سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: مُٺ مُٺ موتين جي

باب: --

صفحو : 5 

 

 

مالڪ، نوڪر ۽ نوڪر شاهي

دنيا جي آزاد ۽ خودمختيار ملڪن ۾ عملدار يا ڪاموري جو تصور هڪ اهڙي ذريعي جو آهي، جيڪو حڪومت جي انتظام هلائڻ جو ذريعو ته بنجي ٿو،  پر پاڻ کي عوام جو خادم يا نوڪر (Servant) ۽ عوام کي پنهنجو مالڪ (Master) سمجهي ٿو.

پر جيتري قدر اسان جي ملڪ جي عملدار يا ڪاموري جو تعلق آهي، هو هڪ اهڙي ذهنيت جو شڪار آهي، جنهن کيس عوام کان پري ڪري ڇڏيو آهي، هو ڏاڍ ۽ ظلم جو هٿيار به آهي ۽ ان جو رکوالو به آهي، عوام جي پگهر جي پورهئي مان ڏنل ٽيڪس تي پلجڻ جي باوجود، هو عوام کي حقير ۽ پاڻ کي سندن حاڪم مطلق سمجهي ٿو،

برطانيه، جڏهن ننڍي کنڊ جي علائقن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا، تڏهن پنهنجي راڄ کي قائم رکڻ ۽ اُن جي انتظام هلائڻ جو اُن هڪ طريقو مرتب ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ نوڪر- شاهي ذهنيت رکڻ وارو ٽولو وجود ۾ آيو. جيڪو خد غلام هوندي عوام کي پنهنجو  غلام سمجهڻ لڳو،  ۽ ائين هِي جيڪي نوڪر هئا، ۽ عوام جا به نوڪر هجڻ کپن ها. سي ڦري عوام مٿان پنهنجي آقائيت يا شاهيءَ  جي دعويداري جتائڻ ۽ هلائڻ لڳا.

اسان  مٿي آزاد ۽ خودمختيار ملڪن ۾ ڪاموري يعني سرڪاري عملدار جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو ڪردار پنهنجي پنهنجي ملڪ جي عوام جو جلاد ٿيڻ نه پر اُن جو مددگار ۽ مسيحا بنجڻ هوندو آهي. هنن وٽ پنهنجي فرض جي  قدر، ذميداريءَ جو احساس ۽ پنهنجي  وطني ڀائرن لاءِ  محبت ۽ احترام جو جذبو هوندو آهي، ۽ ائين هو پنهنجي ملڪ ۽ ملڪي ماڻهن جي خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا آهن، اهو ئي سبب آهي، جو اهڙن آزاد ۽ باوقار ملڪن جا ماڻهو حالتن  جي گهاڻن ۾ پيڙجي، بندوق جو سهارو وٺي، ٻيلن ۾ رهڻ ۽ لڪي لڪي چورين ڪرڻ ۽ ڌاڙن هڻڻ تي مجبور ڪو نه ٿيندا آهن.

اسين هتي پنهنجي ملڪ پاڪستان جي نوڪر شاهيءَ جي انهن عالي مقام سازشين، عوام دشمنن، طاقت ۽ اختيار جي انڌ ۾ ورتلن ۽ پاڻ کي  آپيشاهه سمجهندڙن وڏن گرگن، يعني غلام محمد، چوڌري محمد علي، اسڪندر مرزا يا ايوب خان، بابت ڪو اظهار نٿا ڪرڻ گهرون، جن پنهنجي حقير خواهشن  لاءِ اٽڪلون ۽ حرفتبازيون ڪري ملڪ جي اقتدار اعليٰ تي چور دروازي کان قبضو ڪيو، ۽ ملڪ جو مستقبل پنهنجي خسيس نفس جي خسيس ريچڪن ۽ مختصر دماغن جي مختصر ڏاهپن جي داءَ تي لڳائي ڇڏيو. پر هت اسين انهن عالي مقام غلامن جي به غلامن يعني آفيسرن ۽ آنوشلن جو ذڪر ضرور ڪنداسون، جيڪي اسان جي هڪ بزرگ جي چوڻ موجب ذهن،  زبان، ظرف، ۽ ضمير کان اڄ بلڪل ئي خالي ٿي  چڪا آهن ۽ ايڏا ته بکيا  ۽ بزدل آهن، جو، سواءِ  پنهنجي ترت بالادست جي خوشنوديءَ ۽ پنهنجي آڏو پيل ڪنهن نه ڪنهن هَڏي کي ڏسي گِگن ڳاڙڻ جي، ٻيو ڪجهه به ڪرڻ ڪو نه ٿا ڄاڻن ۽ نه ڪرڻ چاهين ٿا. ۽ ائين هو صرف پنهنجين حسرتن جا اسير، ”هذامن فضل ربيءَ“ جا ڳولائو، ”لانگ بوٽن“ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ خاطر ڪجهه به ڪري گذرڻ جي ”همت“ رکڻ ۽ ”چستي“ ڏيکارڻ وارا، بدليءَ، پروموشن مارجڻ ۽ انڪريمينٽ رڪجڻ جهڙن معمولي خدشن کان ڪنبندڙ ۽ پگهر ڳاڙيندڙ، ڪنهن به بيواهي جو ڪو به واجبي ڪم نه ڪندڙ، ڪنهن به فيصلي ڪرڻ جي قوت ۽ ارادي کان عاري، رڳو ڪرسين تي ويهي ويهي ٻٽاڪون هڻي هڻي، ۽ پنهنجن صاحبن جا بوٽ چٽي چَٽي ، پنهنجو سڄو وقت گذاريو ٿا ڇڏين.

ملڪ جو نوي فيصد عوام جنهن نموني مسئلن ۾ گهيريل آهي ۽ روزگار، علاج معالج، تعليم، اجهي ۽ عزت سان عمر جا ڏينهن گذرڻ ۽ پنهنجي جائز حقن حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان آهي، تنهن کان ڪا به دردمند دل متاثر ٿيڻ کان رهي نٿي سگهي. اسين ائين چوڻ ۾ پاڻ کي حق بجانب سمجهون ٿا ته  اِن کان اڳ، جو ملڪ جو عوام هِنن پنهنجن نوڪرن کي، پنهنجيءَ ”نوڪر- شاهيءَ“ جي هِنن مرده دل ۽ بددماغ ڪارندن کي، ڪرسين خالي ڪرڻَ ۽ ڦرلٽ جي جمع ڪيل مال مان وڃي ڪنهن ٻئي ڪم ڪار ڪرڻ تي مجبور ڪري، يا سندن ٻيو ڪو سخت احتساب ٿئي، کين صلاح ٿا ڏيون ته هو پنهنجي ذهنيت بدلائين، ماڻهن جو دک درد سمجهن، اُنهن کي پاڻ جهڙو انسان ڄاڻن، ۽ پنهنجا موقعا ۽ پنهنجا اختيارَ اُنهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ استعمال ڪن، ۽ ائين پنهنجي جيئڻ جو، ۽ اُن جيئڻ لاءِ، هو جيڪو ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻهن جو”ليمڪ“ کائين ٿا، اُن جو حق ادا  ڪن.

(25- 10- 1984ع                    - م . ش .پ

 

 

اندرا جي احترام ۾

هندستان جي  سورهيه  ۽ سرويچ، عظيم رهنما ۽ سياستدان شريمتي اندرا گانڌي به نيٺ لاڏاڻو ڪري ويئي، سندس جدائيءَ تي هر دل رکندڙ ماڻهوءَ جي اکين ڳوڙها ڳاڙيا آهن.

پنڊت جواهر لال نهروءَ جي ڌيءَ ۽ موتي لال جي پوٽي، هندستانين جي دلين تي حڪمراني ڪندڙ هيءَ  راڻي، غريبن جو آسرو ۽ سندن آواز هئي. هُن پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ماڻهن جي جنهن روح گرمائيندڙ عمل ۽ سچي جذبي سان خدمت ڪئي، ۽ جنهن شان، وقار ۽ خود اعتماديءَ ۽  تدبر سان حڪومت هلائي، سو هندستان جي تاريخ جو هڪ سونهري باب آهي. هن ڪڏهن به پاڻ کي مجبورن ۽ ڪمزورن کان پري نه رکيو، ۽ هميشہ مظلومن جو ڪمزور آواز ملائي سندن حوصله افزائي ڪئي، ۽ پنهنجي ضمير کي زنده رکيو. هوءَ هڪ اُها ذهين ۽ روشن خيال سياستدان هئي، جنهن هندستان جي روايتي ۽ نامور سياستدانن کان مختصر وقت ۾ اڳتي وڌي، هندستان جهڙي وسيع ۽ عظيم ملڪ جِي  پنهنجي خاص ڍنگ سان قيادت ڪئي. هوءَ هڪ لائق منظم، ملنسار ۽ اعليٰ صلاحيتن واري اهڙي نرالي شخصيت هئي، جنهن جو دنيا جا  سڀ پهرينءَ صف جا اڳواڻ خلوص دل سان احترام ڪندا هئا. اِن لاءِ ظاهري ثبوت سندس جانبدار ملڪن جو صدر هئڻ ۽ سندس ديهانت بعد عالمي رهنمائن طرفان کيس  خراج- عقيدت جي اظهار طور لفظن جو انتخاب ئي ڪافي آهي. سچ  هيءُ آهي ته ملڪي توڙي عالمي دائري ۾ مسز اندرا گانڌيءَ جي سر انجام ڏنل ڪارنامن، هندستان جي هِن عظيم سپتريءَ کي انساني تاريخ جو هڪ لافاني حصو بنائي ڇڏيو آهي.

محترمه اِندرا گانڌيءَ جي شهادت، در حقيقت جمهوريت ۽ سيڪيولرزم جي زرين اصولن جو خون ۽ هڪ اهڙو نقصان آهي، جنهن جي تلافي شايد ڪو زمانو نه ٿي سگهي، سندس بهيمانه قتل جي هن  انتهائي دکدائڪ واقعي  تي اسين پنهنجي گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿا سگهون. اسان جي دعا آهي ته سندس جمهوريت سيڪيولرزم ۽ سوشلزم جي شمع سدائين ڀارت جِي وسيع خطي ۾ روشن رهي ۽ اُن کي مذهبي جنون ۽ دولتو ڪُرسيءَ جي هوا، جيڪا اُتي به اڄ وڏو خطرو بنيل آهي، ڪڏهن وسائي نه سگهي.

ڪن حقلن جو خيال آهي ته مسز اندرا گانڌيءَ جي قتل ۾ ڪنهن سامراجي سازش جو دخل آهي، جيڪا دنيا جي آزاد ۽ خودمختيار ملڪن ۾ مضبوط ۽ مقبول ليڊرن کي گهڻو وقت برداشت نه ڪري سگهندي آهي. جيئن ائين آهي ته پاڻ وڌيڪ هِن بر صغير جي جمهوريت پسند، انسانيت نواز ۽ حق پرست اُنهن حلقن جو فرض ٿئي ٿو ته هو اهڙين سازشن جي نقاب ڪشائي ڪن ۽ ڪڏهن به اُنهن کي ڪامياب ٿيڻ جو موقعو ميسر ٿيڻ نه ڏين.

هِن سانحي تي ڪٿي ڪٿي ڪن شخصن جي خوشيءَ  وچان مٺايون ورهائڻ جون خبرون به اُٿيون، پر جيڪڏهن اهڙا ڪي  اَمنش روپ ڪٿا هئا به ۽ انهن پنهنجي حيواني اَنا جي ائين سفلي تسڪين به ڪئي ته اِن ۾ عجب کائڻ جي ڪا ڳالهه ڪانهي. چڱا ماڻهو ئي پنهنجي ماڻهپي جي مانَ رکڻ ۾ ڪوشان هوندا آهن ۽  انسانن جي هن اڻپوريءَ دنيا ۾ انسانيت جي قائم رهڻ جِي  ضمانت اِها ئي ڪافي هجي ٿي. ڪنهن اعليٰ انسان جي موت تي مٺاين ورهائڻ سان اُن جي افضليت ۾ ڪائي گهٽتائي ڪا نه ٿي اچي. پر اُن ۾ پنهنجي ئِي هلڪڙائي ۽ کولپائي ظاهر ٿئي ٿي. غير سنجيده،  جنوني، تعصب سان پُر،  منفي، سياسي ۽ اخلاقي طرح ڏيواليل سوچ ۽ ذهنيت اڄ جي مهذب دنيا ۾ انساني زوال ۽ حيواني جيت جو ئِي ثبوت ٿي سگهي ٿي.

ساڳئي وقت سامراجي غنڊه گرديءَ کي به خوش ٿيڻ جو سبب ڪونهي ته مسز گانڌيءَ کي ميدان مان هٽائڻ واريءَ پنهنجي سازش جي ڪامياب ٿيڻ سان، هو پنهنجا انسان دشمن عالمي  مقصد ماڻي سگهندا. دنيا جون مظلوم ۽ دکي قومون ۽ انسان ذات جي غريب ۽ محروم لاتعداد اڪثريت-پوئتي پيل دنيا توڙي سامراجي ملڪن ۾ رهندڙ- اُنهن دولت جي پوڄارين سامراجي گروهن کي سندن شيطاني منصوبن ۾  هرگز ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي.

تنهن وچ ۾ سڀني انسان دوست فردن ۽ حلقن جو اِهو ئي فرض ٿئي ٿو ته سامراجي دهشتگرديءَ کي ۽ اُن جي حامي هر طاقت ۽ اُن جي هر اهڙي حيواني عمل کي سخت لفظن ۾ نندين، اسان سڀني ۾ ايتري جرئت هئڻ کپي. جو غلط کي غلط چئي سگهون، منفي سوچ جو وهڪرو مَٽايون، پنهنجي ذاتي ۽ گروهي نجات جي هَو سَناڪ چڪرن مان نڪرون ۽ پنهنجي ملڪ  توڙِي  دنيا جي عام انساني ۽ اجتماعي نيڪيءَ ۽ خير لاءِ سوچيون، ته جيئن دنيا جا باندي انسان آزاديءَ جو ساهه کڻن ۽ انسانيت جي اوچي پَدَ تي پهچڻ لاءِ جدوجهد جو عمل جاري رکن، ڇو ته انسانيت جو اعليٰ کان اعليٰ تر مقام اِهو ئي آهي.

(29- 11- 1984)                              - م. ش.پ

 

خط

 

الاتوهار

پرچو ۽ اوهان جي ”الاتوهار“ پڙهي ويٺو آهيان، اول اوهين مبارڪ قبول ڪريو ته پوءِ ڪي ڪريون ڳالهين جا  ڍُنگ. پرچي جي پاليسيءَ  طور جناب جويي صاحب پڙهندڙن تي وضاحتون ڪيون آهن، پهرين  وضاحت پنهنجي انهيءَ پيغام ۾ ڪئي اٿن، جيڪو ليکڪن ڏانهن ’هدايت ‘ طور لکيو اٿن: لکن ٿا ته : ”’هدايت‘“ کي خالص سياسي تعليم جو هڪ تدريسي وسيلو ڪري هلائڻ چاهيون ٿا.“ ٻي وضاحت پاڻ ايڊيٽوريل ۾ ڪئي اٿن. انهيءَ ڳالهه جي چوڻ جي شايد ضرورت ئي نه آهي ته جويي صاحب جن جو ادبي، سياسي، علمي ۽ صحافتي تجربو پوريءَ هڪ صديءَ جي انهيءَ تاريخ جو تجربو آهي، جنهن ۾ انسانذات مهاڀاري لڙاين جهڙا ڌڪ سَٺَا ۽ ڏٺا آهن. جنهن ۾ قومن جي سطح تي آزادين ۽ غلامين جي سماجي زندگين کي آزمايو، ماڻيو ۽ سٺو ويو آهي، جنهن ۾ پرمارين جون انيڪ حرڪتون ۽ ظلمتون ڏٺيون ۽ سٺيون ويون آهن، جنهن ۾ غلاميون ۽ آزدادگيون ٻئي حاصل ڪيون ۽ ماڻيون ويون آهن. جنهن ۾ قلم جي ڏوهه تي قانون ٺهيا آهن ۽ زبان بنديءَ کي قومن جو مفاد ۽ انسانذات جي خدمت سمجهيو ويو آهي، جنهن ۾ دانشوريءَ جي ڌنڌي- واپار سان وڏ ماڻهپ حاصل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ دوستيءَ کي منافقت ۽ انسان دشمنيءَ جو وسيلو بڻايو ويو آهي، ۽ جنهن ۾ رنگن ۽ عادتن ٻنهي کي مَٽائي ڏيکارڻ جا انيڪ  ۽ اڻ ڳڻيا تجربا ڪيا ويا آهن. مونکي اميد آهي ته اسان جا پڙهندڙ انهيءَ ڳالهه سان اتفاق ڪن ٿا ته هِنن سڀني ڳالهين جون جهلڪون سنڌ جي تاريخ ۾ به ملن ٿيون، ۽ سنڌ اُهو ملڪ آهي، جنهن جي ماڻهن سان جويو صاحب’خالص سياست“ جي تدريس وسيلي ڳالهائڻ ٿو چاهي. نهايت ئي نيڪ خيال،  نهايت ئي  برڪت ڀريو، سڌو قدم آهي، جويي صاحب کي مبارڪ!

خالص سياست جي تدريس ۾ به اُهو وسيلو جيڪو ”ويچارو عوام“پنهنجيءَ ڀرَ ۽ ٻل تي اهڙيءَ حالت ۾ اختيار ڪري ۽ آزمائي ٿو، جنهن ۾ مٿينءَ سطح جا گهڻ خرچائو وسيلا هن جي درد دک جي ڳالهه ڪو نه ٿا ڪن، ۽ جنهن ۾ اهڙا وسيلا پاڻ عوام- دشمني جو اُهو ڪردار ادا ڪن ٿا. جنهن ۾ عوام جا آزار لڪائي اُن کي وڌيڪ آزارڻ جي لاءِ سوگهو ٻڌو ويندو آهي! سچ پچ ته اِها توهان جي همت آهي، جو ايڏو وڏو ڪم هٿ ۾ کنيو اٿو.

هاڻي هڪڙو عرض هلندي ۽ موڪلائيندي آءُ به هوند ڪريان. هيڏو جيڪو وڏو ڪم توهان هٿ ۾ کنيو آهي، تنهنجو اَجرُ عظيم آهي ۽ توهان کي ملندو، خاص ڪري اهڙيءَ حالت ۾ اُهو اَجرُ ٻيڻو ٿي ملندو آهي، جنهن ۾ نيڪيءَ کي پاڻ- هرتڙائپ۽ هلڪڙائپ جي بجاءِ صبر ۽ سنجيدگيءَ سان اختيار ڪيو ويندو آهي. پر اها ڳالهه به غلط نه آهي ته عصري تاريخ کي هڪ چِٽيءَ ۽ سچيءَ اهڙيءَ زبان جي ضرورت آهي، جيڪا هر ڳالهه کيِرون اڇ ڪري ڇڏي. مصلحتون ته هميشه انهيءَ  سچ جي خلاف ڪم ڪنديون رهيون آهن، جنهن  ۾ انسان ذات کي معلومات جي  غربت جي خلاف اخلاقي بهادري حاصل ٿي سگهي ها. اهي اشارا، اهي اصطلاح، اهي اهڃاڻوي ڳالهيون، اهي ڪوڊ ۽ اهي ’پارسيون‘، جن ادب ۽ صحافت ۾ انسان- دشمن  ڪردار ادا ڪيو آهي، ۽ جنهن جي ڪاريگريءَ هڪ عام ماڻهوءَ، سڌي سنئين ماڻهوءَ، کي جاهل، بد نصيب ۽ اٻوجهه بڻائي وڌو آهي، سي هونئن به وري وري پئي دهرايون ويون آهن. پاڻ انهيءَ  ”نيڪ“ ڪم جا ماهر ته اسان کان وڌيڪ ڪي ٻيا دنيا ۾ موجود آهن ۽ موجون ٿا ماڻين. هاڻي بس اِهو ئي ڏسڻو آهي ته سنڌ کي مخاطب ٿي، ڪهڙي ”خالص“ سياست جي تعليم ڏيڻ گهرجي ۽ اُن تعليم جي ”ميڊيم“ يا وسيلي طور ڪيئن لکجي ۽ ڪهڙيءَ طرح ڳالهه عام ماڻهوءَ جي ڪن ۽ من تائين پهچائجي، جو هو ”هدايت“ جي زبان سمجهي ۽ توهان جو ۽ اسان جو ٻيو حق جو آواز سمجهي، هو ويچارو پاڻ به لکڻُ ۽ ڳالهائڻ سکي وٺي.

ڪريون ٿا اميد ته ”هدايت“ جي وسيلي توهان سنڌ جا ۽ موجوده دنيا جا مسئلا نه رڳو ڳڻائيندا، پر  انهن سان منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ شعور، هڪ قوت به پيدا ڪري سگهندا. آخر ۾، شاهه سائينءَ جي لفظن ۾، دعا جا ڪلمات به حاضر آهن-

کوها ڪالهه کڻي، اُنِ وڌا اُتر آسري،

الا جهري مَ اُن جي، اولي جي آڻي،

وڻجارن وڻي، وڌو وکر ٻيڙين.
(26-7-1984ع)-چيزل خان، حيدرآباد سنڌ

 

تشخص

-تشخص شخصن، سماجن ۽ قومن کي ٿئي ٿو. سنڌ جي تشخص کي تمام آڳاٽي دور کان وٺي اڄ تائين وجود رهيو آهي، پر اِها سنڌ جي تاريخ آهي. سنڌ جي هن تشخص تي جرحون به ڪيون ويون آهن ۽ سنڌ کي جدا جدا قوميتن جو صوبو سمجهي، هن طرح يا هُن طرح اِهو ظاهر ڪيو پئي ويو آهي ته ”سنڌ ست ٽڪر آهي“. سنڌ  جي عوام کي هڪ طرف کان تخريبڪار سياست سان منهن ڏيڻو پيو آهي ۽ ٻئي طرف کان  پنهنجيءَ وحدت کي قائم رکڻ لاءِ مٿاڪٽ به ڪرڻي پئجي ويئي آهي. ون يونٽ جو قيام سنڌ جي وحدت ۽ تشخص جي لاءِ هڪ خطرو هو، پر سنڌ جي عوام لڳاتار جدوجهد کانپوءِ پاڪستان جي اندر هڪ دفعو وري سنڌ جي تشخص کي بحال ڪيو. ون يونٽي سرڪار جي ڇڏيل ’پيڙهيءَ‘ اُن کان پوءِ به هن وسيلي پاڪستاني عوام کي بر غلائڻ لاءِ ”سنڌ“ ۽ ”ڪراچيءَ“ جا لفظ استعمال ڪيا، ۽ ڪن هنڌن تي ٻروچن، بروهين، سرائڪي ڳالهائڻ وارن، مهاجرن، پنجابين، پٺاڻن، مزدورن ۽ نون سنڌين ۽ پراڻن سنڌين جا اصطلاح ڪم آڻي ۽ متعدد قبائلي تنظيمن جي قيام جي همت افزائي ڪري، سنڌ جي اُنهيءَ تشخص جي خلاف ڪم ڪيو، جنهن جي آڌار تي سنڌ ايترن گروهن کي پاڻ ۾ جذب ڪري پنهنجي وجود کي قائم رکندي آئي. ۽ آخر پنجاب جي  جهانديده سياستدان ميان محمد ممتاز دولتانه کي اهو اقرار ڪرڻو پيو ته سنڌ کي هڪ تشخص حاصل آهي.

دولتانه  صاحب جي هن اظهار راءِ جي پويان ڪهڙو راز ۽ سبب آهي، اهو هڪڙو ٻيو سوال آهي، پر اسان لاءِ سندن هڪ راءِ سان گڏ ٻئي سندن اظهار راءِ تي هڪ خيال اڳيان آڻڻ تمام ضروري آهي. اُها سندن راءِ اِها آهي ته پنجاب  کي تشخص ۽ وحدت حاصل نه آهي، جيئن تازو (2- 6- 1984ع تي) بي. بي. سيءَ پاران نشر ڪيل انٽرويو ۾ دولتانه  صاحب چيو.

هن راءِ تي ملڪ جي باشعور ۽ ملڪ جي تاريخ کان واقف دوستن کي پڪ آهي ته ڏاڍو اچرج لڳو هوندو . حقيقتون، جيئن هرڪو ڄاڻي ٿو، اهو ٿيون ٻڌائين ته پنجاب کي ٻيو تشخص حاصل آهي ۽ پنجاب جي سياست ٻنهي هٿن سان اُن وحدت ۽ تشخص جو فائدو حاصل ڪيو آهي. پنجاب جو وڏي ۾ وڏو تشخص، اُن جي نوڪر شاهيءَ، طاقت ۽ برتريءَ واريءَ حيثيت ۾ موجود آهي. هن حيثيت پنجاب کي هڪ صوبو نه پر هڪ طاقتور وجود، هڪ طاقتور علائقو، بنائي ڇڏيو آهي، جيڪو ڪنهن به وقت ڪنهن به گروهه سان زور  آزمائي ڪري، پنهنجو تشخص بحال ڪري ٿو سگهي، ۽ ڪري ٿو.

ٻيو تشخص جيڪو پنجاب کي حاصل آهي، سو آهي سندس ”پنجاب“ هئڻ جو، جنهن ۾ زمين، ٻولي، آباديءَ جي اڪثريت، سياست جي مخصوص طرز فڪر، ۽ مالي وسيلن جي شاهوڪاري وغيره اچي  وڃي ٿي. هي اُهي شيون آهن، جن پنجاب کي هڪ وڏو تشخص بخشيو آهي. پاڻ جناب دولتانه به اِها ڳالهه فخر سان چوندو ته پنجاب دنيا جي انتهائي شاهوڪار زمين آهي. اُهو پنجن درياهن جي مٽيءَ ۽ پاڻيءَ سان آباد آهي ۽ ان کي هڪ زبان ۽  هڪ ڪلچر تاريخي طور تي مليل آهي. اِنهن ڳالهين جي ڪري به پنجاب پاڪستان ۾ هر طرح سان هڪ مضبوط، آباد ۽ خوشحال صوبو آهي.پر جناب دولتانه جيڪا ڳالهه ڪرڻ نٿو گهري ۽ نٿو ڪري، سا هيءَ ته پنجاب جي مخصوص سياست ۽ طاقت جو وڏو ڪارنامو اِهو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ هِن صوبي هر ٻاهرينءَ يلغار کي منهن ڏنو ۽ ڪنهن به ڌارئي عنصر يا گروهه کي پنهنجيءَ مقدس زمين تي حقيقتن دخلڪار ٿيڻ نه ڏنو. ڀارت کان آيل مهاجر ”مسلمان ڀائر“ ۽ ”پاڪستان جا سچا سپاهي“ ۽ ”اصل وارث“ به پنهنجيءَ گروهي حيثيت سان پنجاب ۾ داخل ٿي  يا رهي نه سگهيا- توڙي جو پنجابُ پاڪستان ۽ اسلام جو مضبوط قلعو هو: ۽ سنڌ ئي اِنهن ماڻهن کي ڀليڪار چئي پاڻ وٽ  آندو ۽ آباد ڪيو. پنجاب ۾ هندو بلڪل رهي نه سگهيا، جو پنجاب مسلمانن کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان اشتراڪ ڪري نٿو سگهي؛ پر پنجاب ۾ نه افغان مهاجرين داخل ٿي سگهيا، نه بهاري ۽ بنگالي مهاجرين. پنجاب ۾ داخل ٿيڻ لاءِ يا گهر  ڪري ويهڻ لاءِ واقعتاً دروازا رڳو پنجابي ماڻهن يا پاڻ کي پنجابي بڻائي پنجاب ۾ جذب ٿي وڃڻ وارن لاءِ ئي کلي سگهيا.

جناب دولتانه چٿر ڪندي چوي ٿو ته پنجابي ڳالهائڻ وارن کي جاهل سمجهيو وڃِي ٿو، پر اِها ڳالهه هر ڪو ڄاڻي ٿو ته رڳو دولتانه خاندان بلڪه پنجاب جو هر سڌريل ۽ فارورڊ خاندان نه به نجي زندگيءَ ۾ بهتر اظهار رڳو پنجابيءَ ۾ ئي ڪري سگهي  ٿو، ۽ ڪري ٿو.

نه رڳو پنجاب ۾ بلڪ ٻين صوبن ۾ به پنجابي ماڻهو پنجابيءَ ۾ گفتگو ڪن ٿا ۽ ڪاروبار يا گهرو زندگيءَ ۾ هو پنجابي نه رڳو ڳالهائين ٿا. پر اِها دعوا به ڪن ٿا ته اردو تعليم جي باوجود هنن جي زبان پنجابيءَ کي ڪو نقصان نه پهتو آهي، ۽ نه پهچي سگهي ٿو. اها دعوا ئي نه آهي، جيڪا هو ٻين جي زبان خلاف هڪ دليل طور ڪندا آيا آهن.

اِهي اُهي  حقيقتون، جن کي اڳيان رکي، اهو ئي چئي ٿو  سگهجي ته پنجاب کي پنهنجي وحدت ۽ تشخص حاصل آهي، البت ايترو وسهي ٿو سگهجي ته جڏهن سنڌ جو تشخص انساني ۽ اصولي بنيادن تي آهي، ته پنجاب جو تشخص اِنهن بنيادن سان گڏ علائقائي، عصبي، سياسي ۽ طاقت جي بنياد تي پڻ ٻڌل تشخص آهي، انهيءَ ڪري سنڌکي پنهنجي رڳو وجود لاءِ به جدوجهد جاري رکڻي پوي ٿي.ڇا، ميان دولتانه  انهيءَ حقيقت کان بيخبر آهي؟

(12- 7- 1984ع)                     - هي غا توشي، حيدرآباد

 

 

ناانصافيءَ جو ڊگهو هٿ

- اخبارن ۾ تازو آيل ڪن خبرن مان معلوم ٿئي ٿو ته اُنهن بستين ۽ ڳوٺن کي جيڪي ڪراچي  شهر جي وڌڻ جي  ڪري سڌريل ۽ اڏيل تجارتي مرڪزن ۽ رهائشي ڪالونين جي وچ ۾ اچي ويا آهن، تن کي اتان لڏائي ۽ انهن کي ٻاهر شهر کان پري ڪٿي آباد ڪيو ويندو، ۽ اُنهن هنڌن تي نوان مرڪز، تجارتي آرڪيڊ ۽ رهائشي ڪالونيون ٺاهي،  نَون آباد ٿيندڙ ماڻهن کي ورسايو ويندو ۽ اِنهيءَ ريت هڪڙي غريب ٽولي جي قيمت تي هڪ نئون امير ٽولو آباد ڪيو ويندو.

اهڙين خبرن جي پڙهڻ سان هر انسان اهو سمجهي سگهندو ته بي انصافيءَ جو هٿ ڪيترو نه ڊگهو آهي، ۽ اهي ماڻهو جيڪي انهيءَ هٿ جو استعمال ڪرڻ گهرن ٿا، سي ڪيڏا نه بيڊپا ۽ ڪيڏا نه بيمُهابا آهن!

هڪڙيءَ سنئينء سڌيءَ ڳالهه جي باري ۾ ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ، انهن جي مال ۽ ملڪيتن تي ناجائز قبضو ڪرڻ ۽ انهن جي روزگار جي وسيلن ۽ انهن جي گذران جي طريقن تي پنهنجو هٿ ڦٻائڻ ۽ اِن طرح هڪ نئون ورسايل طبقو تيار ڪرڻ، اِهي سڀ ڳالهيون هِنن بي انصاف ماڻهن جي لاءِ ڄڻ ته هڪڙو وندر جو ڪم آهي ۽ ماڻهو اهو ڪم ايڏيءَ آسانيءَ سان ڪرڻ گهرن ٿا، جو شايد پنهنجي ناشتي ڪرڻ ۾ به کين وڌيڪ تڪليف ڪرڻي پوندي هوندي.

اها ڳالهه هرڪو ڄاڻي ٿو ته هن قسم جا ڳوٺ يا آباديون پنهنجو پاڻ منتقل ٿي شهرن ۾ ڪو نه ويون آهن، پر پاڻ شهرن جي آباديءَ انهن کي پنهنجي وچ ۾ آندو آهي. ان طرح هڪڙيءَ  گنديءَ گهٽيءَ سان لڳو لڳ هڪڙو سهڻو روڊ ٺهي رهيو آهي ۽ هڪڙي اونداهيءَ ڀونگيءَ ڀرسان هڪ روشن ۽ شاندار بنگلو  ٺهي رهيو آهي. هڪڙيءَ ڪالونيءَ ۾ اسپتال، اسڪول، شاپنگ سينٽر ۽ ورڪشاپ ٺهي رهيا آهن ته اُنهن جي ڀرسان لڳو لڳ، هڪڙي طبقي جي سڀني سهولتن جي باري ۾ اهو سوچيو ٿو وڃي ته اُنهن کي هتان لڏي وڃڻ کپي هت جيئن اُنهن هنڌن تي جديد اڏاوتون ڪري سگهجن ۽ جيئن اُهي ماڻهو جيڪي اڳي ئي شهري سهولتن کان محروم هئا، سي هميشه لاءِ اُنهن  سهولتن کان محروم رهن.

هڪڙي ڳالهه، جا هي ڊگهن هٿن وارا بي انصاف ماڻهو ڪرڻ نٿا گهرن يا ٻڌائن نٿا گهرن، سا اها آهي ته اُهي ماڻهو  اتان جا اصلوڪا ۽ پراڻا ماڻهو آهن، انهن ماڻهن نون آباد ٿيڻ وارن جي محلن،بنگلن ۽ روڊن توڙي ڪارخانن جي اڏڻ  ۾ تمام وڏو پورهيو ڪيو آهي ۽ اڄ تائين ڪندا رهيا آهن. هي مقامي ماڻهو جيڪي صدين کان آباد آهن، سي اِنهي ڳالهه جو هر ڪو حق رکن ٿا ته پنهنجن گهرن ۾ رهن ۽ حڪومتن کان اِهو حق حاصل ڪن  ته هُنن کي سڀ سهولتون  ملن، جيڪي ٻين کي نون آباد ٿيندڙن کي ڏنيون ٿيون وڃن. جيڪي ضرورتون هي اصلوڪا رهاڪو گهرن ٿا، سي نوان آباد ٿيندڙ ماڻهو به گهرن ٿا، پوءِ آخر ڪهڙو سبب آهي، جنهن ڪري هڪڙن ماڻهن کي  ٻين ماڻهن تي  ترجيح ڏني ٿي وڃي؟

آخر اُهي ڪهڙا سبب آهن جن جي ڪري کين دربدر ڪري  انهن کي ۽ دنيا کي اهو ڏيکاريو ٿو وڃي ته ڪراچيءَ ۾  يا سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ سنڌ جا اصلوڪا ماڻهو ڪنهن به ريت وسائي ۽ ورسائي نٿا سگهجن.

”هدايت“جي صفحن جي مهربانيءَ سان اها ڳالهه واضح ڪرڻ مناسب ٿيندي ته سنڌ جي اندر ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان ويڙهائڻ، طبقن کي پيدا ڪرڻ، هڪڙن کي دربدر ڪري ٻين کي خوش ڪرڻ سراسر ظلم آهي. انصاف  تي ٻڌل ڪنهن به نظام جو هر گز اهو ڪم نه آهي. اِنهيءَ ڪري، اَشد ضروري آهي ته هِنن بي انصاف ماڻهن جي بد ارادن جو ڪو بلو ڪيو وڃي ۽ شهرن جي گهيري ۾ آيل ڳوٺن کي جائز حق ۽ سهولتون ڏنيون وڃن.

(9- 8- 1984ع)      ’               - مدثر حيات،  حيدرآباد

 

 

بدين جي زمين

-حاليه جمهوري تحريڪ دوران هنڱورن جي ڳوٺ ۾ اچڻ  کان اڳ بدين ضلعي ۾ گولاڙچيءَ جي رهواسي  هيس، جت ڄايس ۽ نپنيس.

بدين ضلعي ۾ سالن کان ڏاڍ جو سلسلو ڏسندي پئي آيس، جنهن ۾ غريب هارين کي بي دخل ڪري، سندن ٻنين ۾ اکيون وجهي، جهٽ هنيا ويا، ۽ نون زميدارن کي ڪوٺ ڏيئي، سندن جاءِ پئي ڀري ويئي.

هنن ئي ڪالمن ۾ مسٽر حيدر بخش جتوئيءَ جو خط پڻ پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي هيم. جنهن کي سنڌي اخبارن به ترجمو ڪري شايع ڪيو  هو ۽ اِن جي نتيجي ۽ موٽ ۾، حڪومت ڪنهن حد تائين پنهنجي پاليسيءَ تي پڻ نظرثاني ڪئي هئي. اهو نظر ۾ رکندي ئي بدين ضلعي جي زمين جي ورڇ جي صورتحال بابت لکي رهي آهيان. ٽنڊي غلام عليءَ ۽ ماتليءَ جي پسگردائيءَ وارا علائقا غير سنڌي آبادڪاريءَ جا ڳڙهه آهن.۽ ماتليءَ ويجهو ٽي نوان ڳوٺ قائم ڪيا ويا آهن، جت نوان زميندار اسري رهيا آهن. اِهي زميندار وڏي پيماني تي بصرن جي پوک ڪن ٿا  ۽ اِها پيدائش ملڪ جي ٻين حصن ۾ به اماڻين ٿا. ۽ هتي ڪمي ۽ هاري پڻ سنڌ کان ٻاهران آندا وڃن ٿا. ۽ مڪاني هارين کي بي دخل ڪري، کين سنڌ جي ٻين علائقن يا وڏن شهرن ڏي ڌڪيو  وڃي ٿو.

۽ نتيجي ۾ اُهي ڏتڙيل هاري گهٽ درجي جو پورهيو ۽ هٿ ڀريءَ وارو ڪم به حاصل ڪري نٿا سگهن.

ايتري قدر جو تيل جي کوٽائيءَ جي ڪمن لاءِ به صاحبن جي ديس مان ماڻهو آندا وڃن ٿا.

بدين ضلعو ’سابق خدمتگارن‘ جي آبادگاڪاريءَ جو وڏو مرڪز آهي، اُتي زمين جي بخشش جو اهو سلسلو 1960ع جي اوائل ڌاري ايوب خان جي ڏينهن ۾ شروع ٿيو هو.  ايوب خان بذات خود به اُنهن اوائلي  آبادڪارن مان هڪ هو.ايوب خان اُتي مڪاني  زميندار دوستن کي زمين جي سڌاري وارين سرڪاري پاليسين جي تعميل ۾ سهولتون ڏيئي، اُنهن جا ڪافي ٿورا لاٿا، ۽ نڪرجي ديهه ۾ پنهنجو فارم به قائم ڪيو، ۽ پوءِ ايگريڪلچرل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي مدد سان سڌاري، نيٺ وڪرو به ڪري ڇڏيو.اُن کان سواءِ ٻين غير سنڌي زميندارن کي به اُت زرخيز زمين جا ٽڪر عطا ڪيا ويا ۽ خاص طور پنجاب کان آيل ماڻهن جي آبادڪاريءَ واري پاليسي مرتب ڪئي ويئي، جنهن تي اڃا سوڌو عمل ٿي رهيو آهي، ايتري قدر، جو ضلعي جي ڪارخانن ۾ به ٻاهرين کي رکيو وڃي ٿو، ۽ بدين ضلعي جا ڏتڙيل ۽ بي دخل هاري ان ڏينهن لاءِ واجهائي رهيا آهن. جڏهن پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ به اهي ڪارخانا قائم ٿين ۽کين به اُت آباد ڪيو وڃي!

بدين ضلعي جا ماڻهو ٻن سببن ڪري هن آبادڪاريءَ جي مخالفت ڪري رهيا آهن:

هڪ ته هِتان جي زمين ڀڳڙن مٺ وڪامي رهي آهي، ۽ ٻيو مڪاني ماڻهن کي اهو چئي  نظر انداز ٿو ڪيو وڃي ته اهي سست، نااهل ۽ ڪم چور آهن.

جيتوڻيڪ موجوده حڪومت لاءِ اهو ناممڪن ضرور آهي ته ٻاهر جي ماڻهن کان زمين وٺي کين واپس پنهنجن علائقن ڏانهن اُماڻيو وڃي، پر اهو البت ممڪن آهي ته وڌيڪ نئين آبادڪاريءَ کي ٻنجو ڏيئي روڪيو وڃي، ۽ مڪاني ماڻهن کي زراعت ۽ صنعت جي دائرن ۾ روزگار جي خاطري ڏني وڃي. جيڪڏهن هن تجويز تي غور نه ڪيو ويو ۽ اُن لاءِ جوڳا تدارڪ عمل ۾ نه آيا، ته هن علائقي جي ماڻهن ۾ ڏينهون ڏينهن محروميت ۽ ڌاريائپ اورا جذبا وڌندا ويندا.(18- 10- 1984)

مريم پليجو- هنڱورجا

[”ويو پوائنٽ“، سيپٽمبر 20، 1984ع

لاهور جي ٿورن سان – م.ا.ج]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org