي. مهاشيه بار بار ناڙي ڏسي ٿو. اهو ٺيڪ ناهي. ان مان اوهان کي به گهٻرائٽ ٿي سگهي ٿي، منهنجو به من خراب ٿي سگهي ٿو.“ ايترو چئي هو نڪري ويو.

ساڍا اٺ ٿيڻ لڳا. اسپتال ۾ ڪم ڪيترو آهي! هريهر ڪمپائونڊر هتان جو آهي. ڄامر چڙهي آئي اٿس. ڏاڍو آلسي آهي. ’ٿي رهيو آهي، ٿيندو:‘ اهو ئي هن جو سڀاو آهي. ’ڏهن پنجن منٽن ۾ ڇا ٿو اچي وڃي؟ نرسن کي به سهولت رهي ٿي.‘

منجوءَ کي سنڀال ڪرڻ لاءِ چئي آيو آهي. هوءَ نظر رکندي. نيم انوسار هوءَ سڀ ڏسندي ڪندي آهي. ان خيال کان پرديوت ڀاڳوان آهي. منجو هن جي ڪمن جو بوجو پنهنجي سر ئي هموار ڪري هن جي تانگهه لاهي ڇڏي آهي. روز صبوح جو هوءَ خود بيمارن جي سار سنڀال لهندي آهي؛ پاٻوهه سان مٺو ڳالهائي کين دم دلاسو ڏيندي آهي. اسپتال جي صفائيءَ تي خاص ڌيان ڏيندي آهي. بيمار عورتن جي باري م ڊاڪٽر منجوءَ جي ڪري بي فڪر آهي. سڀني جي دادي! سٺ سالن جي روڳڻي به کيس دادي ئي چوندي آهي!

۽ هن ڪمبخت دانتو گهوشال جي ته ساڄي لڳي ويئي آهي. اسپتال جي ’ڀَت‘ سان گڏ منجوءَ جي موڪليل ڀاڄي نه هجيس ته وٺي رڙيون ڪندو. دنيا ڀرجي  ڀوتن جا قصا ڪهاڻيون سڻائي هن کپ کوڙي ڇڏيا آهن. نهايت بيهودو آهي. اسپتال ۾ به هو الاجي ڪيئن گانو پيئندو آهي، ڪٿان آڻيندو آهي، پرديوت جي سمجهه کان ٻاهر آهي. کيس ڇڪي ٻاهر ڪڍي ها. پر مهاشيه جيئن ته اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، ان ڪري ضد وچان رکيو اٿائين. هن کي به ڏسڻو آهي.

آروگيه نڪيتن کان لنگهندي کيس نظر آيو: مهاشيه ڪنهن مريض جو هٿ جاچي رهيو آهي. ڪنڌ ذرا جهڪيل اٿس. شايد اکيون ٻوٽي ڇڏيون اٿانئين. پرديوت کليو. کيس پتو پيو آهي؛ ونيه، مهاشيه کي پنهنجي دوڪان تي وهڻ لاءِ چيو آهي. تيسين جيسين، کيس ٻيو ڪوئي ڊگري يافته ڊاڪٽر نه ملي وڃي.

مهاشيه راڻا جو هٿ ڏسي رهيو هو. نانگ جي چال. جسم جي خرابيءَ ۾ زهريلي نانگ اڏو ڄمائي ورتو آهي. هن جي زهريلي اثر سان سڄو شرير هر گهڙيءَ تپ وچان جهيڻو آهي. شرير جي بانس مان به اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي رهي آهي. جيڪو وک جو وئد اننگ جي بدن جي بوءَ کي سڃاڻي ٿو، ان کي ٻر جي ٻاهران ويهندي به مهڪ محسوس ٿيو وڃي. اها مهڪ هن کي به محسوس ٿي رهي آهي. ڌيري ڌيري هن اک کولي. راڻا جي منهن م ڏٺائين. اکين جي چوڌاري ڪارا ليڪا پئجي ويا آهن؛ ٿڪاوٽ کان ٻئي اکيون اماس جي چنڊ جهڙيون اداس، ان جي چوڌاري راهوءَ جي کڙڪائڻ جهڙو ڳوُڙهو ڪرشڻ پکش. (اونداهي رات).

راڻا جي هٿ کي ڇڏي ڦڪي مرڪ مرڪي هن چيو! ”بيماري ته اهائي ساڳي آهي ادا.“

راڻا کلندي چيو: ”سو ته مون کي معلوم آهي. شروع کان ئي ته چوندو اچان. پر اڄ ڪيئن سمجهي رهيا آهيو؟ بچي سگهندس؟ چڱو ڀلو ٿي سگهندس نه؟“ وري ذرا کلي چيائين: ”ته اهو ئي ٻڌايو ته جي مرڻو ئي آهي، ته ڪيستائين؟ اوهان بي کٽڪي چئو. راڻا کي مرڻ جو ڊپ ڪونهي.“

مهاشيه چپ ويٺو رهيو. اسٽريپٽو مائسن جي ڳالهه سوچي رهيو هو، جيڪا نئين ايجاد ٿي آهي، پر ’اها وئرٿ دوا آهي.‘

راڻا ورجايو: ”اوهان بيپرواهه ٿي چئو. اوهان ڇو هٻڪي رهيا آهيو؟“

مهاشيه ٻاهر جي طرف تڪيندي سوچي رهيو هو.

اوچتو هڪ ڊگهو ساهه کڻندي چيائين: ”اڄ به ڪجهه ڪونه ٻڌائيندس، ادا. سڀاڻي اچج. ٽئين پهر. هتي نه، سڌو ونيه جي دوڪان تي. آئون اتي ئي ملندس. پر اڄ وانگر پنڌ نه اچج. بيل گاڏيءَ تي اچج. هلچل، محنت، مشقت اهو سڀ هينئر بند رک ۽ هن ورت جو سنگ بلڪل ڇڏڻو پوندءِ. سمجهيهءِ؟“

راڻا خوش ٿي ويو. چي:”جي. اوهان جيڪي به چوندا، سو آئون ڪندس. سڀاڻي گاڏيءَ ۾ ئي ونيه جي دوڪان تي ايندس. منهنجي هڪ ڳالهه اوهان کي رکڻي پوندي.“

”ڪهڙي ڳالهه، چو؟“ مهاشيه کليو.

”هن عورت جي بيماري مون کان به سخت آهي. ڪانه بچندي. پر بيماري ته نيٺ هڪڙي آهي. هن کي به مون سان گڏ ڏسو. اوهان يقين ڄاڻو، آئون هن کي ڇهندس به ڪونه. پر جڏهن هن کي پناهه ڏني اٿم.... هن جو.... هن کي انهن گونڊن کان بچائي آندو اٿم، ڪجهه جوابداري ته آهي. اڄ هن کي هڪالي ڇڏيان ته مون کي پاپ ڪونه لڳندو؟ هوءَ اڀاڳڻ الائي ڪٿي، ڪنهن گهر ويندي ۽ زهر ڦهلائيندي!“

”چڱو هن کي به نيو اچج. ڏسندس.“

راڻا هليو ويو.

مهاشيه ونيه کي چيو: ”راڻا کي آئون ان ڪري ئي پيار ڪندو آهيان.“ ونيه کلي چيو: پيار مونکي به اوهان ڪيترو نه ڪريو ٿا. اوهان دوڪان تي وهڻ جي لاءِ رضامندي ڏيکاري منهنجي ڪيتري پت رکي آهي، آئون ڇا ٻڌايان؟“

اِندرو آيو. هن جي هٿ ۾ اچي هڪ چٺو ڏنائين. چي: ”يڪساهي هڪ مهيني جو سامان ڳنهي آيو آهيان!“ مهاشيه کليو چي: ”ٺيڪ آهي. عطر کي ڏي، رکي ڇڏيندي. جيءَ ۾ آيس، ته اڇلي ڇڏيندي، جيڪڏهن ڪميشن سان پيٽ ڀرجي ويو ته واهه، نه ته ونيه کي تاڙ جو وڻ ڏيڻ سان ڪم هلي ويندو.“ ونيه جي دوڪان تي سانجهيءَ جو ويهڻ هن قبول ڪيو آهي. اهيندر وٽان موٽندي راڻا وٽ ونيه کي ويٺل ڏسي چيائين: ”تون اچي وئين؟ چڱو، پڪو ٿيو. ويهندس تنهنجي دوڪان تي.“ اِندروءَ جي ويندي ئي مهاشيه ستاب کي چيو: ”چيو هوم نه، سنسار چڪر آهي! ڏس، ونيه سڄي مهيني جو سامان موڪلي ڏنو آهي.“

ستاب ڪمري ۾ ڪنڊ پاسيرو ويٺل هو. شطرنج وڇائي ٻنهي طرفن جون ساريون سجائي اڪيلو کيلي رهيو آهي.

هينئر هن به ڪنڌ کنيو. پڇيائين: ”تاڙ جو درخت وڪڻڻ لاءِ ڌياڻي راضي ٿي ويهءِ؟“

تلاو وٽ جيون مهاشيه جا تاڙ جا پنجويهه وڻ آهن. ڊگها، سڌا پراڻا وڻ. سڄي علائقي ۾ انهن وڻن جي هاڪ آهي. سڀ مڃيندا آهن. اهڙا جهونا ۽ سڌا درخت اڄڪلهه ملڻ محال آهن. اهي وڻ عطر جي پونجي آهن. هن جو سهارو چئجي ته به وڌاءُ ڪونه ٿيندو.

مهاڀاري لڙائيءَ کان اڳي ئي انهن مان هر هڪ جي قيمت ٽيهه رپيا هئي. هينئر ته 80-90 رپيا في وڻ- کل وخوشيءَ سان ماڻهو ڏيڻ لاءِ تيار آهن. مگر عطر نٿي ڏيڻ چاهي. بد دماغ، لڪشميءَ جي دشمن؛ بدنصيب پتيءَ تي هن جو ويساهه ڪونهي. پنجويهن مان ڏهه پنهنجي ۽ ڏهه پتيءَ جي پرلوڪ- ڪريا ڪرم واسطي هن رکي ڇڏيا آهن. باقي پنج اوکي ويل واسطي رکيا اٿائين.

جيون مهاشيه کلي وراڻيو: ”ويهه ته سنسار ڀو ساگر پار ڪرڻ جي ٻيڙي آهن ۽باقي پنج کڏون کوٻا پار ڪرڻ جو وسيلو. ونيه منٿ ميڙ ڪري هڪ ڏيڻ لاءِ کيس راضي ڪري ورتو آهي. چيو اٿائين، ”رپيا پوسٽ آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندو.“


[1]  وڏائيءَ جي ڀاونا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org