سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جو سفر

باب:

صفحو:3 

لڪي شاهه صدر:

        لڪي اٽڪل سؤ کن گهرن جو وڏو ڳوٺ آهي. هيءُ ڳوٺ سنڌ جي سيدن جي هڪ خاندان جو مکيه مرڪز آهي. هتي سيوستان جي هڪ وڏي ٽَڪر جي دامن ۾ شاهه صدرجو مقبرو آهي. اهو ڏسڻ ويس، هيءُ ڳوٺ کان ٽي سؤ کن والن جي مفاصلي تي آهي. هيءُ مشهور بزرگ اصل عربستان کان هتي آيو هو ۽ سنڌ ۾ هزارن ملحدن ۽ بت پرستن کي اسلام جي دائري ۾ داخل ڪيائين. سندس مقبرو ايران  جي نادر  شاهه بادشاهه جي حڪم سان 1155هه ۾، هن جاءِ ٺهرايو ويوهو. روايت آهي ته نادر شاهه کي هن بزرگ خواب ۾ بشارت ڏني، ته هو عمرڪوٽ اچي، جتي کيس گهڻوئي شاهي خزانو ملندو. نادر شاهه ان غيبي آواز تي عمل ڪري سنڌ ۾ آيو، جتي سنڌ جي ڪلهوڙن حاڪمن کيس بيشمار خزانا ڏنا. نادر شاهه انهن خزانن مان لڪيءَ جي سيدن کي چڱو ورسايو ۽ کين هدايت ڪيائين ته بزرگ جو مقبرو اڏايو وڃي، جنهن تي عمل ڪندي هيءُ مقبرو تعمير ڪرايو ويو. مقبري جي دروازي تي هڪڙو بيت لکيل آهي، جنهن مان ان جي تعمير جو هجري سال ابجد جي حساب سان 1155 هجري يا 1742ع نڪري ٿو.(1)

        چيو وڃي ٿو ته سنڌ جا اهي سمورا سيد، جيڪي لڪياري سڏيا وڃن ٿا، هن بزرگ جو اولاد آهن، جنهن جو شجرو اڳتي هلي امام علي نقيءَ سان ملي ٿو. منهنجو خيال آهي ته لفظ ”لڪي“ پڻ انهيءَ لفظ ”نقي“ جي بگڙيل صورت آهي، جو جناب ڏهين امام جو اسم مبارڪ آهي.

        هن جاءِ کان هڪ ميل کن تي جبلن جو نظارو ڏاڍو وڻندڙ آهي. ويجهي ۾ ويجهي ٽڪر تي هڪ ٻئي سان گڏ لاڳيتا ٻه چشما آهن. هڪڙي جو پاڻي ڏاڍو ٿڌو ۽ اوجل آهي. ته ٻئي جو وري ڏاڍو گرم آهي.

        انگريزي فوج وراڻيو، جو مارچ ۾ پٺتي رهجي ويو هو، ان کان ڪي بلوچ ڌاڙيل سندس سمورا ڪپڙا ڦري، سندس ٻانهن تي تلوار جا ٻه گهاءَ ڪري کيس ڇڏي ويا هئا، جو رت ڳاڙيندو اچي اسان وٽ پهتو هو. ڪيترائي اُٺ پڻ چوري ٿي ويا آهن. اهي ڏوهه گهڻو ڪري ڀرڳڙي، مري ۽ لغاري بلوچن جا ڪيل آهن، جي پنهنجي گڏهن، رڍن ۽ ٻڪرين وغيره سان هنن ٽڪرين ۾ آباد آهن۽ ورلي ڪو ڀر وارن ڳوٺن ۾ ايندا آهن.

        17، 18، 19 تاريخ، اسان جو مارچ بند رهيو، جيئن ضروري ڳرو سامان اڳ ۾ روانو ڪري سگهون. اُٺن جا ٽي ڦورو هٿ ڪيا ويا، جن کي چهبڪن جي سزا ڏئي، سندن ڏاڙهيون ۽ مٿا ڪوڙي، کين ڇڏي ڏنو ويو. هڪ يورپين سپاهي، جو ڦورن کي سزا ملڻ وقت منهنجي ڀر ۾ بيٺو هو، تنهن مون کي چيو چهبڪن لڳڻ واريءَ سزا کي ڇڏي، باقي ڏاڙهيءَ ۽ مٿي ڪوڙائڻ جي سزا جيڪڏهن مون کي روزانو ڏني وڃي، ته هوند مان ڏاڍو خوش ٿيان.

        20 تاريخ، صبح جو سوير، اسان جو مارچ شروع ٿيو، ۽ 10 بجي مهل صبح جو اسين سيوهڻ واري لڪ وٽ پهتاسون. رات گجگوڙن سان مينهن وٺو هو، ۽ اڄ صبح جو آسمان تي ڏاڍو لڙاٽ ۽ ڪوهيرو هو، هندستان ۾ هن مهيني ۾ ورلي ڪو مينهن وسندو آهي. سيوهڻ جو لڪ سيوهڻ ۽ لڪيءَ جي وچ ۾ اڌ پنڌ تي آهي، ۽ ٻه سؤ وال ڊگهو آهي. هتي مصيبت هيءَ آهي ته درياءَ هتان بلڪل جبل جي دامن وٽان لنگهي ٿو. هن رستي تان لنگهندي انسان کي ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي. هتي کاٻي پاسي اُڀ ڪپيءَ جي هيٺان درياءَ جي ڪُنن جا ڪڙڪا آهن. جن کي ڏسيو انسان کي ڀؤ وٺيو وڃي. اسان جي انجنيئرن جتي جتي رستو تنگ محسوس ڪيو، اتي ان کي ڏهن فوٽن تائين ڪشادو ڪيو آهي. اسان جا سمورا ماڻهوبنا ڪنهن اهنج ۽ تڪليف جي هن لڪ مان لنگهي ويا، فقط هڪڙي پوڙهي عورت جي ٽنگ هن شاهي گوڙ ۾ ڀڄي پئي.

       21 تاريخ اسان آرام ڪيو، ۽ سر.ايڇ.فين (Sir H. Fean) اسان جي ڪئمپ ۾ اچي لٿو. هن نواب محمد خان لغاريءَ سان ملاقات ڪئي، جنهن کي ميرن موڪليو هو ته اتي اچي هن انگريز عملدار سان ملي. سندن ملاقات وقت هنن ٻن کان سواءِ ڪنهن کي به ويهڻ لاءِ ڪرسي نه ملي. ڪئپٽن ايسٽوڪ سندن اڳيان بيهي ترجمان جا فرائض بجاءِ آندا. اجمير ۾ گورنر جنرل جي ڪيترين ئي درٻارن ۾ آءٌ حاضر رهيو آهيان، پر ماڻهن کي ههڙي گهٽ اهميت ملندي ڪٿي به نه ڏٺي اٿم.

        آءٌ ڪيپٽن ايسٽوڪ جي پوئتان بيٺو هوس، ۽ ڪنهن ڪنهن مهل جيڪڏهن سندس جملن جو تلفظ صاف نه هو، ته اهي نواب صاحب کي وري دهرائي پئي ٻڌايم. سر فين جڏهن پهريون ڀيرو منهنجو آواز ٻڌو، تڏهن هڪل ڪري پڇيائين ته ”جناب اوهين ڪير آهيو؟“ ان تي ڪئپٽن ايسٽوڪ کيس جواب ڏنو ته ”هي منهنجو منشي آهي.“ سر فين قداور، هوشيار، وچولي عمر جو ماڻهو آهي، پر ڏسجي ته کيس فضيلت ۽ لحاظ جو ڪوبه سبق مليل ڪونهي، بلوچ نواب چاهيو ٿي ته، ڪم جي ڳالهين ختم ٿيڻ بعد به ڪجهه ڳالهيون ڪري، پر سر فين نهايت رکائيءَ سان اٿي بيٺو، ۽ کانئس موڪلائڻ لڳو.

سيوهڻ:

 

        22 تاريخ چڱو سيءُ هو. آسمان ڪوهيري سان ڀريو پيو هو. مان سيوهڻ جو شهر ڏسڻ ويس، جنهن ۾ اٽڪل 5 هزار کن گهر آهن ۽ 15 هزار آبادي آهي. لال شهباز جو قبو نهايت شاندار آهي. هيءَ عمارت 1148هجري جي ٺهيل آهي. دروازي تي ڪاٺ جي پڃري ۾ هڪ وڏو شينهن بيهاريل آهي.

        23 تاريخ 9 ميل مارچ ڪري، اسين ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾ پهتاسون. اسان جي فوج کي سيوهڻ وٽ درياءَ جي هڪ شاخ اڙل کي پار ڪرڻو هو. اسان جي انجنيئرن هن شاخ مٿان ٻيڙين جي هڪ سٺي پل ٺاهي ورتي هئي. فوج جو مال اسباب اڳيئي هُن ڀر موڪليو ويو هو. ٽلٽي ٻن هزار گهرن وارو وڏو ڳوٺ آهي، جو تازي مٺي پاڻيءَ جي هڪ شاهي ڍنڍ جي ڪناري تي ٻڌل آهي.

        اسان جو 24 تاريخ وارو مارچ ڏاڍو تڪليف وارو هو.

25 تاريخ پوني واري گهوڙن جي دستي (پونا اريگيولر هارس) جو ڪمانڊر” ڏاجي گهورپور“ مون سان ملڻ آيو. هو هڪ خانداني شخص آهي. جو انگريزي فوج ۾ گهڙڻ کان اڳ پيشوا جي نوڪريءَ ۾ هو. هو ڪشادن خيالن جو هڪ معزز ماڻهو هو. ڪالهه واري گوڙ ۾ ڊاڪٽر روڪ (Dr. Rock) جو ڪجهه سامان چورائجي ويو.

        اڄ عيدالاضحيٰ جو ڏينهن آهي، سڀني مسلمان دوستن مون کي خطبي پڙهڻ لاءِ چيو، پر ٿَڪُ هئڻ جي ڪري معذرت ڪيم، رڪن جو ڳوٺ، جتي هاڻي اسين پهچي ويا هئاسون، هڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ سيوهڻ کان 30 ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن ڳوٺ جو ملان بلڪل اڻ پڙهيل سنڌي هو. اڄوڪي عيد جي مقدس موقعي تي اسين نماز کان محروم رهجي وياسون، ۽ منهنجي زندگيءَ ۾ اهو پهريون واقعو هو.

        26 تاريخ صبح جو، ڏاڍي ٿڌ هئي ۽ رات اسان جي مَٽن ۽ گهڙن ۾ به پاڻي ڄمي ويو هو. اڄ ڏهه ميل مارچ ڪري اسين گهلوءَ جي ڳوٺ ۾ پهتاسون. گذريل ٽن منزلن کان وٺي زمين لوڻاٺي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. هن ضلعي ۾ لوڻ جام پيدا ٿو ٿئي. وڏا ڍڳ ٺاهي، مٿانس مٽيءَ جو تهه ڏئي، ان کي رکيو وڃي ٿو. جاچ ڪرڻ تي مون ڏٺو ته هتان جي لوڻ ۾ شوري جو جزو هندستان جي ٻين حصن کان وڌيڪ ٿئي ٿو.

        27 تاريخ 16 ميل پنڌ ڪري گهاري وٽ آياسون جو پير پنجي کان 6 ميل پرڀرو آهي، پير پنجي ۾ ان نالي جي هڪ بزرگ جي مزار آهي. هيءُ بزرگ مسلمان بزرگن جي ان فرقي مان هو، جيڪي سدائين پاڻ کي فقط ڪاري ڪمبل يا کٿي ۾ ملبوس رکندا آهن. هيءَ مسافري ڪافي لنبي ۽ ٿڪائيندڙ هئي. اسان کي ٻيلن مان لنگهڻو پيو، جي هن ٽُڪري ۾ ايترا گهاٽا نه آهن. سيوهڻ کان اتر ڏانهن جيئن مٿي تائين ٽوپين پائڻ جو رواج گهٽجندڙ آهي، هتي گهڻو ڪري مٿن تي سهڻا سفيد پٽڪا ٻڌا وڃن ٿا.

       28 تاريخ 6 ميل ڪري چنا ڳوٺ ۾ پهتاسون، رستو سٺو هو ۽ هتان جي زمين سموري ڏاڍي ڀلي ڏسڻ ٿي آئي. ٿڌ به هاڻي گهٽجي رهي آهي.

        1 مارچ 1839ع اڄ انگريزي فوج جي سپهه سالار پنهنجي منزل بابت ارادو بدلايو، جنهن ڪري ڪافي مونجهارو پيدا ٿيو آهي. اول هن هتان 16 ميلن جي پنڌ تي ”ڳوري ڳوٺ“ ۾ منزل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پر وري حڪم ڪيائين ته 10 ميلن جي پنڌ تي فتحپور جي ڳوٺ ۾ منزل ڪئي ويندي. ڪيترا هن گڙٻڙ ۾ رستو ڀلجي ويا ته ڪن کي وري ڳوري تائين پهچي، اتان واپس فتحپور موٽڻو پيو.

        2 تاريخ 16 ميل پنڌ ڪري باقراڻي ڳوٺ ۾ آياسون ڇوجو رستي ۾ درياءَ جي هڪ شاخ (اُلهندو نارو) هئي، جنهن تان فوج کي ننڍين ٽولين ۾ پار ڪرڻو هو. 3 تاريخ اسان کي اتي ئي گذارڻي پئي. هن واهه جي وچ ۾ پاڻي 6 فوٽ اونهو هو.

لاڙڪاڻو:

        4 تاريخ، صبح جو سوير، اسان اهو واهه پار ڪيو ۽ ٻن ڪلاڪن جي پنڌ کان پوءِ لاڙڪاڻي پهتاسون، جنهن لاءِ اسان کي فقط 8 ميل پنڌ ڪرڻو پيو هو. لاڙڪاڻو ڪچيءَ مٽيءَ جي چوڌاري ديوار اندر هڪ وڏو شاهي شهر آهي، جنهن تي ميرن جي طرفان هڪ بلڪل اڻ پڙهيل پير مرد شخص، عبدالرحيم، حڪومت هلائيندو آهي. فوج کي 11 تاريخ تائين هتي ترسڻو پيو، جو ايندڙ ڊگهي مسافريءَ لاءِ فوج واسطي ضروري بندوبست ڪرڻا هئا. هيءَ مسافري بولان واري لڪ مان ڪرڻي هئي. جتي موسم به هندستان جي رواجي موسم کان وڌيڪ ٿڌي ٿئي ٿي. ڪيترن ئي جتن، خاص طرح ڪڇ جي اوٺين اتر جي وڌيڪ ٿڌي ملڪ ڏانهن هلڻ کان بلڪل انڪار ڪيو. پر جڏهن حڪم جي عدولي ڪرڻ جي الزام هيٺ کين چهبڪ هڻايا ويا ۽ ٻيون سزائون ڏنيون ويون، تڏهن هنن لاءِ سواءِ پيش پوڻ يا صفا ڀڄي وڃڻ جي ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو. ڪيترن ئي پويون رستو اختيار ڪيو ۽ پنهنجي اُٺن کي فوجي سپاهين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي وٺي پوئتي ڀڳا.

        هتي ڪئپٽن ايسٽوڪ جي فوج سان گڏجي هلڻ واري اوائلي ذميداري پوري ٿي. نوجوان عملدار ميجر ٽاڊ (Major Todd) واري 6 تاريخ پڄي چڪي هئي، ان کي سياسي عملدارن جي عهدي جي چارج وٺڻي هئي. ان ڪري ڪئپٽن ايسٽوڪ مون کي ڪئمپ ۾ ڇڏيو ۽ هدايت ڪئي ته ايڊي ڪئمپ يا ميجر ٽاڊ کي جيڪو به حال احوال گهربو هجي ته اهو کين ڏيان. هو پاڻ برطانوي نمائندي يا وزير مسٽر ڊبليو ايڇ مئڪ ناٽن سان گڏجڻ لاءِ شڪارپور روانو ٿي ويو. 9 تاريخ ڪئپٽن ايسٽوڪ شڪارپور کان واپس ڪئمپ ۾ موٽيو، کيس اپر سنڌ جو قائم مقام سياسي نمائندو (پوليٽيڪل ايجنٽ) مقرر ڪيو ويو هو.

        شڪارپور مان موٽڻ تي، ڪئپٽن ايسٽوڪ مون سان صلاح ڪئي ته هن لاءِ اپر سنڌ جو پوليٽيڪل ايجنٽ ٿي رهڻ بهتر ٿيندو يا افغانستان ڏانهن ويندڙ انگريزي نمائندي سان گڏجي اوڏانهن وڃڻ چڱو ٿيندو. حڪومت طرفان  کيس ٻنهي ذميوارين مان ڪنهن به هڪ کي پسند ڪرڻ جي مکياري ڏنل هئي، جو ان حالت ۾ کيس هڪ نئين ملڪ ڏسڻ جو وجهه ملي سگهي ها ۽ اتي ٿيڻ وارين جنگين ۾ تجربو حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ موکائڻ جو به کيس بهتر موقعو ملي ها.

        مون کيس ٻڌايو ته ”مون کي پٺاڻن جي عادتن، خصلتن ۽ دستورن جي انگريزن کان وڌيڪ ڄاڻ آهي. ان ڪري مان نه پئسي جي خاطر ۽ نڪي وري ڪنهن ٻئي شوق جي لاءِ پاڻ کي جوکي ۾ وجهڻ لاءِ تيار آهيان، ڇوته انگريزن جي ان رٿيل مهم جي ڪاميابيءَ بابت مون کي گهڻا شڪ آهن؛ تنهن ڪري مان کيس به نهايت نماڻائي سان عرض ڪندس ته هو به لاچار حڪم ملڻ جي حالت کان سواءِ ڪنهن به صورت ۾ اوڏانهن نه وڃي، جو پنهنجي سخت جانيءَ ۽ جفاڪشيءَ جي عادتن جي ڪري شايد هو پاڻ پهريون شڪار ٿي وڃي.“

Text Box: 46

        اهو ٻڌي نفرت مان منهنجي لفظن تي مشڪي، مون کي جواب ڏنائين ته ”دوست، حياتي هڪ لاٽري يا جوا آهي، ۽ جيڪڏهن انسان پنهنجي موت سان پاڻ کي يا ڪن ٻين کي فائدو پهچائي نه سگهندو هجي، ته پوءِ زنده رهڻ جو فائدو ئي ڪهڙو؟“ هن جي انهن پوين لفظن جو مون وٽ بهترين جواب هو، پر مون اهو چوڻ نٿي چاهيو، ان ڪري ٻيون هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون شروع ڪرڻ سان اهو قصو ختم ڪري ڇڏيم.

        خوش قسمتيءَ سان هن کي پوءِ اپر سنڌ ۾ ايترو گهڻو ڪم ٿي پيو، جو افغانستان وڃڻ جو وري ڪڏهن خيال به ڪونه ڪيائين.

        12 تاريخ هڪ فوجي ڊويزن سرجان ڪين جي اڳواڻيءَ هيٺ قنڌار ڌانهن مارچ شروع ڪيو، ۽ ٻيءَ ڊويزن کي لاچار في الحال اتي ئي ترسڻو پيو، جيستائين ان جي سواريءَ جو ڪو مناسب انتظام ٿي سگهي.

        ان رات اسين فوج کان جدا ٿياسون ۽ ”چوهڙ پور“ ۾ وڃي ستاسون. هيءُ ڳوٺ شڪارپور جي رستي تي لاڙڪاڻي کان 4 ميلن جي مفاصلي تي آهي. اسان جي نگهبانيءَ لاءِ اسان کي هڪ ديسي آفيسر ۽ 23 سپاهين جو هڪڙو گارڊ ساڻ ڏنو ويوهو.

        13 تاريخ صبح جو، اسين 8 ميل مارچ ڪري نئين ديري ۾ آياسون. رستو سٺو هو. هيءُ ملڪ ڪافي آباد ٿي ڏسڻ ۾ آيو. ڳوٺن جي پسگردائي انبن ۽ کجيءَ جي باغن ڪري ڏاڍي وڻندڙ ٿي لڳي. اسين هڪ باغ واري ننڍڙي بنگلي ۾ ٽڪياسون.

        نئون ديرو هڪ وڏو ڳوٺ آهي، جو مير محمد خان جو آهي. هن جي طرفان محمد خان سيال نالي هڪ پيرسن شخص، هن ڳوٺ جو انتظام سنڀاليندو آهي. هتي جا باشندا کجين مان رس ڪڍڻ جي فن کان بلڪل ناواقف آهن، جو هوند سندن وڏي آمدنيءَ جو ذريعو بنجي سگهي. هتي کاڌي پيتي جي شين جي حيرت انگيز سستائي هئي. مون ٻن ٻن پيسن ۾ ٻه وڏيون ڪڪڙيون خريد ڪيون، جيڪي لنڊن ۾ هڪ هڪ ٻن رپين ۾ هوند ملن. ٻيون شيون پڻ ڀيٽ ۾ ڪافي سهانگيون هيون.

        14 تاريخ صبح جو، اسين 16 ميل پنڌ ڪري ”ڳاهيجن جي ڳوٺ“ ۾ پهتاسون، جو مير نصير خان جو آهي، هيءُ ڳوٺ نئين ديري کان وڏو آهي. پر بنگال واري انگريزي فوج جي هن ڳوٺ مان لنگهڻ جي ڪري ڪيترائي ڳوٺ جا رهواسي هتان ڀڄي ويا آهن. هتي به اسان کي هر شيءِ اهڙي ئي سستي ملي جهڙي نئين ديري ۾.

شڪارپور ۾:

        15 تاريخ اسين 16 ميل ڪري 9 بجي صبح جو شڪارپور پهتاسون، شڪارپور سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. منجهس اٽڪل 15 هزار گهر آهن. هتي ڪي جايون ٻه ماڙ پڻ آهن. هن شهر کي چوڌاري مٽيءَ جو ڪوٽ ڏنل آهي، ۽ شهر جي ٻاهران هڪ ننڍڙو قلعو پڻ آهي، شهر جي چوڌاري انبن ۽ کجين جا باغ آهن، جنهن ڪري چؤطرف چڱي وڻراهه ۽ خوبصورتي آهي. هتي پاڻي کوهن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. هتان جي زمين پست ۽ سڻيءَ جي پوک لاءِ شايد وڌيڪ موزون ٿي ڏسجي. اسان کي هتي اها آبادي نهايت سٺي نظر آئي، شهر جي رهواسين جو اٽڪل اڌ جيترو آدم کتري ۽ لوهاڻا هندو قومن تي ٻڌل آهي ۽ باقي اڌ کن آبادي مسلمانن جي آهي. هن شهر جي مارڪيٽ ڏاڍي سٺي آهي. جا مٿان سڄي ڍڪيل آهي، هتان جا واپاري سنڌيءَ کان سواءِ فارسي ۽ پشتو (پٺاڻي ٻولي) ڳالهائڻ ۾ نهايت قابل آهن. اسان شهر جي ٻاهران اچي پنهنجا تنبو هنيا. سڄو مهينو فوج جي گوڙ شور ۽ ڪم ڪار ۾ گذارڻ بعد پهريون ڏينهن اسان پنهنجي روءِ سوءِ خاموشيءَ سان گذاريو.

Text Box: 48

        16 تاريخ صبح جو، مان ڪئپٽن ايسٽوڪ سان گڏجي شهر ڏانهن ويس. هن شهر جي مارڪيٽ ۽ قلعي وغيره جو نهايت غور سان معائنو ڪيو، ۽ پوءِ هڪ شاهي قيديءَ کي ڏسڻ ويو، جو جرمن قوم جو هو ۽ پهريون دفعو هتي هن کي فرانسيسي زبان ڳالهائيندي ٻڌ م .

        17 تاريخ صبح جو، مان باقي بچيل ريجمنٽن کي ڏسڻ ويس، سندن (شهر جي) مارڪيٽ پڻ ڏٺم، جنهن کي صدر بازار سڏيو وڃي ٿو. مون کي هيءُ ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو ته فوج جا ڪيترائي ماڻهو ۽ وهٽ، رستي واري رڻ ۾ پاڻي نه هئڻ سبب اڃ ۾ مري ويا هئا. هر ڪنهن کاتي ۾ انڌ ڌنڌ ۽ بي بندوبستي هئي، اپر سنڌ جي اڳوڻي پوليٽيڪل ايجنٽ سراليگزينڊر برنس ڪيترائي سرڪاري پئسا ڪنهن به حساب ڪتاب رکڻ کان سواءِ فضول خرچ ڪري ڇڏيا آهن.

        هڪڙو به اهڙو ڏينهن ڪونه ٿو گذري، جنهن ۾ بلوچ ڌاڙيل اسان جي ڪجهه سپاهين کي ماري ڦٽي يا فوج جا اُٺ چورائي نه ويندا هجن.

        اڄ صبح جو شهر جا ٻه وڏا هندو شاهوڪار چترومل ۽ ڄيٺ سنگهه، ڪئپٽن ايسٽوڪ جي سلام تي آيا. ڄيٺ سنگهه، نهايت سهڻو، قابل ۽ فضيلت وارو ماڻهو آهي. سندس ڀيڻ جا سنڌ جي هڪ نهايت حسين ڇوڪري هئي، ان کي شاهه شجاع زوريءَ کڻي ويو آهي. ان ڪري ڄيٺ سنگهه ۽ سندس قوم کي شاهه شجاع لاءِ نهايت ڌڪار آهي.

        18 مارچ اسان شڪارپور مان پنهنجي منزل کڻڻ جو ارادو ڪيو هو، پر رات جوبرسات پوڻ جي ڪري اسان جا تنبو پُسي نهايت ڳرا ٿي پيا هئا؛ انهيءَ ڪري اسان کي لاچار انهن جي سڪڻ تائين ترسڻو پيو.

        اڳئين ڏينهن بنگالي گهوڙي سوارن جي هڪ ٽولي ۽ ”لکي ڳوٺ“ جي سنڀاليندڙ عبداصمد جي ڏهن بلوچن جي هڪ ٽوليءَ جي وچ ۾ چڪري لڳي، جنهن  فوجي اُٺن کي ڪاهي وڃڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. ان چڪريءَ ۾ ٽي بلوچ ڦٽجي پيا هئا ۽ هڪڙو مارجي ويو، جنهن جي سسي ڌڙ کان وڍي ڌار ڪري، پنهنجي بهادريءَ جي ثبوت طور بنگالي گهوڙي سوار ايسٽوڪ وٽ کڻي آيا هئا. هيءُ نظارو نهايت دل ڏاريندڙ هو، جو هڪ انساني سسي رت ۽ مٽيءَ ۾ ليٿڙيل اسان جي اڳيان آڻي پيش ڪئي وئي هئي. هيءُ آهي انساني بي رحميءَ ۽ سنگدليءَ جو هڪ مثال، ته انسان پنهنجي غرضن واسطي ٻئي انسان سان ڪهڙو سلوڪ  ڪري ٿو گذري!

        19 تاريخ، اسين شڪارپور کان سکر روانا ٿياسون ۽ 16 ميل مارچ ڪري ”محبوب جي ڳوٺ“ ۾ پهتاسون، رستي ۾ اسين لکيءَ جي ڳوٺ مان لنگهي آيا هئاسون. اهو ڳوٺ شڪارپور کان اٽڪل اٺن ميلن جي مفاصلي تي ٿيندو. هيءُ مير نورمحمد خان جو ڳوٺ آهي، رستو نهايت ئي سٺو هو، جيتوڻيڪ اسان کي واٽ تي گهاٽن ٻيلن مان لنگهڻو پيو هو، پر مُنجهڻ يا رستي وڃائڻ جو ڪو سوال ئي ڪونه هو. سڄي واٽ تي ٻنهي پاسن کان اُٺ مئا پيا هئا ۽ هرڪو پنهنجي رستي کي پاڻ ئي لهي سگهيو ٿي.

        20 تاريخ، اسين ٻيا چوڏهن ميل پنڌ ڪري سکر پهتاسون. هيءُ ڪنهن زماني ۾ هڪ وڏو شهر هو، مگر هاڻي تباهه ٿي چڪو آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته شاهه شجاع ۽ خيرپور وارن ميرن جي وچ ۾ لڳل چڪريءَ وقت سکر جي جيڪا تباهي ٿي، ان مان هيءُ اڃا تائين نه چڙهيو آهي. سکر شهر درياءَ جي ساڄي ڪناري تي آهي. درياءَ جي ڏائي ڪناري تي شاهي آباديءَ وارو هڪ شهر روهڙيءَ نالي آهي. بکر جو قلعو وچ درياءَ ۾ هڪ ننڍڙي ٽڪنڊي ٻيٽ تي ٻڌل آهي. هن ٻيٽ جي مضبوطيءَ جي سنڌي توڙي فارسيءَ جي شاعرن نهايت گهڻي تعريف ڪئي آهي. ميرن انگريزن کي اجازت ڏني آهي. ته افغان جنگ واري عرصي لاءِ هُو هن ٻيٽ کي استعمال ڪن، پر جيئن مون اڳ ۾ ئي سمجهيو ٿي، انگريزن هن تي دائمي قبضو ڪري ورتو آهي.

بلوچن جو آزار:

        21 تاريخ مون کي حڪم مليو ته حڪومت خيرپور جي وزير فتح محمد خان غوريءَ سان وڃي مِلان. فتح محمد خان حڪومت خيرپور جي حڪمن هيٺ، سکر ۽ شڪارپور جي وچ واري علائقي ۾ جيڪي بلوچ انگريزن کي تنگ ڪري رهيا هئا، انهن کي سزاياب ڪرڻ لاءِ ڪالهه روهڙيءَ پهتو هو. فتح محمد خان 80 ورهين جو پير مرد آهي، پر همت ۽ گرم جوشيءَ جي لحاظ کان هو ڪيترن جوانن کان به وڌ آهي. هن جو دماغ بلڪل صاف آهي، ۽ مقامي معاملن جو کيس تمام گهڻو تجربو آهي. هو جنهن قابليت سان ملڪي ڪار وهنوار هلائي رهيو آهي، ان کي سندس حاڪم خواه رعيت جا عام ماڻهو گهڻو پسند ڪن ٿا.

        هو مون سان نهايت مهربانيءَ ۽ خلوص سان پيش آيو. دستوري خوش خير عافيت کان پوءِ مون ساڻس بلوچ ڌاڙيلن جو مسئلو ڇيڙيو. هن چيو ته ڌاڙيلن جو مسئلو ڌارين کان وڌيڪ خود ملڪي ماڻهن لاءِ تڪليف جو سبب آهي. انهيءَ ڪري هاڻي لاچار ٿي کيس انهن بلوچن ڌاڙيلن خلاف پنهنجي تلوار مياڻ مان ٻاهر ڪڍڻي پئي آهي، ۽ هن پنهنجي فوجن کي حڪم ڏنو آهي ته ڌاڙيلن خلاف هڪدم مهم شروع ڪن. مون کيس ٻڌايو ته ڪئپٽن ايسٽوڪ فقط ايترو ٿو چاهي ته هنن کي دٻايو وڃي ۽ نه کين بلڪل تباهه ڪيو وڃي.

        فتح محمد خان جي فوج 50 کن پيادن ۽ ڏيڍ سؤ کن گهوڙي سوارن تي مشتمل هئي. سندن گهوڙا بلڪل ڪمزور ۽ دربدر هئا. مون ان فوج کي خيال ۾ آڻي مشڪي ڏنو. جنهن کي فتح محمد خان سمجهي ويو ۽ مون کي چيائين ”هي ظاهري طور ڪمزور آهن. پر هن ملڪ ۾ لڙائي لڙڻ لاءِ بلڪل موزون آهن، جو بک ۽ تڪليف برداشت ڪرڻ جو منجهن گهڻو مادو آهي ۽ ٽن ڏينهن تائين بنا کاڌ خوراڪ جي به ڪم ڪري سگهن ٿا. توهان جي ٿلهن متارن گهوڙن ۽ انهن جي ڏسڻ ۾ ملوڪ سپاهين کان هنن ۾ ڌاڙيلن پٺيان جهنگلن ۽ ماٿرين ۾ ڀٽڪڻ جي توفيق گهڻي وڌيڪ آهي. “

        مان فتح محمد جهڙي ٻڍڙي ماڻهوءَ جي جذبات کي ڏکوئڻ نٿي چاهيو، جو سندس پوٽو به عمر ۾ مون کان وڏو پئي لڳو. مون کيس يقين ڏياريو ته مون کي سندس فوج جي مردانگي ۽ طاقت ۾ پورو ايمان هو. آءٌ پنهنجي گستاخانه خوش مزاجي لاءِ به کانئس معافي طلب ٿيس، جنهن جو کيس ٻڌايم ته انگريزن جي صحبت ۾ گهڻو وقت گذارڻ سبب مون کي عادت ٿي وئي هئي. ان بعد اسين دوستن وانگر هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي تي پاڻ ۾ گڏجڻ جو وعدو ڪري جدا ٿياسون. جنهن ڏينهن تي هو ڪئپٽن ايسٽوڪ سان ملڻ لاءِ اچڻ وارو هو.

        23 تاريخ، هو ڪئپٽن ايسٽوڪ سان مليو، ۽ پهرينءَ ملاقات ۾ ئي هن تي چڱو اثر وهاريائين.

        فوج جي اناج جا شاهي ڍڳ جيڪي درياءَ جي ڪناري تي پيل هئا، سي درياءَ ۾ اوچتي چاڙهه جي ڪري لڙهي ويا هئا. روهڙي ۽ سکر جي وچ ۾ ٻيڙين جي جيڪا پل ٺاهي وئي هئي. اها به پاڻيءَ جي ان چاڙهه جي ڪري ٽٽي پئي هئي. ڪئپٽن ايسٽوڪ هي مسئلو فتح محمد سان ڇيڙيندي چيو ته ”درياءَ کي به ڏسجي ٿو ته  بلوچ ڌاڙيلن واريون عادتون آهن، جو رات جو بي انداز اناج چورائي (لوڙهي) ويو آهي!“ فتح محمد وراڻيو ته درياءَ پاڻ هڪ دوست ۽ خيرخواهه وانگر کين چتاءُ ڏنو آهي ته پرديس ۾ اهڙيءَ طرح لاپرواهي ڪرڻ نٿي جڳائي.

        25 تاريخ اسين درياءَ پار ڪري روهڙيءَ پهتاسون، جتي هڪ سهڻي باغ ۾ اسان منزل ڪئي. ان جي ٻن پاسن کان درياءَ جو وڻندڙ نظارو ۽ ان جي وچ ۾ هڪ قلعو هو.

        28 تاريخ، اسين روهڙيءَ مان خيرپور ڏي روانا ٿياسون، ۽ 15 ميل پنڌ ڪري، 8 بجي ڌاري، خيرپور ۾ پهتاسون شهر کان ٽي ميل اوريان محمد علي نالي ميرن جو هڪ عملدار، گهوڙي سوار ٽوليءَ سان اسان جي مرحبا لاءِ آيو. اسين هڪ ننڍڙي بنگلي ۾ رهياسون، جو هتي ايندڙ انگريز مهمانن لاءِ خاص طرح مخصوص ڪيل هو.

خيرپور درٻار ۾:

        اڃا ڪئپٽن ايسٽوڪ نيرن ئي مس ڪئي ته ميرن جا ٻه مکيه عملدار، آسانند وڪيل ۽ ڄيٺمل ديوان، مزاج پرسيءَ لاءِ ساڻس ملڻ آيا.  ڪئپٽن ايسٽوڪ کين ٻڌايو ته هو هڪ ڏينهن کان مٿي خيرپور ۾ ترسي ڪين سگهندو. مير صاحب (مير رستم خان پڳدار) سان ملڻ چاهي ٿو. ٻئي ڄڻا اهو پيغام کڻي واپس موٽيا. شام جو ٻڍي وزير جو پٽ عنايت الله ۽ جان محمد پنهنجي ماڻهن سميت ڪئپٽن ايسٽوڪ جي جاءِ تي آيا، ۽ کيس مير رستم خان جي محلات ڏانهن وٺي ويا. مير رستم خان ڪئپٽن ايسٽوڪ جي اچڻ تي پنهنجي مسند تان اٿيو ۽ ايشيائي دستور موجب پوليٽڪل ايجنٽ سان ڀاڪر پائي مليو.

       درٻار ۾ هتي به اهڙي ئي سادگي هئي، جهڙي حيدرآباد ۾ فرق رڳو هيءُ هو، ته هتي حاضرين جو تعداد حيدرآباد کان گهٽ هو پوليٽڪل ايجنٽ کي هيٺ پٽ تي مير رستم خان جي ويجهو ويهاريو ويو. درٻار ۾ هيٺيان ماڻهو موجود هئا. رستم خان جو چاچو مير زنگي خان، سندس ڀائٽيو مير نصير خان، مير مبارڪ خان، 20 بلوچ سردار، ۽ ٻه هندو عملدار جيڪي صبح جو پوليٽيڪل ايجنٽ وٽ آيا هئا.

        مون کي جيئن پوءِ معلوم ٿيو، هنن ڳالهين جو مقصد هيءُ هو ته مير رستم خان کي ذهن نشين ڪرايو وڃي ته ڌاڙيل بلوچ قبيلن کي دٻائڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ گهرجن. مير رستم خان وعدو ڪيو آهي، ته هو انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي وس آهر هر ممڪن ڪوشش ڪندو ۽ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو. مير صاحب وڌيڪ پوليٽيڪل ايجنٽ کي يقين ڏياريو، ته هو انگريزن جو هڪ نماڻو مگر سچو دوست آهي.

        مير صاحب عمر جو وڏو ٿي معلوم ٿيو، شايد سٺ ورهين جو هجي. شڪل شباهت جو سهڻو هو، ۽ سندس ڳالهه ٻولهه مان ظاهر هو ته هڪ نهايت بلند اخلاق، ديندار ۽ خانداني شخص آهي. کيس اٺ پٽ آهن. خيرپور هڪ وڏو شهر آهي. محلات مٽيءَ جي هڪ ڪوٽ اندر آهي.

        ٻئي ڏينهن پڻ ٻن پهرن کان اڳ درٻار منعقد ٿي ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ جي وڏي تقريب سان ان ۾ مرحبا ڪئي وئي، نهايت خوشگوار نموني ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ڳالهيون هليون، جن ۾ وچ وچ ۾ ڪاروبار جون ڳالهيون پڻ ٿيون، ان کان پوءِ دربار ملتوي ٿي. ان بعد جڏهن ڪئپٽن ايسٽوڪ مير صاحب ۽ سندس ڪٽنب جي موجود ڀاتين کان موڪلائڻ وارو هو، تڏهن مير صاحب کيس چيو ته ”هاڻي مان اوهان سان هڪ دوست جي حيثيت ۾ ڳالهايان ٿو. منهنجي دل ۾ اوهان لاءِ ٻين انگريزن کان وڌيڪ عزت آهي ۽ اوهان سان ڳالهين ٻولهين ڪرڻ ۾ مون کي لطف ٿو اچي. مون کي ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته اوهين هڪ اهڙا سچا عيسائي آهيو، جنهن جي دل آئيني وانگر صاف آهي. تنهن ڪري آءٌ اوهان کي پنهنجي پٽن برابر ٿو سمجهان. ڪئپٽن ايسٽوڪ مير صاحب اڳيان ڪنڌ جهڪايو ۽ مناسب جواب ڏنائين، تنهن کان پوءِ اسين دربار ڇڏي پنهنجي ڪئمپ ۾ آياسون، ۽ اتي ڏينهن جو ڪم ختم ڪرڻ لاءِ سندس دربار ۾ وياسون، جتي اڌ ڪلاڪ کن  ساڻس گپ شپ هڻن بعد اسان کانئس موڪلايو.

        30 تاريخ صبح جو، اسين خيرپور مان سکر ڏانهن روانا ٿياسون. جتي صبح جو 9 بجي پهڇي وياسون. واٽ تي مون کي ڇمڪڻيءَ (املتاس) جا ڪيترا وڻ ڏسڻ ۾ آيا. انهن جا گل ڳاڙها پيلا ۽ سهڻا آهن. انهن جون اٽڪل هڪ انچ ويڪريون ۽ ٻن کان ٽن فوٽن تائين ڊگهيون ڦريون ٿين ٿيون. ساون پنن، پيلن گلن ۽ ڊگهين گول لڙڪندڙ ڦرين سان هيءُ وڻ ڏاڍو سهڻو ٿو لڳي. ان جي ڦرين جو ڳر مٺو آهي، ۽ ٻج کي ڍڪي ڇڏي ٿو. ان ۾ هڪ عجيب بوءِ ٿئي ٿي. هندستان ۽ ايران جا مڪاني ڊاڪٽر ان جي ڳر کي جلاب طور ڪم آڻيندا آهن. هن ڳر جو هڪ آئونس وزن گرم پاڻيءَ ۾ ملائي، بادامن جي تيل سان کائجي، ته آنڊن جي هيٺين ڀاڱي ۾ ڏاڍو سٺو اثر ڪندو آهي، پر سنڌين کي هن کي فائدن جي گهڻي خبر ڪانه ٿي ڏسجي ورنه هو ضرور ان جي بمبئي ۽ ٻين پاسن ڏانهن موڪلي، ان جي واپار مان فائدو حاصل ڪن.

        2 اپريل 1839ع تي، اسان کي حڪم مليا، ته شڪارپور وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪم ايترو ته گهڻو پئي رهيو آهي، جو صبح کان سج لهڻ تائين مون کي ٽيبل ڪرسيءَ تي ويهي پئي ڪم ڪرڻو پيو آهي ۽ گهمڻ ڦرڻ جو اصل ڪوبه وقت نه پئي مليو اٿم انهيءَ ڪري اڄ مان ڪم تان لٿي ڪلاڪ کن لاءِ هتان جي مشهور بزرگ شاهه خيرالدين جو مقبرو ڏسڻ ويس، قبي جي عمارت نهايت عاليشان آهي، جا 1029هجري مطابق 1619ع جي تعمير ٿيل آهي.

وري شڪارپور ۾:

        3 اپريل تي، سکر ڇڏي رستي تي ٽي منزلون ڪري، شڪارپور آياسون، هتي حالتون ٺيڪ نه هيون ڪو ڏينهن اهڙو نٿي گذريو، جڏهن بلوچ ڌاڙيلن اسان جي پهريدارن يا جتن کي، جي اُٺ چارڻ لاءِ پسگردائي ۾ ويندا هئا، منڊو، ٽنڊو، يا خون نه ڪري ويندا هجن. اسان جا ديسي سپاهي ڇانوڻيءَ کان ٻاهر بلڪل بيڪار هوندا هئا، جو هنن کي مڪاني حالتن جو ڪوبه پتو نه هوندو هو. بنگالي سپاهين جو جهڙو جسم ۽ ٻاهريون ڊول ڏسبو آهي، اهڙي سندن دل سندن اهڙو ايمان واري نه آهي.

        هتي هنن جي هڪ ٽوليءَ جي طاقت يا لياقت جو آءٌ معمولي مثال پيش ڪريان ٿو.

        6 اپريل تي، هڪ نائڪ ۽ پنجن سپاهين پهري هيٺ، 39 اُٺ جهنگل ۾ پئي چريا ته 10  بلوچ ڌاڙيل اچي انهن کي زوريءَ ڦري ڪاهي ويا، ٻن جتن کي بلوچن تلوارن سان ڦٽي وڌو، هن کي رت ڳاڙيندو ڏسي، سمورا جت اُٺ ڇڏي وڏي ايجنسيءَ ڏانهن ڀڳا. ۽ هنن جي پٺيان سندن حفاظت لاءِ موڪليل فوجي پهريدارن به پيرن تي زور رکيو. ايجنسيءَ ۾ پهچڻ تي پهريدارن جي عملدارن (نائڪ) اچي پوليٽيڪل ايجنٽ جو سلام ڪيو ۽ پوءِ نهايت گنڀير ٿي چوڻ لڳو:

        ”جناب! ڌاڙيل 39 اُٺ ڪاهي ويا آهن، ۽ جناب! ٻن جتن کي ڦٽيو اٿن، ٻيو سڀ خير آهي. جناب!“

        مون کي هن نائڪ کي اهڙي نموني ۾ رپورٽ پيش ڪندو ڏسي کل آئي. مان ان کي لڪائڻ لاءِ پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي ويس ۽ پوءِ ٻاهريان بيهي پوليٽيڪل ايجنٽ ۽ نائڪ جي وچ ۾ هيٺين  طرح گفتگو ٻڌيم:

        پوليٽيڪل ايجنٽ؛ ”ڌاڙيل گهڻا هئا؟“   

        نائڪ: هو ڏهه ڄڻا هئا، پر سندن پوئتان گهڻي مٽي اڏامندي نظر ٿي آئي، جنهن مان اسان سمجهيو ته سندن پٺيان گهڻا اچي رهيا آهن.

پ. ا: اوهين لاشڪ بهترين سپاهي آهيو!

ن: مان اوهان جي انهن سهڻن لفظن لاءِ شڪرگذار

آهيان، پر اسان ته فقط پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي.

            پ. ا: سهڻا لفظ! ۽ شڪر ادائي! مان اوهان جي غير سپاهيانه روش لاءِ ڪورٽ مارشل ڪرڻ ٿو گهران. 

ن؛ ته پوءِ اسان کي پنهنجي بدنصيبيءَ تي ماتم ڪرڻ

کپي، جو پنهنجي خدمتن لاءِ اوهان کان هيءُ انعام حاصل ڪري رهيا آهيون.

        پ. ا؛ هتان گم ٿي: پنهنبجي بڪواس بند ڪر، ۽ وري مون کي پنهنجو منهن نه ڏيکارج. هڪدم پنهنبجي بئرڪ ڏي هليو وڃ!

        12 سالن جي  پنهنجي تعلق ۾ هن موقعي تي پهريون ئي دفعو مون ڪئپٽن ايسٽوڪ کي جوش ۾ آيل ۽ چڙيل ڏٺو. هن پوءِ هڪدم رسالدار نور بخش جي اڳواڻيءَ هيٺ بنگالي گهوڙي سوارن جي هڪ دستي کي حڪم ڪيو ته هو ڌاڙيلن جو پيڇو ڪن. مگر هنن جو  ڪوبه پتو نه پيو. ائين پئي لڳو، ڄڻ اٺن ۽ ڦر جي مال سميت هو زمين اندر ٽٻي هڻي ويا هئا.

اَپر سنڌ جي گرمي:

      انهن مختلف مصيبتن سان گڏ، هتي گرمي به هاڻي اهڙي اچي زور ٿي آهي، جو ڳالهه ڪرڻ جي نه آهي. گرم لڪون لڳي رهيون آهن، ۽ اسين ائين محسوس ڪري رهيا آهيون ته ڪنهن ٻيءَ مصيبت سبب نه، تڏهن به هن سخت گرميءَ ڪري ضروري ختم ٿي وينداسون هن گرميءَ ۾ منهنجي ننڍڙي جهوپڙي اندر گرميءَ وقت پارو 110 ڊگرين تي ۽ ٿڌي وقت ۾ 90 ڊگرين تي هوندو هو، اڌ رات کان پوءِ اٽڪل 6 ڪلاڪ ٿڌي هير لڳندي هئي. باقي ته سمورو وقت ائين معلوم ٿيندو هو، ڄڻ دوزخ جي هڪ دري اسان ڏي کلي وئي آهي. اُس ۾ گهمڻ ته يقيني موت هو، تازا تڪڙا ۽ تنومند عملدار جيڪي بعضي ٻين کان به هڪ ڏينهن اڳ ۾ مارچ تي نڪري ويا، تن بابت ٻئي ڏينهن خبر ٿي آئي، ته گرمي ۽ جهولي سبب موت جو بَک ٿي چڪا آهن، مڪاني ماڻهن ۽ بلوچ ڌاڙيلن ۾ گرميءَ جي برداشت جو ڏاڍو مادو آهي. هو هميشه سج اڀرڻ کان اڳ سج لهڻ تائين گهمندا ڦرندا وتندا آهن، ۽ سڄو سڄو ڏينهن بنا کاڌي پيتي اُس ۾ گذري ويندو اٿن. اها ڳالهه هندستان جي ٻين حصن جي ماڻهن جي برداشت کان بلڪل ٻاهر آهي. يورپي ماڻهن جو ته سوال ئي نٿو اٿي. هيءَ گرمي مون کي ته سمجهه ۾ نٿي اچي. هيءُ علائقو سورت کان 4 ڊگريون مٿي آهي. انهيءَ ڪري اصولي طرح ته پاڻ هتي موسم گجرات کان به ٿڌي ٿيڻ گهرجي.

        گرميءَ جي برداشت کان ٻاهر ٿي وڃڻ تي مون هڪ ننڍڙو ڇپرو خس جو ٺهرايو، جنهن ۾ ٿڌي رهڻ جي خاصيت آهي. هڪ ڇوڪرو رکيم، جو سمورو وقت ان تي پاڻي هاريندو رهندو هو. هن کان پوءِ منهنجو وقت بهتر ۽ قدري آرام سان گذرڻ لڳو.

        11 تاريخ صبح جو، بستري کي ڇنڊي، سُڪڻ لاءِ ڪجهه دير اُس ۾ وجهي، جيئن منجهانئس گهم نڪري وڃي. جيئن ئي بستري کي کنيو ويو، تيئن ڇا ڏسان ته هڪڙو شاهي ڪارو وڇون ان جي هيٺان نڪري سُرڻ لڳو. کيس 9 سنڌن وارو پڇ هو جنهن جو ڏنگ ڳاڙهو ساواڻ تي هوس. مون ايڏو وڏو وڇون اڳ ڪڏهن به ڪونه ڏٺو هو. هن خطرناڪ بلا کي ڏسي، مون ۽ منهنجي نوڪرن تي هڪ قسم جي دهشت ڇانئجي وئي. ايتري ۾ منهنجو هڪ افغان دوست عطا محمد خان ڪاڪڙ*، جو شهر جو چڱو ماڻهو آهي ۽ مون کي ملڻ لاءِ اچي رهيو هو، اهو پهچي ويو. وڇونءَ کي ڏسي هن مون کي مخاطب ٿي چيو ته ”لطف الله“، تون ڀاڳن وارو آهين، جو ههڙي موتمار آفت جي حملي کان بچي ويو آهين. هن بلا کي ”جراڙو“ سڏبو آهي، ۽ هن جو ڏنگ هڪ ڪلاڪ اندر ڪنهن به ساهه واريءَ شيءِ جي انت آڻڻ لاءِ بس آهي، خدا جو شڪر ڪر، ۽ ائين سمجهه، ته هن توکي نئين زندگي بخشي آهي.“[1]


(1)  سال تعميرش بجستم از خرد.

[1]  شڪارپور ۾ هڪ پاڙو (ڪڙي عطامحمد) سندس نالي اڄ تائين موجود آهي. گهڻو ڪري ان ۾ پٺاڻ آباد آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org