سيڪشن؛ لسانيات 

ڪتاب:ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاتي جي ٻولي

 

صفحو :1

ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاتي جي ٻولي

حافظ حبيب سنڌي

پيش لفظ

سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جئن جدا جدا ڀاڱن ۾ ڳالهائجي ٿي، تنهن جي تفصيلي مطالعي جي ضرورت گهڻي وقت کان وٺي پئي محسوس ڪئي وئي آهي. اهڙي مطالعي سان هر ڀاڱي جي مقامي لفظن ۽ اصطلاحن جي ڄاڻ حاصل ٿيندي جنهن سان استادن کي ان ڀاڱي جو اسڪولن ۾ پڙهندڙ معصوم ٻارڙن جي ٻوليءَ جي پروڙ پوندي ۽ کين پڙهائڻ ۾ سولائي ٿيندي. هر ڀاڱي جي عوامي ٻوليءَ مان واقفيت حاصل ٿيندي، جنهن سان سماجي ڪم ڪندڙن زرعي کاتي جي ڪامگارن ۽ ٻين ڪارڪنن کي ان ڀاڱي ۾ عوام سان هم زبان ٿي ڪم ڪرڻ ۾ سهوليت ٿيندي. وڏي ڳالهه ته هر ڀاڱي جي ٻولي لکيت ۾ محفوظ ٿيندي جنهن سان سنڌي زبان جي لغات جو دائرو وسيع ٿيندو.

انگريزن جي دور ۾، سرڪاري طور تي هندوستان جي ٻولين جي لساني جائزي (Linguistic Survey of India) جي هڪ وڏي رٿا عمل ۾ آندي وئي جنهن جو سربراهه جي. اي. گِريئرسن هو. ان رٿا هيٺ سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين جو مطالعو ڄڻ ٻن ڀيڻين طور ڪيائون. ۽ ان حيثيت ۾ اهو هڪ ساڳئي جلد (Volume III, Part-II) ۾ مرتب ڪيو ويو. ان کي به ڪافي عرصو گذري ويو، ۽ انهيءَ قسم جي ٻئي جائزي جي ضرورت انگريزن جي آخري دور ۾ محسوس ڪئي وئي.

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي هڪ جامع رٿا هيٺ سنڌ جي مختلف ڀاڱن توڙي سنڌ سان لاڳو ٻين صوبائي علائقن ۾ سنڌي ٻولي جئن ڳالهائجي ٿي تئن ان جي مطالعي جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان رٿا موجب هيٺين ٻارهن ٻولين جا مطالعا ڪيا ويندا:

1. سِبي جي ٻولي            

2. ڪڇي ـــ ناڙي جي ٻولي  

3. ماٿيلي ـــ اوٻاوڙي جي ٻولي

4. ڪاڇي جي ٻولي

5. لاسي ۽ ڪوهستاني ٻولي

6. ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي

7. ڪڇي ـــ سنڌي ٻولي

8. ٿري ـــ ڍاٽڪي ٻولي

9. اتراڌي ٻولي

10. لاڙي ٻولي

11. ڪن خاص شهرن جي ٻولي

12. ڪن خاص قبيلن جي ٻولي

”ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي“ جو هي مطالعو هن سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هن ڪم کي سال کن اڳ محترم حافظ حبيب سنڌي جي حوالي ڪيو ويو. جنهن پنهنجي وس آهر وڏي پڇا ۽ محنت سان ڪم پورو ڪيو آهي.

هي ڪتاب يارهن بابن تي مشتمل آهي: جن ۾ ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري طرف رهندڙ قومن جي ٻولي جو لهجو ۽ اتي استعمال ٿيندڙ انوکا لفظ سهيڙي گڏ ڪيا ويا آهن. جيتوڻيڪ کاري جي لغات تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، پر هي ڪتاب اهڙي تحقيق جو بنياد آهي. ۽ اميد ته اداري طرفان موجوده دور ۾ هلندڙ سنڌي ٻوليءَ جي وسيع مطالعي واري رٿا ۾ هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي وڌيڪ کوجنا ۾ ڪارگر ثابت ٿيندو.

 

حيدرآباد، سنڌ         ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

23 ڊسمبر 1993ع                        چيرمين

                                سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو

 

 

 

مهاڳ

ڪتاب ”ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي“ لکڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين ۽ استاد ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن جو احسان مند آهيان جو هن صاحب مون ڪم مايه ۽ هيچمدان کي ان لائق سمجهيو.

ڪتاب ۾ ڏنل يارهن بابن جو مختصر تعارف هن طرح آهي پهريون باب: ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي جغرافيائي حدن ۽ انهن جي تعارف تي مشتمل آهي ۽ ٻيو باب وري انهن علائقن ۾ رهندڙ ذاتين تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪل 423 ذاتين جا نالا ڏنا ويا آهن. جن کي تعلقي وار ترتيب ڏني ويئي آهي. ٽيئن باب اندر مهاڻڪي لهجي وارا محاورا ڏنا ويا آهن، هر باب جي ترتيب هن طرح رکي آهي جو هر باب ۾ هر علائقي جي ٻولي، لهجو ۽ اُن تي ٻين لهجن جا اثر، لهجي ۾ مروج خاص لفظ ۽ محاورا ڏنا ويا آهن.

ڪتاب جي چوٿين باب اندر خاص لفظ، بگڙيل ۽ ٻٽا لفظ ڏنا ويا آهن. پنجين باب ۾ جتن جي ٻوليءَ تي بحث ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جتن جي ٻوليءَ جا خاص لفظ پڻ شامل ڪيا ويا آهن. ڇهين باب ۾ ماڃر جي ٻوليءَ جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ستون باب ڪڪرالي جي ٻوليءَ جو آهي ۽ اٺين باب ۾ کاري جي ٻوليءَ تي بحث ڪيل آهي. نائين باب ۾ جاتيءَ جي ٻولي ۽ انهي جي لهجي تي بحث مباحثو ڪيو ويو آهي. ڏهون باب ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري طرف عام مروج پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل آهي، جنهن کي چئن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) پهاڪا (2) چوڻيون (3) منظوم چَوَڻيون ۽ (4) گڏيل چَوَڻيون. سڀئي ذاتيون، توڙي لفظ وغيره الف، بي جي ترتيب سان ڏنا ويا آهن. ڪتاب جو آخري يعني يارهون باب ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري طرف رائج لوڪ گيتن تي مشتمل آهي، جن ۾ مقامي ٻولي استعمال ڪيل آهي. هر باب جي آخر ۾ اُهي مُحاورا به شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي اُن علائقي جا ماڻهو روزمره واري عام گفتگو ۾ استعمال ڪن ٿا.

ڪتاب لکڻ وقت جن دوستن احبابن ماڃر جي ٻولي لکڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي سي هي هئا: محترم عزيز جعفراڻي، سائين محمد خان مجيدي، جناب سرويچ سجاولي، آپا مريم مجيدي، قاضي احمد کٽي، مسٽر غلام محمد جوهر بٺورائي، مولانا حافظ غلام مصطفيٰ قادري (کٽي) ۽ مسٽر بخشڻ خان زنئور. جاتيءَ جي ٻولي واسطي: محترم رسول بخش تميمي، سائين احمد خان ڪَنادِ، وڏيرو گل محمد ٿهيم، وفا حسين جت، آغا محمد يحيٰ لوهار، محمد طيب کٽي، چاچو محمد عارف کٽي، ذاڪر حسين کٽي، جناب خليفو عبدالمجيد، مولانا عبدالشڪور نعيمي، مولانا نظر محمد جت، حاجي محمد خان کٽي، محمد نسيم ۽ زاهدا اسحاق سومرو.

ڪڪرالي ۽ مهاڻڪي ٻوليءَ لاءِ تعاون ڪندڙن ۾ پير شاهه دين شاهه قادري، سائين محمد جمن مشتاق جلباڻي، ڪامريڊ محمد عثمان جلباڻي، غلام رسول بخاري، محمد اسحاق سرواڻ، سيد احمد شاهه بخاري، سيد ڇتن شاهه، لال خان سولنگي، عبدالشڪور شاداب، غلام رسول شاهه سانگهرائي، سيد علي اڪبر شاهه ڀنڀوريءَ وارو، وزير احمد صَنم ڪنڀار، سائين الهه بچايو ڪنڀار، الهڏنو اداسي ۽ صالح جادوگر (ملاح).

کاري جي ٻوليءَ لاءِ ڊاڪٽر غلام محمد کٽي، چاچو محمد (حاجي عمر کٽيءَ جو فرزند) محمد رحيم شهبگي جت، حاجي مير محمد ۽ ايوب خاصخيلي، عبدالجليل آزاد، عبدالله مُرگهر، چاچا محمد اسماعيل شيدي (رٽائرڊ سپروائيزرنگ تپيدار)، عبدالستار ناز شيدي ۽ ميان محمد عثمان کٽيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.

جتڪي ٻوليءَ بابت خاص طرح نوجوان اديب جتڪي ٻوليءَ جو شاعر، جتڪي ٻوليءَ جي لغت جو باني، تاريخ جت قوم جو خالق محترم عبدالله اَبن عارفاڻي (ماهيڙ جت) قابل ستائش آهي، ان کان سواءِ ميان نور محمد مياڻي، فقير محمد اسماعيل سالاراڻي، سائين علي محمد جت، ميان احمد مياڻي، وڏيرو محمود رتاڻي، الهه بچايو جانڀو (جت) ۽ ان کان سواءِ آئون خصوصاً پنهنجي والدِ گرامي مولانا محمد عثمان صباغ (رٽائرڊ سپروائيزنگ تپيدار) جن جو نهايت ئي مشڪور آهيان. بالخصوص پنهنجي تَرَ جي سڄاڻ، اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس مُحترم عبد ماڃوٺيءَ جو به تهدل سان ممنون آهيان جنهن وقت بوقت ڪتاب جي ترتيب سڌاري ۽ واڌاري لاءِ نيڪ ۽ ڪارائتن مشورن سان نوازيو، آخر ۾ اُنهن مائن ۽ ڀيڻن جو پڻ شڪر گذار آهيان جن لوڪ گيتن واري ڪَمَ ۾ منهنجي هر وقت مدد ڪئي.

چوهڙ جمالي                   حافظ حبيب سنڌي

8 صفرالمظفر، 1414 هه

28 جولاءِ، 1993ع

 

 

 

باب پهريون

 

ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جون حدون

 

سنڌو درياءَ جو وهڪرو ٺٽي ضلعي کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ٿو، ساڄي ڪَپ واري علائقي ۾ سب ڊويزن ٺٽو ۽ کاٻي ڪَپَ واري ڀاڱي ۾ سب ڊويزن سجاول اچي وڃي ٿي. هن سب ڊويزن ۾ پنج تعلقا: ميرپور بٺورو، سجاول، شاهنبدر، جاتي ۽ کاروڇاڻ شامل آهن. رونيو کاتي جي انتظاميه هن وِراههَ کان سواءِ لِساني لهجي جي ڳانڍاپي جي ڪري ڪيٽي بندر به هن مطالعي ۾ شامل آهي. لِساني اعتبار کان هي سب ڊويزن ٽن وڏن تاريخي علائقن ماڃر، جاتي ۽ ڪڪرالي سان سڃاتي وڃي ٿي، جيتوڻيڪ کاري ڇاڻ وارو علائقو به بنيادي طور تي ڪڪرالي واري خطي جو هڪ حصو آهي، پر ٻولي ۽ لهجي جي لحاظ کان پنهنجو الڳ مقام رکي ٿو.

ماڃر: ماڃر بابت ”تاريخ سجاول“ جو منصف: آئين اڪبري ۽ ڀيرومل جي حوالي سان لکي ٿو ته سجاول واري جو ذڪر ابوالفضل جي ”آئين اڪبري“ ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ ”ماڃر“ کي ٺٽي سرڪار جو پرڳڻو ڪري ظاهر ڪيو ويو آهي، ابوالفضل مغل دور حڪومت جي سرڪارِي ٺٽي جي سورنهن پرڳڻن مان ماڃر کي پندرهون نمبر پرڳڻو ڪري ڄاڻايو آهي. [1]

”ماڃر“ لفظ بابت لکيو ويو آهي ته ”ماڃر“ دراوڙي ٻوليءَ جو هڪ لفظ آهي. جيڪو اصل ۾ ”ماڱر“ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ”ڄار رکندڙ مهاڻو“. [2] ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته، آڳاٽي زماني ۾ هن علائقي اندر دراوڙ قوم آباد هئي، جن مان ٻه ذاتيون: ”اوڏ“ ۽ ”ماڱر“ آباد هئا. سجاول وارو پاسو سنڌو نديءَ جي پاڻي هيٺ ٻُڏو پيو هوندو هو. انهيءَ سموري ايراضيءَ ۾ ”ماڱر“ ذات جا مهاڻا رهندا هئا. ”ماڱر“ لفظ جي بدلجڻ بابت لکي ٿو ته، سجاول پاسي ”ماڱر“ بَدران عام طرح چَون ”ماڃَر“ يعني ”ڱ“ حرف کي مَٽي ”ڃ“ ڪيو اٿن، نه ته لفظ ساڳيو ئي دراوڙي ٻوليءَ جو آهي ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ڄار رکندڙ يعني ”مهاڻو“، اِهي ماڃر يا ماڱر ذات وارا هن پاسي گهڻا هئا جو اڄ به سڄو سجاول وارو پاسو سندن نالي پٺيان ”ماڃر“ سڏجي ٿو. سجاول ۾ ”ماڃر“ نالي هڪ ڍنڍ هن وقت به موجود آهي، انهن آڳاٽن مهاڻن جو اولاد اڄ تائين سجاول طرف جنهن ڳوٺ ۾ رهي ٿو، سو ڳوٺ به سندن نالي پٺيان ”ماڃر“ سڏجي ٿو. [3]

صحيح سنڌي لفظ ”ماڃرَ“ آهي جيڪو مڃِر مان نڪتل آهي ”ماڃَر“ واري لفظ جو ذڪر ڀٽائي صاحب رح پنهنجي ڪلام اندر ڪيو آهي:

موڙي ”مَڃَرَ“ ٽاريون چانگا ٿا چَرو. [4]

ٻئي هنڌ فرمايو اٿس ته:

”هيٺ جر مٿي ”مَڃَرِ“ پاسي کان وَڻ راهه“ [5]

هتي ”مڃر“ جي معنيٰ ساوڪ آهي، انهيءَ لحاظ کان ”ماڃَر“ جي معنيٰ ”سرسبز ۽ شاداب“ ٿي سگهي ٿي. گهڻين ڍنڍن جي ڪري هيءَ علائقو سدائين سرسبز ۽ شاداب پئي رهيو آهي، جڏهن ته محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ”مَڃَرَ“ جي معنيٰ پنهنجي ترتيب ڏنل رسالي ۾ وڻن جو ٻُور لکي آهي. [6]

انهيءَ کان سواءِ هتي ”ماڃريا“ ذات جا مهاڻا سجاول، جاتي ۽ شاهبندر تعلقن ۾ گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا، ان کان سواءِ سجاول تعلقي ۾ رانٽن ۽ سُورِجن جي وچَ ۾ ”مڃريا“ واهه جو ڦٽل وهڪرو به موجود آهي. [7]

ماڃر جي حدَ: ماڃر وارو علائقو ڊيگهه ۾ تعلقي ميرپورخاص بٺوري جي الهندين ديهن کان شروع ٿي تعلقي جاتيءَ جي اولهه طرف ختم ٿئي ٿو. جڏهن ته ويڪر ۾ جاتي تعلقي جي اترئين طرف واري ديهن کي اورانگهي اُتر ۾ درياء سنڌ جي کاٻي ڪَپَ تي ختم ٿئي ٿو.

(2) ڪڪرالو: ماڃر وانگيان ”ڪڪرالو“ به هڪ تاريخي پرڳڻو آهي ۽ سنڌ جي قديم رياستن مان هڪ آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي تصنيف ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته ”سمنڊ جي ڪناري سان لاڳيتي علائقي کي ”ڪڪرالو“ چيو ويندو آهي، هي پرڳڻو پهرين سنڌ جي حڪومت جي ماتحت هو، پر پوءِ ڪافي زماني تائين مغل حڪومت کان اڳ، سمن ڄامن (ڪيهرن) جي آزاد حڪومت هيٺ هو، نيٺ غلام شاهه ڪلهوڙي هي خطو فتح ڪري سنڌ سان ملائي ڇڏيو. [8]

تاريخ ۾ هن علائقي جي نالي بابت ڪئين صورتون ملن ٿيون، تاريخي اصطلاح ۾ هن خطي کي ”ڪڪرالو“ چيو وڃي ٿو. جنهن لاءِ مختلف مؤرخن هن کي مختلف صورتن ۾ لکيو آهي مثلاً: يونانين ۽ ايرانين، هن کي ”ڪروڪل، ڪوڪل يا ڪَروڪولاهه“ جي نالن سان سڏيو آهي. ان کان سواءِ ”ڪَنڊ ڪڪڙالو، ڪڪراله، ڪڪراره ۽ ڪڪراڙو“ جي نالن سان به ياد ڪيو ويو آهي، هن علائقي تي سمن (ڪيهرن) جي حڪومت هُئي ۽ انهن جو مورثِ اعليٰ ”ڄام ڪڪرالو يا ڪڪراڙو“ هو، جيڪو ڄام ڪيهر جو ڀاءُ هو، انهيءَ سبب هن علائقي تي اِهو نالو پئجي ويو هُجي! ليڪن محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي راءِ مطابق ته ”ڪڪراڙو يا ڪُنڊ ڪڪراڙو اصل فارسي صورت وارو نالو آهي، ڪڪراڙو اسم خاص آهي، لکت ۾ ان جي ڪا تحرير ڪونه ڏني ويئي آهي، البت ٿي سگهي ٿو ته اها ايراضي پٿرائين رهي هُجي. تڏهن ان کي ڪڪراڙو سڏيو ويو هجي، يا ٿي سگهي ٿو ته اها ايراضي سال جو ڳچ حصو جُهڙ ۽ ڪڪرن سان ڇانيل رهي ٿي، ان ڪري ان کي ڪڪراڙو چيو ويو هجي، ڪنڊ وارو علائقو شايد ”ڪڇ“ وارو آهي ۽ ٻنهي جي لاڳيتي هئڻ ڪري گڏيل نالو ”ڪَنڊ ڪڪراڙو“ رائج ٿيو هجي. [9]

ڪڪرالي جي حدن ۾ سب ڊويزن سجاول جا ٻه تعلقا شاهبندر، کارو ڇاڻ مڪمل، ۽ جاتي تعلقي جو اولهه ۽ ڪاڇيليون حصو اچي وڃي ٿو، هن علائقي جي ڏاکڻينِ حصي ۾ عربي سمنڊ ۽ اولهه ۾ ڪيٽي بندر ۽ گهوڙا ٻاري تعلقا اچي وڃن ٿا. هن علائقي ۾ عربي سمنڊ کان کاري پاڻيءَ جون ڍوريون، ناريون ۽ وهڪرا درياءَ ۾ اچن ٿا ان سان گڏ سنڌو به هتي ٽڙي ٿو. جيڪو ڪڪرالي جي ٽن تعلقن کي گهيري ۾ آڻي ٿو. انهن مان ٻن تعلقن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي، باقي کاري ڇاڻ جو ذڪر ته کاري واري جاگرافيائي صورتحال واري ڀاڱي ۾ ايندو. شاهبندر ۽ جاتي ۾ وهندڙ کارين، دريائن ۽ ڇاڻين جو ذڪر هت ڪجي ٿو:

شاهبندر واري علائقي ۾ وَهندڙ درياءَ: شاهبندر تعلقي جي اُتر کان سنڌو درياءَ جو هڪ وهڪرو اچي ٿو. جنهن کي ”حيدري“ چيو وڃي ٿو. اهو اڳتي هلي تعلقي کاري جي درياءَ ”متڻي“ ۽ ٻين ۾ اولهه پاسي (تعلقي کاري جي اوڀر کان) پوي ٿو. جڏهن ته ان جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ آهي ۽ عربي سمنڊ جي بلڪل لڳ اُتر طرف جيڪي ننڍا وڏا درياءَ، کاريون، ڍورا ۽ ڇاڻيون نڪرن ٿيون، اُنهن ۾ واڙي (ننڍي ۽ وڏي) جَهٻ، ڏٻو، ڪاجَهرِ، نانگو، لُنياري، شُڪرانُو، پَڇاڙَ، وڇَاڙَ، لوٽو، گِسَرِ، ڪئين وارو ڍورو، مَنڊڙيءَ وارو ڍورو، نيائينءَ وارو ڍورو، ماڙيءَ وارو ڍورو، بَڊِيسَرِ، ڪَڏو، بٽَنِ وارو ڍورو ۽ مَلِ درياءَ شامل ذڪر آهن. هي سڀ دريائي وهڪرا، ڍورا ۽ کاريون حيدري درياءَ مان نڪري ”ستاهَه“ درياءَ مان لگهندي کاري ڇاڻ جي اولهه ۾ پون ٿا ۽ اوڀر ۾ تعلقي جاتيءَ ۾ پون ٿا. جڏهن ته ڏکڻ طرف عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. [10]

جاتيءَ واري علائقي ۾ وَهندڙ درياءَ: جاتي تعقلي جي اوڀر ۽ ڏکڻ وار ڪُنڊ ۾ ڪاڇيل طرف نڪرندڙ ۽ وهندڙ دريائن جا نالا هن طرح ملي سگهيا آهن: سِيرَ (کاري سير به چَون جيڪو شاهبندر تعلقي ۾ به اچي ٿو) سَنڊو، کَڏو، هَمراهَه، ڪَربَلا، وِنگڙ، ٻانڊو، حَرامي، لڪي، ڊگهڙو، شاتَرِي، ڪينجَهرِ، بَکارَ، پَگهاڙ، پاڏالو، مَنڊڙي، خونياڻي، گهوڙو، نئون درياءَ پئي وارو ڍورو، دِڙيون ڍورو، ڪاجَهر (شاهبندر واري درياءَ جو حصو) لوڌيءَ وارو ڍورو، کُور وارو ڍورو، ڪوري وارو ڍورو، سنهڙو سانگڙو ڍورو، وٽاڻ ڍورو، پيم وارو ڍورو، قسمي وارو ڍورو، ڦٽو ڍورو، بچاءَ وارو ڍورو، ڪارو ڍورو ۽ ڦٽل مَلِ، (هيءُ انڊيا پاسي اڳتي هلي چتونءَ واري ڍوري ۾ پوي ٿو.) [11]

کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر: هيءُ علائقو ڪڪرالي جي خطي جو هڪ حصو آهي. ليڪن ٻولي ۽ لهجي جي لحاظ کان پنهنجو منفرد وجود رکي ٿو. ويجهڙائيءَ واري عرصي (76- 1975ع ڌاري) ۾ هن کي ”محال“ جي صورتحال مان ڪڍي باقاعدي هڪ تعلقي جي حيثيت ڏني وئي.

سنڌ جو جاگرافيدان ماهر ايم پِٿاوالا لکي ٿو، ته ڪوري کاري، جنهن کي سنڌونديءَ جي ڇوڙ جي سڀ کان پراڻي منزل چئي سگهجي ٿو، جتي پُراڻِ درياءَ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. اِهو ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ اهڙيون يارهن کاريون هيون جن مان ”بگهاڙ“ ۽ ”ستَاهه“ ڦاٽَ جهازِ رانيءَ جي قابل هئا. 1826ع ڌاري قلندر ڦاٽ جيڪو ٺٽي جي اُتر کان ٿيندو گهاري کاري ۾ ڇوڙ ڪندو هو جيڪو پوءِ سُڪي ويو. ان کان پوءِ 1837ع ۾ ”کيدي واري“ ”ڪُوڪيا واري“ کاريون ڇوڙ واري“ ايراضيءَ ۾ قابل ذڪر ماڳ هئا. انهيءَ مان ڪوڪيا واري کان پوءِ ڄامڙي درياءَ وَرِ وَرتو سنه 1848ع ۾ درياءَ پنهنجو رُخ بَدلايو ۽ اهڙي طرح ”نئين ڪَپَ“ تي وري ”ڪيٽي بندر“ جو شهر آباد ٿيو. هي بندر ”وِڪر بندر“ جي ريٽجڻ کان پوءِ سنڌو ڊيلٽا جو مشهور بندر ٿي رهيو آهي.

1819ع ۽ 1969ع واري سمنڊي زلزلن جي ڪري هن علائقي ۾ ڪافي تبديليون آيون، جنهن ڪري شاهبندر جيڪو درياءَ (شاخ) تي هڪ وسندڙ بندر هو ويران ٿي ويو. ڪيٽي بندرد جڏهن عوج ۽ جوانيءَ کان موٽيو ۽ هستي، مستي ڇڏي ويو ته کاري جي سرسبز ۽ شاداب علائقي ۾ وري هڪ ننڍڙي بندرگاهه ”سوکي بندر“ جنم ورتو. کاري ڇاڻ جي انهيءَ علائقي کي سنڌو درياءَ تي بيراجن نڪرڻ کان اڳ ”لاڙ جو ڪشمير“ ڪوٺيو ويندو هو. ساريال گهڻي هئڻ ڪري هتان جي چانورن جي هڪ جنس ”کارائي گنجا“ اڄ به هن تَرَ ۾ مشهور آهي. [12]

کاري ۽ ڪيٽي بندر مان نڪرندڙ درياءَ: کاري وارو علائقو ننڍن وڏن دريائن، ڇاڻين ۽ کارين ڪري مشهور آهي. کاري جي شهرن ”کارو ڇاڻ“ ۽ ”ڪيٽي بندر“ کي مرڪزي حيثيت ڏيندي هرهڪ شهر جي چؤڌاري وهندڙ دريائن جو ذڪر ڪجي ٿو:

کاروڇاڻ: کاري ڇاڻ جي اُتر طرف سنڌونديءَ جو ڇوڙ وارو دريائي ڦاٽ وهي ٿو، جنهن مان ٻيا درياءَ نڪري سمنڊ ۾ داخل ٿين ٿا. ڏکڻ طرف کان کڻندِ درياءَ ڦاٽ مان نڪري وري گهوڙي واري نار ۾ پوي ٿو ۽ وَٺو درياءَ به ڦاٽ جي ڏکڻ مان نڪري اچي گهوڙي واري نار ۾ داخل ٿئي ٿو، جڏهن ته ”راڄ واري“ جيڪا هينئر خود هڪ دريائي نار آهي، اُها به ڦاٽ مان نڪري سڌو سمونڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. درياءَ ڦاٽ جي اُتر طرف کان ”ترسياڻ“ درياءَ نڪري ٿو جنهن مان وري ٻيا درياءَ نڪرن ٿا، هڪ کوبر جي اُتر طرف سڌو وڃي ڪيٽي بندر شهر ۾ وڃي ٿو داخل ٿئي ته ٻيو ”ڪانگڙي“ به اُتر طرف ڪيٽي بندر ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ آخر ۾ ڏکڻ طرف وڃي درياءَ ”ترُسِياڻِ“ ۾ پوي ٿو. ڪيٽي بندر جي اولهه طرف ۾ ”حجامڙو“ درياءَ نڪري ٿو، جيڪو اڳتي هلي سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو.

کاري جي اوڀر طرف اصل درياءَ مُٽڻي آهي، جنهن مان اڳتي هلي دريائي وهڪرو ميرواهه نڪري ٿو. اُهو اڃا اڳتي هلي الهندي طرف ۾ وڃي گهوڙي جي نار ۾ داخل ٿئي ٿو (هن نار تي سوکي بندر هو.) مُٽڻيءَ درياءَ جي الهندي ۾ درياءَ سنهڙي وارو وَهي ٿو جيڪو اڳتي هلي سمنڊ ۾ پوي ٿو.

کاري جي الهندي طرف درياءَ واڻِ آهي جيڪو پڻ سمنڊ ۾ پوي ٿو. مُٽڻي درياءَ مان نڪرندڙ اڀرندي طرف وارا ٻه وڏا درياءَ ”پکيئڙو“ ۽ ”نانگ واري“ آهن، پکيئڙو مٽڻيءَ مان نڪري اڀرندي طرف ”نئين ڪانِئر“ درياءَ کي اورانگهي مَلَ درياءَ جي الهندي ڪاري (تعلقي شاهبندر لڳ) ديهه ”ڪُن“ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو ۽ نانگ واري مُٽڻيءَ مان نڪري اوڀر ۽ ڏکڻ طرف آڌياڙيءَ ۾ داخل ٿئي ٿو. درياءَ اُڌياڙي باغ واري ڇاليءَ مان نڪري سمنڊ ۾ ڏکڻ طرف ڇوڙ ڪري ٿو، باغ واري ڇاڻي واري مَلِ مان نڪري درياءَ ڪانئر ۾ پوي ٿي، جيڪا ديهه اُڏياڙيءَ جي اُتر اوڀر طرف کان درياءَ ڪانئر مان نڪري سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو، درياءَ مَل جيڪو سنڌو درياءَ مان نڪري اوڀر ڏکڻ طرف ٻن تعلقن (کاروڇاڻ ۽ شاهبندر) کي آباد ڪندو، ديهه جوشيواري مان لنگهندي سمنڊ ۾ پوي ٿو، جڏهن ته اوڀر طرف رهڙو درياءَ ديهه ڪينجهر ۽ رَپڙ مان نڪري درياءَ مَل ۽ لنياري (تعلقو شاهنبدر) ۾ داخل ٿئي ٿو. [13]

ڪيٽي بندر: ڪيٽي بندر جي اوڀر طرف کان گهڻن وَرن وَڪڙن وارو هڪ ڊگهو درياءَ نڪري ٿو. جيڪو ڪيٽي بندر جي اُتر ۾ چوڌاري اولهه طرف کان گولائي واري صورت ۾ اچي کوبر ۾ پوي ٿو. ان کي ”اوچتو“ ڦاٽ چوندا آهن، ڪيٽي بندر جي ڏاکڻين طرف کان کيڌي واري درياءَ ۾ به اوچتو اچيو ڇوڙ ڪري انهن مڙني دريائن جو ڇوڙ کاري ڇاڻ تعلقي جي درياءَ ”ڦاٽ“ ۾ آهي. [14]

پکيڙ: ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري واري علائقي جي مجموعي پکيڙ هم چورس ميلن جي صورت ۾ چار هزار ٻه سو ستونجاهه ميل آهي. جڏهن ته هي علائقو 426، 5، 27 ايڪيڙن تي مشتمل آهي. [15]

ٻولي: ماڃر، ڪڪرالي، جاتي ۽ کاري طرف عام طرح سنڌي ٻوليءَ جو ”لاڙي لهجو“ ڳالهايو وڃي ٿو، جڏهن ته بلوچ قوم ”شرائيڪي“، ”جتڪي“ ”بلوچي“ ”براهوي“ ڳالهائين. هتان جا خاص لهجا، ”ماڃرڪو“، ”ڪڪرالي“ ”جاتيءَ وارو“ ”مُهاڻڪو“، ”شڪارڪو“، ”ڀِيلڪو“ ۽ ”کاري“ جو لهجو عام استعمال ۾ اچن ٿا.

طبعي ڀاڱا: ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي علائقي کي چئن طبعي ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو. (1) ميداني (2) هيٺاهون (3) ڪَس يا ڪچو (4) کارو.

ميداني: هن علائقي جي نَهري پاڻيءَ تي آباد ديهن ۾ ڪڻڪ، ساريون، ڪَمند ۽ تيلي ٻج پوکجن ٿا.

هيٺاهون: هن علائقي ۾ ڍنڍن واري ايراضي ۽ ٻي هيٺاهين زمين اچي وڃي ٿي، هن ڀاڱي ۾ ساريون، ڪمند، تيلي ٻجن کان سواءِ، ڀاڄيون پڻ اُپايون وڃن ٿيون، سم نالين نڪرڻ کان اڳ هيءُ علائقو ڍنڍن جي پيدائش سبب گهڻو مشهور هو.

ڪَس يا ڪچو: درياءَ جي ڇڏيل زمين کي ”ڪس“ يا ”ڪچو“ ۽ ڪچو پَل به چيو وڃي ٿو.

کارو: هن علائقي ۾ اهي ديهون شامل آهن، جن کي کارو پاڻي پائي ٿو. کاري جي زمين جا ٻه قسم ٿين: هڪ ”دريا خوردي“ يعني اها زمين جنهن کي کارو پاڻي کائي ويو هجي ۽ ٻيو قسم ”دريا بُردي“ يعني اها زمين جنهن تي کارو پاڻي وهي وڃي يا اُها کاري پاڻي هيٺ رهي ۽ آباديءَ لائق نه رهي هجي.

ٻيلا: هتي ٻن قسمن جا ٻيلا ٿين: هڪ قدرتي ٻيلا ۽ ٻيو هٿراڌو رکايل ٻيلا. هتان جي مشهور ٻيلن ۾ مولچند ٻيلو، جوراڙ، کڏي، رملَ مولچند ۽ ميرانپور، ٻيلو پناهَه، هُديراڻي، پَڪو سورنجاڻي، ڪچو سورجاڻي، ڪوٽ عالمون، کِيرَ سَر، ڪيٽي ڪچو، علي بحر هزاري ۽ ٻيلو گنج بهاديپور ٻيلو، مَنارڪي، کوسن جي ڪيٽي، ڇڇ ڪيٽي، مڙهو، ٽَڪَر وارو ٻيلو، ڪُونج، ٻڍاڻي، کاري وارو ٻيلو شامل ذڪر آهن.

ڍنڍون: هن کان اڳ جڏهن سم ناليون اڃا نه نڪتيون هيون، تڏهن هيءُ سمورو علائقو ڍنڍن ۽ ڍورن جو ديس ڪوٺيو ويندو هو، ليڪن سم نالين جي نڪرڻ سان هتي ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ ڪمي اچي وئي آهي، تڏهن به هن علائقي ۾ ڍنڍن جو وجود اڃا باقي آهي، ماڃر ۽ ڪڪرالي طرف جيڪي به موجوده ڍنڍن جا نالا ملي سگهيا آهن، انهن ۾ پاٻڙي، ٻوٿڙو، نَوبَتَ، ٽِيماڻي، گپَ، فَلڪَ، آباد، نيلاڻِ، رانئين، وَنگارو، اهي هاڻ ختم ٿي چڪيون آهن. اَڇَ، ڪُڙِ، خريدَ، ڏاڏاواهَه، تاڏو، مور ۽ هنجَ تَلَ، جاجَهَه، جِهم، تلِ، چَماهي ڪانگن کاڌي، ڪوچار، رائين، چوٻٽي، ڪاجَهري ڪلڪان، ڪَتڪُو، ڪَنِ راڄ شيخ بچل، غلام شاهَه، ڇهه هٿو ڪُن، دوهو، ماڃِٺي، ڪوٿَرو، جاوو، سَيلين وارا گُجا، سانڀئيڙو، جاگير، ڀُنڊَن واري، گونگڙي، ڇڇ، مَڪڙا، پَڙوَ وارو ڪُن ۽ عُمر جوان وارو ڪُن شامل ذڪر آهن. هنن ڍنڍن مان بِهه، ڪاني، پَن، ٻُور، مڇي، پکي، ڪُم (مٺال ۽ ڪڙال جا) لوڙهيون (مٺال ۽ ڪڙال) ڪُونڻيون (مٺال ۽ ڪڙال) گندَ (مٺال ۽ ڪڙال جا) پٻڻ (پاٻوڙا) ۽ ڀڀڙَ وغيره ملن ٿا. جن کي ماڻهو نه صرف عام استعمال ۾ آڻين هنن جو باقاعدي واپار به ڪن.

آبپاشي نظام: هن علائقي ۾ آبپاشيءَ وارو سرشتو انگريزن جي وقت کان اڳ به قائم هو، پر انگريزن جي 1843ع ۾ اچڻ ڪري هن نظام کي ڏاڍو پسند ڪيو ويو. درياءَ جي بلڪل لڳ هئڻ ڪري هن علائقي جا ڪيترائي واهه سِڌو سنئون درياءِ سنڌ مان وهندا هئا، جيڪي بعد ۾ الڳ ڪيا ويا ۽ هاڻ وڏين برانچن مان نڪرن ٿا.

1856ع ۾ سنڌونديءَ مان جيڪي ننڍا وڏا واهه نڪرندا هئا انهن ۾ ڇنڊڻ راڄواهَه، ڪَمبرا، انب واهَه، گهار واهَه، کِيرال، نصيرڪَلان، هيڪَرَا، چار، مَتلا، وڏو، ڊينڱاڻ، مير سمان، ميرواهَه نواب، محمودا واه، ٽيڪٽارام، ٻوساَنو، ڇهه هٿو وڏو، ڇهه هٿو ننڍو ان کان سواءِ گونگڙي پيڃاري عرف گونَگڙو، ماليها، شاهه ڪپور شاخ، مير خانا، بيگنا، آمَر جي، تنبو شاخ، ٽنگو شاخ، گڏاپ، شير خانا، جاتري مائينر، ننڍي گونگڙي، وڏي گونگڙي، قيضي، رُهڙو، رهڙِيا ۽ مُلان مائنير اچي وڃن ٿا. ان کان علاوه ستاهه واَهه، کانٽو واهه، گهار واهه، ميرواهَه، ڀور واهَه، ڪوڏاريو واهه (هن کي پنج گزو به چون) کُڙ دَم ( خورد) ماڇڪي نالي، راڄِن شاهه مائينر، رطول، پَکار، راڄِ واهه، جاجيا واَهه، اسلام ڳڙهه نالي ۽ شاهه ميهڙو، جا نالا قابِل ذڪر آهن. بئراج مان نڪرندڙ واهن جي ڪل ڊيگهه نوانوي ميل آهي.

بَندَ: هن علائقي ۾ درياءَ جي کاٻي ڪَپَ کان شروع ٿيندڙ بَچاءَ بند، جنهن کي عام طرح ”ڪچي وارو بند“ چيو وڃي ٿو. اُهو سجاول تعلقي کان شروع ٿي تعلقي شاهَه بندر ۾ ختم ٿئي ٿو، اهو بند مختلف هنڌن تان لنگهڻ سبب مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو. مثلا: تعلقي سجاول ۾ هن کي ”بيگاري بند“ جي نالي سان پڪاريو وڃي ٿو ۽ تعلقي شابندر ۾ ”مولچند شاهبندر بند“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جيڪو تعلقي سجاول جي ديهه رانٽا ۾ چويهه ميل کان شروع ٿي 2عه 58 ميلن تي ختم ٿئي ٿو ۽ ان کان پوءِ تعلقي جاتيءَ مان وڃي تعلقي شاهبندر ۾ پهچي ٿو. هن علائقي جي ٻين لوپ بندن ۾ نصير لوپ بند، ٻيلو لوپ بند، ڪوٽ عالمون لوپ بند، سورجاڻي لوپ بند، رانٽا لوپ بند، لَنڊي بند، گونگڙي ڪارڊ بند، جا نالا قابِل ذڪر آهن.، ان کان سواءِ تعلقي جاتيءَ ۾ مٺارڪي بند، جيڪا روڊ موري وٽ ختم ٿي تعلقي شاهبندر ۾ پوي ٿي جتي ان کي ”مولچند شاهبندر بند“ چيو وڃي ٿو. جيڪو اڳتي هلي ”قادر ڏنه شاهه بند“ جي نالي سان سڏجي ٿو. ان کي 1894ع ۾ ڇڏيو ويو انهيءَ جي جڳهه تي کانٽي واهه جي سڄي پاسي واري بند کي دريائي بند طور تبديل ڪيو ويو. مذڪور بند اڳتي هلي واري ڪَوڪا وارو بند ڪوٺجڻ لڳو.

انهن دريائي بندن کان سواءِ حڪومت پاران هن علائقي کي سامونڊي کاري پاڻيءَ جي اُٿلن کان محفوظ رکڻ واسطي، تعلقي جاتيءَ جي اوڀر ڪاڇيل طرف کان هڪ وڏو بند ڏنو پيو وڃي، اهو بند جاتي تعلقي جي ڳوٺ ”راڄ ملڪ“ جي ڪاڇيلان، پاڪستان پاران عالمي بينڪ جي تعاون سان لڳي رهيو آهي، هن بند جو سرڪاري نالو ”ٽائيڊل لِنڪ بند“ آهي، عام ماڻهو ان کي ”وڏو بند“ سڏين.

نيڪالي سرشتو: هن علائقي جي ”ڊرينيج“ سسٽم يعني بيڪار ۽ سم واري پاڻيءَ جي نيڪال جو ذريعو، ڍنڍون ۽ ڍورا هوندا هئا ليڪن ان کان پوءِ ڇنڊڻ جي نظام کي سُڌارڻ جي ضروت پيش آئي، جنهن ۾ ماڃر جون ڇنڊڻ گپَ، ڇنڊڻ ڏندو، فلڪ ڇنڊڻ، سکٽِ ڍورو ۽ نانگڻ ڍورو جا نالا قابل ذڪر آهن.

جڏهن ته جاتيءَ واري حصي ۾ ايندڙ ڇنڊڻين شاهه ڪپور، مير خانا، بيگنا، آمرجي، قبضي، تنبو، ٽنگو، گڏاپ، شيرخانا، رُهڙو، ڪارو گونگڙو، ان کان سواءِ حڪومت پاران به وڏيون سم ناليون کوٽايون ويون آهن، جڏهن ته تعلقي شاهبندر ۾ جيڪي ڍنڍون ۽ ڍورا ڇڻڊڻين جو ڪم ڏين انهن ۾ پيراڻي ڍورو، شيديءَ وارو ڪُن، ڪَوَهَه وارو ڪُن، ننڍي گونگڙي، ڀڙئُو وارو ڪن، عُمر جُوان ڪن ۽ مڪڙا شامل آهن.

زراعت: سنڌ ۾ زراعت هڪ قديمي پيشو آهي، هن علائقي ۾ ڍنڍن، ڍورن، ڇَڇَنِ ۽ ڇنڊڻين سبب بئراج کان اڳ جا سمورا واهه درياءَ سنڌ مان نڪرندا هئا، خريف، توڙي ربيع جا سمورا فصل ڏاڍا ڀلا ٿيندا هئا. پر هن وقت ساريون، ڪمند، ڪڻڪ، جَوَ، ٻاجهر ۽ توريو وغيره ٿئي. ساريال جي فصل ۾ گنجا، موتيا، رتڙيا، ڪَنگڻي، سَنيا، چالهيئڙا، گُجائي، گنجا کارائي (انهن کي مامُرو به چَون) اڇي جنس، جيرائي (انهن کي جيراشاهي به چون) ڳاڙهي جنس، ٽمڻيا، اڇا، ٽمڻيا، ڳاڙها ( انهن کي گُجائي به چَون) ايري 6 ميڪسي پاڪ، ايري 8، ايري 76، ايري 88 سارين جي فصل ۾ اڪثر رَتي روڙِي (رُهڙو) گڏر ۽ ڪوئي جو خطرو رهندو آهي.

وڻ، ٽڻَ، گاهَه، ٻوٽا، وَليون: لاڙ جو هيءُ علائقو شروع کان وٺي سرسبز رهندو پيو اچي، وڻن ۾ ديسي ٻَٻر، ولائتي ٻَٻر، پپر، بڙ، ڪَنڊ ٽالهي، سريل، ڪاهون، نِم، اَمرو، ٻير، ڄار، لَئي، آسرا لوا، مٺي امري، گدامڙي کجي (نَروٽو) اَڪ، دارون، لاڻو، ميندي، ربڙ جو وڻ، وڏي گيدوڙي، ننڍي گيدوڙي (ليسوڙي) کان سواءِ ديويءَ جا نالا قابِل ذڪر آهن. ميوائي وڻن ۾ انب، ليمون، ڄمون، چيڪو، لِيارِ، توت، زيتون، ناريل، پپيتو (ڪاٺ گدِرو به چون) وِلائتي ڪيلو، الائچي ڪيلو، ڳاڙهو ڪيلو، سنڌي ڪيلو وغيره شامل آهن، انهيءَ کان سواءِ ٻيلي کاتي وارن جي جفاڪشيءَ سان کاري، توڙي مٺي جي ٻيلن ۾ مختلف قسمن جا وڻ لڳايا ويا آهن، کاري جي ٻيلن ۾ سنڌي ننڍي تمر سان گڏوگڏ جپاني تَمِر چوڻ جنهن کي ”زائيزو فوريا“ چيو وڃي ٿو اُهو پڻ گهڻي انداز ۾ پوکيو ويو جنهن کي هت ”وڏو سنڌي تمر“ چيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ مٺي جي ٻيلن ۾ وري گُل مَهر، بوڪِيسِ ۽ ولائتي نم پوکيا ويا آهن.

گاهه: اڪڙي، لوسَڻ، برسيم، جَنتَر.

فصل وارا گاهه: مڪئي، جَوَ، ٻاجَهر، جُوارِ، مَٽرَ، اُڙدَ ۽ مُڱ، انهيءَ کان علاوه سارين جا پَن گاهَه طور استعمال ٿين ۽ جڏهن کان ڪمند جي پوک شروع ٿي آهي، ته ڪَمند جا پَنَ به گاهه طور استعمال ڪيا وڃن ٿا.

سُڪلَ گاهَه: پَلال (سارين جو) بوهَه، ڀُڏِي،

ساوا گاهَه: مُڱرال، ٽوپ، بيڪون، سورائي، ڀَتر، هو، چيڻُو، سئي، ڪَلَ، ڊامَڻ، اوانڊو، پَرٽ، لَنوارو، ڏِنگڻي، پواڙي، سَنَورِ، منڌيئڙو، ڳنڍير، ڏِيرِ، ڇٻَر، ٻُڪَنَ، اوئنِ، ناڙو، سانوڻي، ٻِڏ، پاڙ، ڊڀوري، ساوڙي، سائون، کيههَ، ڪَلُوري، جِهل، چيهو، مَٽرِ، مريڙو، داجُوري، لُلرِ، ڏنوئي، سونهڻ، موٿ، لِچَڻِ، ڪِرنُو، ڪنڊو، نڙ، ڊَبر.

ٻوٽا: ٻوٽن مان ڪانئل پيرو، کِپَ، ڀوتو، ڦاڙَ، رنگَ وڻ، ڀيرون، اُبت ڏنگڻِي، ڌتورو، منڍيري (ننڍي ۽ وڏي) کانٽوبو، ڪانڊيرو، جابلو ٿُوهَر، گُگر، سَر، ڪانَهنَ، ٽڪُنڊي، ايريال، (مٺي ۽ کاري) زنگي گُل، گدَڙ پُڇِي، نانگ ڦَڻِ، ڦور لاڻو، (هي سڀني کان وڏو ٿئي) ٽاچ لاڻو، (هن مان کار ٿئي) ٻاڙ، (ننڍي قسم جو ٿئي درياءَ پاسي ٿيندو آهي، هن کي اٺيون (ڏاچيون) کائين) سَهي لاڻي، ڪَڙِ لاڻي (کاري لاڻي به چَونِ)، ڦيڙَ لاڻي، (کارين ۽ ڍنڍن ۾ ٿئي) مٺي لاڻي باغن ۾ ٿئي ۽ گل لاڻي، گُل مور، خليفو، ڪَنَ ڪيوَڙِي ۽ پَٿر ٽوڙِ (پٿرچٽ) ٻوٽي.

وليون: ماڃر ڪڪرالي ۽ کاري جي علائقي ۾ هيٺين قسم جون وليون ڏسڻ ۾ اچين ٿيون، بي پاڙي، دودڦلو، گرل، اڦيري، ٽُوهَه، گولاڙو، اپريشن، ندا، ڪاٽيل، نانگ وَلِ، چڀڙ، ڪنڊرو چڀڙ، ڪريلو، کَرِکِکڙي، مُنڍيل وَلِ، هرڻ لاڻي، ڊاماهُه ۽ رات جي راڻي.

چوپايو مال: هيءُ علائقو چوپائي مال جي ڪري به گهڻو مشهور آهي، هتي مينهن، ڳئون، اُٺ، رڍ ۽ ٻَڪري کير ۽ گوشت وغيره لاءِ پاليا وڃن ٿا.

جانور: جهنگلي جانورن ۾ سيهڙ، ڦاڙهو، مِرُو، (سُور) ڀنگولين (ڇلرو مِرُو) گدڙ جهنگلي ٻلو، ڪُتو، ٿر جائو ڳرهه، سانڍو، نوريئڙو، نور، ڳوهيرو ۽ گلوئي اچي وڃن ٿا. ڪنهن وقت ڪڪرالي ۾ هَرڻ به هئا ليڪن هاڻ انهن جو نسل اڻلڀ آهي، پاڻيءَ جي جانورن ۾ لوڌڙا، ڪڇون، سيانتا، واڳون، سيسِا.

مڇي: هيءُ علائقو ڍنڍن ۽ ڍورن جو مرڪز هئڻ ڪري، مڇيءَ جو به خاص مرڪز رهيو آهي. هتي ٻن قسمن جي مڇي ملي ٿي. ”هڪ مٺي جي مڇي“ ۽ ٻي ”کاري جي مڇي“. مڇيءَ جي بي شمار قسمن مان مشهور قسمن جا مختصر نالا ڏجن ٿا.

مٺي جي مڇي: مٺي جي مڇيءَ کي وري ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ ڇيلري، ٻي ليئي (بنا ڇلرن جي) ڪُرڙِي، موراکي، ٿيري، پلو، ڏنڀرو، ڏائي، ڳانيرِ، گندڻ، سريو، مٺي جا سانا، مُنڍي، مُنڍڙو، پوپري، ڏَيو، مُٽي، دائر، ليئي مڇي، ڄَرڪو، بُوهڻِ، سينگاري، لوڙهه، ڦابڻو، رڙو، کڳو، کڳٽير، ڌُڌِرڙو.

کاري جي مڇي: هن ۾ به ٻه قسم ٿين هڪ ڇلرن واري ٻي ليئي، (بغير ڇلرن جي). ڇلرَن واري، ڇوڏيون، ڦاڙَ، حَڪَمَ (سڀئي مٺي جي سانن کان سواءِ) ڍانِگري، گولي، سِيئرِ، پِٿُون، (هن کي پاپليٽ به چَون) ٽوٽا (گولي مڇيءَ جي ٻچن کي چَون) دوٿر، سُرمائي، پَڏڻِ، وائرِ، مُريو، ڪريڙَ، سِڻي، لچَڪَ، سُوئو، ڇِلوَري، بنا ڇلرن جي، مورو مڇي، ڳانير، آل ڌُڌِر منگرو.

پکي: سُڪي جا پکي: ڀورو تِتَرِ، ڪارو تِترِ (ايراني تتر به ڏسڻ ۾ آيو آهي) ڪبوتر، ڳيرو، وَنهيو، چپڻي، لغڙ، ڪاٺ ڪُٽو، هُدِ هُد، جهنگ ڪَڪَڙ، جهرڪي، ڀونتريو، چَتوُن، ڊوليرِ، چانههَ، ڪانگ (کاري طرف بلڪل ڪارو ڪانو به ڏسڻ ۾ آيو آهي) ڪَٻر (ڳاڙهي چُنهب واري به هتي لڀي) پِروڙي باز، بُلبلو، جَهارِ، پيرِ، ڪارپڏي، ننڍو ليلهو، ڪار دونهاري، مالار، ڳِجهه، پيلو باز، سِرڻِ، ٽيٽيار، ڇاپانگو، ميٽر، هَڪو، ڀُورِ، ابابيل، ٻوڙي، دُنهائي، ٽيٽيهو، ٻاٻيهو، ڊم، مرچ، تاڙو، چِٻَ (چٻرو) بحري باز، ڪَرنا، هُورا، اڇو ڪِنگرِ، ڳاڙهو ڪنگر، چٻرو، انهن ۾ چانهه ۽ هُد هُد ٻاهريان پکي آهن جيڪي موسمَ آهر هر خطي ۾ ڏسبا آهن.

ڍانڍي پکي: ماڃر، ڪڪرالي کاري طرف جيڪي پاڻيءَ جا پکي نظر اچن ٿا انهن ۾ ٻُڏڻُو، آڙي، کينڻالي، ٿُرهَندو، هَنچَرَ، ڊگهوش، نِيرڳي، بوهاڙ، ڳَهڻُو، رونوارو، ڦاراهو، رَتُونَبوُ، چيکلو، سيندر، ڌوئيلو، لاکي ڄاڃي، ڪُوڻي، چٽوڙو، ٻاهو، ڪُڪڙاٺِ، مَنگهه سوهڻي، گگهه، ڪنگر ڪلوٽو، پُونسَ، ڌلاريو، هاڙهي، للَو هنج، ٽُهايو، لَڙانيو، پوراڙو، ٽوپيار، چِيههَ، ٽوبر، تُور، تَلورُ، سارڙيون، ڪُڪڻِي ڪيٽاههَ، سانَهن، ڪانئيرو، ڪينائي سَنگِ، ڪونگَ، کُنڀو، پرولي، ٿوهو، کَڳِ، فيري، سيلَڻِ، ڪَولَ ڀِڻڪَ، شوڪو، ڪُونج، سَتالو، کوٻائي ڏاريو، جڏهن ته پاليل پکين مان چتون، ڪبوتر (اڇو) هنج، ڪُڪڙ، مور، ڪانئيرو، ڊيلَ ۽ بَدَڪَ.

ڳوٺ ۽ شهر: وڏن شهرن ۾، ميرپور بٺورو، دڙو، سجاول، جاتي، چوهڙ جمالي، جهرڪَ، کاروڇاڻِ، جڏهن ته مشهور ڳوٺن ۾، عنايت پور، ٻيلو، لاڏيون، ڇڇ جهان خان، شاهه يقيق، دڙي موري، ڄار جو ڳوٺ، ڇُريٽاڻي، ابڙال، ڪوٽ عالمون، مولوي عبدالعزيز جاڙيجو، لائق پور، ٻنو، گگها ڳوٺ، رائونٺ، والي شاهه، ٻڍو ٽالپر، موزور لغاري، نوڌو ٻارڻ، ٽنڊو عالم، خليفو احمد، مراد پور، سيد پور، ڳوٺ گاهي خان، بوهڙن جو ڳوٺ، مريد کوسو، جاتي چوڪ، شاهه ڪپور، ڳوٺ مکڻ ٿهيم، راج ملڪ، تڙ خواجه، بيگنا موري، روڊ موري، ٻارڻ آباد، نهڙيا آباد، ڪُتڪو اٺڙيا، ڪوٺي مُلان، قادر ڏنو شاهه، جونگو جلباڻي، شيخ محمود، ملان عباس، مٺو خان جلباڻي، موليڏنو هالو، حافظ پنيو، مانڌريو، گل محمد اپلاڻه، جيئند زنگيجو، حاجي عارب ڪيهر، علو دل، باگاڻه، اسماعيل چارڻ، عالي ٻارڻ، حسين منڌرو، ڪوڏاريو، حاجي غني جت، گل محمد ڪليري، هاجي ابراهيم دَل، کانٽو موري، شاهبندر، حاجي عبدالرحيم گيانچ جت، ٺوڙهي، حاجي حنيف جت، وڏيرو محمود رتاڻي جت، حاجي اسماعيل ڪاتيار، ميان احمد جت، گونگاڻي (ٽالپر)، حاجي صالو سولنگي، موسيٰ ٻاٻيهو، مورڇڏائي، حاجي غلام حسين پيروزاڻي، سڄڻ واري، کاروڇاڻ، ناري واري، حاجي مانجهي اوٺو ۽ حاجي مير محمد خاصخيلي جا نالا قابل ذڪر آهن.

 

* * * *


[1] . آئين اڪبري جلد اول ص 1051، ابوالفضل، مطبوعه سَنگِ ميل پبليڪيشن لاهور.

[2] . تاريخ سجاول، مصنف عزيز جعفراڻي، ص 50، محمد بن قاسم لائبريري سجاول.

[3] . سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، از ڀيرومل آڏواڻي ص 124. 1956ع ص ـــ ا ـــ ب حيدرآباد.

[4] . سُر ديسي، مرتب ر ـــ ع ڏيپلائي ص 239.

[5] . شاهه جو رسالو، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سُر ڪاموڏ ص 197. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1977ع.

[6] . ايضاً ڏسو ساڳيو رسالو.

[7] . تاريخ سجاول ص 51. عزيز جعفراڻي.

[8] . لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، مصنف: ڊاڪٽر غلام علي الانا، مطبوعه سنڌالاجي ڄامشورو.

[9] . جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن جو خط مؤورخه 3- 2- 1989ع (حيدرآباد) ۽ راقم جو مضمون ”ڪڪرالا جا آثار قديم“ جنوري 1993ع.

[10] . شاهه بندر جي تاريخ (قلمي) تصنيف: حافظ حبيب سنڌي، چوهڙ جمالي.

[11] . وڏيري گل محمد ٿهيم جي ڳوٺ ۾ ٿيل ڪچهري، حاجي خميسي ٻهرائي سان حال احوال مؤرخه 2- 2- 1993ع (تعلقو جاتي).

[12] . مضمون کاروڇاڻ جي آئيني ۾، لکندڙ عبدالجليل آزاد کٽي، روزانه هلال پاڪستان ڪراچي 4- آڪٽوبر 1991ع.

[13] . کارو ڇاڻ ۾ ڊاڪٽر غلام محمد کٽي، محمد الرحيم شهبگي جت ۽ علي محمد بدراڻي (مهاڻا) سان ڪيل رهاڻ مؤرخه 1- 3- 1993ع.

[14] . چاچا محمد اسماعيل شيدي (رٽائرڊ سپروائيزنگ تپيدار) ۽ محمد عثمان کٽي سان ڪيل رهاڻ مؤرخه 17- مئي 1993ع.

[15] . اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول جو رڪارڊ (محمد ابراهيم سمون، (ڪلارڪ) ۽ محمد رمضان ڪناد جي مهرباني.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org