سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاتي جي ٻولي

 

صفحو :6

باب ڇهون

 

ڪڪرالي جي ٻولي

 

اوائلي دور ۾ ڪڪرالو ڪڇ سان لاڳاپيل هو انهيءَ ڪري هن علائقي ۾ بلوچ قبيلا: جت، جمالي، چانگ ۽ بروهي ڪڇ کان آيا، ان ڪري هن علائقي تي ”ڪڇي ٻوليءَ“ جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. آيل بلوچ قبيلا سنڌي لهجو قبول ڪري چڪا آهن، البت اڃا اهي مُذڪر کي مؤنث کي مذڪر ڪري اُچارين ٿا. هتان جا ٻيا بلوچ قبيلا جهڙوڪ: جتوئي، جلباڻي، مگسي، لَغاري، چانڊيا، سنجراڻي ۽ زنگيجا وغيره سنڌي لهجي تي عبور رکن ٿا. بلڪ تعلقي شاهبندر جا جمالي ته پنهنجي گهرن ۾ به سنڌي زبان ڳالهائين. ٻئي طرف ڪڪرالي جا سنڌي ڳالهائيندڙ رهاڪو ”بلوچي اثر“ سبب وري بلوچي ۽ سرائيڪي ٻولي آسانيءَ سان ڳالهائين ٿا.

ڪڇي ٻوليءَ جو اثر: ڪڪرالي جا ماڻهو پنهنجي روزمره جي گفتگو دوران سنڌي لهجي ۾ ”ڪڇي“ لفظ استعمال ڪن ٿا. مثال طور: ڪنهن کي وٺي اچڻ لاءِ چون، ”فلاڻي کي ڳني اچ“ يا ”ڪاشيءِ اُڇلائي اچڻ لاءِ چون ”وِتاڙي اچ“. يا ڪنهن ڪم سانگي گڏجي هلڻ لاءِ چون ته جواب ڏيندا ته: آئون نِورو ڪونه آهيان“ يعني واندو ڪونه آهيان. گهر جي ٿَلهي کي عام طرح ”اوٽو“ چون. اهڙي طرح ڪا شيءِ ڪنهن کي ڏيکاري اچڻ لاءِ چوَن: ”وتاري اچ“، يا جيڪڏهن ڪو ڪَم ڪار ۾ اَٽڪ ڪندو ته چوندا: ”اوڙائي نه ڪر“. هي ڪڇي لفظ ڪڪرالي جي مرَدن کان سواءِ هتان جون عورتون به استعمال ڪن. عورتون ٻار کي ماٺ ڪرائيندي چون ”اَبا/ اَمان اوڙائي نه ڪَر“. هن لفظ کي ڀٽائي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ به استعمال ڪيو آهي. ننڍڙي ٻار جي بدن تي بخار وقت ايندڙ پهگر جي سنهڙي بُوند کي ”ڪَڏرِي“ چون، ڪنهن کي گهر ويندو ڏسن ته چون فلانُ ”گهرين پيو وڃي“. ڪنهن کي الزام تراشيءَ وقت احتجاج طور چون ته مون تي ”ڀوڇ“ نه اُڇل، هي لفظ هاڻي تعلقي شاهبندر، کاروڇاڻ ۽ جاتي اندر ”ڀوڇپَ“ استعمال ٿئي ٿو. ڪنهن جي نه ٺهڻ بابت چون: ”فلاڻو مون سِين ڀري“ ڪونه ٿو. اهڙيءَ ريت ڪو جيڪڏهن پنهنجي پاران ڳالهه ڪندو ته چوندا ”پِنڊ“ هئين ٿو چئي. هڪ ٻئي کي مخاطب ٿين ته ”آئِين“ چون يا ”آن“ چون وغيره. ڪنهن کي مٿانهين کان هيٺ لهي اچڻ لاءِ چون ”اُتري اچ“. اهڙي طرح ”ٻُجهڻ“ لاءِ سمجهڻ يا سمجهائڻ کان سواءِ ”اوڍڻ“ لاءِ ڍڪڻ، ڪنهن سانوري ماڻهوءَ لاءِ ”اَروکڙو“ لفظ استعمال ڪندا. پسند ڪرڻ لاءِ لفظ ”آڙڻ“ به پنهنجي جملي ۾ ڳالهائين، جئين ”نٿي آري“. اهڙي نموني هتان جا جهونڙا اڃا تائين ٿڌي (راتوڪي رکيل) ڀت ۾ صبح جو لَسِي ملائي رَٻ وانگر ٺاهي کائين، يا زمين ۾ پاڻي ڇڏي ان جي ڀنجوءَ کي بلڪل گپ ۽ گارو ڪري رَٻ وانگر ڪن، انهن ٻنهي عملن کي هُو “آروڙِي“ چون. ڀٽائي صاحب جي ڪلام ۾ به هي لفظ استعمال ٿيو آهي: عُمر ”آروڙِي“ پُلاهن سين نه پاڙيان.“

اهڙي طرح عورتون ٻار جي رُسي وڃڻ کي چون، ”ولٽيو“ ويٺو آهي. اهو لفظ به ڀٽائي صاحب استعمال ڪيو آهي: ”ڪينءَ وِلٽين وِلها“.

جتڪو اثر: ڪڪرالي جي لهجي تي ”جتڪي ٻوليءَ“ جو به اثر آهي، ڇاڪاڻ جو هتي جتن جي اڪثريت آهي. پاڙيسري هئڻ ڪري اڪثر سنڌي ڳالهائيندڙ نه صرف جتڪي سمجهي سگهن ٿا، بلڪ ڪي ته ڳالهائي به سگهن ٿا. اهوئي سبب آهي، جو هو پنهنجي گفتگوءَ دوران ڪئين اهڙا لفظ ڳالهائي وڃن ٿا، جيڪي ”جتڪي ٻوليءَ“ سان واسطو رکن ٿا، مثال طور: سنڌي ڳالهائيندڙ چوندو ”آڃون“ (آئون)، ڪنهن جي ڳالهه تي ڪو ڪاوڙجي ته چوي ”ماٺِ ڪَرِ ڇرو ويٺو آهيان“ اهو لفظ به جتڪي ٻوليءَ جو آهي، جڏهن ته اسان عام طرح سنڌي زبان ۾ اهو لفظ ”ڇريو“ ڪري اُچاريندا آهيون، صرف وچ ۾ ”ي“ جو اضافو ٿيل آهي، اهڙي قسم جا ٻيا به ڪافي مثال ملن ٿا. جاتي ۽ شاهبندر جا رهاڪو ڪيڏي مَهلَ ڪڇي لفظ استعمال ڪري وڃن ٿا ته ڪنهن وقت جتڪا لفظ اُچارين.

ڪڪرالي جا مُختلف لهجا: ڪڪرالي جي علائقي ۾ جيڪو لهجو ڳالهايو وڃي ٿو انهيءَ کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ سُڌريل يعني ”معياري لهجو“ ٻيو اَڻ سُڌريل يعني ”غير معياري لهجو“ ۽ ٽيون بگڙيل لهجو، جيڪو انتهائي بگڙيل صورت ۾ آهي. مختلف صورتون رکندڙ انهن ٽنهي لهجن وارن لفظن کي هيٺ ڏجي ٿو:

معياري لهجو  غير معياري لهجو     بگڙيل صُورت وارو لهجو

اُنهن کان      اُنهن ڪَنان            اُنن کَنان (اُنِين کا)

 (اُنهِين کان)

آخَر             آخيرِ                   آکَر

آزِمُودو         آزمُوتو                 آزِمُتو (مُدو)

اُماڻِ (اَمر       اُماڻَجِ                   اُماڻيجِ (اُمان ڻجِ)

جي صيغي لاءِ)

اَچَجِ            آچيجان                        آچجِئين

بادِشَاهَه                باشا (پادِشاهه)         ڀاڇا (ڀاشا)

بَچيَا           بَچَا                    بَتا (ڀَتا ـــ ڀچا)

بيهوشِ                بيهونشِ               بيهوئنيشِ

ٻاهَر            ٻَهرِ                    ٻَارِ

ٻسُو            ٻُٽو                     ٻُوٽو

تُنهنجو                تُهِجو                  توجو

توهان (اوهان)  توهِين (اوهين)         توان (اوان)

تنهنجو                تنيجو                  تهجو

ٺَهرائڻو         ٺاهرائڻو                ٺارائڻو (ٺاراڻو)

پَگهارَ          پَگارَ                   پَفارَ

جيڪا          جيڪي                        جيڪين

جعفر           جافر (جاڦر)            يافَر

جڳهَه          جاڳاهِه                 جاڳاهي

چوَندا           چَئيندا                 چُونِ (چوندا)

ڇَڻِڪارَ         ڇَنڊِڪارَ                ڇَٽِڪارِ

ڇڏي ڊار       ڇَڏِ ڏءِ                  ڇَڏارِ

(ڇڏي ڏيئي)

خوشبُوءِ        خوشبُو                 خوڇبو

خيراتِ         خَيرِياتِ                        کيرات

خوبصورتِ     خوبسورِتِ              کوبثورت

ڏِسِ            ڏسِيسِ                 ڏسينس

ڏِجِ             ڏيجِ                    ڏِينج (ڏِجينسِ)

ساڳيو          ساڳو                   ساڳوڻو

سَخِي          سَکِي                  شَکِي

سانجهي       سانِجهَه                        سانجهئين

سَٺو            سوٺو                   سُوٺو

سامِهُون        سامُهِين                       سامون

سچو           سَچلو                  سَچِيلور (سَچِيلو)

شروع          شُرُو                    شُرون

شوقِ           شَئونق                 شوڪِ

صبوح جو      صُبعوڙو                صبحانرا

صبوح ٽاڻي   سُڀانَڪر               سُڀائي ران

(صبحا نڪر)

ڪانهي                ڪانَهِين               ڪانين

غائب ٿي ويو  غئيب ٿي ويو          گئيبِ ٿي يو

ڪَرِين          ڪَرِئين                 ڪارين

ڪاغَذِ          ڪاڳسِ (ڪاڳر)               ڪاگس (ڪاگذ)

ڪَٻَٽِ          ڪَٻاٽِ                 ڪٻاٽ

ڪالهه کان     (ڪالهان ڪَرَ)         ڪالهون ڪَرَ

گهمايو وٺي    گُهمايو لائي           گُمايو لاءِ

گهَرِ            گهرين                 گرِ

ماٺِ (ماٺِ اَمرَ ماٺي                   ماٺِهِه

معياري لهجو  غير معياري لهجو     بگڙيل صُورت وارو لهجو

جي صيغي لاءِ)

معافي         مافي                   ماڦي

ملنداسين      ملينداسين             مِلداسين

مُنهنجو                مُهجو (مونجو)        موجو

کائيندو                کاوَندو                 کِيندو

کائِنِ           کائين                  کايَنِ

وقتِ           وَڪَتِ                  وکَتِ (وخَتِ)

ورزش          وَرجِسِ                  وَرِجِشِ

وِيا             وَيا                     وِئا

واقف           واقوف                  واقب (واقڦِ)

هُوشيار         هوشار                  هُشارِ

اڪيلو          آڪيلو                 ڪَلو (هيکلو ــ هيڪلو)

يارهين                 ڪارهين               ڪارهه

(بادشاهه       پير جو ختمو)

يتيم           زتيمِ                   جَتِيم

هڪڙو         هيڪڙو                        هيڪڪڙو

نقصانِ         نُسڪسان              نُشڪان

ڪڪرالي جا اضافي لفظ: ڪڪرالي جو هر رهاڪو پنهنجي عام گفتگو دوران جملن جي وچ يا آخر ۾ ڪي اضافي لفظ استعمال ڪري ٿو:

”نان“ ۽ ”نُون“ جو اضافي استعمال: ڪنهن کي جمع واري صِيغي ۾ مخاطب ٿيندي چوَن: فلاڻي کي فلاڻي شيءِ وٺي ڏني نان، يا فلاڻو ڪم ڪيون نان، يا فلاڻي چيز کنئي نان، يا کسِي نان، اوهان نا، اسان نان وغيره. ڪڪرالي جي کاري واري ساحلي علائقي ۾ نان، ٻن مقصدن لاءِ استعمال ٿئي ٿو: جنهن مان ”ڏانهن“ ۽ ”لاءِ“ جون معنائون به وٺي سگهجن ٿيون. پويان ٻه جملا يعني ”اوهان نان، ۽ اسان نان“ انهيءَ جي عڪاسي ڪن ٿا. ”نين“ وري واحد واري صِيغي لاءِ استعمال ڪَن ٿا، جئين فلاڻي شيءِ ڏِني نين. يا ورتي نين، فلاڻي سان فلاڻي اِهڙي حالت ڇَڏرائي جو بَس نان ڪِنين، يا فلاڻي کان مون واري امانت کنئي نين، يا ڪو ڪنهن کي چوي، بَس ڪر نه ته کوليانين ٿو شجرو، وغيره.

”ج“ جو استعمال: ڪڪرالي جي لهجي ۾، ”امر“ ۾ وڌيڪ تاڪيد لاءِ پويان ”ج“ آڻيندا آهن، هڪ جملي جي آخر ۾، ۽ ٻئي جملي جي وچ ۾، پهرين صورت جو مثال هن طرح آهي: وڻجِ، وَٺي اَچجِ، فلاڻي کي فلاڻِي شيءَ ڏئي اچج، يا فلاڻي کان منهنجو ڪتاب کڻي اچج، يا هَمراهَه کي ڳولرائج، ڇڏرائجِ، يا فلاڻي کان سندس شيءَ ڦرج نه. فلاڻي کان اُن کي ڇڏائج ضرور.

ٻي صورت اها جو جملي يا لفظ جي وچ ۾ ”ج“ آڻين، مثال طور: ڪراچيءَ مان مُنهنجو ڪَم ڪرين اچجئين. حيدرآباد مان فلاڻو ڪتاب وٺيو اچجئين، يا وٺجَئين ضرور، ماڃر مان مڇي کڻجئين ضرور، يا ڏسجئين، اهڙي طرح ”ج“ بعد ”همزو“ ”ي“ ۽ ”ن“ به اچن ٿا.

”س“ جو استعمال: هيءُ حرف به جملي جي آخر ۾ استعمال ٿئي ٿو، ”س“ کان اڳ ڪڏهن ڪڏهن ”و“ جو به استعمال اچي ٿو. ڪڪراليءَ جا ماڻهو پنهنجي لهجي ۾ ڳالهائڻ واري جملي جي آخر ۾ س استعمال ڪن ڏينسِ، فلاڻي کي هيءَ شيءَ ڏجينس، يا وٺينسِ، يا يار ٿورو هيڏانهن هَلينَسِ يا هتان نِڪرينسِ، يا هن کي ٿورو جَهليِنس، تو سان گڏجي هلندس، يا فلاڻي ڏانهن ضرور ويندس، وغيره. ”س“ کان اڳ وري ”و“ ڪتب آندو وڃي ٿو. جئين ته، فلاڻي شي کڻجوس، يا اڳتي هجلوسِ، يا فلاڻي کي به مجلوس يا چئجوس وغيره.

”د“ ۽ ”و“ جو استعمال: جئين، جَلد نِڪرجو، اُماڻي ڏجو، ڪَم لهرائي وٺجو، فلاڻي ڏانهن ضرور وڃجو، يا هلجو، اَن جي کوڙي ڍڪي ڇڏجو، فلاڻي کان گهُرَ ڪري ڏسجو، يا گهُرجو، وغيره.

”ڙ“ جو استعمال: اسم تصغير واري صورت لاءِ ڪڪرالي وارا ”ڙ“ جو استعمال ٻن طرحن سان ڪن ٿا: (الف“ پهريون اِهو جو ”ڙ“ کي ”و“ جي اڳيان استعمال ڪن. (ب) ٻيو خصوصاً عربي لفظن ۾ ”ر“ جي بجاءِ ”ڙ“ استعمال ڪن.

(الف) جئين ته يتيمڙو، جيتامَڙو، ويچارڙو، غريبڙو، گهرڙو، سنهيرڙو، ٿُلهيرڙو، ڀُورڙو، بُخارڙو، پِتڪولڙو، حرامڙو، چڱيرڙو، ڇورڙو ۽ سنگهارڙو.

(ب) جئين اڻ پڙهيل طبقو ڪن عربي لفظن کي ”ر“ جي بدران ”ڙ“ سان اچاري، جئين: ضروڙ، اقراڙ، اسراڙ ۽ برڪراڙ انهن لفظن جي اصل صورت هن طرح آهي، ضرور، اقرارِ، اسرار ۽ برقرار.

مردن جا محاورا

آيل سان خوش خيرعافيت ۽ ڀليڪار ڪندي چون: چڱو، ڀلو، جوڙ متارو، راڄ ڀاڳ ٻيا مڙئي سُک.

وري مهمان، ميزبان کي موٽ ۾ چوندو: بَهاريون، ٽاٽايون، سُک، آنندَ، شانتيون، اهي ساڳي طرح هندو به استعمال ڪن.

خَبر چار پُڇبي ته جواب ۾ چوندا: مالڪ جا احسان آهن، يا چون: الله جا لکَ شڪر، ڌڻيءَ جون مهربانيون آهن.

ڪاوڙ مان ٻئي کي چون: بَس ڪَر نه ته ڏيندو سانئين ڄَرَ، يا چون اهڙي ڄَرَ ڏيندو سانئين ٽَڪِ مان ورِ نِڪري ويندئي، يا چون اهڙي حسيني وِجِهندو سانئين جو گهڻا ڏينهن ياد ڪندين.

ڪنهن ڳالهه نه سمجهي خالي وَڦَل پيو ڪندو ته ان کي چون وڏو ڪو ڦيڪاري آهين.

ڪنهن جي گهڙي گهڙي ڳالهائڻ يا تپائڻ تي چون: ڀَنڊِي نه ٻار يا چون: رڳو ڀَنڊي ٻاريو بيٺو آهين.

ڪنهن سان ڳالهائڻ ۾ نه پُهچن ته چوندا: بابا! تون کان مون بَسِ ڪئي، يا چون آئون ڪونه پُڄندَسِ يا چوندا منهنجي پِيءَ به توبهه گِيسِي ڪئي.

ڪنهن کي جيڪڏهن پيٽ ۾ گهڻو سُور پوي ۽ هُو پيو بُلَ کائي ته چون: ميان فلاڻي کي اِهڙو سور پيو جو ڪانَو بولاٽي لڳي پئي هُئس.

ڪو جيڪڏهن ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ويل هجي ان جي موٽڻ تي اُن کان پُڇن ته: ڀلا ڪَم ٿيو؟ اگر ڪم پورو نه ٿيو هوندو ته جواب ڏيندو: مڙئي اڌو گابرو ٿيو، يا چوندو: اڌ لاڙو.

ٻه ڄَڻا ملن ته هڪ ٻئي کي چون: طَلبئون ته مَلئُون.

رات جي وقت اگر وڏي سر وارو آواز ٿئي ته: چون ڌڪاءُ ٿي رهيو.

گهُٽِيلَ ۽ دميل آواز لاءِ هيءُ محاورو ڪتب آڻين: هو ٻيڙور يا هو ٻيو ٿي رهيو.

ٻئي کي ڳالهه ڪندي چون: سائينءَ منهنجي کي چوان، يا چوَن رب توکي نيڪي ڏئي.

ڪا اهڙي ڳالهه ٿئي جنهن سبب ماڻهن ۾ گوڙ پئجي وڃي يا خوف ۽ حراس مچي وڃي ته چون: ميان اهڙو هُل ٿيو جو ٿرٿلو مچي ويو.

ڪو جيڪڏهن رڳو پنهنجا پيو نوازيندو ته چوندا: فلاڻو، رُڳو پنهنجن تي پيو اِڇائُون ڪري.

ٻن ڄڻن کي ڳالهائيندو ڏسي ٽيون اگر پُڇي ته ڇا پيا ڪريو، ته چوندا: لَهورايون اوڀاريون پيا ڪريون، يا چوندا: نيون پراڻيون پيا ڪريون.

پڪائيءَ خاطر چون: ادا سُڀا سانت/ سانتي، متان هيءَ نه هي ڳالهه ٿي پوي.

مينهوڳيءَ وقت ڪير ڪنهن کي چوي ته فلاڻو ڪَم ڪري اچ، ته چوندا: ڀلين مِينهوڳِي لَهي، يا چون، ڀلين سَوا سائي ٿئي.

ڪنهن کي ڪنهن ڪَمَ لاءِ چون ۽ ان کي ڪرڻُو نه هوندو ته ڪاوڙ مان چوندو: وڃي پئي جُهدَ ۾.

شهر ۾ مڇي يا گوشت وڪڻڻ وارا گراهَڪَ کي ان جي چرٻيءَ بابت ٻڌائيندي چون: ميان هي مڇي/ گوشت اهڙو ٿلهو اٿئي جو ڏوئي ڍڪڻ گيهه.

ڪو ڳالهه ۾ اجائي ڊيگهه ڪري ته چون: ميان ڇتي ڪوري واري ڊيگهه نه ڪر، يا پٽاڙ نه ڪر.

ڪير ڪنهن سان ٺڳي ڪري ته چون: ميان هيڏو ظلم! ههڙو هاڃو! يا چون هيڏو بغدادِ!.

اگر ڪو خوامخواهه هيڏانهن هوڏانهن پيو ٿيندو ته چوندا: فلاڻو هروڀرو اول پتڻ ٿي مُئو آهي، يا چون: دربدرد ٿي پيو آهي، يار رُلي مُئو آهي.

ڪير ڪنهن کي سَڏِي ۽ اُتان ڪوبه جواب نه ملي ته چون: ميان سڏ ڪري ٿڪو آهيان، ڪو ڦوٽ ٻوڏ چوڻ وارو ئي ڪونهي.

ڪچهريءَ ۾ ڪنهن جي نه ڪرڻ جهڙي ڳالهه ڪو ڪندو ته چوندا: ميان فلاڻي هڻي، فلاڻي جي ڏگري لاهي ڇڏي.

ڪو وات ڦاٽو ماڻهو، جيڪڏهن ڪنهن جي پَرواهه نه ڪندي ڪا اهڙي بي ريائي واري ڳالهه ڪري ڇڏي، جنهن ۾ بئي جي بي عزتي ٿئي ته چوندا: فلاڻي جي وات تي ڍڪڻ ئي ڪونهي، يا فلاڻي جي منهن تي ملائڪ ئي ڪونهي.

اگر ڪنهن جو ڪم نه ٿيو يا ڪنهن معاملي ۾ شڪست کاڌائين ته سندس مخالف خوش ٿيندي چون: فلاڻي جو به سائو منهن ٿي رهيو. (يا رهيس).

جيڪڏهن ڪو ڪنهن وٽ ڪنهن ڪم سانگي لنگهي وڃي ۽ اُهو وري اُلٽو اُن تي ڪاوڙجي پوي ته چوندا: ميان فلاڻو مون کي ڪاٺين جي مُٺ سان گڏيو، يا چون ڏکيو پيو، يا چون، ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو.

ڪنهن جي گهر کي باهه لڳي ته چون: فلاڻي کي ٿڌو لڳو آهي.

عجب واري ڳالهه ٻُڌن يا ڪنهن کي طاقت کان وڌيڪ ڳورو بار کڻندي ڏسن ته چوندا: وڃ ڀيڻيان جي پُٽاڻِي.

ڪير اهڙي ڳالهه ڪندو ته هاڻ ڇا ڪرڻ کپي ته چوندا: ميان ان ڳالهه کي ڪير ٿو پُڇي.

هڪرو ٻئي کان پڇي ته ڪم پورو ٿي ويو يا ڪَم کي ڪٿي پُڄايئي؟ ته جواب ڏيندو: ڪَم ڪِٽلي ڪري آيو آهيان.

ڪنهن کي هيڻو ڏسن ته چوندا: فلاڻو نانجهو ٿي ويو آهي.

ٻئي جي تڏي نه وڃڻ بابت قسم کڻندي چون: منهنجي ٻِجَ ۾ ڦير آهي جو آئون فلاڻي جي تڏي تي وڃان يا چڙهان.

ٻئي ڪنهن جي لاءِ پُڇن ته فلاڻو ڪين آهي؟ ته چوندا: فلاڻو ميان ڪو هلڪو سلڪو ماڻهو ٿوروئي آهي، يا چون هلڪي سلڪي ٽوپي نه آهي. (يعني ڳري ٽوپي). اهو محاورو ان ماڻهوءَ لاءِ، جيڪو ڪنهن کي اختيار ۾ ئي نه آڻيندو هجي.

غير شادي شده اڪيلي ماڻهوءَ لاءِ چون، فلاڻو بِنہ ڇَڙو ڇانڊِ آهي.

ڪنهن بهادر ۽ دلير ماڻهوءَ لاءِ چون: فلاڻو ميان اٿئي مڙس مٿير يا چون: فلاڻو مُڙس آهي دُوپار.

هڪڙو ٻئي کي چوي ته مون توکي، فلاڻي شخص کي ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ڪِ نه؟ ته اڳلو چوندو: اُنهيءَ سان منهنجي ڪُڇَڻ جي واٽ ڪانهي.

ڪو ڪنهن جي ڳالهه بلڪل نه مڃي، مُنهن جو پڪو هجي ۽ جُٺ ڦٽ تي به نه مُڙي ته چوندا ڪو نَڪَ نِرڄو آهي، يا چون بِنهين نود آهي.

سچي ڳالهه ڪندي چون: بابا! آئون به ٻچڙيوال آهيان، مَري جواب ڏيئڻو آهي.

ٻئي تي ڪوڙي شاهدي ڏيڻ بابت چون: ميان پرائي قبر (کڏ) ۾ ڪونه پئبو!.

نڀاڳي يا اڻ وڻندڙ ماڻهوءَ لاءِ چون ته فلاڻو ڪئين آهي؟ ته جواب ۾ چوندا: الله پَلي، يا چوندا: ميان کائي پي نالو وٺوس.

جيڪڏهن ڪنهن، ڳالهه ٻُڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ته چون: مون واري ڳالهه ايئن جيئن پاڏي جي پُٺ تان پاڻي يا چون: مينهن مُٽيو پاڻيءَ ۾.

ڪو جيڪڏهن اوچتو پاڻ کي وڏو ماڻهو محسوس ڪرائي ته چوندا: فلاڻو گُلَ مان غلام ٿي ويو.

امين پنهنجي مُنهن فيصلو ڪري راڄ وارن تي مڙئي مَڙهي ڇڏيو ته چوندا: ميان پاڻ وارا امين رُڳو ناني ڪُنڙو پيو.

ڪو ڳالهه لِڪائڻ خاطر بار بار اُن ڳالهه ڏانهن اشآرو پيو ڪندو ته چوندس ته: ادا تون گابو ڪيئن نه ڪر.

ڪو جيڪڏهن وات مان پاراتو يا ٻيو ڪو اهڙو اَڻ سُهندڙ جملو ڪڍندو ته چوندا: وائي ته موچاري وارِ. يا چون: ويڻ نه ڪَڍِ.

ٻه ڄڻا پاڻ ۾ وڙهي پون ته چوندا: اها ڇيڻاڀوري ڪنهن ڪئي آهي.

هڪڙو ٻئي کي ڌمڪي ڏيندي چوندو ته: ميان پاڻهي خبر پوندئي ته گهڻي ويهين سئو آهي، يا چون: ميان تون ڌورو ڀڃي کائِجِ؟

ڪنهن کي نقصان ڪري اچڻ تي چون: ميان بنهين ڪو هَڙ ٻوڙ آهين.

ڪنهن کي جيڪڏهن ٻن پاسن کان مجبوري هوندي ته چوندو: ميان مون لاءِ (يا مون سان) نانگ چِچيءَ وارو ڪم آهي، کائي ٿو ته مري ٿو ۽ جي ڇڏي ٿو ته انڌو ٿو ٿئي.

واندي ماڻهوءَ لاءِ چون: هي اٽي تي چٽي آهي، يا چون: واندو ماڻهو الله جو مهمان آهي.

ڪا ڳالهه وڌڻ جو خوف محسوس ڪن ته چون، ميان متان ڳالهه مان ڳالهوڙو نه ٿي پوي، يا چون: متان ڪنڀار جي ڍڪڻيءَ وارو ڪم نه ٿئي.

گهَڻَ ڪامائو ماڻهو پنهنجي ويڌن بيان ڪندي چوندو: مون سان اهڙو حال آهي جو ڪنهن جي ڄائيءَ سان به اهڙو نه هجي.

پارت ڪندي چون: ٻيلي پنهنجا سڃاڻ يا چون ته: ججهي پارت ڪونه ٿو ڪريائين.

ڪو ڪنهن کي اک ڏيکاري (ڊپ ڏياريندي) ته چون: ميان وڏن جون اکيون آڏيون اچن نه ته سونڊاري ڇڏيائين.

ڪنهن کي جُٺ ڪرائڻ لاءِ چون ته: فلاڻي کي ٿوري تَڙِ، ڀِيڙَ ڪري ڇڏ يا ٿوري ڪا کورَ ڪَرينس.

جَجهن ماڻهن کان پُڇجي ته ڪيڏانهن ويا هئا؟ ته جواب ڏيندا: ابا ويا هئاسون وَنگارَ وهَڻَ.

هڪ ٻئي سان صلاح مشورو ڪرڻ لاءِ چون: صلاح صُولي ڪريون.

بِلڪل اڪيلي ماڻهوءَ لاءِ هي اکر ڳالهائين: ميان ان جي هتي ڇا؟ ڪو اُکَرِ ڪو مئيلڙو، يا چون: ڪو اِٽي ڏَڪَر يا چون: ڪو سُٽ ڪين ڪپاهَه.

ڀوڳ ڀوڳ ۾ ڪو نقصان ٿي پوي، يا ڪو چڙي پوي ته چوندا: ميان کِلَ مان دِلِ ٿي پئي

ڳالهه مان ڳالهه وڌي وڃي ته چوندا: ميان تِيليءَ مان ٿنڀ نه ڪَري، يا ڳالهه ڪ جُٺِ، يا ڳالهه ڪ کِلَ، يا چوَن ڦرڙيءَ مان ڦٽ، يا نوڙيءَ مان نانگ.

ڪو جيڪڏهن ڪنهن ڪم ۾ مشغول هوندو ته چوندا، وَنسيرَ ۾ آهيون.

ڪنهن سَنجيده ماڻهوءَ لاءِ چون: فلانُ ڳري دل وارو آهي يا چون: دمائتو ماڻهو آهي.

ڪنهن منافق ماڻهوءَ لاءِ هي لفظ اُچارين: فلاڻو دل پليت آهي ۽ چون: دل جو ڪُدرو آهي يا چون: دل جو ڪارو ماڻهو آهي.

ڪنهن ڪند ذهن طالب علم يا ماڻهوءَ لاءِ چون: هن لاءِ ميان دٻي ۾ ٺڪريون يا چون: انڌي گهوڙي ڪَلن ۾.

مهمان کي مانيءَ جي صلاح هڻندي چون: جيڪا جائي جُواري آهي، يا جيڪو غريباڻو حال آهي، يا جيڪو اڀري حال سارو آهي، يا جيڪا رٻ پاڻي آهي.

ڪو ڪنهن کان حال يا طبيعت جو پُڇي ته پريون جواب ڏيندو ته: بَس ادا شڪر آهيسِ. ڪيڏي مَهلَ سير ته ڪيڏيءَ مهلَ ٽي پاءُ، يا چون: ڪِين گذري آهي ڪا گُذري ويندي، يا چون: الله جو شُڪر آهي پئي گذري.

ڪو جيڪڏهن هر وقت پنهنجي غريبيءَ جو ذڪر پيو ڪندو ته ان لاءِ چون: فلاڻو ته هميشہ غربت جو ڪُنو چاڙهيو ويٺو آهي.

بخيل ماڻهوءَ لاءِ هيءُ اکر ڳالهائين ته: ميان فلاڻو ته رُڳو ڪِينَ ڪُنو چاڙهيو پيو هلي.

طعني طور ٻئي کي چون: ميان تون ڪهڙو ناري جو نواب آهين؟ يا چون: تون ڪهڙو ڪڪرالي جو ڄام آهين؟

دعوت وقت ڪير مانيءَ لاءِ تڪڙ ڪري ته اُن جي دلجوئي ڪندي چون: پهرين منهنجي ڀاءُ کي.

ڪنهن جي هَٿَ ۾ ڳُندڻِ ڏسندا ته مذاق واري انداز ۾ چون: اَبا جَجهو وجهي چاڙهج.

ڪو حصي مان ڪا پتيءَ نه ڏئي ۽ سڀ هَڙپ ڪري وڃي ته حصيدار دانهن ڪندي چوندو: مون تي ٽَڪو به شانت ڪونه ڪيائين.

گراهڪ جي هن پُڇڻ تي ته هن ڪپڙي جو رنگ ڪئين آهي، ته واپاري مذاق ڪري چوندو: ڳالهه ئي ڇڏي ڏي، بس ڌوٻي ڌوئي، ڌڻي روئي.

ڪنهن اصول واري ماڻهوءَ لاءِ چون: فلاڻو يَڪ سُخنو ماڻهو آهي. يا چوَن: يَڪ زبانُو آهي.

ڪنهن ٻئي همراهه کي زورائتو ڌڪ واهي ڪڍيو هجي ته اُن لاءِ چون: فلاڻي ته فلاڻي کي اهڙو ڪاپاري واهي ڪڍيو.

ڪنهن پوڙهي ماڻهوءَ کي طبيعت ۾ تيار ۽ خوش ڏسن ته چون: فلاڻُ ٻُڍڙو ڀَڙِ آهي يا چون جَڙد مَڙِدِ (جلد مَردِ) لڳو پيو آهي.

ڪير ڪنهن سان خوامخواهه جهيڙو ڪري ته چون: فلاڻي مون سان چَڪ وات ڪئي، يا چون: مُنهن ماري ڪئي.

ڪو ڪٿان ڪنهن ڪم کان نااميد ٿي موٽي آيو هجي ته ويٺل اُن کي لڙيل مُنهن سان ايندي ڏسن ته چون: اَبا ڊاڪون ئي پڪو، يا چون: هاج خاشي، يا چون هاج سماڙي.

ڪنهن کان زوري ڪَم ڪرائڻ خاطر ڌمڪي ڏيندي چون: ميان ڪَم ڪري ڇڏجِ، متان تريون نه مهٽڻيون پوَنئي يا چون اڙي نه سَرِئي.

ڪنهن سُکئي ستابي ماڻهوءَ لاءِ چون: فلاڻو مانيءَ مڇيءَ وارو آهي. يا چون پنهنجيءَ وارو آهي.

ڪنهن سمجهدار ماڻهوءَ کي اُبتيون سُبتيون خبرون ڪندي ڏسن ته ان لاءِ چون: ان کي اڻ پيتيءَ جا نشا آهن.

ڪنهن جاءِ تي ڪوبه نه هوندو ته چوندا: ميان سُڪَ نوائي لڳي پئي آهي، يا چون: ماٺ ماٺوڙو لڳو پيو آهي.

ڪنهن ناظرُو ماڻهوءَ کي چوندا: فلاڻو زبان جو ڪارو آهي.

کُليءَ زبان واري ماڻهوءَ لاءِ چون: فلاڻو بِنهه ڦاٽَل دُهلِ آهي يا چون ڀيرَ تي ڏونڪو آهي.

اجائي ڳالهائڻ واري جو وات بند ڪرائڻ لاءِ چون: يَخِ يَخِ نه ڪَر. يا چون: بَڪَ نه ڪر، يا چَون: وِڦَل نَه يا جکي نه هڻ.

ڪو ماڻهو ٻئي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ پويان هلندو وتي جنهن مان ڪم جو آسرو به نه هجي ته چوندا: ميان اهو ٺلهو حيران ڪُنر هرڻ پُٺيان ڊوڙي.

اونداهيءَ وقت چون: ايڏي انڌوڪار لڳي پئي آهي جو اک نه ڏسي گوڏي کي يا چون: گر اونداهي لڳي پئي آهي.

ڪنهن کي سور ۽ ٻري سان ڪَم ڪندي ڏسن ته اُن لاءِ چون: بَري ٻري مان ٽري وارو قصو لڳو پيو آهي.

ڪا شيءِ وٺندي ان جو اگهه ٻڌائيندي چون: عشق مهانگي هيترو، ڪَه هيترو آهي.

ڪير ڪنهن کان پڇي ته فلاڻي سان ڪا ڄاڻ سُڃاڻ آهي ته جواب ڏيندا: مڙئي مُنهن لڳ آهي.

ڪو ڪنهن کي شرمائڻ خاطر ڪا ڳالهه چوي پَرَ پرئين ماڻهوءَ کي مُنهن ۾ وَر ئي نه پوي ته چون: فلاڻي کي هيترو چيم پَرَ مجال آهي جو ان جي منهن ۾ مُرلو پوي، يا چون ڪُرلوئي نه آيو.

ڪم جيڪڏهن هڪ چڱي ڳالهه کان پوءِ وري اڃا ٻي وڌيڪ چڱي ڳالهه ڪندو ته چوندا: اهو ٿيو سون ته مِين.

ڪنهن جي ڀاڳ، اڀاڳ بابت پُڇَن ته جواب ۾ چون: ڇٽيهَه لکڻو آهي.

ڪو جيڪڏهن نقصان ڪري گهر اچي ته چون: ميان ڪهڙو کيجِ کٽي آئين؟

عورتن جا مُحاورا:

عورتون ٻار جي روئڻ تي ٻار کي چون: اَبا/ امان ڪهڙي هوٻِيسَ ٻڌي اٿئي. يا چون: ڪهڙي سُڃَ ڏٺي اٿئي.

عورتون ٻار کي چُپِ ڪرائيندي چون: ماٺ ڪرَ نه ته ڪڍائين ٿي مصيبت.

ڪڪرالي جون عورتون ڳالهه ڳالهه تي اڪثر هي لفظ استعمال ڪن: سَميتَ، يعني سمجهي ته.

ڏُک واري يا نقصان ۽ حيرانيءَ واري ڳالهه تي چون: آئي گهوڪَٽَ، يا آئي گهوڙن هَنيس! يا آئي گهوڙا! يا آئي مُٺيس!.

ڳالهه نه سمجهن ته ٻيهر پُڃندي چون: آئي ڪُواڙو.

ظلم خلاف احتجاج ڪندي چون: ناحق نوار – ري گناهه.

دعوتن ۾ اگر ڪنهن کي کاڌو پيتو نه ملي ته ميار ۾ چون: ادي اسان جي به ڪا پڇا ڳاڇا ڪئي اَٿوَ؟ يا ڍائي پويان اوگرائي؟

هڪ ٻئي جي ڳالهه نه سمجهن ته، نه سمجهڻ واري عورت ڳالهه ڪندڙ کي چوندي: لَئِي، ڪهڙو پئي اُرڙو مُرڙو ڪرين؟

پاڻ کي صاف رکڻ خاطر چون: ادي آئون اَلايو ڀلايو ڪونه ڪريان، يا چون: ڌِيرڻ نه آهي.

گهني ڪَم ڪار کي چون: گهر ۾ سارو ڏينهن گِييو ڪار لڳي پئي آهي.

ڪنهن کي ضروري ڪَم بابت نياپي ڏيڻ لاءِ تاڪيد ڪندي چون: فلاڻي کي هاسيڪارَ چئج.

گهڻي اونداهيءَ بابت چون: لَئي اونداهي انڌ گهور لڳي پئي آهي.

ڪوڙ ڳالهائڻ واري عورت کي چون: ادي هَوَرَ نه هڻ.

ڪي عورتون ڳالهين ۾ مشغول هجن ۽ ڪا ٻاهرين عورت اچي پُڇي ته ڇا پيون ڪريو، ته چونديون: مڙئي هَوَرَ دَوَرَ پئي ڪياسون، يا چون: پنهنجيون، پرايون پئي ڪيون سُون.

شادي ۾ ڪن کي کاڌو گهٽ مليو ته چونديون: اڳئين لَڏَ پُٺين گاهه.

ڪا عورت، پنهنجي عزيز يا ساهڙيءَ تي تپي پوي ته چوي: فلاڻي پَنگهرجي آئي آهي.

جيڪڏهن پنهنجي جيڏڙيءَ جو انتظار ڪري ٿڪجن ته چون: جيڏل اڃان سينگارجي پکارجي پوءِ نڪرندي.

آيل مهمان جي خبر ڀلائي ۽ کيڪار ڪندي چون: جيجل نچُ آئينءَ. يا جيڏل ڀلين آئينءَ.

ڪنهن عورت جا ڳهه ڳٽا ۽ زيور زَٽا ڏسي چون: ادي فلاڻيءَ جو ته سون مِينِ ڏسي آئون حيران ٿي وِيس.

ٻئي ڪنهن سان پنهنجو ٻار ڪيڏانهن گڏي ڇڏين ته پارت ڪندي چون: ادي منهنجي ٻچڙي جي ٻَرَنَ هُجي.

ڀليڪار ڏِنل عورت، جواب ڏيندي چوندي: امان/ اڌي سَتَ ڀلايون.

ٻارن کي ٿڃ پياريندي يا کاڌو کارائيندي چون: سَتَ بسملايون. (بسم الله هُون).

ڪَم ڪار جي تاڪيد ڪندي چون: لئي فلاڻي منهنجو ڪم لاڳي ٻَڌي ڪرڻو اٿئِي.

ڪا شيءِ ڪٿي ٻيءَ جاءِ تي پئي هوندي ته چونديون: فلاڻي شيءِ اَپَر پُٺيرِي پئي آهي.

عورت کي ڪنهن عورت جي گهر گهڻو ايندي ويندي ڏسن ته چوَن: فلاڻيءَ جو فلاڻيءَ جي گهر ڏانهن لانگرو پيو ڏسجي.

ڪنهن عورت کي زور ڪاڙهي ۽ تَتيءَ مَهَل ڪم ڪندي ڏسن ته چون: فلاڻي ڪاڙهي جي زَمُورَ ۾ پئي ڪم ڪري.

ٻار کي مستيءَ کان روڪيندي چون: ابا اَوَڙائي نه ڪر.

پنهنجي مرد کي ڪپڙي گنديءَ جو طعنو ڏيندي چون: ميان تون مون کي ڪهڙا، اَر مَک (ارَمَڪَ) اُڍايا آهن.

ڪا اهڙي ڳالهه جنهن جي ڪري ٻي عورت کان نفرت ٿئي ته هَٿِ اُڇلي چوي: کو کَڏيس.

هڪ عورت ٻيءَ عورت کان ڪنهن ڳالهه جي تصديق چاهيندي ته چوندي: ٻيو ٺَڪو يا ها لَئِي ٻيو نه ته.

عورتون نِينگريءَ کي ماٺ ڪرائيندي چون: ماٺ اَمان تون کي سون پائيندا سَمان.

گهر جو ڪو ڀاتي ٻاهر مُسافريءَ تي ويل هوندو ۽ ڪو ان جي پُڃا ڪري ته جواب ڏين: فلاڻو خير ڪو آهي.

هڪ عورت ٻي کي جهيڙي وقت ماٺ ڪرائيندي چوندي: بَس ڪر نه ته ڪَڍائين ٿي وَڙِ يا نِيتمِ.

جهيڙي وقت ٻي عورت جيڪڏهن جهيڙو ڪندڙ کي چوي: پاڻ ڪنهن جيءَ ۾ ڪونه آهيون، ته جهيڙاڪ عورت اُن ڏانهن هٿ اڇلي چوَندي: لئي ادي تون به پاڻ کي ٺلهو اُچاءِ نه، سڄي تنهنجي خبر اٿم.

ٻيءَ عورت سان دڙيندي/ پهاڪو ڏيندي چون: پاڻيان اُڌري وڃي لوڪان متيون ڏيندي وڃي ماٺ ويهي ڀيڻَ.

ٻيءَ کي طعنو تُنڪو ڏيندي چون: آئي ماٺ ڪري پاڻ کي پَل. يا چون: مائي پنهنجي پُٺ ورائي ڏس.

عورت پنهنجي مرد جي وفات تي روئيندي هجي ۽ ٻيون عورتون به اُن سان گڏ روئينديون هجن، مٿان ٽين عورت جيڪا سڀني ۾ ڏاهي هجي اُها ٻين کي چوندي: آئي فلاڻيءَ کي پاڻي نه ڪري ڏيو، يا چون: فلاڻيءَ کي ماٺ ڏياريوسِ.

مرد جي وفات تي عورتون آٿت ڏياريندي بيوه کي چونديون: ادي دل نه لوڙهه، گابڙا آهن (اولاد خاص ڪري پُٽ) وٿاڻ ۾، جي ڍڳا ٿي پيا ته لُڙ لهي ويندا، پوءِ ساماڻا سيِرهي ڌڻي اَڇا اڱڻ ڌار.

عورتون اگر پاڻ ۾ ٻين ساهيڙين کان لڪَ چوري ۽ ڳُجهه ڳوهه ۾ ڪو کاڌو کائي ويون ته ٻيون عورتون جن کي صلاح به نه هنيائون اُهي چونديون: مائي آيو مايو ڳوٽرو ڪري کاڌئون.

ڪنهن نه مڃيندڙ عورت کي وڏڙيون نصيحت ڪندي چون: اَڙِي ڪا اڄ ڀُلي، ڪا ڪالهه ڀُلي پَرَ تون توڙِ ڀُلندي ٿي اچين.

اگر ڪا نوجوان ڇوڪري (خاص ڪري ڪُنواري) وفات ڪري وڃي ته چونديون: ادي فلاڻيءَ جو جُواڻ جَماڻِ، اُڌي سماڻي نياڻي گذاري ويئي.

ڪا ڳالهه سمجهائڻ تي به ڪنهن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته چونديون: بِنَهِين ڪا موڳي مساڻ آهين.

ٻار کي ڌمڪي ڏيندي چوَن: رُڳو اچ، اِهڙي ٿي ما ميچَ ڏيائين.

 

 

ــــــــــ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org