سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: مُٺ مُٺ موتين جي

باب: --

صفحو : 7 

 

 ”ديوارين“ ۽ ”جنگل“

ڪراچي ٽِيليويزن تان سنڌيءَ جي مشهور ليکڪا نور الهديٰ شاهه جوو اردو ۾ لکيل ڊرامو ”جنگل“ نيشنل نيٽ ورڪ تي سڄي پاڪستان ۾ ڏيکاريو پيو وڃي. ڪهاڻي سنڌ جي سماجي برائين بابت آهي، جنهن ۾ سنڌي ماحو ۾ وڏيري ۽ پير جا وڏا ڪردار به موجود آهن.

هن کان اڳ ڪراچي ٽي ويءَ تان عبدالقادر جوڻيجي جو اردو ۾ لکيل ڊرامو”ديوارين“  پيش ٿيو هو، جنهن ۾ به سنڌ جي سماجي برائين کي سنڌي ماحول ۾ پيش ڪندي، وڏيري جي ڪردار کي ننديو ويو هو.

 اهو ڊرامو عام- پسند سان گڏ، خاص طبقن وٽ به ايڏو قبول پيو، جو خود صدر مملڪت ان جي ليکڪ، پروڊيوسر ۽ فنڪارن کي پاڻ وٽ گهرائي باريابيءَ جو  شرف بخشيو، هزار شابسون ڏنيون ۽ سَندون ۽ سرٽيفڪيٽ ۽ انعام اڪرام عطا ڪيا. انهيءَ چاڙهه کي ڏسي، پوءِ ڪيترن ئي تجارتي ۽ ثقافتي ادارن به دعوتون ڪيون ۽ ايوارڊ ڏنا.

پاڪستان ٽيليويزن جي سڀني اسٽيشنن جي سموريءَ تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو هو، جو هڪ ڊرامي کي ايڏو ساراهيو ۽ پڏايو ويو  ۽ انعام ۽ اعزاز ڏنا ويا- جيڪو هڪ سنڌي ليکڪ لکيو هو، سنڌي پروڊيوسر پيش ڪيو هو، ۽ جنهن ۾ مکيه ڪردار سنڌي فنڪارن ادا ڪيا هئا. تنهن ڪري، اها ڳالهه سنڌ جي هر فرد لاءِ بيشڪ فخر جو سبب سمجهڻ کپي. اسان کي پنهنجي ليکڪ، پروڊيوسر ۽ فنڪارن تي به ناز ڪرڻ کپي، جن پنهنجين صلاحيتن کي ايڏو اوچو ثابت ڪيو.

پر انهيءَ سلسلي ۾ هڪڙي ٻي ڳالهه ڌيان طلب آهي، جيڪا مون کي هر وقت ڪُکندي پئي رهي، پر جڏهن هاڻي ”جنگل“ بابت مختلف رايا اچي رهيا آهن، تڏهن اها پيش ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان.

ٽيليويزن تان هر لحاظ کان بهترين ڊراما وڏي تعداد ۾  پيش ٿي چڪا آهن، پر انهن مان ڪنهن کي به ڪڏهن به اهڙي نظر ڪرم نصيب نه ٿي آهي. علي بابا ۽ اياز عالم ابڙي بين الاقوامي معيار جون تخليقون پيش ڪري، بين الاقوامي چٽا ڀيٽن ۾، پاڪستان  ٽيليويزن لاءِ اعزز حاصل ڪيا ،پر صدر  مملڪت وٽان کين همت افزائيءَ جو نياپو به نصيب نه ٿيو.

”ديوارين“ ۾ سنڌي وڏيري جي ظلمي ڪردار کي هڪ اهڙي زماني ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪو سنڌ ۾ هڪ خاص صورتحال جو زمانو هو. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن اهو ئي ڊرامو ڪجهه وقت اڳ پيش ٿئي ها ته شايد اُن مان اُهو مقصد نه حاصل ٿئي ها، جيڪو پوءِ حاصل  ٿيو.

اِنهيءَ سياسي پس منظر ۾، ”ديوارين“ جي ماڻهن کي جيڪو جس مليو ۽ سندن جيڪا همت افزائي ۽ عزت افزائي ٿي، تنهن جي حيثيت ڪهڙي آهي، تنهن بابت اڃا ڪجهه چيو ئي نه ويو آهي ته  وري اهڙيءَ طرز جو ٻيو ڊرامو ”جنگل“ پيش ٿي رهيو آهي، جنهن تي شروع ۾ ئي چوپچو ٿيڻ لڳي آهي.

سنڌ جي ئي ”مجلس شورا“ جي هڪ ميمبر اعتراض  واريو آهي ته هن ڊرامي ۾ سنڌي ثقافت کي غلط نموني ۾ ڏيکاريو پيو وڃي. سندس چوڻ آهي ته ملڪ وڏيرن جي چڱمڙسيءَ ۽ پيرن جي دعائن سان هلي رهيو آهي، تنهن ڪري انهن کي منفي ڪردار طور پيش ڪرڻ غلط آهي ۽ هو صاحب عدالت ۾ وڃي اهو ڊرامو بند ڪرائڻ گهري ٿو!

هي عجب معاملو آهي ته گهوڙيءَ عيوض نياڻيون کڻڻ کي سنڌي ثقافت جي صحيح روايت ڄاتو وڃي ۽ اسان جو ”مجلس شورا“ جو محترم ميمبر ڪو به اعتراض نه ڪري، پر هاڻي جڏهن وڏيري سان گڏ پير کي به پيش ڪجي ٿو ته کيس ثقافتي غلطي نظر اچڻ لڳي آهي!

وڏيري جي خلاف ته ”ديوارين“ کي سند ملي ئي چڪي آهي، پر زماني ساز پير جو ڪردار به لاهور ٽي ويءَ تان ”جهوڪ سيال“ ڊرامي ۾ خصوصيت سان پيش ٿي چڪو آهي. تنهن ڪري ٽيليويزن جي اختياريءَ وارن لاءِ ته اِن ڏس ۾ ڪنهن به اعتراض جو سبب نٿو نظر اچي، البت اسان جي ليکڪن کي ضرور سوچڻ کپي ته سندن تخلقين کپي ڪنهن به سياسي پس منظر ۾ غلط مفهوم سان نه ڏٺو وڃي. کين ڏسڻ کي ته صحيح هوندي به، وقتي صورتحال جي ڪري، سندن ڪردارن مان ڪي خاص مفاد ته نه پيا حاصل ڪيا وڃن.؟

(16- 8- 1984ع)                     – چيزل خان حيدرآباد،

 

ڪراچي ٽي ويءَ جي ڊراما سيريل ”جنگل“ بابت پڙهيم، اُن کان اُتساهه وٺي، پنهنجا ڪي ويچار پيش ڪرڻ گهران ٿو.

”جنگل“ ڊرامو سنڌ جي  هڪ نامياري اديبه محترمه نور الهديٰ شاهه جو لکيل آهي، جنهن ۾ سنڌ جي طبقاتي ڏاڍاين جي نشاندهي تمام سٺي نموني ۾ پيش ٿي رهي آهي.

مجموعي طرح هن ڊرامي جو مقصد سنڌ جي وڏيري، پير ۽ زميندار جي غلط ڪارگذارين کي ظاهر ڪرڻ لڳي ٿو. (اهڙي ئي قسم جو هڪ ڊرامو پهرين سنڌيءَ ۾ ”راڻيءَ جي ڪهاڻيءَ“ جي نالي سان به پيش ٿي چڪو آهي.)

بهر حال، ڊرامو اڃا ابتدائي مرحلن ۾ آهي، ته اُن تي ڪافي حلقن طرفان  رائزني شروع ٿي ويئي آهي.  ڪي حلقا اِن ڊرامي  جي بند ڪرڻ جا حامي آهن. سندن موقف آهي ته ڊرامي ۾ سنڌي تهذيب ۽ روايت سان بي انصافي ڪئي ويئي آهي.

ٻئي حلقي طرفان، جن ۾ سنڌ جا 66 اديب به شامل آهن،  هن  ڊرامي جي باري ۾ پنهجيءَ حمايت جو موقف ظاهر ڪيو ويو آهي، سندن موقف اِهو آهي ته اُهي ڏاڍايون ۽ ظلم جيئن ته مٿيون طبقو ڪافي زماني کان ڪندو اچي، ان ڪري اُنهن جي نشاندهي ٿيڻ گهرجي. ائين هن ڊرامي جي ڪري سنڌ جي ماڻهن ۾ هڪ قسم جو نظرياتي بحث ڇڙي پيو آهي، اِن بحث کي پنهنجيءَ جڳهه تي رکندي، هت بنهه هڪ عام سنڌي پڙهندڙ ۽ لکندڙ ۽ ٽي وي ڏسندڙ جي حيثيت سان آءُ پنهنجي راءِ پيش ڪرڻ چاهيان ٿو.

سڀ کان پهريائين آءُ عام راءِ ۽ خاص ڪري سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو ڌيان اِن ڳالهه ڏانهن ڇڪائڻ چاهيان ٿو ته نشر ۽ اشاعت  جا ذريعا، جن ۾ ٽيليويزن به شامل آهي، حڪومت ۽ مٿئين طبقي جي قبضي ۾ آهن ۽  اِها اسان کي ڀليءَ ڀت پروڙ آهي ته اِهي ذريعا مجموعي طور حڪومت ۽ مٿئي طبقي جي نقط نگاهه جائي ترجمان  آهن. ته سڀ کان پهرين ذهن ۾ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر سنڌ جي مٿئين طبقي يعني زميندار، پير، وڏيري وغيره  جي غلطڪار گذارين کي عين هن وقت ۽ اهڙي زور شور سان ظاهر ڪرڻ مان ٽي ويءَ جي صاحب اختيار ماڻهن  جي ڇا مراد ٿي سگهي ٿي؟

تازو سنڌ ۾ جمهوريت جي موافقت ۾ جيڪا تحريڪ هلائي ويئي، اُن جي اڳواڻي ڪن حلقن جي نظر ۾ سنڌ جو مٿيون طبقو يعني خاص طرح مقامي زميندار ڪري رهيو هو، جنهن ڪري اُنهن حلقن خاص ڪري سنڌ جي اُن مٿئين طبقي جي باري ۾ ڪافي ڪجهه ڇرڪ کائي، عميقائيءَ  سان سوچڻ به شروع ڪيو. عين ممڪن آهي ته اُن عميقائيءَ جي سوچ ويچار کانپوءِ ئي ههڙن ڊرامن جي پيش ڪرڻ بابت پروگرام سوچيا ويا هجن، ڇو ته اِن طريقي سان سنڌ  جي مٿئين طبقي کان سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي الڳ ٿيڻ جي هڪ صورت نمودار ٿئي ٿي، ۽ ائين ته واقعي آهي به ته سنڌ ۾ طبقاتي تضاد يا ڏاڍايون موجود آهن. اسين سنڌي  وڏيري، زميندار، مير ۽ پير جي غلط، منافقتي ۽ غير انساني ڪردار ۽ سندن غلط ڪار گذارين کي وساري نٿا سگهون، جيئن، مثال طور، اڄ به سنڌ ۾ ڪافي ماڻهو پنهجين نياڻين جا حق بخشرائين ٿا. زميندار هاريءَ کي  ڦري ماري ٿو. ۽ اڄ به ڪافي نياڻيون پنهجن مائٽن ۾ ’واهه‘ نه هئڻ سبب، رواجن جي ڄمت ۽ هوڏ ڪري پنهنجي زندگيءَ تباهه ڪري رهيون آهن ۽ اڄ به ڪيترائي ٺڳ ”مرشد“ غريبن جي هڏ ۽ ست جي ڪمائيءَ تي پنهنجا محل ۽ ماڙيون اڏي رهيا آهن.

اُن لحاظ کان هي ڊرامو بند نه ٿيڻ گهرجي، ڇو جو هي ڊرامو اسان جي ماڻهن جي ذهن ۾ انتهائي اهم تبديليون آڻي رهيو آهي. پر سوچڻ جي ڳالهه صرف اها آهي ته آخر سرڪار جو ابلاغي ذريعو ٽي- وي، جيڪا خود مٿئين طبقي جي ترجمان آهي، اُها ڪيئن ۽ ڇو اُن ئي مٿئين طبقي جي مخالف بڻي آهي. ان جو هڪ سبب ته آءُ مٿي ٻڌائي آيو آهيان، يعني جيئن ته سنڌ ۾ هن وقت، جيئن سڄي پاڪستان ۾، وڏيءَ حد تائين سياسي ماٺ جو زمانو آهي! ماڻهن کي جيڪڏهن ڪا هنگامي اڳواڻي ملڻي آهي ته اُها اِنهي مٿئين طبقي مان ملي سگهندي. اِن ڪري ان طبقي کي ڪمزور ڪيو وڃي، ۽ خلق کان ڇني  پري ڪيو وڃي. جيڪڏهن سنڌ جي هيٺئين طبقي سان ڪا بي لوث همدردي هجي ها، ته پوءِ اُن لاءِ ڪافي ڪي ٻيا اپاءَ به وٺڻ ضروري هئا. سنڌ ۾ ڌارين جا ڪٽڪ بنان روڪ ٽوڪ جي اچي رهيا آهن، هو هتي اچي زمينون خريد ڪري رهيا آهن، ٽرانسپورٽ تي قبضو ڄمائي رهيا آهن. اُنهن لاءِ ڪالونيون ٺهي رهيون آهن، سندن روزگار لاءِ انتظام ڪيا ٿا وڃن؛ ۽ ٻئي طرف سنڌي هاري زمين ٻاري لاءِ ۽ سنڌي پڙهيل نوجوان روزگار لاءِ تڙپي رهيو آهي. اٺ هزار غريب والدين جا پٽ، نوان ڊاڪٽر، نوڪرين لاءِ واجهائي رهيا آهن ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي مسئلا  سنڌ جي هيٺئين طبقي سان لاڳو آهن. آخر اُنهن لاءِ به اپاءَ وٺڻ ضروري آهن! ته پوءِ هينئر اوچتو ئي اوچتو زميندار، پير ۽ وڏيري جي خلاف سنڌ جي مظلوم ماڻهن جي سالن کان هلندڙ دانهن ۽ ڪوڪن جو  ايڏو اونو ۽ فڪر ڇو اچي ٿيو آهي؟ اِهو  هڪ واضع سوال آهي، جنهن تي سنڌ جي سنجيدي طبقي کي سنجيدو ٿي سوچڻ گهرجي.

۽ هاڻي آءُ هن ڳالهه جي ٻئي رخ تي ٿوري روشني وجهڻ چاهيان ٿو. جيئن ته هيءُ ڊرامو سنڌ جي مظلوم عوام لاءِ پيش ٿي رهيو آهي، ته  پوءِ آخر اُن کي اردو ۾ ڏيڻ جو ڪهڙو سبب آهي، اُن کي سنڌيءَ ۾ ڇو نٿو پيش ڪيو وڃي؟ اِن جو جواب به ظاهر پيو آهي، يعني هيءُ ته هڪ تير سان ٻه شڪار  ڪيا پيا وڃن، هڪ ته مٿئين طبقي خلاف ايتري ته نفرت پيدا ٿئي، جو  هو هيٺئين طبقي کان ٽُٽي بيهن-  يعني سنڌ جي قومي اتحاد ۾ ڏار واقع ٿين، ته جيئن آئيندي ڪنهن امڪاني ضرورت وقت هيٺئين طبقي کي مٿئين طبقي جي رهبري مهيا نه ٿئي. ٻيو ته سنڌ جي عام ماڻهو، خاص ڪري ٻهراڙيءَ جي اڻ پڙهيل ۽ اٻوجهه ماڻهن کي، ذهني طرح اردو ٻوليءَ ڏانهن راغب ڪيو وڃي ۽ سندن ذهنن ۾ اردو جي اهميت ويهاري وڃي، جنهن ۾ ڪنهن حد تائين  ڪاميابيءَ جي صورت به پڌري آهي. ڪم از ڪم ڊرامي جا اردو ڊائلاگ ٻهراڙيءَ جا اڻ پڙهيل  ۽ اٻوجهه ماڻهو به لاشعوري طرح، اُٿي  ويٺي،  پنهنجيءَ زبان مان ڪڍي سگهن ٿا!

بهرحال، سنڌي عوام تائين ٽي- ويءَ ذريعي پهچڻ جي ئي ڳالهه  آهي ته هر ڪو ڄاڻي ٿو ته سنڌ جي نوي سيڪڙو آدمشماري هيٺئين طبقي تي مشتمل آهي ۽ اِهو طبقو سالن کان وٺي سنڌي پروگرامن جي وقت وڌائڻ لاءِ گهر ڪري رهيو آهي، ۽ آخر اڄ ڏينهن تائين اُن لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا ويا آهن؟

سوچڻ جي ڳالهه آهي ته روزانو رڳو پنجويهه منٽ ئي سنڌي پرگرام پيش ڪري جهڙو سنڌين تي ٿورو ڪيو ٿو وڃي، ته ڪهڙو لاچار اچي پيو آهي، جو سنڌي عوام جي مظلوميت کي سڄو هڪ ڪلاڪ، سو به ويهه ڀيرا، قومي رابطي تي پيش ڪيو ٿو وڃي.! اصل ڳالهه صاف ظاهر پيئي آهي.

مٿين ڳالهين کي مد نظر رکندي، آءُ سنڌ جي ماڻهن کي ۽ خاص طرح سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ فنڪارن کي گذارش ٿو ڪريان ته هو هنن ڳالهين تي سنجيده ٿي سوچين ۽ پوءِ هڪ پنهنجي راءِ قائم ڪن.

(13- 9- 1984ع) – عبدالرزاق ميمڻ، ايل. ايم. سي، ڄامشورو

 

ناٽڪ ”جنگل“ جو سماجياتي پهلو

اها ڳالهه سرهائيءَ جو سبب بڻي آهي ته ناٽڪ ”جنگل“ جي ڪردارن ۽ ڪهاڻيءَ پاڪستان جي عوام ۽ خاص طور تي پاڪستان جي وڏي صوبي پنجاب جي پڙهيل طبقي تي اثر ڪيو آهي ۽ هن ناٽڪ جي تعريف هاڻي اسلام آباد، پنڊيءَ، لاهور ۽ ملتان ۾ تمام گهڻي ڪئي ٿي وڃي: پر تعريف جو جيڪو پهلو پريس توڙي پڙهيل ماڻهن جي توجهه جو سبب بڻيو آهي، سو هر سمجهدار ماڻهوءَ جي لاءِ اهم آهي، جو اُهو، نوعيت جي لحاظ  کان آرٽ جو نه پر سياست جو هڪ دليل فراهم ڪري ٿو.

مختصر طور تي، اِهو دليل هي آهي ته پهريون ته سنڌ جو عوام اڄ به هڪ پراڻي سماج جيان زنده رهي ٿو؛ ۽ ٻيو ته سماجياتي طور تي اُهو عوام ڀرمز، سنسن ۽ وسوسن جو شڪار آهي، جنهن جو مطلب هي آهي ته عوامي سطح تي سنڌ جي سوچ غير سائنسي ۽ ناقابل قبول ۽ حقيقتن جي خلاف آهي؛ ٽيون ته سنڌ جو عوام جنهن استحصال جو شڪار آهي، اُهو استحصال سنڌ جو ئي اُهو طبقو ڪري ٿو، جنهن کي سياست ۾ تمام مٿاهون هٿ رهي آهي؛ ۽ چوٿون ته سنڌ جي هر اُها شڪايت، جيڪا ڪنهن به ٻئي صوبي جي خلاف آهي، سا غلط آهي، جو ناٽڪ جي پلاٽ يا ڪهاڻيءَ جي مصنفه اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌ جي بدحاليءَ جو سبب پاڻ سنڌ ۾ اندر موجود آهي ۽ نه سنڌ کان ٻاهر. هنن نڪتن کي جڏهن سنڌ جي ويجهڙائيءَ واريءَ تاريخ جي روشنيءَ ۾ رکي ڏسبو، ته معلوم ٿيندو ته جنابه نورالهديٰ شاهه کي اڪيڊمي آف ليٽرس جي طرفان ادب جو تمام وڏو انعام ملڻ گهرجي، ۽ جنابه نور الهديٰ شاهه کي گهٽ ۾ گهٽ به نوبل انعام جي رقم جيڏو انعام ڏجي!

اِهو سڀ ڪجهه ڪيو وڃي ته پاڪستان جا  اديب ڏاڍو خوش ٿيندا ۽ سنڌ جا به ڪي اديب، جيڪي ناٽڪ”جنگل“ جي باري ۾ اهڙي راءِ رکن ٿا، سي به ڏاڍو خوش ٿيندا، جو اردو جي هڪڙي ناٽڪ کي اردودان سنڌي مصنفه جي قابليت جي ڪري ڏاڍي اهميت  ملندي ۽  ان جو سبب اهو بڻبو ته ناٽڪل جا اهم ڪردار پاڻ سنڌي اداڪار  آهن ۽ ٻيو ته پلاٽ ۾ سنڌ جي انهيءَ سياستڪار کي ننديو ويو آهي، جيڪو سنڌ ۾، مصنفه جي عقل ۽ علم مطابق، سنڌ جي ماڻهن جو اصل وڏو دشمن آهي.

 پر اسان جي خيال ۾ انهي ڳالهه کان به وڏي ڳالهه جيڪا ناٽڪ ”جنگل“ پيدا ڪئي آهي، سا اڃا ٻي آهي. اسان اُها ڳالهه به نڪتن ۾ هيٺ آڻيون ٿا:؛

(1) هن ناٽڪ جي ڪري معاشي طور تي ضرورتمند اداڪارن ۽ وڏن فنڪارن جي همت افزائي ٿي آهي ۽ هاڻي انهن ۾ وڏو حوصلو پيدا ٿيو آهي.

(2) هن ناٽڪ جي ڪري سنڌ جي پورهيت طبقي ۽ غريب عوام جي اِنهيءَ شڪايت جي حمايت ٿي آهي، جيڪا هي طبقو استحصالي ٽولي خلاف سالن کان ڪندو رهيو آهي. اها شڪايت سنڌ جي غريب عوام کي اُنهيءَ ٽولي جي خلاف هميشه رهي آهي، جيڪو  هڪ نه ٻئي نالي سان پرماريت جو هٿيار ڪم آڻيندو رهيو آهي.

(3) هن ناٽڪ جي ڪري پاڪستان جي معاشري ۾ موجوده اُنهيءَ استحصاليءَ جي سڃاڻپ ٿي آهي، جيڪو نه رڳو سنڌ ۾ پر پاڪستان جي هر صوبي ۾ لمبردار، چوڌريءَ، رئيس خان، سردار، پير ۽ وڏيري جي جدا جدا نالن سان غريب عوام جو استحصال ڪندو رهيو آهي، ۽ نه رڳو ناٽڪ” جنگل“ ۾ پر اردو جي ڪيترن ئي ٻين ناٽڪن ۾ ۽ بي انداز فلمن ۾ به  اِنهيءَ ڳالهه کي سمجهايو ويو آهي ته پاڪستان جي معاشري  جو هي ناسور هر هنڌ موجود آهي ۽ اُن جي طاقت جا سبب به ساڳيا آهن يعني سماجي زور، ڌن ۽ ظالماڻو سياسي سرشتو.

(4) هن ناٽڪ جي ڪري اهاڳالهه  به وڌيڪ سمجهه ۾ اچي ٿي ته پاڪستان جي عوام کي ۽ خاص ڪري سنڌ جي عوام کي تعليم جي سهولتن کان جو محروم رکيو ويو آهي، ته اُن جا سبب ڪهڙا آهن.

(5) هن ناٽڪ جي ڪري به اها ڳالهه وڌيڪ سمجهه ۾ اچي ٿي ته عوام دشمن طاقتون عوام جي خلاف ڪهڙي قسم جا هٿيار ۽ سماجياتي وسيلا ڪم آڻين ٿيون.

(6) هن ناٽڪ سان اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچي ٿي ته سنڌ جي گذريل سياسي هلچل جيڪا جديد ترين خيالن ۽ طريقن سان هلائي ويئي آهي، سا وڏيري ۽ پير جي حڪمت عمليءَ جو نتيجو نه آهي، جو اِهو طبقو ته استحصالي آهي ۽ ”جنابه“ به مڃي ٿي ته اِها ڳالهه برابر آهي. ان ڪري اهو سمجهڻ ته هن ناٽ جي ڪن ڪردارن پاڻ کي لڪايو آهي، يا لڪائڻ چاهيو آهي صحيح نه آهي. توڙي جو سماجي سڌاري ۽ تبديل جو هيءُ ڪم پاڪستان جي فلمن ۾ ۽ لاتعداد اردو ناٽڪن ۾ به ۽ ڪيترن ئي سنڌي ڪهاڻين ۽ ناٽڪن ۾ اڳ به ڪيو ويو آهي، پر جيڪڏهن ”جنگل“ جي ڪري اُن کي اهميت ملي ٿي، ته خوشي هر ماڻهوءَ کي ٿيندي ۽ اسان کي به خوشي ٿي آهي ته هاڻي ته سڌريل ۽ مضبوط عوام، جيڪو پنجاب ۾ رهي ٿو، اُهو به اِها ڳالهه سمجهي ٿو.

(29- 11- 1984ع )   -مدثر حيات عارباڻي

 

 

ڳجهي بيماري

گذريل ڪجهه  ڏينهن کان اسان جي ملڪ جي اخبارن ۾ پنجاب جي هڪ ڳجهي بيماري (Mystetrious disease) جو ذڪر هڪ تمام اهم موضوع رهيو آهي. اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر ڌڪا هڻندا رهيا آهن. اُنهن ڊاڪٽرن مان ڪنهن اُن بيماريءَ کي گئسٽرو انٽائيٽس، ته ڪنهن وري اِهو ظاهر ڪيو ته دماغ تي زهر جي اثر ٿي وڃڻ جي ڪري ماڻهو مري رهيا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن ڌڪا به ڪم ڪري ويندا آهن، پر شايد اسان جي هنن ڊاڪٽرن جي قسمت موچاري نه هئي ۽ سندن ڪو به ڌڪو ڪارگر ثابت نه ٿيو، آخر هڪ ٽيم تشڪيل  ڏني ويئي، جنهن ۾ WHO (اقوام متحده جي صحت واري اداري) جو ماهر پڻ شامل آهي.

هڪ مرحلي تائين خبرون پهتيون ته 28 ماڻهو اُن بيماريءَ  ۾  موت جو شڪار ٿي چڪا هئا، ۽ پوءِ چيو ويو ته ڊاڪٽرن اُن ڳجهيءَ بيماري تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو هو، جيتوڻيڪ انگريزي اِخبار ”ڊان“ جو تازو چوڻ آهي ته اُن کان پوءِ به 5 ماڻهو وڌيڪ اُن بيماريءَ وگهي مري چڪا آهن.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا  ٿئي ته اسان جهڙن غريب ملڪن ۾ اهي ڳجهيون بيماريون ڇو ٿيون ٿين، ان سلسلي ۾ 27 سيپٽمبر واري انگريزي اخبار ”ڊان“ جي ايڊيٽوريل تي نظر پيئي. بنيادي طرح آءُ پاڻ هڪ سست شاگرد آهيان، پر اُن ايڊيٽوريل مون کي مجبور ڪيو ته آءُ ڪجهه نه ڪجهه لکان.

ايڊيٽوريل ڪجهه هن ريت  هو:

”وفاقي وزير صحت پنهنجي بيان ۾ اِن ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي کاڌ خوراڪ جي اهميت کان واقف ڪيو وڃي. وزير صاحب اهو پڻ فرمايو ته انيڪ بيماريون اڻپوري کاڌ خوراڪ جي ڪري حملو ڪن ٿيون.....“

ايڊيٽوريل ۾ اهو پڻ ظاهر ڪيو ويو هو ته ”هن وقت دنيا ۾ ڏهه ڪروڙ ماڻهو اڻپوري کاڌ خوراڪ جي ڪري بيمارين ۾ مبتلا آهن....  پاڪستان ۾ صورتحال به ڪا مختلف  نه آهي. اسان جي ملڪ جا 60 کان 70 سيڪڙو ٻار اڻپوري ۽ ناقص غذا تي گذران ڪن ٿا، جيڪي اڳتي هلي موتمار بيمارين جي ڄار ۾ ڦاسن ٿا.......هيءُ مسئلو صرف غريب خاندانن ۾ ئي ڪونهي پر پئسي وارا به اِن پاسي ڌيان نه هئڻ ڪري، ناقص ۽ اڻپوري غذا کائين ٿا......“

آخر ۾ ايڊيٽوريل ۾ اسان سڀني تي اِها ڊيوٽي رکي ويئي هئي ته اسين عام ماڻهوءَ کي اڻپوريءَ غذا جي نقصانن ۽ پوريءَ غذا جي فائدن کان واقف ڪرايون.

ٺيڪ آهي سائين! مڃيوسون، ۽ اسان ايڊيٽر صاحب جي چوڻ تي سندرا ٻڌي، نيڪ ڪم لاءِ نڪرون ٿا. هاڻي اُهو طبقو جيڪو صرف لاغرضائيءَ ۾ سستيءَ جي ڪري ناقص غذا کائي رهيو آهي، اسان جي ڳالهه مڃي ٿو، ۽ سٺي غذا کائڻ شروع ڪري ٿو، جنهن لاءِ اُنهن وٽ اسان جي هن طبقاتي سماج ۾ ذريعا پڻ موجود آهن. پر اُن طبقي جو ڇا ٿيندو، جنهن لاءِ اسان جي هن ئي سماج ۾ ڪنهن به قسم جي سلامتي نه آهي. سڀاڻي جيڪڏهن اسان انهن کي سٺيءَ غذا  جي فائدن کان واقف ڪرايون ۽ هو اسان کان اُن سٺي غذا جي طلب ڪن جيڪو اُنهن جو بنيادي حق هوندو،  ته اسين اُنهن کي ڪهڙو جواب ڏينداسين! جڏهن ته اُنهن کي اُها ناقص غذا به پوري پيٽ  ڀرڻ لاءِ مهيا نٿي ٿئي!

ٻهراڙيءَ جي هڪ عام شاگرد هجڻ جي ناتي، منهنجو ڳوٺ جي عام ماڻهن سان سٺو واسطو آهي.جنهن مان مون کي اها خبر پوي ٿي ته اُنهن کي پوريءَ غذا جي. جيڪڏهن مڪمل کڻي نه تڏهن به چڱي خاصي ڄاڻ آهي، جنهن تي عمل ڪري هو سٺي زندگي گذاري سگهن ٿا. ته اسان جي ذهنن ۾ وري به سوال اهو ٿو اُڀري ته

”ڄاڻ رکي به سٺي زندگي ڇو نه ٿا گذاري سگهن؟“

منهنجي ڳوٺ جو عام ماڻهو سياري ۾ جڏهن ماکيءَ جو شيشو وڪڻي ٿو، ته ان جو اهو هرگز مطلب نه ڪڍڻ گهرجي ته هو ماکيءَ کي پسند نه ٿو ڪري يا اُن جي فائدن کان اڻ ڄاڻ آهي. يا ڪو ماڻهو جيڪڏهن کير وڪڻڻ لاءِ شهر ڏانهن کڻي اچي، ته اُن جو به اهو مطلب وٺڻ کپي ته هو کير  پاڻ لاءِ بهتر نه ٿو سمجهي.

اسان جي هن نظام ۾ اسان جو عام ماڻهو سڀ ڪجهه سمجهندي، ائين ڪرڻ لاءِ مجبور آهي، مطلب ته منهنجي اڻڄاڻ  نظر ۾ اسين بجاءِ اِن ڳالهه جي، جو ماڻهن کي سٺيءَ غذا جي اهميت کان واقف ڪريون، اسان کي سوچڻ ۽ ڪرڻ هي کپي ته اُنهن لاءِ سٺا موقعا ۽ ذريعا پيدا ڪيون،  جو هو سٺي غذا استعمال به ڪري سگهن؛ ماڻهن جي مزوري ۽ ڪمائي گهٽ ۾ گهٽ ايتري ته هئڻ کپي، جو هو هڪ سٺي نه، ته به هڪ سادي ۽ پوريءِ غذا  ته هٿ ڪري سگهن!

اسان جو عام ماڻهو اسان جي هن سماج ۾ ڪيترو نه غير محفوظ ۽ هٿن خالي آهي! اِن ڳالهه جا مثال هر روز اسان جي اڳيان هوندا آهن.

(4- 10- 1984ع) – اعجاز نظاماڻي، ٽنڊو قيصر

 

ڳوٺ ۽ پيشيور نوجوان

اڄڪلهه ملڪ جي شهري ۽ ديهي علائقن جي وچ  ۾ صحت ۽ تعليم جي سهولتن توڙي هنري وسيلن جي موجودگيءَ جي سلسلي ۾ پيدا ٿيندڙ فرق کي شدت سان محسوس ڪيو پيو وڃي. هڪ طرف يونيورسٽيءَ مان ڊگري ورتل جوانن جو هڪ وڏو تعداد شهرن ۾ بيروزگار گهمي رهيو آهي، ته ٻئي طرف وري ڳوٺ اهڙن باصلاحيت جوانن جي خدمتن کان وانجهيل آهن. اسانجن رٿا بندي ڪندڙ ماهرن کي گهرجي ته اهڙي نموني ۾ رٿا بندي ڪن، جو اسان جا تعليم يافته پيشيور جوان، ڳوٺن ۾ ڪشش محسوس ڪندي، اوڏانهن راغب ٿين ۽ ڳوٺاڻي زندگي سڌارڻ لاءِ پنهنجيون صلاحيتون ڪتب آڻين.

اِهو سڀ ڪجهه ڪهڙيءَ ريت ممڪن آهي، تنهن جي نموني طور ڀارت جي ضلعي اجمير  ۾ ڪم ڪندڙ ”سماجي خدمت ۽ تحقيق جي مرڪز“ جو خاڪو هِتي پيش ڪجي ٿو.

اهو مرڪز 1970ع واري ڏهاڪي جي اوائل ڌاري، راجستاني  ريگستان جي ڪناري تي اجمير ضلعي جي تلونا ڳوٺ ۾ قائم ڪيو ويو، ۽ اُن وقت کان هن مرڪز قومي ۽ سماجي ترقيءَ جي ڏس ۾ نه رڳو مڪاني طرح نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي پر ڀارت جي اهڙن ٻين مرڪزن لاءِ نمونو بڻيل آهي. هن مرڪز  بابت مفصل معلومات هيٺ ڏنل سرنامي تي لکي حاصل ڪري سگهجي ٿيل

Social Work & Research Centre

Tilona, 305112, Madaganj,

Ajmer, Rajastan, India

هت ڏنل معلومات گهڻي ڀاڱي يونيسيف/ يونيسڪو جي هڪ ڪتابڙي مان ورتل آهي.

هن مرڪز پنهنجو هيڊ ڪوارٽر هڪ سئنيٽوريم جي خالي عمارت ۾ قائم ڪيو آهي، جا پاڻيءَ جي اڻاٺ ۽ ٻين اهڙن سببن ڪري ورهين کان بيڪار پئي هئي. مرڪز جي ڊائريڪٽر، سنجيت ۽ ارونا راءِ، سڀ کان پهرين فني ماهرن جي مدد سان پاڻيءَ وارن هنڌن جي ڳولا ۽ کوٽائي ڪرائي.

تڏهن کان وٺي، ٻين خدمتن سان گڏ، هي مرڪز آسپاس جي ڳوٺن ۾ پاڻي لاءِ کوهن کوٽڻ جو ڪم به ڪندو رهي ٿو.

انهن ٽن سماجي ڪارڪنن، پاڻ جهڙن ٻين ڳوٺن سڌارڪن سان گڏجي رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ، وڏي درجي ۽ مان وارا عهدا تياڳي ڇڏيا.

مرڪز جي ابتداعي سالن ۾ ويهه فُل  ٽائيم ڪم ڪندڙ پيشيور جوان اُت مقرر ڪيا ويا، جن ۾ ارضيات، سماجي ڪم، تعليم، علاج، ڪيميا، زراعت، حساب ۽ اقتصاديات جا ماهر ۽ ڪارڪن شامل هئا.

مرڪز ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ چونڊيل هر ڪو ڪارڪن اُتي جي ڳوٺاڻي ماحول ۽ معمولي سهوليتن وارين حالتن سان پاڻ کي ٺهڪائي نٿو سگهي: مجهانئن ڪي گهڻو اُتي رهي به نه سگهندا آهن، ۽ ڪي  وري صبر سان ڪم ڪرڻ بجاءِ نڪتچيني ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن.

مرڪز ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش رکڻ وارن لاءِ ضروري آهي ته منجهن گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت هجي ۽ کين ڳوٺاڻن جي پوک جي طريقن، سماجي ريتن رسمن،  علاج جي  اڻهوند، ۽ سندن عام تڪليفن، ضرورتن ۽ وسيلن کي معلوم ڪرڻ لاءِ ساڻن ميل جول رکڻ جو شوق هجي.

مرڪز لاءِ ڏکيو معاملو آهي اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ، جن ۾ پيشيور جوان ٻهراڙيءَ ۾ رهي ڪم ڪري سگهن. اُن لاءِ کين ڪي ساديون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون. جن جا هو هيراڪ آهن، پر ظاهر آهي ته اُهي عيش آرام واريون سهوليتون نه آهن. توقع آهي ته ڳوٺاڻا اهڙيون سهولتون پنهنجن گهرن ۾، پنهنجيءَ بچت آهر اختيار ڪندا.

(1) سماجي-اقتصادي پروگرامن جي ڪاميابيءَ جو مدار اِن ڳالهه تي آهي ته ڳوٺاڻا پنهنجيءَ ترقيءَ لاءِ مرڪز پاران ملندڙ صلاحن موجب ضروري مقصدن ۽ طريقن کي قبول ڪن ۽ انهن تي عمل ڪن.

(2) مرڪز وٽ هيءَ  ڳالهه تسليم ڪيل آهي ته ڳوٺاڻا پيشيور ڪارڪنن جا خيال ۽ نظريا آهستي آهستي ئي قبول ڪندا پروگرامن جي ڪاميابيءَ لاءِ پيشيور جوانن ۽ ڳوٺاڻن جي وچ ۾ رابطو ۽ دوستي تمام ضروري آهي.

(3) مرڪز جي پروگرامن کي ماڻهن لاءِ قبوليت جوڳو بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته کين پروگرامن جي مفيد اثرن کان آگاهه ڪيو وڃي. ان جو بهترين طريقو هي آهي ته ڪنهن به نئين خيال کي ماڻهن اڳيان سڌيءَ طرح سندن عملي مدد جي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي. جيڪو وقت بوقت مالي  فائدي جي صورت ۾ ڏيئي سگهجي ٿو.

زندگيءَ ۾ بهتر تبديليءَ آڻڻ لاءِ نظرياتي سببن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺاڻا پنهنجي مالي لاڀ کي سولائيءَ سان سمجهي سگهن ٿا، پوءِ ڀل ته اهو سندن ٻارن جي پرگهور جي شڪل ۾ هجي يا فصلن لاءِ ٻج وغيره جي شڪل ۾.

(4) سڀ کان پهرين مرڪز پاران سرڪاري ادارن معرفت ملندڙ ظاهري فائدن تي زور ڏنو ويو، جن ۾ صاف پاڻيءَ جو بندوبست، دوا درمل ۽ اسڪول قائم ڪرڻ جا ڪم شامل هئا. اِنهن اُپائن جو مقصد هڪ طرف ديهي طبقي جي رهڻي ڪرڻيءَ ۾ ڦيرو آڻڻ ۽ ٻئي طرف منجهن ”مرڪز“ جي ڪارڪردگيءَ بابت اعتماد پيدا ڪرڻ هو.

(5) ”مرڪز“ ڳوٺاڻن جي سڀني سرگرمين ۾ مرڪزيت پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ نظام جوڙڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، ۽ پاڻيءَ، زرعي ترقي، صحت ۽ تعليم جهڙن شعبن ۾ رابطو پيدا ڪري ٿو. اِهو هڪ اطلاعي مرڪز به آهي، جتي  ماڻهو گهربل مدد حاصل ڪرڻ لاءِ اچي سگهن ٿا. مرڪز جو هڪ ڪم ڳوٺاڻن کي اُنهن آفيسن ۽ ادارن تائين وٺي وڃڻ به آهي، جن سان سندن واسطو پوندو رهي ٿو، ته جيئن هو اتي جي ماحول ۽ ڪارڪردگيءَ کان اهڙيءَ ريت روشناس ٿي وڃن، جو ٻئي ڀيري پاڻ مرادو سولائيءَ سان سرڪاري عملدارن سان ملي ۽ ڳالهائي سگهن.

ڪهڙي قسم جون رٿائون مرڪز وٽ آهن، تن کي سمجهڻ لاءِ هتي ٽن رٿائن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو:

(1) پرائمري تعليم جي تحقيقي رٿا

مرڪز اِنهيءَ حقيقت تي ويساهه رکي ٿو ته اقتصادي ترقيءَ جون پاڙون جيڪڏهن ڳوٺاڻي سماج جي تري تائين لڳاتار پهچائڻيون آهن ته اُن لاءِ توجهه جو هڪڙو نشانو ٻارن جو طبقو به آهي. انهيءَ سلسلي ۾، مرڪز پاران ٻارن جي  پڙهائيءَ ۾ مائٽن جي گهٽ چاهه هجڻ جا سبب جاچڻ لاءِ هڪ سروي ڪئي ويئي. انهيءَ سروي مان ڄاڻ پيئي ته مائٽ پنهنجن ٻارن کي انهيءَ ڪري نٿا پڙهائين جو اسڪولن جا وقت ٻارن جي گهر ۽ کيتيءَ وارن ڪمن ۾ رنڊڪ ٿا بنجن. ٻئي پاسي، پڙهيل ٻارن ۾ هڪ قسم جي برتريءَ جي جذبي پيدا ٿيڻ سان اُهي پوءِ ڳوٺ ۾ ٻنيءَ ٻاري جي ڪم ڪرڻ کان لنوائڻ لڳن ٿا ۽ شهر ۾ ٻين ٻارن سان چٽا- ڀيٽي به نٿا ڪري سگهن.

ان ڪري مائٽن اهو ئي بهتر ڄاتو ته کين لکڻ – پڙهڻ بدران ابن ڏاڏن وارا روايتي ڌنڌا سيکاريا وڃن. ڳوٺاڻن کي تعليم جي معاملي ۾ بي همت بنائيندڙ ٻي ڳالهه هئي اُستادن سان سندن رابطو نه هجڻ.

اِنهن مسئلن کي ڌيان ۾ رکي، هڪ نئون نصاب جوڙيو ويو. نئين سرشتي ۾ ابتدائي رٿا بنديءَ کان وٺي ان جي عمل ۾ آڻڻ وارن سڀني مرحلن تائين ڳوٺاڻن کي شامل رکيو ويو ته جيئن اسڪول کي هنن لاءِ اوپرائپ وارو ماحول پيش ڪندڙ هڪ سکڻيءَ عمارت بدران، سندن ديهي زندگيءَ واري عام ماحول جو حصو بڻائي سگهجي.

هن قسم جي تجرباتي تعليم لاءِ، حڪومت ٽن ڳوٺن جا پرائمري اسڪول ٽن سالن لاءِ مرڪز جي حوالي ڪيا. اِن لاءِ اُستادن جي چونڊ خود ڳوٺاڻن مان ڪئي ويئي  ۽ انهن کي ٻارن جي نفسيات، ٻوليءَ ۽ حسابن جي سکيا جي طريقن، ماحولياتي اڀياس ۽ ٻين شعبن ۾ خاص تربيت ڏني ويئي. نصاب کي ڪتابن مان پڙهائڻ واري روايتي طريقي مان ڦيرائي، عملي سکيا، جهڙوڪ زراعت، جانورن جي پالنا، ڳوٺاڻين صنعتن ۽ هنرن جي ڄاڻ تي آندو ويو.

صبح ۽ شام، ٻه شفٽون شروع ڪيون ويون. ٻي شفٽ خاص ڪري انهن لاءِ هئي، جن پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي ڏني هئي. اسڪول جي مسئلن، نصاب، ماسترن جي سکيا ۽ ڀرتيءَ جهڙن سمورن معاملن ۾ مائٽن ۽ ڳوٺ جي ٻين ماڻهن کي صلاح مشوري ۾ شامل ڪيو ويو.

اهڙن اسڪولن کي بالغن جي تعليم لاءِ به ڪتب آڻي سگهجي ٿو. منهنجي خيال ۾ ٽينءَ دنيا جي اُسرندڙ ملڪن کي ابتدائي تعليم جي ڀيٽ ۾ بالغن جي تعليم تي گهڻو زور ڏيڻ کپي. ڇا ڪاڻ ته جڏهن مائٽ پاڻ تعليم جي فائدن کان واقف هوندا. تڏهن ئي اُهي پنهنجي ٻارن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ڪندا. برازيل جي تعليمي ماهر، پولا فريئر، بالغن کي شام جي ڪلاس ذريعي ڇهن هفتن تائين ڪاميابيءَ سان پڙهايو. لکڻ ۽ پڙهڻ جي سکيا وارو هي پروگرام بالغن جي ياداشت ۾ ويٺل اهڙن خاص لفطن تي ٻڌل هو، جن سان سندن جذباتي لڳاءُ هو ۽ جيڪي هو سياسي بحثن مباحثن دوران استعمال ڪندا هئا. ظاهر آهي ته انهيءَ حقيقي رستي سان هلڻ ڪري پروگرام سان ڪيترو نه عام چاهه وڌيو هوندو! اها حقيقت آهي ته بالغن جي تعليم تي پرائمري تعليم کان گهٽ خرچ ٿئي ٿو، ۽ اها روايتي تعليم جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪارائتي به ٿئي ٿي، هڪ سماجياتي ماهر، ايوان الچ، ٻارن کي روايتي نموني جي تعليم ڏيڻ واري بنيادي خيال تي ئي اعتراض واريو آهي. هو غير روايتي طرز جي تعليم جي پٺڀرائيءَ ۾ سخت دليل ڏيندي چوي ٿو ته رسمي تعليمي سرشتو اُسرندڙ ملڪن جي ماڻهن کي پٺتي رکڻ جو ڪارڻ آهي، ڇاڪاڻ ته رسمي تعليم سموريءَ آبادي کي مهيا ڪرڻ ناممڪن آهي، اِلچ جي خيالن جي تفصيلي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاءِ هڪ الڳ مضمون جي ضرورت آهي.

(2)  صحت جي سکيا ۽ سنڀال جي رٿا

”مرڪز“ جي طبي ٽيم ڳوٺاڻن  کي سندن ئي ڳوٺ جي ماڻهوءَ ذريعي دوائن رسائن جو پروگرام ٺاهيو، ڳوٺن مان ڪن ماڻهن طبي سکيا کانپوءِ پنهنجن ڳوٺن ۾ ننڍڙا دواخانا کوليا ۽ ماڻهن کي مرضن کان بچاءَ لاءِ مشورن ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو. جيڪڏهن ڪو ڏکيو ڪيس هوندو آهي ته اُهو مرڪز ڏانهن  اُماڻيو وڃي ٿو. اِهي ڪارڪن گهر گهر وڃي صحت جا مسئلا معلوم ڪن ٿا ۽ انهن جو باقاعدي رڪارڊ رکن ٿا.مرڪز جي طبي ٽيم هر مهيني ٻه ڀيرا هر ڳوٺ ۾ گشت ڪري ٿي، ۽ جيڪي ماڻهو مسافري نٿا ڪري سگهن تن جو علاج ڪري ٿي،اها ٽيم ڳوٺن ۾ صحت لاءِ ڪم ڪندڙ پنهنجن ڪارڪنن تي به ان طرح نظر رکي سگهي ٿي.

صحت جي ڪارڪنن کي پنهنجا خيال ڳوٺاڻن تائين پهچائڻ لاءِ مقامي طرح مقبول ڪهاڻيون، ڳيچ، پهاڪا وغيره به سيکاريا وڃن ٿا، ۽ ماڻهن کي پنهنجيءَ صحت جي سنڀال ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ کين ڪٺ پتيليون، ڪئسيٽ، رڪارڊر، ۽ ٻين مددي وسيلن کي استعمال ڪرڻ جي تربيت پڻ ڏني وڃي ٿي.

ٻئي پاسي، ڳوٺاڻين عورتن کي داين جي سکيا ڏني وڃي ٿي. اُهي عورتن کي منظم ڪري کين صحت بابت سمجهاڻيون ڏين ٿيون.  دايون گهڻو ڪري اڻ پڙهيل ٿين ٿيون.تنهن ڪري کين ڳوٺاڻين عورتن کي سجهائڻ لاءِ ٽيپ رڪارڊرن، فلمن ۽ ٻين ڏسڻ ۽ ٻڌڻ  جي مددي وسيلن کان ڪم وٺڻ جي سکيا ڏني وڃي ٿي.

(3) ڳوٺاڻين صنعتن جي رٿا

هن پرورگرام هيٺ مڪاني ڪاريگرن ۽ هنر مندن کي ڳوٺ اندر ئي روزگار جا ذريعا مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

مرڪز پاران چمڙي جي ڪاريگرن کي ڳوٺ مان حاصل ٿيندڙ چمڙو استعمال ڪرڻ ۽ چمڙي کي صاف ڪرڻ ۽ رڱڻ جي سکيا ڏني وڃي ٿي.

ڪپڙي آڻڻ جي هنر تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو، جيڪو هونئن تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي، عورتن کي سيبو ٽوپو سيکارجي ٿو، جنهن مان اُهي اڪيلي سريا گڏجي پئسا ڪمائي سگهن ٿيون.مرڪز پاران ڳوٺاڻن ڪاريگرن جي ٺاهيل شين ۽ سامان جي وڪري جو بندوبست به ڪيو وڃي ٿو.

”مرڪز“ پاران 35 ڪاريگرن چمڙي جي رڱاوت جي جديد طريقن ۾ تربيت وٺڻ بعد، چمڙي جو پنهنجو  هڪ هڪ ننڍو ڪارخانو به هنيو آهي.

”مرڪز“ جي ڪاميابيءَ جو واحد سبب هيءَ آهي ته ڳوٺاڻن جو ڪو به مسئلو ۽ ڪا به گهرج اهڙي نه آهي، جنهن تي ڌيان نه ڏنو ويو هجي ۽ ان لاءِ مجموعي اپاءَ نه ورتا ويا هجن. مسئلن جي ڇڙوڇڙ حلن سان انهن سڀني ڪارڪنن جي محنت اجائي ٿيندي، جيڪي مرڪز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.

اسان وٽ، بيروزگار نوجوان ڊاڪٽرن کي ڳوٺن ۾ صحت گهر قائم ڪري ڏيڻ واري مطالبي مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان وٽ پنهنجي سِر مسئلن کي مجموعي طرح حل ڪرڻ وارو نقطي نظر ڪونهي.

اُهي صحت- گهر خود سرڪار قائم  ڪري يا اُنهن لاءِ ڊاڪٽرن کي قرض ڏئي، تڏهن  به اِهي اڳتي هلي ڪارائتيون تجويزون ثابت  نه ٿينديون، ڇا ڪاڻ ته ٻهراڙيءَ جي صحت جو مسئلو بنيادي طرح اُتي  جي کاڌي پيتي، اقتصادي حالتن ۽ تعليم جي معاملن سان ڳنڍيل آهي، جنهن کي مجموعي طرح ئي حل ڪري سگهجي ٿو.ساڳيءَ ريت، حڪومت جي پٺڀرائيءَ سان جيڪڏهن ڊاڪٽر ٻهراڙين ۾ وڃي پنهنجون خانگي اسپتالون کوليندا، ته پوءِ به نتيجو اهڙو ئي ملندو، جهڙو شهرن ۾ خانگي ڊاڪٽرن جي وڏي تعداد ۾ کوليل اسپتالن مان مليو آهي.

پاڪستان سرڪار کي گهرجي ته ملڪ جي هر حصي ۾ اِهڙا گڏيل ڀلائيءَ  جا سهڪاريءَ مرڪز کولي.اول هر صوبي ۾ هڪ مرڪز کوليو وڃي. جيڪڏهن مرڪزن جي چڱيءَ طرح مدد ڪئي ويندي ته پوءِ انهن جي مفيد نتيجن کي ڏسي، سرڪار وڌيڪ مرڪز کولڻ تي ضرور آماده ٿيندي.

(20- 9-1984ع)              – ڊاڪٽر قمر الدين عيسيٰ دائود پوٽو،

سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو،

[مترجم: تنوير جوڻيجو]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org