سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جو سفر

باب:

صفحو:2 

هڪ نوجوان اميرزادو دوست علي خان ولد خير الله خان جيڪو ميرن جو قريبي عزيز هو، سو اسان جي استقبال لاءِ آيل هو. لنبي خوش خير عافيت ڪرڻ کان پوءِ، هن اسان کان موڪلايو. ۽ اسين ريزيڊنسي ۾ لٿاسون منشي ڄيٺانند، انگريزن جي مڪاني ايجنٽ، کي درٻار ڏانهن روانو ڪيو ويو ته وڃي پڇا ڪري اچي ته مير ڪهڙي وقت انگريزي وفد کي درٻار ۾ گهرائڻ پسند ڪندا. هن موٽي اچي ٻڌايو ته ان ڏينهن ميرن سان ملاقات نه ٿي سگهندي، ڇوته اهو هنن جي سنوارت يا وارن کي حجم کان درست ڪرائڻ جو ڏينهن هو. هفتي ۾ ٻه دفعا هو سنوارت ڪرائيندا هئا.

        22 جنوري تي سڀني کان اڳ ۾ مير صوبدار خان پنهنجي سڀ کان ڀروسي واري ماڻهو پير بدرالدين کي اسان ڏي موڪليو، جنهن مير صاحب وٽان مخفي پيغام آندو ته هو انگريزن جو هميشه دلي دوست رهيو آهي ۽ دائما وفادار رهندو. تنهن ڪري کيس سندس سوٽن جي ڪاررواين لاءِ جوابدار نه ٺهرايو وڃي. هن وڌيڪ تقاضا ڪئي ته ڪئپٽن ايسٽوڪ ساڻس ملاقات کان اڳ کيس اهڙي خاطري ڏئي، ان تي ڪئپٽن ايسٽوڪ مون کي پير بدرالدين سان گڏي موڪليو ته جيئن هزهاءِ نيس کي وڃي گهربل خاطري ڏيان.

سنڌ جو تختگاهه:

        ٽي ميل کن پنڌ ڪري اسين حيدرآباد جي قلعي جي ويجهو پهتاسون، جنهن جي باري ۾ آءٌ اڳي ئي گهڻو ڪجهه ٻڌي چڪو هئس. ويجهو اچڻ تي مون کي ان ۾ ڪابه خاص ڳالهه نظر ڪانه آئي. هيءُ هڪ پنج ڪنڊو قلعو آهي، جو هڪ ٽَڪر مٿان پڪين سرن ۽ گچ سان جوڙيو ويو آهي. عام قلعن جي دستور موجب هن جي چوڌاري ڪابه کاهي کوٽيل ڪانه آهي. هن ۾ ميرن جا ڪٽنب، سندن ويجها عزيز ۽ ٻيا خاص ماڻهو رهن ٿا. شهر وچان لنگهندي بلوچن جون ڪيتريون ٽوليون پنهنجن چلمن ۽ گانجن جي سلفين سان، رستي تي ويٺل نظر آيون. هنن مون کي گهوري پئي نهاريو، ۽ ڪي پنهنجي ٻوليءَ ۾ مون کي بد شد پڻ ڳالهائي رهيا هئا. مون پنهنجي دوست بدرالدين کي مخاطب ٿي چيو ته ”هن لاءِ اوهين ڇا ٿا چئو؟ ڇا اوهان جي ملڪ ۾ پرديسين سان ههڙو سلوڪ ڪيو ويندو آهي؟“ هن وراڻيو، ”اوهان کي خبر ناهي ته صراحيءَ، مان اهوئي نڪرندو آهي، جيڪي منجهس هوندو آهي. هي جهنگلي ڳوٺاڻا سپاهي آهن. هنن کي فرنگين لاءِ ڌڪار آهي. ۽ اوهان کي به فرنگين جو ماڻهو سمجهي بڪي رهيا آهن. تنهن ڪري هنن جي بڪواس جو ڪوبه خيال نه ڪريو خود ريزيڊنٽ صاحب پاڻ به هنن جي بڪواس تي ڪو ڌيان ڪونه ڏيندو آهي.“

        مان پنهنجي دوست جي صلاح تي عمل ڪرڻ کي سياڻپ واري ڳالهه سمجهي، ائين ئي ڪيو. اسين جلد ئي مير صوبدار خان جي محل ۾ پهتاسون، ۽ مون کي مير صاحب اڳيان پيش ڪيو ويو. هو پنهنجي ڏهن ورهين جي سُهڻي پُٽ فتح عليءَ سان گڏ گاديلي تي ويٺو هو. هڪ سيڪريٽري، ۽ هڪڙو خدمتگار پڻ وٽس موجود هئا. ڪمرو ڪافي ڪشادو هو، پر منجهس ڪوبه فرنيچر ڪين هو. مان السلام عليڪم چئي مير صاحب سان هٿ ملايو ۽ پوءِ هيٺ ٻين سان گڏ وهڻ وارو هوس، ته مير صاحب مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ اشارو ڪيو، جا خاص منهنجي لاءِ آندي وئي هئي. خوش خير عافيت ۽ دعا سلام کان پوءِ مون جيڪو پيغام مير صاحب لاءِ آندو هو، اهو کيس ٻڌايم، جو مير صاحب نهايت ئي توجهه سان ٻڌو ۽ کيس تسلي ٿي. ان کان پوءِ يورپي ماڻهن جي ريتن رسمن ۽ آداب نشست و برخاست وغيره بابت ڳالهيون ٿيون، جنهن کان پوءِ مون مير صاحب کان موڪلايو. ٻه گهوڙي سوار مير صاحب مون سان گڏي موڪليا، ته هو مون کي ريزيڊنسي تائين پڄائي اچن، ۽ وحشِي بلوچن جي هٿان بي عزت يا ذليل ٿيڻ کان مون کي بچائين. اسان اڃا پنڌ مس ڪيو هو، ته ٻيا گهوڙي سوار گهوڙا ڊوڙائيندا آيا ۽ مون کي ٿوري دير لاءِ پوئتي موٽڻ واسطي عرض ڪيائون، مير صاحب مون سان ڪجهه وڌيڪ ڳالهائڻ ٿي گهريو. مان ان سان واپس وريس ۽ پنهنجو آندل اوائلي پيغام وري دهرايم، جنهن جا ڪي لفظ مير صاحب چڱيءَ طرح نه سمجهيا هئا.

درٻار ۾:

        پوءِ مان  موڪلائي پنهنجي ٻن گهوڙي سوار نگهبانن سميت ڪئمپ ڏانهن موٽي رهيو هوس، ته رستي ۾ ڪئپٽن ايسٽوڪ کي ڪئپٽن آئوٽرام ۽ ليڪي (Leakey) سان گڏ حيدرآباد ڏانهن ايندو ڏٺم، جي ٽن حڪمرانن ميرن جي درٻار ڏانهن وڃي رهيا هئا. جيئن ته منهنجو به ساڻس گڏ رهڻ ضروري هو، ان ڪري مون کي ساڻن گڏ پوئتي موٽڻ لاءِ چيو ويو، ۽ مان ساڻن گڏ واپس حيدرآباد روانو ٿيس. ان ڏينهن مون کي ڏاڍو سخت ڪم ڪرڻو پيو ۽ سڄو ڏينهن بکيو رهيس. فقط صبح جو ريزيڊنسيءَ مان نڪرڻ وقت چانهه جي ڪوپ سان روٽيءَ جو ٽڪر کائي هليو هوس، ۽ هاڻي سج لهڻ وارو هو، پر اڃا ڪم جي پڄاڻي ڪانه ٿي هئي. درٻار ۾ پهچڻ تي مون ڏٺو ته هٿياربند بلوچن ۽ حاضرين جو ايڏو ته گهڻو انداز هو، جو اندر وڃڻ ئي مشڪل پئي لڳو. ماڻهن جلد ئي سُري پُري انگريزن لاءِ رستو ڪيو، پر مان پٺتي رهجي ويس. مون کي پنهنجي اندر لنگهي سگهڻ جي ڪابه اميد نظر ڪانه ٿي آئي، پر خوش قسمتيءَ سان جنهن مهل ڪئپٽن ايسٽوڪ ميرن وٽ پهتو، ته هن کي هڪدم منهنجي يادگيري پئي ۽ هن   هڪل ڪئي: ”هيڏانهن لطف الله هي ڪاغذ سنڀال“. هن جي ائين چوڻ شرط ئي خدمتگارن هڪدم انبوهه کي چيري مون کي آڻي وٽس پهچايو. جتي سندس قدمن وٽ ويهي مون ميرن سان سندن هليل ڳالهه ٻولهه جا نوٽ لکيا.

        چئن يارن واري شاهي صندل تي، جنهن جي مٿان هڪ سادو ايراني قالين وڇايل هو، ٽي مير حڪمران، نورمحمد خان، نصير خان، ميرمحمد خان ۽ نوجوان مير شهداد خان ويٺا هئا. ڀر ۾ تلوارون ۽ ڍالون پيون هين. اهوئي سندن تخت هو. انگريزي نمائندو۽ سندس ساٿي ڪرسين تي ويٺا، جيڪي خاص هنن لاءِ آنديون ويون هيون، پر درٻار منجهه داخل ٿيڻ تي کين پنهنجا بوٽ لاهڻا پيا هئا. باقي ماڻهو سڀ هيٺ غاليچن تي ويٺا هئا. هتي ويهڻ جي جاين ۽ ٻين ڳالهين بابت هندستان جي عام دربار وانگر ڪي به مقرر دستور نه هئا. هٿيار بند بلوچ ۽ سنڌي، جيئن کين وڻيو ٿي ۽ جتي وهڻ لاءِ جاءِ ٿي ملين، اتي ويهي ٿي رهيا. پاڻ ۾ وڏي آواز سان ڳالهيون ٻولهيون پئي ڪيائون، ۽ ور ور ڪري اسان ڏي ائين خارن ۾ پئي گهوريائون ڄڻ اسين سندن خوني قاتل هئاسون.

        نورمحمد خان نهايت داناءُ، بلند خيال ۽ بهادر انسان ٿي لڳو. درميانه قد ۽ درميانه عمر جو، هڪ سهڻو انسان هو.

        حڪومتي ڪاروبار جي باري ۾ فقط نورمحمد خان سان ڳالهيون ٻولهيون ڪيون وينديون هيون. جو مير نصيرالله خان ۽ مير محمد خان ورلي ڪو جواب ڏيندا هئا. جيڪڏهن کين ڪجهه چوڻو به هوندو هو، ته هو اهو مير نورمحمد خان جي معرفت چوندا هئا. مون تي ميرنورمحمد خان جي دليرانه رخ ۽ هن جي ڳالهين ٻولهين جي نموني گهڻو اثر ڪيو، جن ۾ سچائي، جذبو ۽ دلاوري ڀريل هئي.

        نصير خان به خوبصورت، پر بت ۾ ٿورو ڳرو هو. سندس وڻندڙ چهري مان نرمي ۽ ڪشادهه دلي بکي رهي هئي.

        ميرمحمد خان سهڻو، چاڪ چوبند بدن جو ۽ هڪ سپاهيءَ وانگر هو. سندس کاٻو هٿ ڍال تي ۽ ساڄو هٿ تلوار جي مٺئي تي هو. هي هئا هن نيم مذهب درٻار جا صدر.

نئون عهد نامو:

      دستوري خوش خير عافيت کان پوءِ ڪئپٽن ايسٽوڪ پنهنجي مقصد جي ڪؤڙي گوري پنهنجي ميزبانن کي ڏيڻ جو وجهه ورتو، ۽ منهنجي هٿن مان اهي ڪاغذ ورتا، جن ۾ نئين رٿيل عهدنامي جو مسودو هو. جنهن جو مون تازو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. ڪئپٽن ايسٽوڪ بلڪل چٽيِ فارسي تلفظ ۾ ان کي پڙهڻ شروع ڪيو. ميرن نهايت تحمل ۽ بردباريءَ سان هن مسودي کي ٻڌو. جيتوڻيڪ مير نورمحمد خان جي چهري مان ناراضگيءَ جا آثار بکي رهيا هئا. ڪنهن مهل سندس چهري جو رنگ بلڪل سرخ ٿي پئي ويو ته ڪنهن وقت سندس منهن جو پنو صفا لهي پئي ويو. ڪئپٽن ايسٽوڪ جو مسودو پڙهي پورو ڪرڻ مهل مجلس ۾ ويٺل بلوچن ۾ ڪافي جوش نظر پئي آيو.  اهڙي وقت ميرن جي طرفان تر جيترو اشارو اسان جي سڄي ٽوليءَ کي بيرحم بلوچن جي تلوار هيٺان ختم ڪرائي ڇڏڻ لاءِ ڪافي ٿئي ها. جي اگهاڙين تلوارن سان اسان جي مٿان بيٺا هئا، جيئن جلاد پنهنجي ڳنڀير فرض بجاءِ آڻڻ لاءِ مقتل ۾ تيار  بيٺل هوندو آهي.

        مير نورمحمد خان اول پنهنجي ٻن ساٿين کي بلوچي زبان ۾ چيو ته ”جيڪو فرنگين جي وعدن تي اعتبار ڪري ان کي لعنت هجي“، ۽ پوءِ نهايت ڳنڀير نموني ۾ انگريز نمائندي  کي مخاطب ٿي فارسيءَ ۾ چيائين: ”مان سمجهان ٿو ته اوهان جا عهدناما ۽ معاهدا اوهان جي سهوليت ۽ مرضيءَ تي ڦري گهري سگهن ٿا. ڇا پنهنجي ملڪ مان فوجون لنگهائي  وٺي وڃڻ جي، اوهان کي اجازت ڏيون. اسان بنا هٻڪ اوهان جي دوستيءَ جي وعدن تي اعتبار ڪري، اوهان کي اهڙي اجازت ڏني. جيڪڏهن اسان کي خبر هجي ها ته پنهنجون فوجون اسان جي ملڪ اندر داخل ڪرڻ کان پوءِ اوهين اسان جي سلامتيءَ کي خطري ۾ وجهي، اسان تي هڪ نئون عهد نامو مڙهيندا، جنهن ۾ اسان کي ٽي لک روپيا ڍل ۽ 21 لک روپيا نقد فوجي خرچ لاءِ بروقت طلب ڪندا، ته اسين هوند پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي حفاظت لاءِ ضروري قدم کڻون ها، اوهان کي خبر هجي ته اسين بلوچ آهيون، ڪي سوداگر يا واپاري نه آهيون، جن کي اوهين سولائيءَ سان ڊيڄاري سگهندا. تنهن کان سواءِ اسين ملڪ جا اڪيلا حڪمران آهيون، پر ساري قوم جا مفاد حڪومت سان ڳنڍيل آهن!“    

       ڪئپٽن ايسٽوڪ اهو سڀڪجهه نهايت خاموشيءَ سان ٻڌو ۽ عربيءَ ۽ فارسي جي مثالن سان ان جا مختصر جواب ڏنا. جن جو مطلب هو ته؛ ”اسان جي حڪومت، اوهان جي حڪومت کي ڪابه تڪليف ڏيڻ نٿي چاهي، پر ضرورت کان ڪوبه قانون مٿي نه آهي. ”دوستن کي ضرورت وقت دوستن جي مدد ڪرڻ گهرجي“. اسان جي هاڻوڪي فوجي مهم تي نه رڳو هندستان جي حفاظت پر خود اوهان جي ملڪ جي سلامتيءَ جو به دارومدار آهي“ وغيره . مير نورمحمد خان ٿورو مشڪيو ۽ پنهنجي سؤٽن کي بلوچي زبان ۾ ڪجهه چيائين، جو اسين سمجهي نه سگهياسون . تنهن کان پوءِ ٿڌو ساهه کڻي ڪئپٽن ايسٽوڪ کي چيائين ته ”ڪاش، جي مان لفظ ”دوست“ جي معنيٰ سمجهي سگهان ها، جيڪو اوهين استعمال ڪري رهيا آهيو. اوهان جي هنن طلبن جو اسين ڪوبه قطعي جواب هڪدم ڏئي نٿا سگهون، ڇوته هن معاملي بابت اسان کي انهن سڀني سان صلاح ڪرڻي پوندي، جن جا مفاد اسين پنهنجي مفادن تي قربان نٿا ڪري سگهون، ۽ جي هروڀرو اسان جي ضابطي هيٺ به ڪين آهن.“

        سج لٿي مهل، اسين درٻار مان روانا ٿياسون، دربار جي خاتمي تي  عطر يا گلاب جي پاڻي جي ڪابه ڇٽڪار نه ڪئي وئي هئي جيڪو هندستان جي ٻين درٻارن ۾ عام رواج آهي، ساري ڏينهن جي سخت ڪم بعد شام جو ساڍي ڇهين بجي ٿڪي ٽٽي پنهنجي جاءِ تي اچي پهتاسون.

        23 تاريخ اسان ميرن جي جواب جو انتظار ڪيو، پر حالتون بگڙنديون نظر اچي رهيون هيون. انگريز جي مقامي ايجنٽ مخفي طرح اسان کي پيغام موڪلي عرض ڪيو ته اسين پنهنجي حفاظت لاءِ سجاڳ رهون، شايد هن جو چتاءُ بي سبب نه هو. اسان ان ڏينهن ٻه سؤ کن هٿياربند بلوچن کي بنا سبب، اسان کان 500 والن جي مفاصلي تي ماٿريءَ ۾ ويٺل ڏٺو. منجهائن هڪ ٻن ڄڻن ٻه ٽي دفعا اسان جي جاءِ رهائش (ريزيڊنسي) جي بلڪل ويجهو اچي پڙتال پڻ ڪئي.

حيدرآباد کان واپسي:

        ميرن وٽان جواب اچڻ تائين مقرر ٿيل وقت 24) تاريخ) جي ختم ٿيڻ تي اسين واپس فوج جي ڪئمپ ڏانهن روانا ٿياسون، هوا مٽائي ۽ درياءَ جي لهواري رخ جي ڪري 3 ڪلاڪن اندر 18 ميلن جو مفاصلو طئي ڪري اسين اچي جهرڪن ۾ پهتاسون.

25 تاريخ فوج سان گڏياسون، جا پڻ ان ڏينهن تي اتي پهتي هئي. هتي مان ذري گهٽ ٻڏندي بچيو هوس. مون سان پنهنجي ڪتابن جي ڳري صندوق ساڻ هئي، جا مون هڪ سنڌيءَ جي مدد سان ٻن ٻيڙين جي ڪناري تي آندي جيڪي گڏ بيٺل هيون، ان حالت ۾ اهو سنڌي اوچتو مون کي اتي ئي ڇڏي هليو ويو. مان صندوق وڃائڻ جي ڊپ کان اتان چري به نٿي سگهيس. ان خطرناڪ ۽ نازڪ حالت ۾ مون کي 15 منٽ لڳي ويا. ڪنهن مهل اهي ٻئي ٻيڙيون ڪجهه چريون ۽ مان پنهنجي صندوق سميت درياءَ ۾ ڪرڻ وارو هوس، ته ايتري ۾ ٻيڙي وارو سنڌي موٽي آيو، ۽ معذرت يا افسوس جو هڪ لفظ به ڪڇڻ بنا، مون کان منهنجي ”شان وٽان“ بخشِش جو مطالبو ڪيائين.

        مان پنهنجي ڪاوڙ ۽ خارن کي دٻائي جهٽ پٽ خرچي ڪڍي، هن بدمعاش کي ڏني، ته مون کي ۽ منهنجي صندوق کي بچائي، پر دل ۾ مون هن کي نهايت ئي پٽيو  ته شل خدا کيس جهنم واصل ڪري .

حملي جا افواهه:

        هتي اٺ ڏينهن اسان جي فوجن جي ڪئمپ هئي. وقت بوقت رات جي حملن جا ڪوڙا افواهه اٿندا هئا. بمبئي پياده فوج جو هڪ سپاهي چَندِي دين، جيڪوتازو ميرشيرمحمد خان جي قيد مان ڀڄي آيو هو، تنهن احوال آندو ته شيرمحمدخان عنقريب اسان جي خلاف حيدرآباد وارن ميرن سان شريڪ ٿيڻ وارو آهي. 29 تاريخ سيد اسماعيل شاهه ۽ سندس هڪڙو پٽ، انگريز اختياريءَ وارن سان ڳالهين هلائڻ لاءِ ڪئمپ ۾ پهتا.

        30 تاريخ شام جو ٽن فوجي عملدارن جا لاش آندا ويا، جي بنا موڪل شڪار ڪرڻ هليا ويا هئا، پر ٻيلي ۾ چوڌاري باهه لڳي وڃڻ سبب، سندن ڀڄڻ جون سموريون واهون بند ٿي ويون ۽ هو سڙي مري ويا هئا.

        پهرين فيبروري 1839ع ميرن جي سفير سيد اسماعيل شاهه ظاهر ڪيو ته ”مير انگريزن جي تازن مڙهيل شرطن کي قبول ٿا ڪن.“ ٻئي ڏينهن اسماعيل جي پٽ، تقي شاهه کي ميرن جي دستخطن حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد موڪليو ويو.

        3 تاريخ اسان جهرڪن مان پنهنجي منزل کنئي، ۽ 11 ميلن جو فاصلو لتاڙي اسان اچي اسماعيل جي ڳوٺ وٽ ڪئمپ ڪئي. اتان وري وڌيڪ 9 ميل پنڌ ڪرڻ بعد اسان جي فوج ڪوٽڙيءَ جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ پهتي. هيءُ ڳوٺ حيدرآباد جي سامهون درياءَ جي ساڄي ڪناري تي آهي، ميرن جي فوج جا درياءَ جي ڏائي ڪپ تي بيٺل هئي، سا، اسان کي معلوم ٿيوته 3 تاريخ واپس حيدرآباد رواني ٿي وئي هئي.  اسان ان جي هڪ حصي کي تڪڙو پٺتي موٽندو ڏٺو هو. ان فوج ۾ ڏهه هزار ماڻهو 30 توپون هيون، انهن مان 7 هزار فوج ۽ 12 توبون شيرمحمد جون هيون، جو انگريزن خلاف حيدرآباد وارن ميرن کي هرڪا مدد ڪرڻ لاءِ تيار هو، پر انگريزن جي طاقت ۽ زور وڌيڪ ڏسي واپس ميرپورخاص هليو ويو هو، ۽ ريزيڊنٽ ڏانهن جيڪو خط لکيو هو، ان جو پڻ نهايت ئي نرم جواب ڏياري موڪليو هئائين.

        هنن ڏينهن ۾ درياءَ جو پاڻي آهستي آهستي چڙهڻ شروع ٿيندو آهي. هيءُ پاڻي جيتوڻيڪ مٽيءَ وارو آهي، پر جيڪڏهن ان کي صفا ڪري ڪتب آندو وڃي، ته نهايت ئي لذيذ ۽ مفيد ثابت ٿئي ٿو. ان کي صفا ڪرڻ جو طريقو بلڪل آسان آهي. بادام جي کل کي دلي يا مٽ جي اندرئين پاسي گِهَڻَ کان پوءِ اُن مٽ يا دلي ۾ درياءَ جو پاڻي ڀريو وڃي، ته ڪلاڪ کن اندر سموري مٽي وڃي تر وٺندي ۽ پاڻي صاف سٿرو نظر ايندو. پوءِ اهو پاڻي ڪنهن ٻئي ٿانوَ ۾ لاهي پيئڻ لاءِ رکيو ويندو آهي، پر جي درياءَ جو پاڻي صفا ڪرڻ بنا ڪم آندو وڃي، خاص طرح پلو کائڻ بعد ته اهڙي حالت ۾ نهايت ئي خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي، ۽ ماڻهو پڪ ئي پڪ سوريءَ جي مرض جو شڪار ٿيو وڃي، جيڪو اڪثر موتمار ثابت ٿيندو آهي.

       6 تاريخ ريزيڊنٽ لاءِ ميرن وٽان مهمانيءَ طور مٺائين جا ٿالهه ڀرجي آيا. پر جيئن ته انگريز گوشت جا شوقين آهن ۽ مٺائين سان سندن گهڻي ڪانه پئي آهي. ان ڪري مٺائي جا سڄا ٻه ٿالهه منهنجي حصي ۾ آيا. جن ۾ اٽڪل هڪ مڻ کن اعلي درجي جي مٺائي پيل هئي، منهنجي سمورن دوستن، ملازمن ۽ مون پاڻ ڪيترا ڏينهن پئي انهن مٺاين جو مزو ورتو ۽ ريزيڊنٽ جا شڪرانا مڃيا.

        10 فيبروري آچر جي ڏينهن، اسان فوج سان گڏ هتان پنهنجي منزل کنئي ۽ ڪوٽڙيءَ کان 8 ميل پنڌ ڪري ”ٻڍي جي ڳوٺ“ وٽ اچي منزل ڪئي سون، هتي اسان کي رسد هٿ ڪري ڏيڻ ۾ امداد لاءِ اسماعيل شاهه جو پٽ صادق شاه ميرن جي نمائندن طور اچي اسان سان گڏيو، اسان کي حڪم مليل هئا ته پنهنجي مارچ (پنڌ) ۾، جيتري قدر ٿي سگهي، هميشه درياءَ جي ساڄي ڪناري جي ڀرسان وڌندا رهون. هڪ سپاهي حماقت ڪري پاڻي پيارڻ جي هميشه واري خاص هنڌ کي ڇڏي ٻئي هنڌان وڃي پنهنجي گهوڙي کي پاڻي پياريو، ته هميشه لاءِ غرق ٿي ويو. هڪ اُٺ گوڏن تائين پاڻي اندر گهڙي پاڻي پي رهيو هو، ته کيس آفت جهڙو واڳون گهلي پاڻيءَ اندر کڻي ويو. اڄ پنج سپاهي فوج مان ڀڄي هليا ويا آهن. هن بعد فوج سان گڏ اسان جو مارچ هيٺينءَ ريت ٿيو: 

        11 تاريخ 10 ميل ڪري، انڙ پور،

        12 تاريخ 9 ميل ڪري، گوپانگ،

        13 تاريخ 10 ميل ڪري مانجهند،

        14 تاريخ 11 ميل ڪري سَن ،

        15 تاريخ 12 ميل ڪري آمري،

        16 تاريخ 12 ميل ڪري، لڪي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org